سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: رسالو ٻڍل فقير رحه

صفحو :13

 

متفرقه ڪافيون

1

ميهر من ۾ هنيون هنيون ميخان[1] محبت واريون

 

سرڪ صحبت جي ساهه صاف ڪيو

ويو هوت هٿن سان ڏيون ڏيون

ديدان دلبر دوست سان

منهنجون قابو ڪڙجي ويون ويون

راتيان ڏينهان يار پنهنجي ڏي

خيال وڃي ٿو کنيون کنيون

ڳجهڙي ڳالهيون روز ٻڍل کي

روح اندر منجهه رهيون رهيون

 

2

 

منهنجي دل سچڻ توکي ٿي سنڀاري

سدا گل چمن ۾ طوطل پيو تنواري

طوطا چمن ۾ ڦرندا هوائي

ڳليءَ ڳليءَ تي ڪرندا گدائي

موٽيا ديس جائي دنڙا [2] گذاري

طوطا چمن ۾ هيا پرڏيهي

چڳندا جو چوڻا [3] جوڳي اُهيئي

اَلائي ذات ڪيهي گهمندا بهاري

آکي ٻڍل چلي آءٌ طوطا

رهيا هي مٽي دا خالي بت بوتا

سانگي ملڪ موٽيا ويڙا قطاري

 

3

مرجان ڪڪڙ وتي ڪرڪندي

لنڊڙي ڪڪڙ وتي ڪرڪندي

جنهن هت نه پنهنجو يار سڃاتو

پٽيل پر ڏي پير نه پاتو

اڃا ڪوڙيءَ ڪين ڄاتو

گندي گلا ۾ گرڪندي

ولهيءَ ويٺي عمر وڃائي

کوٽ[4] وئي کوٽيءَ کي کائي

اڳيون پوندس مار [5] الاهي

ڦٽيءَ ڪُرڙيءَ جان ڦرڪندي

هت وڻيا اٿس محل ماڙيون

اڳيون پوندس ونگ [6] پڇاڙيون

ڪرم[7] پٽيون پيئي ڪندي راڙيون

موڳي اُتي ڪيئن مرڪندي؟

رلي ويٺي راڻيون راڻي

تڙي طمع ڏي تاڻيون تاڻي

سمجهه ٻڍل پر جي تون ڄاڻي

ڦرڪڻ وتي مرجان ڦرڪندي.


 


[1]. جڙڻ، ڳنڍڻ، قابو ڪرڻ، عشق ۾ ڦاسائڻ، لوري لائڻ.

[2]. ڏينهڙا، روزڙا

[3]. چوڳو، ان نصيب.

[4]. ٺڳ، کي برائي لڳي، ڊوهي کي نقصان پيو

[5]. الله جو ڏمر پوڻ، الاهي عذاب يا بيماري پوڻ

[6]. وڪڙ پوڻ، رسا پوڻ

[7]. پنهنجي ڀاڳ تي روئڻ، پنهنجي نصيب کي چوڻ، مقدر تي روئڻ، بخت کي پٽڻ.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org