سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ديوان تارڪ

صفحو :16

 [صنعت تجاهل عارف]

[ڪنهن چيز بابت ڄاڻي واڻي اڻ ڄاڻائي ظاهر ڪرڻ کي تجاهل عارف چيو ويندو آهي. پر ائين ڪرڻ سان ڪو فائدو يا نڪتو ظاهر ڪيو ويندو آهي.]

رخ سندءِ مهر يا مہ، يا گلِ حمرا آهي،

قد سندءِ سرو، يا شمشاد، يا طوبيٰ آهي.

زلف يا سنبلِ مشڪين، يا چليپا آهي،

چشم بادام آه، نرگسِ شهلا آهي.

دانهءِ خال رهي جلوه نما ٿو رخ تي،

قطره مشڪ آه، يا خال سويدا آهي.

طاق ابرو آه، يا محراب آه، يا بيت عتيق،

لب سندءِ لعل آه يا لؤ لؤي لالا آهي.

در دندان آه يا دُر عدن يا موتي،

دست يا شاخ حنا، يا يدِ بيضا آهي.

حال ”تارڪ“ جو ڏسي ڪين چئي سگهبو تا،

هندو آهي، مسلمان، يا ترسا آهي.

 

 

*

نه عاشق کي ڪجهه آبرو ساڻ ڪم آه،

نه درڪار ان کي ٿو ايمان دين ٿئي،

نه سمجهي سو مردود مقبول هرگز،

نه نيڪي بديءَ ۾ سو شاهِ قرين ٿئي.

سهي سور صدما سڄڻ جا جو سر تي،

سو نازن نهوڙيو قليل آه ڪمتر،

اهو ناه عاشق جو دردِ محبت جي،

محنت کان ترسي ۽ راحت گزين ٿئي.

مري جيڪو منجهه عشق ان دلربا جي،

اهو آه ممڪن ته موٽي نه مرندو،

هميشہ حياتي انهيءَ کي ٿي حاصل،

هجي بر زمين، خواه زير زمين ٿئي.

جي اقليم دل لئي هڻي مهر رائج،

شِہ عشق ڪنهن جي زبان تي، ته ان جو،

وڃي وقت گذري ته ڀي قول هردم،

مروج سدا جيئن سڪ نگين ٿئي.

اهو ڇو نه اسرار فيضِ الاهي،

سندي جلوه کان ٿيندو آگاه عاشق،

پسڻ لاءِ ديدار شاهد حقيقي،

ٿي مظهر پرست ۽ وڃي ره نشين ٿئي.

خدايا اهو ڏينهن ڪر جنهن ۾ هوندي حياتي،

ملان تنهن سڄڻ سهڻي سان مون،

جنهين جي جدائي جو جهوراڻو جيءَ ۾،

دل و جان ٿي ارمان ۾ اندوه گين ٿئي.

ٿئي صاف آئينو دل جو، جنهين ۾،

پيل پرتوو آه ذاتِ خدا جو،

مگر ان مؤن جڏ خاڪ فقر و فنا ساڻ،

سڀ دور بغض و ريا ڪبرو ڪين ٿئي.

اچي پردهء دل مؤن ٿو هي سخن جو آهي،

مخزنِ راز ربي اي ”تارڪ“،

تڏه چئبو شعر الاهي تي ڪيئن،

خرده گيري جي ڪو ٿو سندس نڪته چين ٿئي.

 

 

*

[صنعت حذف (مقطوع الالف)]

[نظم يا نثر ۾ ڪو هڪ حرف نه آندو وڃي ته ان کي مقطوع الحروف يا حذف چيو ويندو آهي]

عمر سڀ تنهنجي در مٿي گذري،

پري توريءَ پلڪ سگهي نه سري.

ڪو هجي جو خبر ڏئي توکي،

ته ويو تنهنجو صيدِ زلف مري.

مون کي ڏي ميفروش مئي جو قدح،

جنهن جي پيئندي ٿئيم بي خبري.

ڏسي تنهنجي ٿيو منهن کي شرمندو،

نور شمسي و پرتو قمري.

مون ۾ سؤ عيب بَل بديون بيحد،

تون ڍڪي ڇڏ پرين، نه کول وري.

هڪ رهيو دوست دل ۾ جڏ ”تارڪ“،

تڏ رهي مون کي نيڪ خوش نظري.

 

 

 

*

عجب صورت ڪرشمه ناز خوش ديدار لنوءُ لائي،

کلڻ وهسڻ ڏسڻ ڀائڻ مٺيءَ گفتار لنوءُ لائي.

اکين ڪارين، مٺن چپڙن، ڳلن ڪؤنرن نرم هٿڙن،

سڌي سنئين سينڌ تي سندر سندي سينگار لنوءُ لائي.

هلڻ هوريان، کلڻ ڏاڍيان ڏسڻ چوريءَ، وهڻ پاسي،

قدم تڪڙي ۽ لوڏڻ ٻانهن منجهه رفتار لنوءُ لائي.

صحيفهء حسن منهن دلبر جي تي ابرو جي بسم الله،

اکين جي عين بينيءَ جي الفت اسرار لنوءُ لائي.

تجلي نور بيچون ٿي وسي چشمن اندر جنهن جي،

هڻي جهلڪو جلائي دل کي بي اختيار لنوءُ لائي.

ٿيو سو جلوه گر جاني، ڍڪي پوشاڪ انساني،

تڏهن عشاق کي هن مظهرِ اظهار لنوءُ لائي.

سڃاتو جن سڄڻ سهڻو، انهن هر شان ۾ پاتو،

انهن جي دل کي شهر و دشت، بر، بازار لنوءُ لائي.

رهي ”تارڪ“ جتي جانب، تهين پاڙي، تهين واڙي،

تهين گهر، تهين اڱڻ، ڪوچهي، در و ديوار لنوءُ لائي.

 

 

*

ڇا سهڻي سرمو پاتو آ يا تيز ڪيو ٿس خنجر کي،

ڇا مشڪين دام دلين لئي جوڙيو شانه زلف معنبر کي.

بس شمس قمر شرمنده ٿيا گل شمع شڪسته رنگ رهيا،

جنهن وقت ڪيو تو جلوه نما شہِ خوبان روئي منور کي.

ٿئين سر و قد جو تون رعنا منجهه گلشن سانگي سِر لقا،

ٿو خاڪ وجهين سر افرازي شمشاد ۽ سر صنوبر کي.

جهٽ ڌرم بگيڙي دين ڀڃي ٿو مذهب ملت ڪيش نِئي،

هڪ گهور سان دلڙين قيد ڪر جي چال آه چشمِ ڪافر کي.

جي سرؤ نه ان جو شيد آه ڇو آه ادب ۾ کڙو اڳيان،

جي عشق ۾ ان جي ناعريان ڇو آه کلڻ گل احمر کي.

ڇڏ ”تارڪ“ ياوه گوئي کي وٺ واٽ سندي حق جوئي کي،

ڇڏ شعر سخن جو شوق گهڻو ڪر بند کڻي هن دفتر کي.

 

 

*

[در صنعت صفر و القوافي]

[هن صنعت ۾ قوافيه مفرود حروف سان جڙندا آهن.]

تنهنجي رخ روشن، خجل ڪيو شين، ميم و سين  کي (1)،

مات ٿيو زلفِ سيہ، تنهنجي کان رنگِ شين،  بي (2).

آه غين و ميم، زي، هي جو توکي لشڪر عظيم  (1)،

مملڪت دل تي ڪرين حاصل ٿو سين ۽ واو،  ڀي(2).

گرچه سهڻا سَوَ پيا آهن، خدا جي ملڪ ۾،

پر نه تنهنجو ثي، الف، نون، بي نه ڪوئي ميم، ٽي  (3-4).

دال، لام آه تو ڦُري، هي، ڪاف، ڙي، يي پلڪ  ۾(5)،

ظلم هئڻ زوري ڪرڻ مون ڪونه ٿو ٿئي ڊال،  پي(6).

هونءَ ته هر ڪنهن سان هلين ٿو، بي حجاب اي نازنين،

عاشقن سان ٿو ڪرين ڇا لاءِ لالن، لام  ڄي(7).

جي ملين مون کي پرين تو ساڻ اوريان حالِ دل،

ميم، حي، في، لام تنهنجي ۾ ٿو ڳوليان واو، جهي  (8- 9).

پي، الف ۽ ڻوڻ، يي سان، ٿو اجهامي ڪين ڪي  (10)،

ميم، حي بي، تي سندءِ جو ٿو ٻري من ميم، چي  (7-8).

سين، عين و دال، يي جي طرز ۾ سنڌي غزل،

تي، الف، ري، ڪاف ريءَ اڳين نه چيو آهي ٻئي  (1-2).

 

 

 

*

هر زبان آه هي اسباب جهاني فاني،

خانهءِ تنگ گدا قصرِ شهاني فاني.

عالم و زاهد و عابد به فنا نيٺ ٿئي!

فاسق و فاجر ۽ سارق و زاني فاني.

ٻيو فنا آه، بقا آه فقط هڪ رب کي،

۽ نه آهي، جا ڇڏين نيڪ نشاني فاني.

دل فنا، جان فنا، يادِ خدا ۾ ڪن جي،

وري ٿيندا اهي عاشق نه رباني فاني.

درد بيماري فنا، حالتِ صحت به فنا،

طفلي و پيرسني، عهد جواني فاني.

ره فنا فڪر فنا ۾ تون سدا اي ”تارڪ“،

آه ري ذاتِ خدا ٻيو سڀ فاني فاني.

*

[صنعت آسامي طيور]

[ڪلام ۾ اهڙا الفاظ آڻڻ، جن جي ذريعي ڪن پکين جا نالا ظاهر ٿين.]

اچ تون اڱڻ منهنجي مٺا پيارا پرين پيرا  ڀري(1)،

جا دل به دڪ دڪ ٿي ڪري سا مر لڳي تنهنجي  ڳري(2).

غوغا سندءِ آمد سندو مدت کان پيو آءِ ملڪ ۾،

تنهن کان اڳيرو عاشقن جي روز شب اک ٿي  ڦري(3).

آتش اوهان جي عشق جا هو دود ڏس آهن دکيا،

چت ۾ پيون چاهيون ٻرن ڪہ طور جيئن من مچ ٻري  (4-5).

تن سان وڃي دلڙي اڙي جي ڪن ڪمهري هر گهڙي  (*)،

ههڙو ستم ظلم و جفا ڪنهن نا ٻڌو اوري  پري(6).

فصلِ بهار آيو وري جيڪر اچي هو گل  لقا(*)،

مينا کڻان پوءِ منجهه بغل مورون نه ساقي ري سري  (1-2).

جانب لڳي توسان جڙي ٻي ڪانڪا شيءِ آوڙي،

هنجون وهيو هر هر پون من پيو ملڻ جي لئي  مري (3-4).

سڏ حسن جو جنهن مهل ٿيو تن جان تهن جهرڪي پيو  (5)،

سو ڪفر دين کان دور ويو بس عشق جي آيو اري.

هڪڙو سڄڻ تا ڇاهي سر جيڪر ٻه گهوريان جي  هجن(6)،

بلبل جيئن ڪانگل سدا سر سَو دفعا صدقو  ڪري(7- 8).

”تارڪ“ سڄڻ جي شان مؤن ڀورا نه ڄاڻن بي  خبر (9)،

بي عقل بازي بره مؤن ظاهر نه ڄاڻن کان  ذري (10).

 

 

*

اسان جي درد دل مؤن دلبرِ طناز ڇا ڄاڻي؟

ڏسو جيئن شمع پروانه جو سوز و ساز ڇا ڄاڻي؟

دل آزادي پسند ايندي نه ڪنهن رامِ تعلق ۾،

مگس جيئن چؤ کنڀي ڦاسڻ منجهان شهباز ڇا ڄاڻي؟

اسان جي بادشاهيءَ جي خبر ڪهڙي تونگر کي؟

قناعت جي ته اسفتنا مؤن حرص و آواز ڇا ڄاڻي؟

غرورِ نخوت و دولت ۾ جو مدهوش ٿو جالي،

اهو هن دور دنيا جو نشيب افراز ڇا ڄاڻي؟

اسان جي دل ته آهي خاڪسارِ ڪوچهءِ جانان،

زمانه ظاهريءَ جو خواري و اعراز ڇا ڄاڻي؟

ٿئي معلوم جنهن کي ڪين فرقِ حق ۽ باطل،

طلسمِ مامري موسيٰ سندو اعجاز ڇا ڄاڻي؟

زمانهءِ حال جي حالت نه ٿي محسوس ٿئي جنهن کي،

اهو انجام ڇا ڄاڻي، اهو آغاز ڇا ڄاڻي؟

نه ڄاڻي قدر گوهر دُر جو ري بادشہ ”تارڪ“،

سخن جو قدر ڀي ٻيو ري سخن پرواز ڇا ڄاڻي؟

 

*

تمنا ڪئي جڏهن ان جان جان جلوه پسائڻ جي،

ڪيائين ڪوشش اول آئنه صورت بنائڻ جي.

مٽي پاڻي ملائي ان مؤن آئينو بنايائين،

وجهي عڪس ان ۾ رکيئن رمز پنهنجي منهن ملائڻ جي.

ڪري سر ’ميم‘ جو چولو سڏايائين ”انااحمد“،

ڪيئن منصور جي واتان ”اناالحق“ ڳيت ڳائڻ جي.

ڍڪي عطار جو خرقو، هنيائين ”من خدا“ نعرو،

ٿي بسطامي ڪيئين بات سبحاني سڏائڻ جي.

ڏسي هيءَ رمز ان جي عشق وارن کي عجب آيو،

ته ڪيئن ڪئي بحر بيچون قطره خاڪي ۾ سمائڻ جي.

منجهارون ”ڪنت ڪنزا“ جي ٿيو ”فا احببت ان اعراف“،

تڏهن ٿيس آرزو، معشوق عاشق جي ٺهائڻ جي.

ڏسي ٿيو حسن صورت پنهنجي موٽي پاڻ تي عاشق،

بهانه ليليٰ و مجنون ٿيس سڪ پنهنجي پائڻ جي.

ڏٺم جو پاڻ ۾ پيهي، ته هرجا هڪ نظر آيو،

انهيءَ اسرار آندي موج هوڪي هڪ هلائڻ جي.

ڪري ٿي جسم انسانيءَ کي گم هن خيال جي طاقت،

تڏهن دلبر جا ديوانا ڪرن ٿا جيءَ جلائڻ جي.

ڪري هيءَ ماهيت معلوم سو ڪيئن جنهن کي سڌ آهي،

رڳي کائڻ کپائڻ جي ۽ عيش عشرت اُڏائڻ جي.

نه ڀانئج پاڻ کي ترڪيب آب و گل منجهان ٺهيل،

تون آهين مظهرِ قدسي، نه ڪج ٻئي ڀول ڀائڻ جي.

تون آهين مخزنِ معنيٰ، ڳجهو منجهه پرده صورت،

بروزِ معنوي ڪر، صورتِ صوري مٽائڻ جي.

هميشہ حال حلاجيءَ ۾ محو و مست رهه ”تارڪ“،

نه ڪر تون شاعرن سان آرزو طبع آزمائڻ جي.

 

 

 

*

دل داغ عشق تنهنجي کان داغدار آهي،

جا داغدار آهي، سا بيقرار آهي.

اي شوخ شنگ تنهنجو لئي وعدهء  ملڻ جي،

اقرار عار آهه، انڪاري ڪار آهي.

جو عاشق آه صادق، سو هن جهان ۾ هردم،

يا دل فگار آهي، يا اشڪبار آهي.

تنهنجي جمال جلوه ان ۾ ڏيکاريو پنهنجو،

ڇا خار زار آهي، ڇا گل بهار آهي.

اي دل نه ٿي تون ماندي، جنهن يار جو اندر ۾،

تو انتظار آهي، سو درڪنار آهي.

”تارڪ“ نجف جي شہ جي دامن جهليج قابو،

تنهنجي مدد مدامي، دُلدل سوار آهي.

 

 

 

*

سڄڻ سهڻو ڪري سينگار ٿيو جلوه نما آهي،

وڳو سر ميم جو پهري، ٿيو احمد مصطفيٰ آهي.

مٿي معراج پنهنجو پاڻ کي اسرار ڏيکاري،

ڪنان اهل سمان چيو پاڻ تي صل عليٰ آهي.

ڪڏهن هٿ ذوالفقار آڻي، ڪري ٿو ڪفر تي مارو،

نبيءَ جو لحمڪ و لحمي، عليءُ المرتضيٰ آهي.

ڪٿي هندو، ڪٿي مومن، ڪٿي مسلم، ڪٿي ڪافر،

بنائي بيک سؤ پنهنجا ٿيو سو برملا آهي.

ڪٿي قاضي ٿي ڏئي فتويٰ، رهي پيو شرع تي محڪم،

ڪٿي منصور مستيءَ ۾ چيو ’انا خدا‘ آهي.

ڪٿي سو عاشقِ بدنام دردِ هجر کان غمگين،

ڪٿي سو نازنين، دلدار، دلبر، دلربا آهي.

ڪٿي ’بلبل‘، ڪٿي ”تارڪ“ ڪٿي ٿيو ’قادري ظاهر‘،

چوي خود شعر، خود اشعار، خود طبعِ رسا آهي.

 

 

*

ٿو هاري عاشق جو خون دلبر، حرام مثلِ شراب سمجهي،

پچائي فرقت جي باه ۾، ٿو، سندس جگر کي ڪباب سمجهي.

گهڻو سياڻو ٿي ڪئي مون ڪوشش ته سور دل جو سليان سڄڻ کي،

نه گفتگو جي ڏنائين رخصت، مون کي خسيس ۽ خراب سمجهي.

لڪايو زلفِ سيہ ۾ جو منهن کان ناز نرمل پرين پياري،

چميو ادب سان مون ان کي منجهه هن غلاف اُم الڪتاب سمجهي.

رکي نه سير چمن جو رايو، نه شهر بازر گهمڻ جو سعيو،

جو ويٺو آهي بگوشهءِ دل، وصال دلبر جو باب سمجهي.

عجائباتِ جهان تي سي نه ڪن ٿا هرگز نگاه گاهي،

رهيا جي آهين، ساري دنيا کي وهم ڄاڻي يا خواب سمجهي.

ڏسي کي طبعِ روان ’خادم‘ هي طبع ”تارڪ“ به ٿي روان پئي،

۽ هم ڪلاميءَ جو خيال ڪيائين، ڏسو هي ان جو جواب سمجهي.

 

 

*

مصرعِ طرح:

”دامنِ زخم کي ٽاڪو نه لڳائي ڪوئي“

بحرِ وحدت ۾ دل و جان گنوائي ڪوئي،

دم بدم ديد رکي سرت ڄمائي ڪوئي.

عشق جو قلزمِ بيرنگ بقادار سدا،

ساڻ غوطه جي سندس انت نه پائي ڪوئي.

آه درياه کي ڪوزي ۾ سمائڻ مشڪل،

راز عرفان نه سگهي عارف نه ڇپائي ڪوئي.

ڇونه اثبات جو اسرار اکين ساڻ ڏسي؟

ڪين ٿي ڪين سندو قرب ڪمائي ڪوئي.

اسم ۾ جسم ڪري گم جيئن منجهه بسم الف،

پرت جو پورو اهو حال پرائي ڪوئي.

اسم ڇا جسم ڇا ڇا روح نتيجو ڇا آه،

ظاهري علم جو عالم نه ٻڌائي ڪوئي.

آه دلدار جو ديدار سدا جلوه نما،

دل ڏئي، ڌيان ڏئي، ديد اڙائي ڪوئي.

يار جو ڪفر ڇا، اسلا ڇا، مسجد ڇا مڙهيءَ،

مؤن پرو پوندو، سندس پنڌ پڇائي ڪوئي.

جنهن جو ٿئي پاڻ مددگار، نگهبان رحمان،

تنهن کي ڪٿ ويو، نه شيطان ڀلائي ڪوئي.

عشق جو زخم جنهن دل ۾ رکي ٿو تاثير،

تنهن کي لقمان، نه سقراط، ڇٽائي ڪوئي.

مر ته قاتل سندي ڌڪ جو ڏسي عالم اسرار،

”دامنِ عشق کي ٽاڪو نه لڳائي ڪوئي.“

زهد رندي لکيو تقدير ازل جو آهي،

رند زاهد نه اهو لکيو مٽائي ڪوئي.

حضرتِ عشق ڏنو مون کي لقب مستيءَ جو،

اهو رتبو نه گهٽائي نه وڌائي ڪوئي.

ناهه ”تارڪ“ کان سوا ڪنهن کي هي طاقت جوائي،

وقت هن بره سندو بار اٺائي ڪوئي.

*

[مشاعره ملڪاڻي، بزم احسن دادو 1- جون 1933ع]

مصرع طرح:

”ڪڏهن مقبول تو وٽ اي صنم منهنجي دعا ٿيندي“

حشر تائين نه منهنجي عشق جي ڪا انتها ٿيندي،

چون ٿا انتها جا، سا ته ان جي ابتدا ٿيندي.

اهو تشويش دنيا جي ۾ رهندو خوار ۽ ابتر،

اندر ۾ تو سوا ٻي ڪائي جنهن کي مدعا ٿيندي.

شرابِ ناب پي مون غم غلط دل جو ڪريان نا ڪيئن؟

جو عشقِ يار ۾ هيءَ درد منهنجي دل جدا ٿيندي.

ڪرين صد بار جي جور و جفا مون تي تون اي ظالم،

تڏهن ڀي تنهنجي الفت کان نه منهنجي دل جدا ٿيندي.

مرين ڇو ٿو تون زر ۽ سيم واري آرزو اندر؟

فنا ۽ فقر کي وٺ، تنهنجي لئي جا ڪيميا ٿيندي.

اسان آزاد آهيون، ناهه پرواهه بادشاهيءَ جي،

ستن شاهن سندي ديهيم مٽ دلقِ گدا ٿيندي!

تونگر ڪيئن رکن لاڙو اسان مستن جي محفل وڏي؟

جو تن کي اڙدها وانگر ته شڪلِ بوريا ٿيندي.

ڪرين بڪ بڪ ڇو اي ناصح، کپائين مغز ڇو واعظ،

نٿا ڄاڻو اوهان کان دور ڪيئن رمزِ ريا ٿيندي.

ملي جي هو سڄڻ سهڻو، پرين پيارو مٺو مهڻو،

ڏسي ان کي سندم واتان صفت صلي عليٰ ٿيندي.

سو ڪنهن اسباب دنوي کي نظر ۾ ڪي آڻيندو،

خدا کان جنهن کي جودت طبع اعليٰ جي عطا ٿيندي.

فريادي آهيان تنهنجي در تي دلبر وصل جي خاطر،

”ڪڏهن مقبول تو وٽ اي صنم منهنجي صدا ٿيندي.“

اسان رندن سان اي زاهد ڀلا تون ڪيئن ڀڄي سگهندين،

سندءِ دل خوف ۾ ۽ دل اسان جي منجهه رجا ٿيندي.

مٺو محبوب جي گلگشت گلشن تي ڪڏهن ويندو،

خرامِ ناز ان جي کان قيامت ات بپا ٿيندي.

جڏهن وحدت کان ڪثرت ۾ خدا جي ذات ٿي ظاهر،

تڏهن ڄاڻو ته هر مظهر منجهان جلوه نما ٿيندي.

بقا جي اوج ماڻيندو اهو اسرار جو طالب،

جو ان جي ظاهر ۽ باطن منجهان هستي فنا ٿيندي.

سندءِ ديواني کي پٿر هڻن ٿا طفل اشڪن جا،

انهيءَ لئي طوف گردن تاز زلفِ مشڪسا ٿيندي.

قلندر وار آهيان عشق جا ڌاڳا اٿم سر تي،

ڪنڊو پيرن سندو منجهه واٽ وحدت دوسرا ٿيندي.

کڻي وٺ تيغ اي قاتل، نه ڪر ڪا قتل ۾ ويرم،

جو هيءَ منهنجي سسي تنهنجي هڻڻ ڌڪ تان فدا ٿيندي.

غزل ”تارڪ“ سندو گنجينهءِ اسرار معنيٰ ٿيو،

پوءِ محفل ۾ مفني ڪيئن نه ان جي مرحبا ٿيندي.

 

 

*

[بزم مشاعره بالي شاه: 17- جون 1937ع]

مصرع طرح:

”سڀ بلائون ٿي ويون، جي دل پريشان ٿي وئي“

وقت جنهن اظهار مورت شاه خوبان ٿي وئي،

ساعتِ ارض و فلڪ کان نور تابان ٿي وئي.

وصل هجران جي حقيقت سڀ نمايان ٿي وئي،

فهم جي گهر عشق جي قوت جي مهمان ٿي وئي.

منهنجي رندي ساري صرفِ دين و ايمان ٿي وئي،

تنهن منجهان ڪثرت ثواب و جرم پنهان ٿي وئي.

خلد دوزخ جي نهايت ڇونه يڪسان ٿي وئي؟

شايد ان ۾ تنهنجي ڪا خواهش فراوان ٿي وئي.

عمر ساري تنهنجي فرقت کان بتِ نازڪ بدن،

غرق منجهه افسوس رنج و درد، ارمان ٿي وئي.

شوخ! شوخي، تند خوئي ۽ تغافل تنهنجي ۾،

منهنجي خواهش وصل جي تقدير گردان ٿي وئي.

اي صنم جوڀن جواني آهه چٽڪو چار ڏينهن،

ڇو وڏائي تنهن تي ايڏي توکي حد کان ٿي وئي.

اڄ ته خاطر جمع آهي ڪين حاصل تو سواءِ،

”سڀ بلائون ٿي ويون جي دل پريشان ٿي وئي.“

دير، مسجد ۾ نظر امڪان جي عارف ڪئي،

تنهن کي ظاهر فطرتِ گبر و مسلمان ٿي وئي.

ڪافر و ديندار ڪفر ۽ دين پنهان ۽ عيان،

سڀ سا ماهيت چٽي منجهه اصل انسان ٿي وئي.

وحدت مطلق فنائي ذات رازِ بقا،

تن جي اظهر رمز بهر اهل عرفان ٿي وئي.

بي خودي خود کان جدائي منجهه خدا محوي هجڻ،

نوبتِ اِني هويدا ساڻ وجدان ٿي وئي.

دار تي هسوار، گهاڻي ۾ پوڻ، ڪسجڻ کان تيغ،

نعره وحدت جي پڌرائي بايقان ٿي وئي.

شبلي و سرمد، جنيد و بو علي، عطار شيخ،

حضرتِ حلاج کان نڪات شايان ٿي وئي.

پر ريا ۽ ريب زاهد مک جي ڪارڻ عنڪبوت،

تنهنجي خلوت تاني وانگر تر و خاصان ٿي وئي.

نيڪ نامي، بزرگي، پارسائي خوار ڪيو،

نانگ جيئن جڳ لئي سندس تسبيح بيچان ٿي وئي.

جبه و دستار ۽ مسواڪ شانه جي هوا،

زاهدِ مڪار لئي دلخواه هر آن ٿي وئي.

بزم ۾ شعر و سخن جي ”تارڪ“ دلداده جي،

الفتِ شوخِ سخن سنجي غزلخوان ٿي وئي.

 

*

[بزم مشاعره حيدرآباد سن: 6- جون 1937ع]

مصرع طرح:

”نه پهلو ۾ ئي دل آهي نه دل ۾ آرزو باقي“

هليو ويو هو مگر آهي سندس هت گفتگو باقي،

مليو سو ڪين ليڪن آهه هن جي گفتگو باقي.

لنگهي وئي عمر ساري تنهنجي سڪ ۾ اي سڄڻ سهڻا،

سندءِ ديدار جي اميد آهي ماهرو باقي.

نه تنها منهنجي دل ۾ حسن تنهنجو جلوه گر آهي،

پرين پيارا جمال آهي سندءِ منجهه چار سُو باقي.

شبِ وصلت ڪري ڳالهيون مزي الفت جون خوش ٿياسون،

رڳو هڪڙو ويو رهجي عتابِ تندخُو باقي.

شرابِ ناب سان ساقي، شرابي ٿي ويو عاقي،

طهارت لئه ڇڏي ٿو ڪينڪي هو شب مشو باقي.

غم فرقت ۾ بستر غم تي بي آرامي کان ڄاتم،

”نه پهلو ۾ ئي دل آهي، نه دل ۾ آرزو باقي.“

ستايو مون گهڻو ”تارڪ“ خيالِ خواهشِ خوبان،

نه ويو مٽجي رهيو ٿي نقش الفت هوبهو باقي.

 

*

[مشاعره بزم احسن ملڪاڻي 10- مئي 1933ع]

مصرع طرح:

”عاشق کان يار توکي ڪهڙو حجاب آهي.“

عاشق کان يار توکي ڪهڙو حجاب آهي؟

جهڙ جي ٿيڻ کان ڇا کي آفتاب آهي.

تنهنجي جدائي جاني، ٿي باهه وانگي ساڙي،

ان ۾ پچي سندم دل ٿي پئي ڪباب آهي.

فصلِ بهار آيو توبہ سندم بچي ڪيئن؟

ساقي چمن  ۾ آندو جام و شراب آهي.

مغرور ڇو ٿئين ٿو دنيا جي اوج تي تون؟

ڇو جو حياتي تنهنجي هڪ وهم خواب آهي؟

جيڪي ڪيو تو مون سان جور و جفا ستمگر،

ان جو بيان ڪيان ڇا جو بي حساب آهي.

دنيا و دين کان جو هڪدم بري ڪري ٿو،

سو عشق پاڪ حضرت عالي جناب آهي.

صَلي عليٰ محمد سردار مرسلن جو،

ان جي پگهر سندي بُو، بوءِ گلاب آهي.

اي شوخ بت ستمگر اي ڪج ادا سمنبر،

منجهه عشق توتي حيران ٿيو شيخ و شاب آهي.

هڪ عشق ٻي سڃائي، ٽيون فصلِ گل به آيو،

دلبر نه، مئي به ڪانهي، ٻن پيو شباب آهي.

لب لال تو سندي کي اي دلربا چوان ڇا؟

ياقوت يا ٿيو مرجان يا ڄڻ عناب آهي.

ابرو جي تيغ قاتل رت آهه منهنجو هاريو،

ڏاڙهي کي ميندي اهڙي رت جو خضاب آهي.

تقويٰ جي حال سان مون ڏاڍو گهڻو گذاريو،

ان کي وڃايو عشقِ خانه خراب آهي.

ناصحِ نِڪرُ، اجايو منهنجو مٿو ٿو کائين،

سو ڪيئن ڏسان نه منهنجو اُم الڪتاب آهي؟

هي دور آسمان جو دشمن ٿيو پئي اصيلن،

۽ دوست لئه رزيلن کان انقلاب آهي.

مضمون نظم ۾ ٿا ڪيئن اچن زبان تي،

ليڪن زبان وحدت منجهه انتخاب آهي.

بزمِ سخن ۾ ”تارڪ“ پڙهه هي غزل تون موزون،

طرزِ سخن ۾ بيشڪ ٿيو لاجواب آهي.

 

*

[بزم مشاعره ڪراچي: 16- ڊسمبر 1933ع]

مصرع طرح:

”يا الاهي شل سدائين يار محفل ۾ رهي“

ٿو گهران مِس جي محبت مون سندي دل ۾ رهي،

ان سندو نالو لکيل دل جي رسائل ۾ رهي.

ان جي وارن واري وانگوڙي تي جو مفتون ٿيو،

مر چريو اهڙو سدا شل بند نازل ۾ رهي.

پرتؤ ليڊي رهي جو تنهنجي منهن سهڻي اندر،

ڪينڪي اهڙو ڪڏهن ٿو ماه ڪامل ۾ رهي.

جيئن هڻي پيپر ۾ پِن ٿي مِس ائين هردم ڇُڀيل،

عشق تنهنجي جي سُوئي ٿي نت سندم دل ۾ رهي.

ميل اسٽيمر محبت تنهنجي جو آهي تيار،

مون به چڙهندس لنگر ان جو ڇڏ ته ساحل ۾ رهي.

مون کي آيا ڏس ته منجهه هائوس پنهنجي مِس مٺي،

بيڊ روم اندر ٿي يا ڪنهن جي مقابل ۾ رهي.

ٿا ڏسو پبلڪ ۾ گڙٻڙ هر گهڙي سر ساڌ جي،

گشت جي مند ۾ مگر افسر ٿو منزل ۾ رهي.

ناه ڪا اغيار کي ڪَل عشق منهنجي جي سچي،

تنهنڪري هر وقت ٿو هو زعم باطل ۾ رهي.

ٿو گهري ”تارڪ“ دعا هيءَ تا ڊنر جي وقت ۾،

يا الاهي شل سدائين يار محفل ۾ رهي.

 

 

*

[صنعت موصول]

(شعر ۾ اهڙا حرف استعمال ڪيا وڃن، جن کي هڪ ٻئي سان ملائي سگهجي. ان کي صنعت موصول چيو ويندو آهي.)

سڄڻ مل سڪ گهڻي تنهنجي ملڻ جي،

طلب تنهنجي چپن جي ٿي چمڻ جي.

هميشہ حب نه گهٽجي هڪه پل ٿي،

پنهل پنهنجي پڪي پختي پسڻ جي.

سڪي صحبت کي هي من مست منهنجو،

نه همت تنهن کي بيهڻ جي، هلڻ جي.

مٺي محبت ملي هن مہ مست منهنجو،

نه همت تنهن کي بيهڻ جي، هلڻ جي.

هڪل تنهنجي هُلي جهٽ ٿي حبيبا،

ڳلي گم ٿي، هٽي پٺتي ڇپڻ جي.

عقل جي، علم جي گهٽ ٿي حقيقت،

ٿي ڳَڻ هت عشق جي نُڪتي مڃڻ جي.

طبيعت ۾ ٿي حڪمت حق جي پيدا،

نه ڪنهن کي سگهه تنهن ۾ هٿ هڻڻ جي.

هجي مشفق مٿي جنهن جي مڪمل،

گهڻي محنت نه ٿي تنهن کي سکڻ جي.

لکي من ۾ سخن ڪيو جمع ”تارڪ“،

فقط حجت ٿي هت هن هڪ لکڻ جي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org