سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: تنوير چئي

صفحو :6

 

 

ننڊ کان ڍرڪن نيڻ اکين تي اوجاڳن جو بار

اکين تي اوجاڳن جو بار

 

منهنجي اکڙين جي اوجاڳي

اونداهين جا دريا جهاڳي

تو سان ملڻ جي لئه او مٺڙا پهچڻ چاهيو پار

اکين  تي اوجاڳن جو بار

 

خواب جي دنيا مون به نه ماڻي

ننڊ اڏاڻي ننڊ اڏاڻي

توکي ڳولڻ خاطر نڪتي جڏهن ستو سنسار

اکين تي اوجاڳن جو بار

 

روز وهي اکين مان پاڻي

رات نئين ۽ ڳالهه پراڻي

ياديون نئين سر ايندي ايندي نئون ٿيون ڪن هي پيار

اکين تي اوجاڳن جو بار

 

جوت جلي وئي ويل ٽري وئي

رات هلي وئي باک ڦٽي وئي

ڪرڻن جي ڦوهاري سان آدَو تو منهن گلزار

اکين تي اوجاڳن جو بار

 

صبح سمي جو لال افق ٿيو

ڳاڙهو رنگ ٿيو اکڙين جو

صبح جي بدران ليڪن مون کي تنهنجي رهي ٿي سار

اکين تي اوجاڳن جو بار

 

 

ڏينهن لڙائي پاڇن جان وڌندي اوندهه جو ٿيو دل تي گهيرو

سانجهيءَ آئي پکيئڙڻ وانگر  من  ۾ مونجهه ڪيو واهيرو

تنهنجو اکڙين ۾ آکيرو

 

اجرو نيرو اڀ او مٺڙا  اوندهه ۾ گدلو ٿيندو ويو

منهنجي من تي تارن وانگر هڪ جي پٺيان ٻيو غم ايندوويو

پر منهنجي من ڪين ٿيو ميرو

تنهنجو اکڙين ۾ آکيرو

 

اونداهين ڪارين راتين جان ڇايا آهن دکڙا من ۾

چمڪو ڏئي ۽گم ٿي وئي آ ٽانڊاڻي جان آس انهن ۾

موٽ ته ٿئي ڪو صبح  سويرو

تنهنجو اکڙين ۾ آکيرو

 

پوئين پهر ۾ باک ڦٽندي سونهري ڪرڻا ڪر کڻندا

هير به ڀڄندي نيڻ به ڀڄندا او جنهن ويل ڪڪڙ دس هڻندا

ڀيڄ ڀنيءَ جو ڪج ڪو ڀيرو

تنهنجو  اکڙين ۾ آکيرو

 

نور جا ڪرڻا نانگن وانگر  منهنجي ساهه ۾ سرندا رهندا

تو کان سواءِ ڪرڻا ڪنڊن جان منهنجي هانو ۾ هرندا رهندا

دل ۾ دکڙن جو ٿيو ديرو

تنهنجو اکڙين ۾ آکيرو

تون نه رٺين او مٺڙا پر ڄڻ رسي ويون سي راتيون

 

جن جي ڪارنهن تنهنجي اکين ۾ سرمو ٿي پئي سونهين

جن ۾ تارن جي چڻگن ٿي دل ۾ دکائي دونهين

جن ۾ تو کي مون کي اوندهه وڌي ڳراٽيون پاتيون

تون ته رٺين او سهڻا پر ڄڻ رسي ويون سي راتيون

 

تنهنجي منهنجي سانت ڪيون ٿي جن ۾ روح رهاڻيون

جيڪي ويٺي ويٺي هڪ ٻئي کي ڏسندي ئي وهاڻيون

منهنجي ماٺ ڪيون ٿي جن ۾ منهنجي اندر جون باتيون

تون نه رٺين او سهڻا پر ڄڻ رسي ويون سي راتيون

 

ڏينهن هنيا ٿي ڏنگ اسان کي رات خوشي ٿي آندي

چار پهر هو وقت اسان جي وس ۾ ڄڻ هڪ باندي

شام خوشي هئي پنهنجي لئه ۽ درد هيون پرڀاتيون

تون نه رٺين او سهڻا پر ڄڻ رسي ويون سي راتيون

 

اڄ ڀي پرچي وڃ او پيارا وڇڙيل وقت ورايون

اڄ به اسان جي لاءِ رهن ٿيون اهڙيون راتيون آتيون

تون نه رٺين او سهڻا پر ڄڻ رسي ويون سي راتيون

 


 

 

 

پوپٽ مکڙيءَ کي ڳل لائي تنهنجا منهنجا سور سڻائي

 

تنهنجو ۽ منهنجو افسانو

ور جائي ٿو سارو زمانو

سونهن اوهان جي پيار اسان جو

سارو جڳ ٿو ڳائي

ڀڻڪي ڀونئر گلن کي تنهنجي منهنجي ڳالهه ٻڌائي

 

چڻنگ ٻري جا چاهه جي دل ۾

باهه لڳائي تنهن محفل ۾

تنهنجي منهنجي پورن مان هي

جڳ ٿو سور پرائي

ساري جڳ جي دل ۾ ڇڏي سين باهه برهه جي لائي

 

هر ڪنهن جي اک آهي آلي

هر ڪو پئي پورن جي پيالي

توتي مان سر ڏيان

پروانو شمع تي پاڻ پچائي

پنهنجي پنهنجي پياري خاطر هر ڪو سر سهائي

 

 

 

 

تنهنجا پور پچايان سهڻا توکي پل پل ساريان

 

ساهه کي منهنجي سيءُ لڳي ٿو تنهنجي جدائي ماري

ڏک جي ڏڪڻيءَ کي روڪيان ٿو محبت جو مچ ٻاري

سياري جون هي لمبيون راتيون ڪيئن اڪيلي گهاريان

تنهنجا پور پچايان سهڻا توکي پل پل ساريان

 

سڪ جو نازڪ نازڪ سلڙو اڀريو منهنجي من ۾

موٽ مسافر ڄاڻ سڙيو هي پورن جي پارن ۾

نظرن کي واٽن ۾ ڄمائي تنهنجي لاءِ نهاريل

تنهنجا پور پچايان سهڻا توکي پل پل ساريان

 

هڪ پاسي ٿو واءُ اتر جو جيءُ ۾ سيءُ اٿاري

منهنجي آهه ٻئي پاسي ٿي باهه برهه جي ٻاري

آڳ اندر جي ٺاري ٻاريان ٻاري هر هر ٺاريان

تنهنجا پور پچايان سهڻا توکي پل پل ساريان

 

جوت جهڪيءَ سان سانت ستارا ائين ٿا من کي ڀاسن

ڄڻ اڀ جي دامن تي ڳوڙها سيءَ جا ڄمي پيا آهن

تارا مون ڏي نهارن ٿا ۽ مان تارن ڏي نهاريان

تنهنجا پور پچايان سهڻا توکي پل پل ساريان

 

 

آ گيت پريت جا ڳايون

 

نغمن ۾ هستيءَ کي وڃائي هو اتي اڄ لهرايون

جهرڻن مان ڪي سر چورائي مٺڙا ساز وڄايون

پاڻ سان گڏ هن جڳ کي ڀي گيتن جي لئه ۾ وڃايون

آ گيت پريت جا ڳايون

 

آ چنڊ سان راند رچايون

لهرون ٿي ۽ هنج ۾ پنهنجي چانڊوڪيءَ کي لوڏيون

بادل ٿيون ۽ اڀ ۾ چنڊ جي منهن کي لڪايون کوليون

اچ ته چڪور جيان من کي پنهنجي هاڻي چنڊ ڏي اڏايون

آ چنڊ سان راند رچايون

 

آ گلڙن سان لنو لايون

هير ٿي ۽ پرڀات جو پنهنجيون جهوليون ڀريون خوشبوءَ سان

ماڪ ٿي ۽ ڪي رنگ چورايون مکڙين جي ته ڳلن تان

ڀونئر ٿي گل گل جي چوڌاري ڦيرا هر هر پايون

آ گلڙن سان لنو لايون

 

 


 

آءُ ته پنهنجي سُر کي مٽايون

هن جڳ کي بدلايون

راڳ پراڻا آلاپيندي

پنهنجي دل ڀي ڀرجي ويئي

ساڳي سُر تي ڪن لائيندي

خلق خدا جي ٿڪي پيئي

ساز نوان ڪي آڻيون پيارا

راڳ نوان ڪي ڳايون

ساز ۾ سوز سمايون

 

چارڻ چوري چنگ ٿڪي پيا

پر نه مليو ڪو سِر جو دان

گيت مري ويا ساز ڀڄي  پيا

چپ ٿي ويو هي سارو جهان

ٻئي جي سر جي آ جي ضرورت

پنهنجي سر کي وڍايون

سر جو سانگو لاهيون

 

لڙڪ وسائي وسائي ٿڪاسين

پر نه وسائي دل جي آڳ

سارنگ ڳائي ڳائي ٿڪاسين

هاڻي ڳاءِ نئون ڪو راڳ

سر ۾ سمائي آگ اندر جي

آءُ ته ديپڪ ڳايون

آءُ ته باهه دکايون

ڪو نه ٻڌائي واٽ اسين اڻ سونهان سونهون

 

هوريان ڏاڍيان رڙهندي رڙهندي

ڪرندي ٿڙندي ۽ ٿاٻڙندي

ڳولي لهبي واٽ اسين اڻ سونهان سونهون

 

اوندهه ۾ ڪيئن گهارينداسين

نيٺ ته گڏجي ٻارينداسين

واچوڙن ۾ لاٽ اسين اڻ سونهان سونهون

 

کنويڻون اک نه ملائي سگهنديون

پنهنجو سر نه جهڪائي سگهنديون

رکبو اوچو ڳاٽ اسين اڻ سونهان سونهون

 

منهن نه ورائي پويان ڏسبو

منزل تي پهچي دم پٽبو

لاهبي دل  اساٽ اسين اڻ سونهان سونهون

 

 

صبح نه آهي دور ساٿي

صبح نه آهي دور

 

لمبي رات وهامي ويندي

دک جي آگ اجهامي ويندي

آس نه لاٿي جي تو ساٿي

اوندهه مان ئي باکون ڦٽنديون

ڪاريون راتيون نيٺ ته کٽنديون

ڇو ٿو وڃين وهلور ساٿي

صبح نه آهي دور

 

ڪارن پردن مان پرڀاتيون

اوڀر کان ٿيون پائن جهاتيون

صبح ٿئي ٿو نور وسي ٿو

رات ٿي پنهنجو دم ٻوساٽي

اونداهين جو هانءُ  ٿو ڦاٽي

ڄاڻ لٿا هي سور ساٿي

صبح نه آهي دور

 

 

ڏس ته شفق مان صبح سڀاڳو

ڪر موڙي آ ننڊ مان جاڳيو

نور جو پهريون پهريون ڪرڻو

اونداهين جو سينو چيري

وڌندو اچي ٿو ڌيري ڌيري

ڄاڻ وسي ٿو نور ساٿي

صبح نه آهي دور

 

هل ته رفيقن کي جاڳايون

صبح سان گڏجي جوت جلايون

منهنجا ساٿي منهنجا سنگتي

آءُ ته ڳايون گيت سحر جا

اچ ته ڪريون دنيا ۾ اجالا

ڇو ٿو پچائين پور ساٿي

صبح نه آهي دور

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org