سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ديوان تارڪ

صفحو :7

 

رديف ”خ“

کسن ٿا درد وارن جون دليون ديدار ۾ گل رخ،

ٿا پائن پيچ ڪاڪل جا هڻي هروار ۾ گل رخ.

ڪجل سرخي ڪري جنهن ڏي نهارن ناز مؤن هيڪر،

وجهن موهي اهو ماڻهو، سٽي سينگار ۾ گل رخ.

جيئن عاشق ڪري آزي اڳيان ان جي، ٿين تئين خوش،

رهن راضي ڏسي عشاق کي آزار ۾ گل رخ.

ٿين ٿا منهن ڦڪا سڀني گلن ۽ عندليبن جا،

جڏهن سينگار جي سهجئون، هلن گلزار ۾ گل رخ.

ڪرن ٿا ڪين اول گڏ رهڻ، گڏجڻ کان سي نفرت،

مگر پوءِ ناز کان ساڳي، اچن ٿا عار ۾ گل رخ.

هڻي پيڪان پنبڻين جا، ڦٽن عشاق جون دلڙيون،

رهن ٿا خوش دل ان جي خاطرِ افگار ۾ گل رخ.

وجهن ٿا دام زلف اول، ڪرن قابو ٿا جنهن سان دل،

تهان پوءِ هٿ وجهن، ابرؤ سندي تلوار ۾ گل رخ.

گدا کان بادشہ تائين، هلن فرمان سهڻن جا،

بنا تيغ و تبر سوڀون کٽن پيڪار ۾ گل رخ،

انهيءَ ئي حسن جي هنگام هردم سَر هجڻ سببان،

ٿين مذڪور ٿا ”تارڪ“ سندي اشعار ۾ گل رخ.

 

 

 

 *

ارزان ٿيو تنهنجي لب کان عقيقِ يمن جو نرخ،

دندان جي گهٽ دُرن ڪيو، دُرِ عدن جو نرخ.

اڄ ڪلهه پسند سڀ کي ٿيو زلفن جو مشڪ آه،

جنهن کان پڇي به ڪونه ٿو مشڪِ ختن جو نرخ.

جاڪون هو سر وقامت، عالم کي پيو نظر،

گهٽ تاڪون ڪاٺ کان ٿيو سر و چمن جو نرخ.

شايد گهڻا ٿيا هن گل رخ جا مشتري،

جو ويو لهي بزار ۾ آهي گلن جو نرخ.

”تارڪ“ ته ڀي متاع سخن جو اٿم گهڻو،

آهي رهيو اگرچه نه شعر و سخن جو نرخ.

 

 

 *

شيرين لبِ صنم جي اڳيان باده ناب تلخ،

شڪر، نبات، مصري قند و گلاب تلخ.

دل کي ڪندي سوال ٿي حيرت وٺيو وڃي،

شيرين لبن مؤن تنهنجي جو آهي جواب تلخ!

دل کان ٽمي ٿو زهر سبب زخم مڙه جي،

تنهنجي نه آهي لائق ان جو ڪباب تلخ.

ٻڌندين سگهو ته عاشق تنهنجو مري ويو،

جو ان جي زندگي ڪئي تنهنجي عتاب تلخ.

شايد ڪنهين جي دام بلا ۾ سو ڦاسندو،

جو طير دل کي آه ٿيو داڻو ۽ آب تلخ.

عهدِ شباب همدميءَ يار لازم آه،

جنهن ۾ نه آه وصل، سو عهدِ شباب تلخ.

”تارڪ“ غمِ فراق جي آخر ٿي عيش وصل،

خوش ڪيف آه اصلِ نتيجهء شراب تلخ.

 

 

 *

ماڳ محويت ڏي آهي سالڪِ دانا جو رخ،

بيخوديءَ جي باب ۾ ٿيو طالبِ جويا جو رخ.

صوفيءَ بي سر کي تحصيلِ فنا جو آه شوق،

ڪنز، ڪافيه ۽ قدوريءَ ۾ آهي مُلا جو رخ.

اک جي پڇڙي ڪين ڦيري، هردو عالم جي طرف،

ياد موليٰ ۾ سدائين، طالب الموليٰ جو رخ.

ساڻ احديت سدائين سر بڪف سورهه رهي،

ڪين سوريءَ کان مڙي ٿو رند پي سرپا جو رخ.

عالمِ زير آه ”تارڪ“ لائقِ ترڪِ نظر،

هن جهان کان ٿي جدا، وٺ عالمِ بالا جو رخ.

 

 

 *

مصرع طرح:

”ٿيو آهي اسان سان بيوفا چرخ.“

 

ٿيو آهي اسان سان بيوفا چرخ،

رهي ٿو برسرِ جور و جفا چرخ.

جي ڏيندو عاشقن کي ايترو غم،

ته لهندو ڏينهن ڪنهن پنهنجي جزا چرخ.

رسائي خير شر سو ڪهڙو سگهندو؟

ڀا سمجهو ٿا ڇا آهي خدا چرخ؟

لکيل حق جنهن جي ۾ نيڪي بدي آه،

رسائي ٿو سگهي تنهن کي اها چرخ.

وڃي ڪاڏي ڀڄي ڪو تنهن جي حد کان؟

محيط آهي سڀن سان جابجا چرخ.

نه ٿئي مٽ گردشِ چشمِ صنم سان،

اگر گردان آهي صبح و مسا چرخ.

نه آهي وصل جي اميد تنهن ۾،

جدا ڪنهن کان ڪندو پوءِ مون کي ڇا چرخ.

ڪريون ٿا چرخ کي ابتو ته ٿئي خرچ،

اسان جو دشمن آهي خرچ يا چرخ؟

رهي ٿو زلف جو سودا جو سر ۾،

تنهين کان ٿو مٿو کائي سدا چرخ.

وڃن ٿيون عاشقن جون آهون عرشين،

جنين جي آه يارو ابتدا چرخ.

اٿس ڏک جيڪي ڏيڻا سي ڀلي ڏئي،

ڪندو سو نيٺ پنهنجي انتها چرخ.

جهليندو جي ائين شب روز آهون،

ته هڪڙي ڏينهن ٿي ويندو فنا چرخ.

ڏسي جي منهنجي اکين سان سو دلبر،

ته مون کان اڳ ٿئي ان تي فدا چرخ.

سڪندر قيصر ۽ فغفور جهڙا،

ڪريون ويٺو آهي گم ڪيترا چرخ.

ادا ڄاڻج ته ڪنهن کي ڀي بقا ناه،

تڏهن هي ڪيتري وٺندو بقا چرخ؟

چون ٿا وصل و هجران چرخ کان آه،

تڏهن ڏيکاري من تنهنجو لقا چرخ.

رهي ٿي گردشِ نظمِ سخن ۾،

بڻي ”تارڪ“ جي آه طبعِ رسا چرخ.

 

 

رديف ”د“

جنهن جي دل کي وجهي ٿو عشق ڪمند،

قيد مذهب ۾ ڪين ٿئي سو بند.

عشق ۾ آه ڪونه ڪو آرام،

جيئن آتش ۾ دانهائي سپند.

جان نه عاشق ٿئي فنا في الله،

تان نه آسوده دل رهي خورسند.

عام کي ڪين سمجهه ۾ ايندي،

جا ڳجهي رمز آه خاص پسند.

فرق وحدت وجود ۾ ناهي،

جوئي زهر آب، آه سو گلقند.

”جو پسو ٿا، پرينءَ جي صورت آه“،

سالڪن صاف چيو کڻي سوگند.

ڪين ترڪِ وجود ٿئي جيسين،

زلف جي مار جو لڳي نه گزند.

نفي ٿئي نفي نينهن ۾ ”تارڪ“،

ڏي هوڻ جو ڇڏي تون فڪر ۽ ڦند.

 

*

جنهن کي دنيا جا امورات ٿيءِ ڪيئن آزاد؟

گرچه صد بار پڙهي نفل، نماز ۽ اوراد.

تا نه آوارگيءِ عشق ٿئي دامنگير،

منجهه حقيقت نه رسي توڙي ڪري سيرِ بلاد.

حسن عشق آه صفت برق جهان سوز سدا،

جي پوي جاتي ڪري خرمن هستي برباد.

رنج راحت ۽ نفع سود عقل ۾ ئي آه،

عشق ۾ سو رهي سنرو، جو سدا غم ۾ شاد.

روزِ شب ڪر طلبِ عشق خدا کان سالڪ،

اهڙو منجهه هر دوجهان ڪونه ٻيو زاد.

جي گهرين جلوهء آن ذات مقدس هردم،

”تارڪا“ چشم ’هم اوست‘ سان رک تون آباد.

 

 

*

محو ٿي منجهه ذات ڪر ترڪ وجود،

حق ٿئي اثبات ڪر ترڪِ وجود.

ري طلب موليٰ طلب ٻي ڪر تمام،

تار ڇڏ ٻي تات، ڪر ترڪِ وجود.

هڻ ٽٻي منجهه بحر بيرنگي شتاب،

ڪڍ دُر تجلات، ڪر ترڪِ وجود.

خيال کي مدهوش رک منجهه محويت،

رک هوس کي مات، ڪر ترڪِ وجود.

ڪر نظر آئينه دل کان نه دور،

ڏينهن توڙي رات، ڪر ترڪِ وجود.

جي پسين تو ۾ سدا موجود آه،

جمله موجودات، ڪر ترڪِ وجود.

نفيءَ ۾ ۽ نيستيءَ ۾ ”تارڪ“ آءُ،

شام تا پرڀات، ڪر ترڪِ وجود.

 

*

سوا تنهنجي نه ٻيو ڪي آه موجود،

تون ساجد آهين، تون سجده، تون مسجود.

ٿو ڳولين پاڻ کي، ڳولائو بڻجي،

تون قصد آهين، تون قاصد، آهين تون مقصود.

تون بيچون آهين، گوناگون ڀي آهين،

تون حد آهين، تون لاحد، آهين تون محدود.

عبادت ٿو ڪرين تون پاڻ پنهنجي،

تون آهين عبد، تون عابد، تون معبود.

تون سُڃو آهين، تون سائو، تون پينو،

تون آهين شوم، تون آن صاحبِ جود.

تون ”تارڪ“ تون نجف، تون شہ نجف جو،

تون آن احمد، تون حامد، آهين محمود.

 

*

مدام عاشقِ صادق کي ڏئي ٿو نينهن نويد،

جو ڪين حاصل دارا کي ٿيو نه کي جمشيد.

جو اڇلي سر ڏئي ميدان عشق ۾ بيخوف،

سو سر ٿو چمڪي، هر دوجهان ۾ ٿي خورشيد.

اُڏام عرشِ معليٰ مٿي ببالِ خيال،

وجود اعليٰ تنهنجو نه ٿيو ڪم از ناهيد.

طلب جي راهه ۾ ٿي چست ساڻ چالاڪي،

پسين جي ناز پرينءَ جو ته ڪين ٿي نوميد.

رموزِ عشق نه عالم پروڙي، نا زاهد،

علوم عشق نه مرقوم منجهه ڪتاب ۽ ويد.

ڪرين جي دور تون درجا دوئي سدا دل مؤن،

ته عين وحدت سان هڪ ڏسين سياه سفيد.

پياريو ساقيءِ توحيد جام وحدت جو،

ٿيو انهيءَ مؤن هي ”تارڪ“ به زندهء جاويد.

*

دريائي بيچگون مؤن موجون ٿيون پديد،

منصور، شرف، شبلي، عطار، بايزيد.

صورت مون سِر جي پيدا ٿيو شعاع ذات،

سمجهون پسي ٿي صوفيءَ جي درد واري ديد.

زاهد ته روز حشر جي وعده اتي رهيا،

اثبات اندر آه ڪئي عاشق اتيئي عيد.

هڪ وڻ مون شاخون، ٽاريون، ميوا لکين ٿيا پن،

هڪ ذات مؤن ٿيا ظاهر، ڇا پاڪ ڇا پليد؟

نورِ شهود جن جي ٿو دل ۾ ٿئي جلوه گر،

صورت مٿي سڄڻ جي سي شائق ٿين شهيد.

دامن بدست آڻ شهنشاهه عشق جي،

گرچه هجين شقي، ته به سالڪ ٿئين سعيد.

”تارڪ“ ڏئي سڀو سر و سامان هست جو،

باصدق دل تون ڪر کڻي فڪرِ فنا خريد.

 

 

 

*

مون ڏي نه نهارين ٿو ڀلا يار رکج ياد،

پيو دور گذارين ٿو، ڀلا يار رکج ياد.

جي ڪالهه ويهي خلوت ۾ مون سان ڪيا هيءِ،

سي قول نه پارين ٿو، ڀلا يار رکج ياد.

جنهن وقت ڏسان ٿو، ته کڻي پاڻ لڪائين،

منهن ڪين ڏيکارين ٿو، ڀلا يار رکج ياد.

هيئن هجر جا صدمه ڏئي، ساڙين ٿو دل و جان،

ڏئي جام نه جيارين ٿو، ڀلا يار رکج ياد.

هيئن تلخي ۽ فرقت جو ڪرين ڪونه ٿو دارون،

تيئن زهر پيارين ٿو، ڀلا يار رکج ياد.

هي مرغ سندم دل جو وڌءِ زلفِ قفس ۾،

تنهن کي نه اڏارين ٿو، ڀلا يار رکج ياد.

”تارڪ“ ڏئي ڪهڙو توکي ڏوراپو اي ڏاڍا!

مون ڏي نه نهارين ٿو، ڀلا يار رکج ياد.

 

*

ڏٺو سي عاشق ٿيو ڪونه گل رخن کان شاد،

ٻڌو سي ڪونه ٿيو، رنج ۽ محن کان شاد.

جنهين جي بلبلِ دل آه گل رخن وٽ قيد،

ٿئي اهو نه ڪهين سير گل چمن کان شاد.

ستيزه خوءِ جنهين کي جي زن و فرزند،

رهي اهو ڪيئن خاوند گهر، وطن کان شاد.

گهڻو ئي زهر جدائيءَ کان تلخڪام رهيس،

ڪيو نه يار ڪڏهن شڪرين دهن کان شاد.

زماني جو آهي دستور اصل کان اهڙو،

جو ڪي ٿيا ڪن کان غمگين، ته ڪي ٿيا ڪن کان شاد.

غمِ زمانه انهيءَ دل کان هوءِ دور سدا،

رهي جا صبح و مسا مهر پنجتن کان شاد.

اگرچه دولتِ دنيا نه تو وٽ آ ”تارڪ“،

جڳائي توکي رهڻ دولتِ سخن کان شاد.

 

*

بزم مشاعره حيدرآباد: 14- اپريل 1937ع

مصرع طرح: ”آب داڻو ڇو ڪيو بيمار جو تو يار بند“

فرقتِ دلدار ۾ منهنجو ٿيو ڪم ڪار بند،

عشق کان آزادگي ڦيرائي ڪيو ناچار بند.

موسمِ گل، گل ٽڙيل ۽ پرهه جو وقت آ عجيب،

باغبان ههڙي مهل ڇو ڪيو درِ گلزار بند؟

شب جدائي جي جو آئي، تنهن سندي تاثير کان،

ڄاتو مون ڄڻ آهه سارو لوڪ ۾ سنسار بند.

عشوه ۽ غمزه سان دل منهنجي ڌتاري ڇو وئين؟

۽ وري تنهن تي ڪيئي پنهنجو مٺا ديدار بند!

نينهن تون ڍولڻ نباهين آس تو ۾ آ اها،

برهه واري بات ڪر ڪڏهين نه اي دلدار بند.

شل جواني ماڻئين، جانب رهين سرهو سدا،

گڏ رهڻ گڏجي گهمڻ، مون سان نه ڪر منٺار بند.

اچ ته گلشن ۾ هلون، سير چمن سهڻا ڪريون،

ڪينڪي تنهنجو هجي سينگار ۽ جنسار بند.

ڪالهه عاشق منجهه چپن ٿي ضعف فرقت کان چيو،

”آب داڻو ڇو ڪيو بيمار جو تو يار بند“؟

هر طرف هر جاءِ تنهنجو جلوو ڏسجي ٿو چٽو،

عاشقن جي سو اکين تي ڪيئن ٿئي نروار بند؟

مطربا پڙهه هي غزل ”تارڪ“ جو بزم يار ۾،

هُو جڏهن تنها هجي ۽ هوءِ وٽس اغيار بند.

 

*

تضمين بر غزل حافظ شيرازي

[ڪنهن شاعر جي شعر جي هڪ مصرع يا پورو شعر پنهنجي ڪلام ۾ آڻڻ واري ڪاريگريءَ کي تضمين چيو ويندو آهي.]

فصل گل ٿيو چار ڏينهن ۽ ناهه ڪي مدت مديد،

دور مي ميخواهم و مطرب که ميگويد رسيد.

بلبل و پروانه کي گل شمع مليا، مون جدا،

اي فلکه اي شرمساري تابکي بايد کشيد.

ٻيو نه جي مهماني ان دلبر جي لئي هٿ ۾ هجي،

بادهء و گل از بهائي خرقه مي بايد خريد.

هيءَ جماعت ميڪشن جي تنهنجي در ساقي پئي،

از کريمي گوئيا از گوشهءِ بوي شميد.

پوءِ جو مستيءَ جي بدناميءَ ۾ ڦاڙي، تنهن کان اڳ،

جامهءِ در نيکنامي نيز مي بايد دريد.

هي ڇا آهي تير مڙگان خود ٿو ڄاڻين تون سڄڻ،

وان تطاول کز سرِ زلفِ تو من ديدم که ديد.

برسرِ بيداد جي دلبر رهيو هيئن دائما،

گوشه گيران راز آسايش طمع بايد بريد.

ناهه ظاهر تا ڪٿي ”تارڪ“ کي زخمِ عشق هو؟

اين قدر دانم که از شعرِ ترش خون مي چکيد.

 

 

*

تضمين

عمر سڄي عشق جو بار سَٺو مون شديد،

من نرسيدم بدوست کار بجانم رسيد.

آهيان نشانو سندءِ تير مڙه جو سدا،

سنگ نيم اين جفا چندا توانم کشيد.

ڇو ٿا اجايو اچي مغز کپايو سندم؟

عاشقم اي دوستان پند نخواهم شنيد.

چوندا ته آهي چريو تنهنجي محبت ڪيو،

گريه نخواهم کشاد جامه نخواهم دريد.

يار جي آرام گاه مؤن جو لنگهيس تا ڏٺم،

باد برو مي وزيد زلفِ سيہ مي پريد.

تير نظر جو اي يار تو جو هنيو هو مون کي،

شب همه شب تا سحر در دلِ من مي خليد.

برق صفت هڪ نگہ سان ٿو ڪرين خيره اک،

کافت جان بيش زين ما نتوانيم ديد.

روبرو دلدار جي عاشق کي عشق جو،

قصه بلب مي گذشت اشکه فرومي رويد.

پيچ سندءِ زلف جو ائين پيو ”تارڪ“ کي جو،

کار به تيغ اوفتد هم نتواند بريد.

*

مصرع طرح:

”طبع شاهيءَ تي نه آيو وعده وارو وار ياد“

 

ياد آهن يار کي سي، جن کي آهي يار ياد،

سا ملي دلدار سان دل، جا ڪري دلدار ياد.

ناه مونکي ڪا ضرورت سير گل گلزار جي،

چشم نرگس، زلف سنبل، آ گل رخسار ياد.

يادگيريءَ يار جي ري سود ناهي جي هجئي،

مطلع الانوار ياد ۽ مخزن الاسرار ياد.

ناه ڪا اُميد جو هاڻي بچي توبہ سندم،

فصلِ گل ۾ آيو، ذوقِ ساغرِ سرشار ياد.

زاهدا پيرِ مغان کان پي وڃي جامِ شراب،

جي چوين ٿو آه مون کي رحمتِ غفار ياد.

منجهه ڳليءَ دلدار جي منهنجون اکيون هارين جر،

آه مون ”جنات تجري تحتها الانهار“ ياد.

مون کي نالو يار جو ياد آه، ٻيو ڄاڻان نه ڪجهه،

نفل، نا اوراد نا دعلوت، نا اذڪار، ياد.

رند آهيان، مست آهيان، پڻ موحد جو نه ٿم(1

ڪفر، ايمان، دين، مسجد، ڪافر و ديندار ياد.

جي ڏسين تون هو بتِ طناز جيڪر زاهدا،

ڪين ات هرگز ڪرين هي جَبہ و دستار ياد.

ڪين ڏئي ڪي فائده ذڪرِ خدا تنهن شخص کي،

روز شب دل ۾ جنهين کي، درهم و دينار ياد.

جي وفاداري ڪري، هڪ وار تون مون سان ملين،

نا ڪريان تنهنجو پرين، جور و جفا آزار ياد.

دل ۾ ڄاتم ٿي، ته ملندو يار چوندس دل جو حال،

پر ڏٺم ان کي، ته آئي ڪانه ڪا گفتار ياد.

ڪئن ٺهون تون مون ملڻ جي ڳالهه تي اي تند خو؟

توکي آه انڪار ياد، ۽ مون آه اقرار ياد.

هو ملڻ منظور مون سان شاه خوبان کي مگر،

”طبع شاهيءَ تي نه آيو وعده وارو وار ياد.“

شڪرلِله هن جهان ۾ ڪونه ٿو ڀانيان عدو،

ڇو جو دل ۾ آه مون کي دوست جو ديدار ياد؟

شاعرن ٿي مار سان تشبيهه زلفن کي ڏني،

يار چيو، ”ڪي ٻيو به ڄاڻو يا اٿوَ هي مار ياد“؟

ڪين ڪي پڙهه تون وظيفا وصلِ دلبر واسطي،

ڪر وظيفن جي بجا ”تارڪ“ سندا اشعار ياد.

 

رديف ”ڌ“

اسان جي آه نازنينن کي سُڌ،

آهي حسن جي حسن بينن کي سڌ.

اسان جي ته هن عشقبازيءَ سندي،

اسان کان اڳي هيءَ حسينن کي سڌ.

مڪينن جي ڪهڙي مسافر کي ڪل؟

مسافر جي ڪهڙي مڪينن کي سڌ؟

اسان جي ڪندا عشق تي آفرين،

پئي جي ڪٿي نئي امينن کي سڌ؟

سندن چاه غبغب ۾ جي غرق ٿيا،

انهن جي ڏيو مہ جبينن کي سڌ.

جي ڪوٺيائون ڪوڙو ته ڇا ٿي پيو؟

اسان جي آهي صاف سينن کي سڌ.

ڇڏن ڪين رسوا ڪرڻ جي سوا،

پوي عشق جي جي ڪمينن کي سڌ.

نهاني جڳائي رکڻ راز عشق،

جيئن پئي نه سا همنشينن کي سڌ.

سي ديوانِ ”تارڪ“ جا جاچيندا عيب،

جڏهن ڪا پئي نڪته چينن کي سڌ.

*

صورت سڄڻ جي روشنيءَ شمعِ شبستاني کان وڌ،

قامت سڄڻ جي آه سڌي، سرؤِ گلستانيءَ کان وڌ.

عارض گلابي، لعل لب، هٿڙا ٻئي مينديءَ رتا،

ياقوتِ رمانيءَ کان وڌ، لعلِ بدخشانيءَ کان وڌ.

ابرو ڪمان قوسِ قزحِ، خونخوار خنجر يار جو،

آهي تکائيءَ ۾ تکو، تلوار ايرانيءَ کان وڌ.

هيڪر هلي جي دلربا هن ٽور سان بازار ۾،

رفتار ۾ چوَنِس سڀئي ڪبڪِ ڪهستانيءَ کان وڌ.

توڙي سندءِ ويس ۽ وڳا آهن انيڪ ۽ ڪيترا،

ليڪن نه ٿيو ٻيو ڪو اُتم، هن ڪسوت انسانيءَ کان وڌ.

خوقهءِ بزرگي زيب تن، ڪبرو ريا ۾ محو من،

صد بار منهنجو ڪفر آ، اهڙي مسلمانيءَ کان وڌ.

”تارڪ“ فراقِ يار ۾ دل کي ڪرڻ خوشي واسطي،

ڇاهي ٻيو جام مئي، رقص و غزلخوانيءَ کان وڌ؟

 

رديف ”ڏ“

ائين شبِ فرقت ڪيم ساجن کي سڏ،

رحم آيو روح ۾ هر ڏاهه ڏڏ.

تا نهالِ عشق ٿئي سرسبز خوش،

اشڪه جي تنهن لئي وهي اکڙين مون اڏ.

عشق جي آتش ۾ جن جا جيءَ جليا،

خود جلي کائي هما جي تن جا هڏ.

باغِ عالم ۾ مون سهڻن کي ڏسي،

ديده بازيءَ لاءِ لاٿي آه لڏ.

سر زمينِ شعر ۾ لئي يادگار،

مون سخن جا ڏس اڏيا آهين مڏ.

مون ٿيس محبوب پنهنجي جي طرف،

راند ۾ ڪئي نازنين ننڍ وڏ.

”جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي“ سڀ کي آه،

نئي ڀريندو سڀڪو ماڻهو پنهنجي کڏ.

پر لٿو نا، هو ستمگر هوڏ تان،

گرچه واري، مون گهڻو ئي تنهن سان تڏ.

ٿي چيو ماڻهن، ”ٿيو ’تارڪ‘ چريو“،

”ائين شبِ فرقت ڪيم ساجن کي سڏ.“

*

فراقن سان ڦٽين ڇو دل، تهين کان يار ماري ڇڏ؟

معافي خون آه توکي بلاشڪ ڪم هي ڪاري ڇڏ.

تپِ فرقت جي لئي دارو ڏسيو هي عشق جي ڏاهن،

ته ان بيمار کي شربت لبِ شيرين جو پياري ڇڏ.

سندم جي خون جي خواهش اٿي تان جلد ڪر جاني،

اشاري تيغ ابرؤ سان اهو اڊڪو به ٽاري ڇڏ.

ڀريءَ ٻيڙيءَ ۾ جي واڻيءِ صفت آهيان ٿيو ڳورو،

ته پوءِ تون پنهنجي محفل مؤن فقط مون کي اٿاري ڇڏ.

رهي رنجيده دل ڇو ٿو دنيا جي دور ۾ هردم،

ٻُڌي کي اڻ ٻڌو ڪر ۽ ڏٺي سڀ کي وساري ڇڏ.

لکيل ٿي ڪاغذاتِ مختلف تي شعر جي ”تارڪ“،

فراهم ڪر اُهي ساري، سي دفتر تي اُتاري ڇڏ.

 

 

 

*

رهي ٿو يار ائي اغيار سان گڏ،

جيئن گلزار ۾ گل خار سان گڏ.

اچي ٿو ياد تڏ اعجاز عيسيٰ،

سڄڻ مرڪي جڏهن گفتار سان گڏ.

مون کان دل تنگ ۽ مون تنگ دل کان،

رهون ٿا پاڻ ۾ لاچار سان گڏ.

ٻڌي پيغام پنهنجي وصل جو يار،

ڪيو اقرار پر انڪار سان گڏ.

وڃي پيرِ مغان اڳيان مون لاٿو،

ٻڌي تسبيح کي دستار سان گڏ.

رخ ڪعبه ۾ آهي خال هندو،

تڏهن سجه رکيم زنار سان گڏ.

الاهي ڪر تون هن ”تارڪ“ جو محشر،

شهنشہ حيدر ڪرار سان گڏ.

 

 رديف ”ڊ“

ٿا مڙي ماڻهو ڏسن تا ٿيو اڄوڪيءَ رات چنڊ،

پر ڏسن جي مہ لقا منهنجو نه آڻن وات چنڊ.

ماه من روشن سدائي ۽ هي ماه بدر ريءَ،

ڪين ٿو روشن رهي، سانجهيءَ کان تا پرڀا چنڊ.

گرچه آهي چنڊ جو ڀي حسن ڏاڍو دلربا،

ليڪه هن خورشيد عارض جي اڳيان آه ماتِ چنڊ.

ٿو سياهي زلف جي ۾ مہ لقا منهن کي ڍڪي،

زير ڪڪرن جيئن اچي منجهه موسم برساتِ چنڊ.

ڪلبهء اخزان ۾ منهنجي، گرم چين اي مہ رخا،

مون ائن ڀانيان ته ڄڻ آيو اندر محلات چنڊ.

آه سرگردان توهان لئي سيدا سڪ ۾ سدا،

روشنيءَ جي ٿو گهري توکان سدائي ڏاتِ چنڊ.

آه ”تارڪ“ جي اکين ۾ نور تنهنجي حسن جو،

جئن هميشه نور سج جي مؤن رکي تجلاتِ چنڊ.

 

 

*

ڳالهه ڪندي اچي وئي ان نازنين کي ننڊ،

ليڪن نه آئي عاشقِ آندوهگين کي ننڊ.

شورِ فلڪ کان ڪين ميسر ٿو وصل ٿئي،

ڏي يا الاهي گردشِ چرخِ برين کي ننڊ.

شامِ فراق ۾ جي ڪري دانهن دردمند،

تا صبح ڪينڪي اچي اهلِ زمين کي ننڊ.

وحش و طيور ننڊ ۾ پيا، ته به نه ٿي اچي،

چشمِ رقيب رهزن پُرفتنه ڪين کي ننڊ.

شب روز انتظار اچڻ تنهنجي ۾ مٺا،

نيڻين نه آه ”تارڪ“ غمگين حزين کي ننڊ.

 

رديف ”ڍ“

ساقي بهار آيو ڪو جامِ شرابِ ڪڍ،

مطرب سرود گهرجي ٿو چنگ و رباب ڪڍ.

اي مئي فروش منهنجو هي خرقه قبول ڪر،

وٺ منجهه ادائي قرض نه مون سان حساب ڪڍ.

ساقي قدح شراب ڏيڻ ۾ نه شرم ڪر،

رطلِ گران اسان جي پيڻ لئي شتاب ڪڍ.

ڏيکار پنهنجو محفلِ رندن ۾ خوب سحر،

جو بند ڪَيئي شيشه ۾، سو آفتاب ڪڍ.

اوراق مصحفِ گل ڏسي کولي عندليب،

فالِ بهار واسطي ام الڪتاب ڪڍ.

جو آشنا نه بادهء و شيشه و قدح جو آه،

مستن جي بزم نوش مؤن سو شيخ شاب ڪڍ.

خوشبوءِ زلف منهنجو معطر ڪيو دماغ،

ڏي باه عود، عنبر کي مشڪناب ڪڍ.

”تارڪ“ نجف جي شاه جو دائم غلام ره،

تون ڪين هٿ مؤن بندگيءِ بوتراب ڪڍ.

 

رديف ”ذ“

چکيو مون لبِ لعل دلبر ملذذ.

لڳي ڪين ٿو شير شڪر ملذذ.

ته ڀي لطف شيرين لبن جو نه ڏيندي،

مڪرر ٿي قندِ مڪرر ملذذ.

دلارام ريءَ تنهنجي آرام عشرت،

مگر ڄاڻندو ڪوئي ڪافر ملذذ.

سڄڻ تنهنجو سيبِ ذقن منجهه سواد آه،

ملذذ بس از ميوهء تر ملذذ.

جي اصلاح استاد ”تارڪ“ ڪري تا،

ٿئي شعر شاعر جو اڪثر ملذذ.

 

 

*

ٿيو سدا وردِ زبان مون کي سندءِ نام لذيذ،

با خدا نامِ صنم کان ٿي سندم ڪام لذيذ.

لبِ نوشتن ته سندءِ قند شڪر کان شرين،

چشم تنهنجي ته صفت ميوهء بادام لذيذ.

ساغرِ عشق مؤن پي پُر ٿيا، تن کي نه لڳي،

خواب، خور، ناز، نعم، عيش ۽ آرام لذيذ.

پاڪ ٿي جمله لذائذ کان به افڪار فنا،

پيچ ميخانه ”مُوتوا“ مؤن ڀري جام لذيذ.

اي شہِ ڪشور ڪونين مدد ”تارڪ“ ٿي،

ڪام دل ذڪر ۾ تنهنجي ٿي سحر شام لذيذ.

 

 

*

ڇا جن، ڇا انسان تي، ٿيو حڪم سندءِ نافذ،

ڇا حور، ڇا غلمان تي، ٿيو حڪم سندءِ نافذ.

ڇا ديؤ تي، ڇا دُد تي، ڇا نيڪ تي، ڇا بد تي،

جاندار ڇا، بي جان تي، ٿيو حڪم سندءِ نافذ.

ڇا شمس تي، ڇا مہ تي، ڇا پينو، ڇا شہ تي،

انسان ڇا، حيوان تي، ٿيو حڪم سندءِ نافذ.

ڇا ماه، ڇا ماهيءَ تي، صياد تي، ڦاهيءَ تي،

ڇا مرغ گلستان تي، ٿيو حڪم سندءِ نافذ.

ڇا عرش تي، انجم تي، ڇا برگ، ڇا شبنم تي،

ڇا غنچهء خندان تي، ٿيو حڪم سندءِ نافذ.

”تارڪ“ جي دل و دين تي، شادان اُتي غمگين تي،

ڇا حال جي برهان تي، ٿيو حڪم سندءِ نافذ.

 

*

ادا قاصد سڄڻ کي رک وڃي پيشِ نظر ڪاغذ،

ڏسڻ سان سنگدل ان کي ڪري من ڪو اثر ڪاغذ.

کڻان ٿو جي قلم، تاجوش کان جنبان رهي ٿو هٿ،

اکين جي اشڪباريءَ سان ٿئي ٿو تربتر ڪاغذ.

گهڻي مدت کان دل جو درد، جو پنهان اٿم دل ۾،

ڪريان اظهار ها ليڪن ڏسان ٿو مختصر ڪاغذ.

لکان ٿو حال فرقت جو مگر ان جي گواهي لئي،

ڪريان ٿو سرخ ساروئي منجهان خونِ جگر ڪاغذ.

ڏسي هن دردنامه کي ڏئي من دوست دلداري،

وسيلي وصل جي ڪارڻ لکي ارسال ڪر ڪاغذ.

پڙهي ”تارڪ“ سندو ڪاغذ، لکيو دلبر جواب ان جو،

”اسان جي دل ڳنڍيل توساڻ آه رک پنهنجي گهر ڪاغذ.“

 

*


(1) اٿم.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org