سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: رسالو ٻڍل فقير رحه

صفحو :12

 

 

سنڌي ڪافيون

 

سر رامڪلي

 

1

اَٿي ملڪ اسان جو اڳي اڳي

اسان جهٽ جالڻ وارا جوڳيئڙا

نيئي ڌريندءِ خاڪ مٽيءَ ۾

سر دي ڀائي سڳي سڳي

اسان پلڪ ٽڪڻ وارا پرڏيهئڙا

پار پرين ڏانهن ڪير جهليندو

زور نه ڪنهن جو لڳي لڳي

اسان امر [1] مڃڻ وارا ماروئڙا

سج چنڊ نه هو ڪتيان تاري

اسان انهيءَ کؤن به اڳي اڳي

اسان ڏيهه ڏورڻ وارا ڏوٿيئڙا

ٻڍل چوي نيٺ جو نيندءِ

ويري مٿي تي وڳي وڳي

اسان سانگ ڪرڻ وارا سانگيئڙا

2

جوڳي منهنجڙو جيءُ

پيارو مسافر سير تي آيو

جوڳي ٿيوين تان ڪر تون صفائي

ڇوڙ طمع [2] کي ڪر نه گدائي

سرڪي سور مون پيءُ

ڇڏي ڏي هيءُ هول [3] اجايو

عجب ڏٺو سي ملڪ الله دا

سير ڪيتو سي فاني جڳ دا

قادر آهي ته قويءُ [4]

باريءَ جنهن هي باغ بنايو

هاڻي هوتن ڏي ڪر ڪا هلڻ جي

ڳنڍ ڳالهه پرين سان ناهي ڇنڻ جي

هت نه وسارو ٿيءُ

توکي ڪنهن ٻول ٻڌايو

ٺاهي جوڙي توکي مڪائون

سمجهه ٻڍل ائين اُتاهون [5]

يا ڪي [6] نه يار ڏانهن ٿيءُ

متان گهمين عام اجايو

 

3

 

ذات جوڳين جي نه معلوم ڪنهن کي

هت مسافر آيا ڙي

جوڳي موٽيا پوئتي قطاري

سامي ڳوڙها ڳل تي ڳاڙي

عهد لکئي اٽڪايا ڙي

جوڳي آدم ڪنون اڳي جو هيئڙا

سج چنڊ تارا پوءِ پيدا ٿيئڙا

آدم پوءِ بنايا ڙي

فنا في الله[7] جي ڦُوڪ جو ڏيندو

سچو سر هِڪَ صاحبَ هوندو

خاڪ بي خاڪ رلايا ڙي

آکي جو ٻڍل جوڳي الاهي

ڪل ڪنهين کي نه ذات جي ڪائي

لڪ ۾ جنهن پاڻ لڪايا ڙي

4

 

آءٌ ادا سالڪ سهي ڪر، ڳالهه ڳجهي هيءَ ڳري[8]

محبت سندي ميدان ۾، پئه مام ۾ مانجهي[9] مري

 

جوڳي ويا هيءُ جڳ ڇڏي، لاهوت[10] ڏي ويئڙا لڏي

پاڻ وحدت ۾ گڏي، تن سرڪ صحبت جي ڀري

 

محبت هين من ۾ مدعا، جئري ٿيا جيءَ کؤن جدا

ساري ڪرن سر جي صدا، نعرو هڻن هل حيدري

 

نٿا عام ۾ عاشق اڙن، سر ڏيئي سوريءَ چڙهن

حرف تان حَق جو پڙهن، رکن تاج سر تي سروري

 

پل پل ٻڍل سي پور ۾، سامي سدا هن سور ۾

هردم هن حضور ۾، کولي ڏسن دل جي دري

 

5

 

ڪَل [11] ته ڪانه ٿي پوي

هن جوڳيءَ جي اچڻ وڃڻ جي

آيو پکيئڙو پڃري اندر

لکين لاتيون ٿو لنوي

هيءَ حقيقت حال پنهنجي جي

ڪنهن کي ڪين ٿو چوي

ڪاٿي بادشاهي ڪاٿي گدائي

سختيون سور پيو سهي

سمجهه ٻڍل هت سير تي آيو

ڏينهن ٻه ٽي ٿو رهي


 

 

6

 

جوڳي ٿا جاڳن

جڙ لڳي آه جن کي

جن جي مصلحت ميم [12] سان

سي ڪيئن سک سمهن

جن جي اور الف [13] سان

سي ورتيون لام [14] لڏن

جن جو من مڪو ٿيو

سي ڪعبي ڪين وڃن

ٻاروچل سان ٻڍل چوي

اڳيان ٻول پڙهن

7

 

عشق سندي آڙاهه ۾ عاشق، جئري جان جلائين ٿا

 

راتيان ڏينهان روح پنهنجي ۾، ويٺا رام ريجهائن ٿا

 

اَڏي عيد اُنهن جي آهي، جيڪي ڪوپا [15] ڪنڌ ڪپائين ٿا

 

جِن مَلڪ جي جاءِ نه جاتي، پير اُتي نيئي پائين ٿا

 

عشق ٻڍل امام انهن جو، جيڪي سجدي سيس [16] نوائين ٿا

 

8

 

ڪيا هن شوق جي شعلي، هزارين مرد مستانا

سوريءَ ڏيئي سر ٿيا سرها

سامي سڪ سور ۾ سرها

ٻڌي توڪل سندا ترها

لنگهي پيا پار پروانا

جنين جي رمز دل ريهي [17]

ڀڃي ڀورا ڪيائون ديهي

ويا پاتار [18] ۾ پيهي

کوڙيائون نينهن نشانا

صحيح هي سر سڃاتائون

نئون وڃي نينهن لاتائون

پرت ۾ پير پاتائون

کوليائون درد داستانا [19]

ٻڍل سر هي گهوريون گهورن

سامي سڳا سور جا سورن

الف [20] سان روز پيا اورن

وسايائون ماڳ ميخانا

9

 

اِنهيءَ محبت واري مام

ڪيئي ڪيا درويش ديوانا

جوڳي پنهنجي جان جلائن، پير اچي هن پڙ ۾ پائن

ڪسي ٿين قتلام، مڙن ڪين اُهي مردانا

عشاقاندي [21] اها چالي، ميڙين مال نڪا ٻي مالي [22]

جُنگ [23] پين ٿا جام، جوڙين عرش مٿي آستانا

ڦوڪي باه بره جي ٻارن،ورق وحدت[24] جو ڪين وسارن

وحدت منجهه وريام [25]، الف سان اورن يار يگانا [26]

مهڻا ملامت جهيڙا جُٺيون، سامين پنهنجي سر تي سٺيون

چائي مرد ملام [27]، ڳل ڳچيءَ ۾ پائن ڳانا

عشق ٻڍل ٿي اوکي چاڙهي، سر تي سهڻا ڏک ڏهاڙي

غازي کڻندا گنير [28] گام، سوريءَ تي ڪن سر سامانا

 

10

 

جيڪي قسمت رات رهايا، اُهي جوڳي مسافر آيا

 

وٽيون پيتائون وصال [29] جون، ڪيائون سخن [30] سجايا

 

ڳل وچ ڪفني پوش پهريان، مارن ماڳ مٽايا

 

جوڳي موٽيا جوءِ تي، تن ڳوڙها ڳل وهايا

 

ٻڍل چوي پنڌ اڳي اَٿئي، هي جڳ جيوڻ اَجايا

 

11

 

سامي سير ڪرڻ ڪيئن آئين

آئين تون نه ڪمائين تون

 

جهڙو آئين تهڙو ويندين

موڳا من نه منائين تون

 

ڪر ڪمائي يار پنهنجي جي

ويٺي وکر [31] وڃائين تون

 

عشق ٻڍل ٿي اوکو اڻانگو

سوريءَ سر نوائين تون


 

 

12

 

بار ملامت [32] چاوين تون

مرد مري پئه جئري جڳ ۾

راتيان ڏينهان الف [33] سان اورج

رح ۾ رام [34] ريجهاوين تون

دين ڪفر جي ڇوڙ تون دعويٰ

اڳتي قدم اُٺاوين تون

مرڻ ڪنون تون مڙ نه عاشق

سوريءَ سر سهاوين تون

درد ٻڍل رک دل ۾ دائم

هو دا هُلُ مچاوين تون

 

13

 

ڪاٿي جوڳي ٿي ڄايا

ڀنور گلن تي آيا

جاڏنهن آيا پهه [35] پين تاڏي

مال ڇڏي ويا مايا

چوڻي[36] پاڻي امر سي آندا

قسمت رات رهايا

پڃرو ٻڍل دا خاڪ دا بڻيا

تنهن ۾ مور سمايا

 

14

 

سوري سر سلهاوڻدي

رمز ڏکي لنؤ لاوڻ دي

هر جاءِ حق جا هوڪا ڏين ٿا

وحدت جو ويساه رکن ٿا

مرد اهائي مام سکن ٿا

ذات ۾ ذات ڇپاوڻ دي

رمز رضا [37] ۾ رهن سي راضي

خان کيڏن ڪا بره جي بازي

پوءِ کٽن ٿا پڙ مون غازي

بره جي بار اٺاوڻدي

سامي سڪ ۾ سر ڌرن ٿا

گنيريا غازي گام ڀرن ٿا

محبت ۾ مخمور ڦرن ٿا

پيؤن سرڪي سيس ڪپاوڻدي

مري ٻڍل ميدان ملهائن

جوڳي پنهنجي جان جلائن

سامي سڪ جا سڳڙا پائن

ڪن پر [38] ۾ پاڻ پچاوڻدي


 


[1]. حڪم، اِذن.

[2]. لالچ، لوڀ، هٻڇ

[3]. ڀؤ، ڊپ، خوف

[4]. مضبوط، طاقتور، زبردست، الله تعاليٰ

[5]. مٿانهون

[6]. بيوفا، بي پرواهه، اڪيلو.

[7]. الله جي ذات ۾ محو ٿي وڃڻ، الله کان سواءِ ٻيو سڀ وساري ڇڏڻ، فقيرن جي هڪ منزل جو نالو، مرشد ۽ رسول جي وسيلي هميشہ الله جو ڌيان رکندڙ فقير. هي اسرافيل ڏانهن اشارو جيڪو ڦوڪ ڏيندو ۽ سڀ شيءِ ڀسم ٿي ويندي!

[8]. ڳؤري، وزندار، اؤکي

[9]. ڪوپا، بهادر، جهونجهار، مٿير مڙس

[10]. عالم ذات الاهي، جنهن ۾ سالڪ کي فنا في الله جو مقام حاصل ٿيندو آهي. لاهوت لا مڪان پٻ جبل ۾ مڪان جو نالو

[11]. خبر، ڄاڻ، علم.

[12]. محمد ﷺ

[13]. الله جل جلالہ

[14]. لا اِلــٰہ الاالله جو آسرو ورتيون، دامن يا پناهه ورتيون.

[15]. بهادر، وريام، سرويچ، مانجهي

[16]. سسي ڏين، سر قربان ڪن.

[17]. دل ريبي، دل ريجهائي

[18]. اونهون سمنڊ

[19]. ڏکن جا باب

[20]. الله کي ياد ڪن.

[21]. عاشق جي

[22]. مال ملڪيت، دولت

[23]. بهادر، مانجهي، سورهيه، سرويچ

[24]. هيڪڙائيءَ وارو سبق

[25]. بهادر، سورهيه، مانجهي

[26]. اڪيلا، تنها، علحده، ماهر، هوشيار

[27]. ملامت، طعنا، ٽڪا، مهڻا

[28]. هاٿيءَ واري سهڻي هلت يا چال.

[29]. ملاقات، ميلاپ، گڏجاڻي

[30]. انجام پاڙڻيائون، واعدا وفا ڪيائون، زبان کي پاڻي ڏنائون.

[31]. ڪمائي چٽ ڪرڻ، اجائي محنت ڪرڻ، فضول پورهيو ڪرڻ.

[32]. ڦٽ، عتاب، لغت، مهڻو، ٿڪ بجو

[33]. الله تعاليٰ، رب سائين

[34]. خدا کي راضي ڪريو.

[35]. ارادو، خيال، مقصد، مراد

[36]. ان پاڻي، داڻو پاڻي، نصيب، آبداڻو.

[37]. تقدير، لکيو

[38]. ڀرپاسي ۾، تر ۾، ريت ۾ رسم سان.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org