سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: تنوير چئي

صفحو :5

 

گيت

 

 

منهنجي من تي اڻٽيهنءَ جي اوندهه آهي ڇانئي

آئي رات سهائي

اکڙيون الجهيون اوجاڳن سان مٺڙا تنهنجي وئي پڄاڻان

چنڊ به ساڳيو رات به ساڳي پر ڇا ٿي ويو آهي نه ڄاڻان

سا چانڊوڪي چهنڊيون پائي جنهن ٿي ڪئي ڪتڪائي

آئي رات سهائي

مون کان سواءِ جيئن ڪو نه سڃاڻي تو کي اچ ائين پاڻ لڪائي

منهنجا چنڊ هليو آ ڪڪرن واري ڪاري چادر پائي

ڊڄندي ڊڄندي مون دنيا کان رات اها چورائي

آئي رات سهائي

 

نيڻ سُتا جي خواب ٿي جاڳيا خواب ستا جاڳي پيا نيڻ

ساري رات سنڀاريم تو کي پر تنهنجو من ڪين ٿيو ميڻ

ڪرڻا ڪر موڙي جاڳيا مون کي اوٻاسي آئي

آئي رات سهائي

 

من جا ڦوڳ ڦلهاريا

اڄ من جا ڦوڳ ڦلهاريا

 

سرڪ جي هئي سالن کان سڪايل

ڌرتي منهنجي من جان اڃايل

مينهن وري اڄ پيالا پياريا

 

اڄ سارو جڳ دل کي وڻي ٿو

من ڇيلين جان ڇال هڻي ٿو

دل دکڙن جا ڏينهن وساريا

 

مارن وانگر  رلندي رلندي

روح ٿڪي پيو هلندي هلندي

ماڳ رسيا منزل جا ماريا

 


 

 

 

مرڪ گهڙيءَ پل لاءِ، مکڙي! مرڪ گهڙي پل لاءِ

جوڀن جون هي چار گهڙيون تون روئي ڪين وڃاءِ

مکڙي مرڪ گهڙي پل لاءِ

 

مٺڙي مٺڙي هير لڳي ٿي

تنهنجي منهن تي ٿپڪي هڻي ٿي

تنهنجي ڪن ۾ ڪجهه ڀڻڪي ٿي

نيهن جا نياپا تو کي ڏئي ٿي

هير جي مٽجي جهولي ٿيڻ کان اڳ ڪا راند رچاءِ

مکڙي مرڪ گهڙيءَ پل لاءِ

جوڀن جون هي چار گهڙيون تون روئي ڪين وڃاءِ

 

پيار جا سُر ڪي جهونگاريندو

ڀونئر هوا تي ترندو ايندو

تو تي هر هر ڦيرا ڏيندو

تو تان پنهنجو سر گهوريندو

هن جي دکي ٿي موٽڻ کان اڳ هن سان نيهن نڀاءِ

مکڙي مرڪ گهڙيءَ پل لاءِ

جوڀن جون هي چار گهڙيون تون روئي روئي ڪين وڃاءِ

 

هر ڪنهن سوچ کان ٿيءَ  پري تون

ماڪ جا پيالا پيءُ ڀري تون

فڪر نه مرجهائڻ جو ڪري تون

هوريان هوريان، هري هري تون

موت جي ماريءَ تي مرڪي ڪي پيار جا نغما ڳاءِ

مکڙي مرڪ گهڙيءَ پل لاءِ

جوڀن جون هي چار گهڙيون تون روئي ڪين وڃاءِ

مکڙي مُرڪ  گهڙي پل لاءِ

 

توڙي ڪو به سهارو ناهي

هر ڪو جيءُ جيئڻ ٿو چاهي

ڪوئي ڪنهن جي پيار سهاري  ڏينهن ڏکن ۾ ويٺو گهاري

وهم سان پنهنجي دل وندرائي  هيڏي هوڏي ٿو واجهائي

ڏڍ ڏئي ڏکڙن کي پرچائي

واٽ ۾ نيڻ وڇائي ٿو ۽ ڪو به اچڻ وارو ناهي

هر ڪو جيءُ جيئڻ ٿو چاهي

 

ڪنهن جي جڳ ۾ سانجهي سهڙي اوندهه ڇانئي اوندهه جهڙي

سجهندو ڪين سجهيو ٿي ڪوئي  پنهنجي حال تي روئي روئي

اميدن سان ڪارنهن ڌوئي

پره ڦٽيءَ جي آس لڳائي اوندهه دل تان لاهي

هر ڪو جيءُ جيئڻ ٿو چاهي.

 

ڪل ڪهڙي ته ڪٿان ڪو آيو  هر ڪو هلي ٿو پير وڌايو

نڪتو ڪڏهن ڪو ڇا ڄاڻي   ڪاڏي هلي ٿو پاڻ پلاڻي

ويندو ڪهڙي ٿاڪ ۽ ٿاڻي

ماڳ نه آ معلوم تڏهن ڀي هلندو هلي ٿو ڪاهي

هر ڪو جيءُ جيئڻ ٿو چاهي.

اميدن سان جان جڙندي    هڪڙي پارس کي ڳولهيندي
پهڻن سان ئي پاند ڀري ٿو  جن جي بار کان جيءُ جهري ٿو

دامن سڀڪو تار ڪري ٿو

سڀڪو سکن لاءِ سور سهي ٿو سر جو سانگو لاهي

هر ڪو جيءُ جيئڻ ٿو چاهي.

 

تلخيءَ کي تسڪين ڏيڻ لاءِ  ماکيءَ جي ميٺاڄ چکڻ لاءِ

هر ڪو مکين جا ڏنگ سهي ٿو هٺ تان هيٺ نه ڪوئي لهي ٿو

سور سهڻ کان ڪين رهي ٿو

ڪو ڇا ڄاڻي ماناري ۾ ڦر آهي يا ناهي

هرڪو جيءٌ جيئڻ ٿو چاهي.

 

پنهنجو پاڻ پتوڙ او قيدي

پنهنجو پاڻ پتوڙ

 

همت آڏو پهڻ مکڻ جيان رجندو رهندو آهي

همت جو سج چڙهندو رهندو آهي لهندو ناهي

وقت جون واڳون تنهنجي هٿ ۾ جيئن به وڻئي تيئن موڙ

جيئن به وڻئي تيئن موڙ او قيدي

پنهنجو پاڻ پتوڙ

 

چمڪي تي تون هر کي پنهنجو پاڻ نه ٿيءُ امير

روپا آهن يا سونا ته به آهن هي زنجير

هار گلن جا توکي قيدي ڪن تن کي به مروڙ

ها ها  هيءَ پنجوڙ او قيدي

پنهنجو پاڻ پتوڙ

 

ڪنهن کي ڪوئي بنائي باندي ڪنهن جي ڇا هي مجال

سڀڪو ڄار اڻي ٿو پنهنجي لاءِ ٿئي جنجال

تو ڀي پنهنجي لاءِ بنائي آهي هي پنجوڙ

ها تن کي به مروڙ او قيدي

پنهنجو پاڻ پتوڙ

 

او قيدي هيءَ آزادي ڀي پنندي ڪين ملي ٿي

رت ۽ ماس جي قربانيءَ ريءَ راضي ڪين ٿين ٿي

زور لڳائي خون وهائي زنجيرن کي ٽوڙ زنجيرن کي ٽوڙ او قيدي

زنجيرن کي ٽوڙ او قيدي

پنهنجو پاڻ پتوڙ

 

 

 

 

پيار مان چوندين مون کي تون

مان پيار مان چوندو سانءَ

مٺڙا گهر ته گهرانءِ

 

راهه ۾ ويندي ويندي تو سان

ڪنهن البيلي وڻ جي هيٺان

اڄ ٿيون چار نگاهون آهن

دل مان دل کي راهون آهن

تون جي دل ڏيندين مون کي

پو مان ڀي ڏيندو سانءِ

مٺڙا گهر ته  گهرانءِ

 

تنهنجي نظرن ڇا سمجهايو

سمجهه ۾ مون کي ڪجهه به نه آيو

دل ۾ هڪڙو ارمان ڀڙڪيون

منهنجو هنيون ڪجهه زور سان ڌڙڪيو

هاڻي مون کي سمجهائڻ لئه

ڪجهه ترس الهه جي نانءِ

مٺڙا گهر ته گهرانءِ

 

 

 

 

 

ڪنهن کي خبر هئي هيئن ملنداسين

گڏجي ۽ خوش ٿي کلنداسين

الفت جي هن دور اهي تي

اوچتو ڪيئن ٻئي پاڻ مليا  سي

هاڻي پير ڀري مون سان

تون ڪجهه اڳتي هلجانءَ

مٺڙا گهر ته گهرانءِ

 

ڪاهڪشان جا رستا گذري

هلجي هن دنيا مان نڪري

هل ته وسايون تارن جو جڳ

جنهن ۾ ناهي ويو ڪوئي اڳ

پيار جي متوالن کي هوا

هاڻ جڳ جي نه پوندي ڀانءِ

مٺڙا گهر ته گهرانءِ

 

 

 

 

ڪنهن جا ڏينهن کٽن ٿا ڪڏهين ڪوئي ڪين ٿو ڄاڻي

تو کي الهه شل آڻي          او شال جواني ماڻي

 

تو بن ڪئي برساتيون ڪاٽيم نيڻن مان جل هاري

تنهنجي واٽ نهاري

نيڻ سڪي  ويا آس نه لاٿي منهنجي نينهن نماڻي

تو کي الهه شل آڻي         او شال جواني ماڻي

 

دير ڪيئه جي پو ٿي ويندا جوئر جا لابارا

ٿيندا پڌر سڀ ٻارا

اهڙي ۾ جي آئين پو ڪٿ ملبو رات جي ٽاڻي

تو کي الهه شل آڻي         او شال جواني ماڻي

 

اکڙيون پائي هر دم ويٺي تنهنجي واٽ نهاريان

او ساجن تو کي ساريان

دل کي آٿت ڏيان ٿي پريتم ايندو اڄ نه سڀاڻي

تو کي الهه شل آڻي         او شال جواني ماڻي

 

پيار جو سمنڊ اجهاڳ پيارا  پيار جو سمنڊ اجهاڳ

 

لهر ڪناري سان ٽڪرائي

مٺڙا مٺڙا ساز وڄائي

جهومي ناچ ڪري لهرائي

تون ڀي ڇيڙ ڪو راڳ پيارا  پيار جو سمنڊ اجهاڳ

 

لڏندڙ لهرون ڇلندڙ ڇوليون

آءُ هنن مان ماڻڪ ڳوليون

اچ ته ڀريون موتين سان جهوليون

کٽن اسان جا ڀاڳ پيارا  پيار جو سمنڊ اجهاڳ

 

جن جن لهرن سان لنو لاتي

تن ئي ماڻي آهي حياتي

جن موجن مان جهاتي پاتي

آهي تن جو ماڳ پيارا         پيار جو سمنڊ اجهاڳ

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org