سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: رسالو ٻڍل فقير رحه

صفحو :4

 

 

سنڌي بيت

 

سر ڪلياڻ

1

ساراهيان سچو ڌڻي، جنهن جي تعريف ڪيان تمام

اول مڃ الله کي، پوءِ ڪر سيد جو سلام

ڪاهي ايندو قيامت ۾، منهنجو ڄُلي ايندو ڄام

ڀاڱو وٺي بهشت مان، ڏيندو اُمت کي انعام

اهو ڪيائين انجام، ڪندو ٻاجهه ٻڍل چوي

 

2

ساراهيان سچو ڌڻي، جيڪو قادر قربدار

جنهن نبي پيدا ڪيو نور مان، سونهن ڀريو سردار

ٿو خاوند [1] اُپائي خلق کي، ڏيهه ڌڻي ڏاتار

مون ۾ مدايون گهڻيون، اچي ميٽيندو مختيار

هادي ڏينهن حشر [2] جي، ڪرائيندو دل سندو ديدار

آهي ڪلمو جن جو قرار، تن جي ٻاجهه ٻڍل چوي

 

3

سارهيان سچو ڌڻي، جيڪو پاڪ آهي پرور

اول نانءُ الله جو، پٺيون محمد آهِه مشر [3]

اَوکيءَ منجهه انڙ چوي، ايندو آرياڻي انور

ڇٽاسي ڇيهن [4] کان، کليو بهشت جو در

آهه آجو تن جو اندر، ڪلمو جن جي قلب ۾

 

4

ساراهيان سچو ڌڻي، جيڪو آگو [5] آهِه الله

جنهن نبي پيدا ڪيو نور مان، مٺو محمد شاهه

اُتم آهي اڳرو، جيڪو اُمت جو اُمراءُ

لنگهائيندو لڪن[6] کان، منهنجو سکيو نيندو ساهه

جنهن ورتو ڪلمي سندو راهه، آهِه تنهن تي ٻاجهه ٻڍل چوي

 

5

ساراهيان سچو ڌڻي، جنهن جي قدرت آ قراري

ڪلمو جنهن تي راس ٿيو، ڪندو سيد ستاري[7]

ڪاهي ايندو ڪاڪ ۾، جاتي منزل آهِه باري

قبر جي عذاب کان، رکندو آگو اعتباري

ڏسي حسن حبيب جو، وٺندو هينئڙو هوشياري

جنهن جي يار سان ياري، تنهن کي ڪَسُ لڳندي ڪا نڪا

 

6

ساراهيان سچو ڌڻي، جيڪو دلاسو ڏيندو

عربي [8] عيب امت جا، اچي ڍوليو ڍڪيندو

سيد وٺي ساٿ سان، هي نماڻي نيندو

بديون بخشيندو، ڪلمي جي قرار سان

 

7

ساراهيان سچو ڌڻي، جيڪو قادر ڪرم ڪندو

سيد آهي سهڻو، جنهن جو تجلو نور سندو

مديون ماڻهن جون اچي، محمد ميٽيندو

هيڻن سين هلندو، ڏئي پاند پناهه جو

 

8

ساراهيان سچو ڌڻي، جنهن جوڙيو ملڪ جهان

ڪُن فيڪون[9] جي ڪَلَ ۾، جنهن جوڙيو زمين آسمان

سڀ شيءِ کي ساهه وجهي، جنهن بڻايو باغ بيان

روزي رازق ٿو ڏئي، جو مالڪ آهِه مهربان

ٻيڙي لنگهائيندو ٻاجهه سان، ڪندو آگوئي احسان

ايندو محمد مصطفيٰ، ملهائيندو ميدان

آهِه سيد تي ايمان، جيڪو پار لنگهائيندو پاتشاهه [10]

 

9

صفت صاحب جي ڪجي، ٺاهِه وڏي ٺاهي

سيد مالڪ ساٿ جو، جيڪو آرياڻي [11] آهي

ڪامل ڏينهن قيام جي، ايندو ڪيچ ڌڻي ڪاهي

بديون بخشائي، نيندو ڪلمي جي قرار سان

 

10

مندان آيون، مندان پُنيون[12]، ڪيو تهدل تياري

ايندو زور زمين کي، اڳتئون اوندهه انڌاري

ڪندو سوال سيد کي، شل ڏيندو ڪلمي سان ياري

اڳيؤن باغ بهاريون، کليا گل گلزاري

ايندو شاهه شريع [13] تي، پوندو هنڌ هزاري

ڏيندم دلئون دلداري، بهڳڻ [14] هن ٻڍل کي

 

11

سجدا به سڀڪو ڪندو، مور مرگهه [15] ملاح

توڙي غوث، قطب هئا، شاني [16] ڪونهي شاهه

ڏسندس منهن محمد جو، ايندم تجلو نور نگاهه

روشنائي ٿيندم روح کي، سختيون لهندم ساهه

ٻڌي ٻڍل جي آهه، عالم سان احسان ڪندو

 

12

ڪڏهن مان پئي ڪوٺيو ابو، ڪڏهن ابو ڪوٺين ٿا مون کي ٻار

اها ڪل جوڙي ڪلتار، جو ٻڍل پنهنجو ابو پاڻ ٿيس.

 

سريمن ڪلياڻ

 

1

عشق جنهين سر آيو، ڏوڙا [17] تن ڏاجا

لنؤ لنؤ منجهه لبيڪ جي، لنؤ لڳن ڪاجا

سامي سٻاجها، وتن ڪيف [18] ڪڪوريا

 

2

عشق جنهين سر آيو، دل مدينو تن

ذڪر ذاتي ذوق جو، ٿا من ۾ ماتم ڪن

ڪعبي ڪين وڃن، آهِه جثو جامع [19] جن جو

 

3

عشق جنهين سر آيو، ڄاڻ تنهين ڄاتو

ٻاروچل ساڻ ٻڍل چوي، ٿا انباهن ناتو [20]

اٿن اوراتو [21]- راتيان ڏينهان روح ۾

 

4

عشق جنهين سر آيو، سهيتيائون سور

پڙهي تن پروڙيو، هي محبت جو مذڪور

تن کي ذوق ضرور- سوريءَ سِرُ ڏيڻو پيو [22]

 

5

عشق جنهين سر آيو، سي سک نه سمهن

الستي [23] آواز جي، ڪوڪ رکيائون ڪن [24]

جودئون جوڳيئڙن، سفر سجايو ڪيو

 

6

عشق جنهين سر آيو، نهوڙيا سي نينهن

محبت پرٽين من ۾، جيئن وسن ساوڻ مينهن

رويو راتيان ڏينهن، ڪن اوسارو عجيب لئي

 

7

عشق جنهين سر آيو، سي نانگا نت نون

صبر تن سبيل [25] ڪيو، ڪنهن کي ڪين چون

اها لات لَنون، جيڪا ٻولي ٻاروچل جي

 

8

عشق جنهين سر آيو، سي جهليا ڪين رهن

هيري لعل جواهر جو ٿا، سوجهي سُر لهن

ٻولي ٻي نه ڪن، سواءِ ٻاروچل جي

 

9

عشق جنهين سر آيو، جهولي جهليائُون

سرديون گرميون ساهه تي، سڀيئي سٺائُون

تنهن تڙ تاتان نگهيائُون[26]، جنهن تڙ عالم آسرو

 

10

عشق جنهين سر آيو، سختيون سٺائُون

سڀ جفائون[27] جيءَ تي، محڪم [28] مَنيائُون [29]

طمع ترڪ ڪيائون، راهه ورتائُون رب جي

 

11

عشق جنهين سر آيو، سي ڪُٺا ڪين ڪڇن

سوريءَ سندي سر کان، غازي ڪين گُسن

اُهي پر پڇن، سر جنهين جا سٽ ۾

 

12

عشق جنهين سر آيو، سي ڪيئَن سور سلن

آگ سندي آڙاهه ۾، پيا جوڳي جُنگ جَلن

پورو ڪين پڇن، ڏين لاهي لحم [30] لڱن تون [31]

 

13

عشق جنهين سر آيو، وڏا طالع [32] تن

گوشي ويهي گودڙيا، گُر جي گويا [33] ڪن

عادت آديسن، سوڀارن سڦري [34] ڪئي

 

14

عشق جنهين سر آيو، مهڻا تن مرڪ

ڪڇن ڪنهن سان ڪينڪي، آهن گوشي منجهه غرق[35]

وحدت جو ورق، پڙهي تن پروڙيو

 

15

عشق جنهين سر آيو، مشائخي [36] نه مرڪ

نڪي گهوڙا لشڪر پاڻ سان، کڻن ڪونه خرچ

غازي هن غرق، وحدت جي واديءَ ۾

 

16

عشق جنهين سر آيو، نانگا ٿيا نهال [37]

ڪري ترڪ ترڪو، پنهنجون مڏيون گهورن مال

هيڻو ڪري حال، وڃي پهتا پرين کي

 

17

عشق جنهين سر آيو، سي نانگا ٿيا نروار

گر ڏي هليا گودڙيا، تهدل ٿي تڪرار

الستي اقرار، وڃي پاڙيائون پرينءَ سان

 

18

عشق جنهين سر آيو، سي نه طلبن سک

ٻاروچل جي ٻڍل چوي، لڳن لنوءَ لنوءَ اندر لک

ڏولاوا ۽ ڏک، سامين کنيا سر تي

 

19

عشق جنهين سر آيو، سي درد ڪيا دلگير

کائن ڪين خوشيءَ مؤن، هن فاقا [38] منجهه فقير

تن کي محمد مير، اچي هاديءَ ڏنا هٿڙا [39]

20

عشق جنهين سر آيو، سي سامي سڀاڳا

مروڙي تن مور ڪيا، دُئيءَ [40] جا ڌاڳا

لوڪ سندا لاڳا، لاهوتن لاهي ڇڏيا

 

21

عشق جنهين سر آيو، سي ڍونڍيندا سير [41]

جانيءَ ڪڻ جبل ۾، پٿون ڪيائون پير

من مؤن ڪڍي مير، وڃي هيڪڙائي ۾ هڪ ٿيا

 

22

عشق جنهين سر آيو، سي ڪوري ڏين ڪنڌ

هليا هيئين سين هوت ڏي، ويا پروڙي پنڌ

تهدل ڪتي تند، آتڻ تن اجاريو

 

23

عشق جنهين سر آيو، تن جي ڳالهه ڪيان ڪيهي

وحدت منجهه وڪوڙجي، تن دور ڪئي ديهي [42]

پاڻ منجهه پيهي، وڃي ذات گڏي ذات سان


 

24

عشق جنهين سر آيو، سي ڄاڻ ويا ڄاڻي

موليٰ جي محبت جي، موج تن ماڻي

صحيح سڃاڻي، راهه ورتائون رب جي

 

25

عشق جنهين سر آيو، ويا دونهان [43] دُکايون

ماري من مٽي ڪري، ويا سر کي سجهايون

پاڻ منجهان پايون، ويا مشاهدو [44] محبوب جو

 

26

عشق جنهين سر آيو، خودي [45] کاڌائون

وحدت جي درياهه مان، پيالا پيتائُون

ڳولي لڌائون، پريان سندو پيچرو

 

27

عشق جنهين سر آيو، لڳو تنين لاڳ

پِهي ڪَت پريت مؤن، اُٿي جوڳي جاڳ

اٿي ننڊ نڀاڳ، ڪي پوءِ هڻندين هٿڙا [46]

 

28

عشق جنهين سر آيو، پيا جاڳن وقت وڏي

وحدت منجهه وڪوڙجي، ويا پر ۾ پاڻ گڏي

سامين سک ڇڏي، سور کنيا ها سر تي

 

29

عشق جنهين سر آيو، تن ڪيا سرن سندا ساٽا

ڪاهي ڪلالين آيا، چکيا تن چاٽا

پيتائون پرين مؤن، گهٽ منجهان گهاٽا

پوءِ ڳت ڏيئي ڳاٽا، ويچارن وڍائيا

 

30

عشق جنهين سر آيو، تن صاف چکي سرڪي

ڪاهي ڪلالين آيا، مٽن تي مُرڪي

پوءِ سُرڪيءَ لئه سِرڪي، تن ڪوپن [47] ڪنڌ ڪپايا

 

31

عشق جنهين سر آيو، سي سر سينگاري ڏين

سوريءَ سندي سرکؤن، تر نٿا ترسن

پوءِ ڪنڌ ڪپايو ڏين، محبت جي ميدان ۾

 

32

عشق جنهين سر آيو، پيا الف سان اورين

اُٿي اسر ويل جو، پيا چرخي کي چورين

پوءِ سدائين سورين، سامي سڳا سور جا

 

33

عشق جنهين سر آيو، تن ووڙي ڪيو وَسُ

پريان سندي پار جو، لڌو گاروڙين [48] گسُ

قلبي لاهي ڪَسُ، ويا رمندا رام [49] ڏي

 

34

عشق جنهين سر آيو، سي پيا مرد مري

اندر آڙاه عشق جو، وين مچ ٻري

کولي دل دري، ويا ڪهندا ڪابول ڏي

 

35

عشق جنهين سر آيو، لڳي تن لوري

اٺئي پهر عجيب جي، اٿن جيءَ اندر جهوري [50]

ڏکن جي ڏوري، ٻڌي ٻاروچو ويو

 

36

عشق جنهين سر آيو، سي نينهن ڪيا نانگا

سڀ سٺائون سر تي، گلا جا گهانگها [51]

پوءِ لاهوتي لانگها، لحظي ۾ لنگهي ويا

 

37

عشق جنهين سر آيو، ويا خودي ماري خان

انهن جي اسرار جي، آهِه ڪل ڪنهن کي ڪانه

پوءِ سورن جا سامان، سامين کنيان سر تي

 

38

عشق جنهين سر آيو، سي سامي ڪين سُمهنِ

اَٺئي پهر عجيب لئي، پيا لاهوتي لُڇنِ

ڪنهن سان ڪين ڪُڇنِ، جو مزو چکيائون ماٺِ جو

 

39

عشق جنهين سر آيو، ڀولو [52] ڀڳائُون

ٻيائيءَ [53] جا ٻڍل چوي، ورق واريائُون

پر سان پاڙيائون، قالو بليٰ جي قول کي

 

40

عشق جنهين سر آيو، پر ۾ سي پوتا

غازين پردا غير جا، درس [54] کڻي ڌوتا

جي چاڙهيائون چوتا، سي لنگ لاٿائون ڪينڪي

41

عشق جنهين سر آيو، سي فاني ٿين فقير

ويل وسارين ڪينڪي، سامي سرت [55] سڌير

تن کي محمد مير، اچي وٽيون ڏنيون وحدت جون.

 

42

عشق جنهين سر آيو، تنين ڄاتو ڄاڻ

سڪ ٻڌائون سندرو، سور کنيائون ساڻ

ويراڳين [56] وٿاڻ سوجهي سر سهي ڪيو.

 

43

عشق جنهن سر آيو، وڌائون محبت من

ان الله مَعَ الصابِرين [57]، تڪيو ڪيائون تن

ٻيائي ڏيئي ٻن، وڃي هاديءَ سان هڪ ٿيا

 

44

عشق جنهين سر آيو، سي نانگا ڪين لڪن

موتوا قبل [58] من ۾، مري مرد جيئَن

سي سدا خوش هجن، جن نظر ناتو [59] نينهن سان


 

 

 

سر سسئي

 

1

لايِلافِ [60] پڙهي، هيءَ اُسري الاهر [61]

ڦولينديس فقيرياڻي ٿي، ساري اَلَم [62] تَرَ

هِن کي پنهون ميل پرور، ٻاروچو ٻڍل چوي

 

2

سنجرندي [63] سورن جي، پهريائين پوشاڪ

جان ساماڻي سسئي، چڪي پيئڙس چاڪ [64]

بره هڻي بيتاب ڪئي، ڪيس ڦيري ڦٽ فراق

دل ڦاڙيون دانهون ڪري، پيا اُڀ ڏرن افلاڪ [65]

پرور ڌڻي پاڪ، هن کي ميل ٻاروچل ٻڍو چوي.

 

3

صبح جاڳي سسئي، هو سنجهي ويا سرڪي

لڳس ٻاڻ ٻروچ جو، وئي جهوريءَ ۾ جهرڪي

سا پئي پٽيءَ تي ڪري، ڍول بنا ڍُرڪي

سورن جي سُرڪي، پيتائين ٻنڌڻن ۾ ٻڍو چوي.

 

4

سور مڙيئي سور، پر سور نه سلڻ جهڙا

مون کي تنهن محبوب جا، پل پل پون پور

گهائي وڌو گهور، ٻاروچل جي ٻڍل چئي.

 

ستن ڏينهن جو بيان

1

ڇنڊي ڇنڇر ڏينهن کي، وينگس ڇوڙيا وار

سڏي ۽ سڏڪا ڀري، پر لئه ڪڍي پار

پٽي روئي پنڌ ۾، ڀوري [66] لئه ڀوتار

سونهارا سردار، هن کي ڪاهي ڪيچ رسائين

 

2

اُٿي آچر ڏينهن کي، ٿي منجهان خيال کڙي

هوت نه ڏٺائين هنڌ تي، هيس جنهن سان جيءَ جڙي

قل هو الله[67] ڪهي ڪري، هن ساري سٽ پڙهي

اوري ڪين اڙي[68]، وئي ڪهندي ڪيچ ڌڻيءَ ڏي.

3

سنبري سومر ڏينهن کي، ڪيائين گهور گهڻي

بيٺي ڪين ڀنڀور ۾، هلي هيڪل هڪ ڄڻي

هن کي ڦٽ فراق جي، ڪيو حيران هڻي

رضا مڃيائين رب جي، جيڪا واحد کي وڻي

ميڙين شال ڌڻي، هن کي ٻاروچل ٻڍو چوي

 

4

سڪ ڏنا هيس ساهه کي، اڱاري اڌ ماٽ

جارئون[69] جاڳي جل ڪري، هلي ور لئه وٺي واٽ

هڪڙو جهولو جهنگ ۾، ٻي اُڃَ اُتي اُساٽ

پتوڙي پيرن سان، ڪيائين جبل هڪڙي جهاٽ

لس لنگهي پئي لاٽ، ڏولاوا ڏونگر جا.

 

5

اٿي اربع ڏينهن کي، ڪيائين سچي دل سان سوال

جاني ريءَ جهان ۾ مون کي جيئڻ آهه جنجال

ڏينديس باهه ڀنڀور کي، وينديس مڏيون ساڙي مال

معلوم توکي مصطفيٰ [70]، هن هيڻيءَ سندو حال

ڪر ڀلايون ڀال، مدايون [71] ميٽي ڌڻي

 

6

ٿي کڙي ڏينهن خميس جي، ٿيس البت روح اداس

ريءَ قريبن ڪانه هجي، توڙي پلنگين لائي پاس

ڌاريءَ سندو دل ۾، ڪونه ڪيائون قياس [72]

هاڻ ڪاهينديس ڪيچ ڏي، توڙي مرون کائنِ ماس

سندو لوڪ لباس، وڻي ڪين وجود کي.

 

7

ڏيئي جذبو جمعي ڏينهن کي، نرتئُون[73] هلي نار [74]

سا ويهي وِرمي [75] ڪينڪي، اچيس ڪين قرار [76]

ساڻ صفائي ساهه جي، هن کي بر ٿيو بازار

لڳس ٻاڻُ ٻروچ جو، پيس جيءُ جثي ۾ جار

ڪامڻ سا ڪنوار، ٿي رواني روهه[77] ڏي

 

سر سسئي جا ٽيهه ڏينهن

1

هن کؤن رات رسي ويا، ڪري ڏير ڏمر

سا پهرين ڏينهن پنڌ پئي، ٻڌي سڪ سمر [78]

ريلا روئي رت جا، ڪيائين پاڻي سڀ پٿر

ڪڏندي وڃي ڪيچ ڏي، لايون ڌم ڌچر

وينگس پنهنجو وَر، آءٌ ووڙينديس وڻڪار [79] ۾

 

2

ٻئي ڏينهن ٻاروچل ڏي، گهمندي ڪيائين گهور

ڏير ڏک ڏئي ويا، ماري تنهن مذڪور

ڪيائين عشق بورائو [80] اڳ ۾، ساڻ کنيائين سور

سڪ سانول يار جي، ڪيس اندر منجهه انگور

ٿيءُ راضي رب غفور، مون کي پنهون ميلج پنڌ ۾

 

3

ٽئين ڏينهن روئي رت جا، ٿي نيڻين وهائي نار

سا بيبي [81] وتي بر ۾، سڏ ڪيون سڏڪار

ڳاڙهو رائو [82] روه ۾، ٿو وسيو ڪري وسڪار

چوٽو چوڙيليءَ جو، لر ۾ لڙيس وار [83]

دوست پرين دلدار، هن تي ڪر ڪا ٻاجهه ٻڍو چوي.

 

4

چڙهي چوٿين ڏينهن کي، ڏسي ڏونگر جا ڏاڪا

پنڌ اڻاوا [84] پٽيون، جبل کي جهاڪا

آڌيءَ رات اُٿي ويا، بار ٻَڌي بانڪا [85]

جنهن سان لعل لهي وٺان، سرتيون سڌ ڏيو ساڪا

ڪوڪ منهنجي ڪاڪا، مَن ٻاروچو ٻڌي اچي

 

5

اچي رسيس روهه ۾، پنجين ڏينهن ڪو پَهه

تنهن تان پٽي وار پڻي[86] ڪيا، ڪونه ڇڏيائين ڳُهه

عشق آري ڄام جي، ڪئي محبت ۾ مَح [87]

جيڪي لکيو لوح [88] قلم ۾، سو ساهه برابر سَهُه

روح! رضا ۾ رَهه، ته مليئي ٻاروچو ٻڍل چوي

 

6

ڇهين ڏينهن ڇڻي پيس، موٽي ڳوڙها مٿي ڳل

سا هلي هوت[89] بلوچ ڏي، پلي نه ڪنهن جي پل

عشق آري ڄام جي، ڪيس ريءَ سيراهي سَل

اچي جاڳيس جيءَ ۾، جوراڻا [90] ۽ جَل

هڪڙيءَ ساڻ هڪل، پئي پهڻ کي پرزا ڪري

7

جادو لڳس جان ۾، ثابت ستين ڏينهن

سورن شاخون ڪڍيون، نسري بيٺس نينهن

اچي اُلٽيس آب اکين مان، جيئن برسي سانوڻ مينهن

هن تي شوق چڙهي ٿيو شينهن، باري برهه بلوچ جو

 

8

اٺين ڏينهن آهون [91] ڪيون، ٿي سڀ نهاري سير

پہ ڪيون پڇندي وتي، گهر گهٽيون گهٽ گهير

جانيءَ ڪاڻ جبل ۾، پٿون [92] ڪنديس پير

ڏمر ڪري ويا ڏير، وٺي گل غريب جو

 

9

نائين ڏينهن نينگر جو، اچي جهوريءَ پيڙم جيءُ

عشق اڻانگو اديون، رکي نه ڪنهن جو ريءُ [93]

نڪا سهيلي ساڻ هيم، نڪو ماءُ نه پيءُ

پرورش ڪندم پنڌ ۾، قادر رب قويءُ [94]

ساهَ! صبر ۾ ٿيءُ، ته ملئي ٻاروچل ٻڍل چوي

 

10.

ڏهين ڏينهن ڏکن جا، ورق کلي پيس واه

سا پڙهي پروڙي پاڻ ۾، اندر منجهه آڙاه

رمندي وڃي رهه مؤن، ڪيون ڪستئون [95] ڪاه

گهوريان گهر پنهل تؤن، هي مڏيون مال [96] متاع

حاضر حضرت شاهه، هن تي ڪر ڪا ٻاجهه ٻڍل چوي

 

11

يارهين ڏينهن يقين سان، ڪيو ويچاريءَ وارو

اچي پرٽي پنڌ ۾، نار هڻي نعرو

جاتي سنگتي نه هيس سڃ ۾، اُتي ڏنس ڏکن ڏيکارو

سورن لاتس ساهه ۾، اچي اُتي ڏنس ڏکن ڏيکارو

سورن لاتس ساهه ۾، اچي دهه دهه[97] دهڪارو

هيءُ سر سڄو سارو، آءٌ به رتيون[98] ڪنديس روهه ۾

 

12

ٻارهين ڏينهن ٻروچ جو، اچي ٻيهر لڳس ٻاڻ[99]

نڪو پاڻي پنڌ ۾، نڪو سمر کنيائين ساڻ

وري ور وسائيندو، هن ڀوريءَ سندو ڀاڻ

جيئن بجلي باران ۾، تيئن ڀريس محبت ماڻ

اڳ نه ڄاتم ڄاڻ، ته ڪو پوندم ڦٽ فراق جو

 

13

تيرهين ڏينهن تڪڙي، هلي رضا مڃي رحمان

اچي رسج روهه ۾، تون سولي ڪج سبحان

سا پڙهي حمد حبيب لئه، زاري ساڻ زبان

ترهو توڪل جو ٻڌي، ووڙي لهندي سانِ

دل مقابل دان، ٿو هادي هر ڪنهن کي ڏئي

 

14

چوڏهين ڏينهن تان چاڪ چڪي پيس، هلي روڄ ٻڌي راڙو

ڏير ڏکي کي ڏک ڏيئي، ڪيائون ڌوٻڻ [100] سان ڌاڙو

عقل مت کسي ويس، اتهين ڪيس عشق اگهاڙو

سورن پٽيندي سڃ ۾، سرتيون تن سڪي ٿيس تاڙو

جانيءَ کؤن پاڙو، شل جيئري جدا نه ٿئي

 

15

پنڌرهين ڏينهن پرينءَ جا، روئي نهاري رند

خان پنهل جي ڳڻتيءَ ڳاري، سڪ ورتا هيس سنڌ

جهوري جيءُ جهونو ڪيس، جهوري بره وڌا هيس بند

پاڻ هنيون ٿي پٽ تي، سا روئي هئي هئي ڏسيو هنڌ

پنهل خاطر پنڌ، مان ڪنديس ڪشالا ڪيچ ڏي

 

16

سورهين ڏينهن سڄڻ جا، سرتيون چڪي پيڙس چاڪ

سا ڇڏي پيڪا پنهنجا، هلي هيڪل هڻي هاڪ

پنهل جي پيزار [101] جي، آءٌ کڻي چمنديس خاڪ

جهٽڪي ساڻ جبل کي، ڪنديس تاڙيون تڪا طاق

پرور ڌڻي پاڪ، هن کي ميلين ٻاروچل ٻڍل چوي

 

17

سترهين ڏينهن سڄڻ جو، سرتيون باري آيس بار

رڻ ڪاري تنهن روه ۾، ٿي روئي زارئون زار

هو ته آڌيءَ رات اُٿي ويا، هن جاڳي ڪيو جار

ڪرها [102] ڪاهي ڪيچ ڏي، ٿيا تنهين ويل تيار

منهنجا سڏ سڻي سردار، شل ڪندو ٻاجهه ٻڍل چوي

 

18

ارڙهين ڏينهن اٿڻ سان، ڪيائين سورن سان صلاح

دل ۾ ڳڻي ڳالهڙي، چلي منجهارون چاه

اِجهو ٿي اُٺن کي پُڄان، رمي ورتائين راه

ور خاطر وڻڪار ۾، وجهنديس ڏيهن ۾ ڪا ڏاه[103]

هن ويچاريءَ جي واه [104]، اچي ڪندو محمد ڪارڻي

 

19

اڻويهين ڏينهن عشق ڪيس، اچي ناز نوان

جيئن ڄمي وڻ واڪو ڪري، تيئن ٿيس اُڀري سور سوان

پنهل جو پرديس ۾، مان ڪنهن کي حال چوان

هينئڙي ٻولي حق جي، مان ٻي نه لات لنوان

شال قبول پوان، وڃي ديري دوست جي

 

20

ويهين ڏينهن ويڙهي ويس، تن ۾ سڪ تمام

سور وڃايس سرتيون، اکين جو آرام

ڪڏندي وڃي ڪيچ ڏي، هل ڪيون هاگام [105]

اچي پيو اڻ ڄاڻ کي، ديدن سندو دام [106]

ازل کؤن آجام[107]، آهه منهنجو ٻول ٻروچ سان

 

21

ايڪوهين ڏينهن عشق امارو[108] ڪري، ويس چوٽيءَ ڀر چڙهي

ويڙهي واسينگن جان ڪئي، هئي خيال کڙي

ٻڌي ٻاروچو ويس، اندر جيءُ جڙي

پيس نازڪ ڌاڳو نينهن جو، قابو منڌ ڪڙي

جنهن جي دل اڙي، سا ڪندي ڪشالا ڪيچ ڏي

 

22

ٻاويهين ڏينهن ٻروچ جي، من لڳس ميخ

ساڙي ساهه مُئيءَ جو، سور ڏنا هيس سيڪ

عشق آريءَ ڄام جي، ڏنس روح اندر ريک [109]

تنهن کي ڪاف جهليندا ڪينڪي، آه جنهن جي نظر نيڪ

جيڪو لکيو منجهه ليک[110]، سا هرڪا پاڙي پانهنجو

 

23

ٽمڪيس ٽيوهين ڏينهن تي، اچي درد سندا دونهان

اچي سنگتي سڃ ۾، سور ٿيس سونهان

جنهن جا عضوا عشق اُليڙيا[111]، ٿيس ڦٽن جون ڦوهان

لنؤ لنؤ ۾ لوهان، مون کي آهن اديون آريءَ ڄام جون

 

24

چمڪي چويهين ڏينهن کي، ڪيو شمع شعاع

ڏڪي سڀ ڏونگر ويو، پيو پکين ۾ پڙلاءُ

دانهون ٻڌي دهليو وڃي، ٿو جبل جلدي جاءُ

عشق جي اليل[112] جو، جنهن کي آيو گهاءُ

ڪل نه ٻئي کي ڪا، جن لڳو تن لِکيو [113]

 

25

پرٽيس پنجويهن ڏينهن کي، اچي پريان جو پور

محبت وڌي معاملي، هئي چوٽيءَ تائين چور

وڃڻ پريان جي پار ڏي، مون کي آهي ذوق ضرور

دل ڦاسائي دام وجهي، ڪيو ڪوهياري ته ڪلور

هاڻي محب ڪندو منظور، هي دانهون درد ونديءَ جون

 

26

ڇويهين ڏينهن ڇپر[114] ۾، ڪري پئي ڪامڻ[115] ڪو ڪارا

وڌي رمز رتيون ڪري، پئي نار هڻي نعرا

پنهل پيچ وجهي ويس، اڏي اندر اوتارا

رمندي وڃي رات کي، هيءَ تڪيندي تارا

سڄن سوڀارا، مون کي ڏي ڍوليا پاند ڍڪ جو

 

27

سرڪي ستاويهين ڏينهن کي، هن کي جاڳيا سور سڀر[116]

راضي ٿيندو روح ۾، ايندو سوال سڻي سرور

ٻڌي عرض ٻڍل چوي، ايندو دم تنهين دلبر

جڏهين وارو ڏيندو ور، تڏهن آءُ به سُنهنديس سرتين وچ ۾

 

28

اٺاويهين ڏينهن اندر مؤن، آيس درد سنديون دانهون

پنهل جا پرديس ۾، ٿي رند ڏسي راهون

پئي دعا گهري درگاهه مؤن، هٿ ٻڌي ٻانهون

هن اجهل[117] جون آهون، من ٻڌي ٻاروچو ٻاجهه ڪري

 

29

اڻٽيهين ڏينهن عورت، ڪري اُسري الاتوهار

ڪر کنيائين ڪيچ ڏي، موڙي منڌ ميهار

مرون انهيءَ ماڳ تي، مليس هاڙهي [118] منجهه هزار

جاتي بگهڙ، باندر، ڀولا، بڇڙا بيحد بيشمار

روجهه، ممان تنهن روه ۾، پيا اُٿي ڪن الغار

سره بلائون سڃ ۾، اچن ڪڏ ڪيون ڪٽڪار

ڦرن چراغ چريا ٿيا، ڪارڻ قوت قرار

جاتي چيتا، ڪيهر ڪيترا، ڪن گوڙيون ۽ گجڪار

گونئر جاتي گورخر، ويس ويڙهي منجهه ولهار

وڇون، نانگ لئن تي، ٻيو ڀؤ ٻُجهي ڀُلڪار

جڏهن سولي ڪيس سردار، تڏهن سڀيئي لڪ لنگهي ويئي

 

30

ٽُلي ٽيهين ڏينهن کي، هلي ڪام ڪهي

وحده لاشريڪ لہ[119]، ڪيائين سوجهي سٽ سهي

هيس سچائي ساه ۾، سا رڻ ۾ ڪين رهي

آئي لعل لهي، برڪت ڪلمي پاڪ جي.

 

سرتين جي سمجهاڻي

سرتين سسئي کي چيو، حال ويهي هڪ جاءِ

هو ٿي روانا رات کي، لڏي لوءِ [120] وياءِ

تون جارئون جاڳينءَ ڪينڪي، صبح سڏ ڪياءِ

هاڻي ساه کڻي سمجهاءِ، ڇو مُٺي[121] پئي آهين معاملي

 

سرتين سسئيءَ کي چيو، ٻيهر ٻولائي

هو ٿيئي روانا رات کي، لاڳاپا لاهي

پوءِ ڪڍ تنهين ڪاهي، ڪامڻ پوندينءَ ڪيترو

 

سسئيءَ جو جواب

جي پنڌ پريان جي پار ڏي، ڪي قرب واريون ڪن

راتيان ڏيهان رمز سان، سک ٿي ڪين سمهن

ور جي وسارِن، آهه حيف تنهين جي حال کي

 

ڪانه چکي ٿوَ چاه مؤن، ڪا سرڪ سندي سورن

پيئو تان پڌر پئو، کامو منجهه کورن

ائين جرڪو جيءَ ۾، جيئن تؤ آهي تنورن

ڪا محبت ڪانهيو من، تيلاهون[122] ٿيون طعنا هڻو

 

سور جاڳي تان پوي، نه ته ڪيهي سڌر سور

جن کي لڳي جڙ جان ۾، وينديون سي وهلور[123]

جن کي گهايو گهور، اهي پٽينديون پر لئه

 

اهي پٽينديون پر لئه، جن کي لڳو ٻاڻ

ٻاروچل ٻڍل چوي، ويس ڪُهي ڪاتيءَ ساڻ

پنهنجو[124] وڃائي پاڻ، ڪيائون حاصل صورت حق جي

 

ڪيائون حاصل صورت حق جي، ڇڏي خودي ٿيا خان

پاڻ وڃائي پر لئه، ملهايائون ميدان

سر نيزي نشان، اچي پهريون ڌريائون پڙ ۾

 

سر سورٺ

 

1

ماڙيءَ آيس منگتو [125] ويل تنهين وينجهار

تنين سالڪ ٻڌو ساز کي، جهاين جو جنسار

ساز ٺاهي، سر ڪڍي، ڪيائين تند تنوار

گز هنيائين گرنار ۾، جنهن جو ڏور پيو ڏهڪار [126]

اتي راءِ ڏياچ کي، پيو ديهيءَ ۾ دهڪار

تنهن کي ٻڌڻ سان ٻڍل چوي، ويوس کيپ چڙهي خمار[127]

ته اڳ نه آيو اهڙو، ڪو مون وٽ مڱڻهار

جنهن چوري چت چريو ڪيو، پيو جيءَ جثي ۾ جار

هن به ڪپي سو ڪاپار [128]- ڏنو موٽي مڱڻهار کي

 

2

ماڙيءَ آيس منگتو، رمي ڪنهين رات

سو سوال گهريائين رب کؤن، ويهي پنهنجي وات

ته مهت [129] لهي موٽي وڃان، تون ڏاتر ڏيارين ڏات

سو ساز کنيائين سڦرو، سچيءَ سڪ صفات

اتي هُو هُو[130] ٻولي حق جي، اها تندن اٿاري تات

سا ٻاجهاريءَ ٻڍل چوي، پيس لنؤُ لنؤُن اندر لات

پوءِ ڪنڌ ڪپي ساڻ ڪات، ڏنو موٽي مڱڻهار کي

 

3

ماڙيءَ هيٺيؤن منگتي، اچي ڀنڊي [131] ٻڌي ڀَٽُ [132]

سو هن به مايا مال جا، کڻي ڪيس حوالي هَٽِ

ٻيجل [133] ٻولائي چيو، ته آءٌ مور نه ڪندس مَٽ

جو سوالي آهيان سر جو، جهڙپي نيندس جهٽ

تاءُ ڏنائين تند کي، وري چاڙهي وَٽ

هن کي تارن تن ۾، ڪيا فراقي ڦَٽ

تئين تندن تاڻ ڪيس، جيئن سٽياڻيءَ جي سَٽ

پوءِ خان لهي تؤن کٽ، کڻي قابل ڪنڌ نوائيو

 

4

ماڙيءَ آيس منگتو، هل ڪري هولي

تنهن سالڪ وڄائي ساز ۾، ڪا ٻاجهاري ٻولي

هن کي راحت راڳ مؤن، آئي لنؤَ لنؤَ ۾ لولي

پوءِ گهوٽ کڻي گهولي[134]، سسي ساهه صدقي ڪئي

5

ماڙيءَ آيس منگتو، ڪري پراهون پنڌ

تنهن وڄائي وقوف [135] سان، تهدل [136] ويهي تند

گز هنيائين گرنار ۾، سوجهي [137] لهي سنڌ

پوءِ هن به ڪپي کڻي ڪنڌ، ڏنو موٽي مڱڻهار کي

 

6

ماڙيءَ آيس منگتو، وري ڦيري واڳ

سالڪ ساز وڄائيو، مٿي تنهين ماڳ

اتي تندن تماشو ڪيو، اچي رم جهم لايس راڳ

جو لڳس ٻاڻ ٻڍو چوي، هن کي جودئون ٿي جاڳ

هو به هو سالڪ سمجهيو سُرجو، پيس دلڙي اندر داڳ[138]

پوءِ لکين گهوريو لاڳ، ٿو سر سوڌا صدقي ڪري.

 

سر سارنگ

 

1

اڄ پڻ اتر پار ڏئون، ڪڪر ڪئي ڪروڙ

ڇاٽ اٺي ڇمڪو ٿيو، ڪئي گاج گروڙ

تون پهچائيندين توڙ، ساٿ پنهنجو سيدا

 

2

اڄ پڻ اتر پار ڏئون، ٿيا ڪارا ڪڪر ڪير

اٺا مينهن پٽن تي، ٿيا ڳامون[139]، ڳم، ڳنڍير

کليو پياريندو کير، عالم کي انڙ چوي

 

3

اڄ پڻ اتر پاڻ ڏئون، ڪڍي ڪڪر ڪام

چڙهي هنباري [140] هليو، لڏي لونگن لام

اچي عربي ڄام، باندي ڇڏائج بند مون

 

4

اڄ پڻ اتر پار ڏئون، ٿيا ڪارا ڪڪر ميل

طبل وڄائي تڪڙا، پٽ ڪيائون پيل

سارنگ[141] چڙهيم سيج تي، کنيون ساز سويل

بگل باجا بئنسريون، ڪرنائيون ڪرنيل

وڻ ٽڻ انهيءَ ويل، ٻهڪڻ لڳا ٻڍل چوي

 

5

اڄ پڻ اتر پار ڏئون، ڪڍيا ڪڪرن ڪنات

سارنگ سنبري آيو، پهريائين پوشاڪ

کٿوري خوشبوءِ جي، ٿي وڻ مٿي واس [142]

سائين ڪيا سهاڳ، عالم تي انڙ چوي.

 

سر رامڪلي

 

1

جي ڀائين جوڳي ٿيان، ته چلي آءٌ چئوگان [143]

ساهي ٻڌج سر تي، سورن جو سامان

مري پَئُه ته مطلب ٿيئي، ائين فرمايو فرقان [144]

ٻي بولج ڪانه، بنا اسم الله جي

 

2

جي ڀائين جوڳي ٿيان، رک من مٺائي

ماري من مٽي ڪري، وڃ خوديءَ کي کائي

پوءِ سڄڻ سدائي، آهِه دلبر تنهنجي دل ۾

 

3

جي ڀائين جوڳي ٿيان، لنءُ سٻاجهي لات

پنهنجو پاڻ پري ڪري، ظاهر ڪر تون ذات

ويهي ڏينهان رات، اور تون الف سان

 

4

جي ڀائين جوڳي ٿيان، دل جي کول دري

دوئي جي ديوار کي، طالب هڻ تري [145]

ملامت جي مٿي تي، ڇڪي ٻڌ ڀري

پَئُه تون مرد مري، محبت جي ميدان

 

5

جي ڀائين جوڳي ٿيان، ڪر ڌڙ سسيءَ کؤن ڌار

راتيان ڏينهان رب کي، ڪر پلپل جي پڪار

هُو [146] جو حرف هٿ ڪري، ڪر لنؤَ لنؤَ ۾ لغار [147]

الستي [148] اقرار، وڃي پاڙج پرينءَ سان

 

6

جي ڀائين جوڳي ٿيان، دؤڙي وٺج دڳ

هو جو رازق رحيم آ، تار تنهن جي تڳ

عربي احمد ڄام جو، صحيح سڏائج سڳ

پٺي [149] تنهنجي لڳ، جو اگهاڙن انعام ڏي

 

7

جي ڀائين جوڳي ٿيان، ته بار ملامت جا کَڻ

کپائي خودي جو، وڍي ڇڏجانءِ وَڻ

پيهي وڃ پاتار ۾، ڄايو ناهين ڄَڻ

پوءِ نانگا نعرو هَڻ، ظاهر ذات صفات ۾

 

8

جي ڀائين جوڳي ٿيان، ويهه محبت پائي من

فاذڪروني اذڪر ڪم [150]، ائين اُتو [151]، عجيبن

وٽيون وحدت جون ڀري، ڏوڙا [152] ڏاڻ ڏين

ڏهاڙي ڏسڻ جون، پيون اکيون عيدان ڪن

ٻي ٻولي ڏيئي ٻن، ويهي اور الف سان

 

9

جي ڀائين جوڳي ٿيان، ته سامي سک صبر

ڪڍي ڇڏ قلوب مان، ڪينو ۽ ڪبر [153]

محبت جي ميدان ۾، گهور ڪري تون گهر

جڏين صدقو ڪرين سر، تڏين پسين پرکي

 

10

جي ڀائين جوڳي ٿيان، ته صفا ڪر سينو

دُرس [154] ڪڍي ڇڏ دل مؤن، ڪبر ۽ ڪينو

دائم وسي ٿو دل ۾، رانجهن رنگينو

مَن مؤن مدينو، مري پئُه ته معلوم ٿيئي

11

جي ڀانئين جوڳي ٿيان، سسڪي ٿيءُ تون سوڪ

ائين پچائج پاڻ کي، جيئن ڪِرَ ۾ پچي ڪوڪ [155]

من اندر محبت جو، طالب! رکج طوق [156]

توڙي چريو چوي لوڪ، ته به مڙج نه منصور [157] جيئان

 

12

جي ڀائين جوڳي ٿيان، ته صحيح پاڻ سڌار

آڻيو آب اکين مؤن، جر جهجهو تون هار

ن اکيون قابو ڪري، ڪاڏهن ڪين نهار

ڪڇ پڇ ڪنهن سان ڪينڪي، گولو ٿي گذار

ته دوساڻي درٻار، داد لهين تون دل تي

 

13

جي ڀائين جوڳي ٿيان، ته ڪڍ قلبئون ڪاڻ [158]

روح پنهنجي رب سان، وحدت ۾ تون واڻ [159]

اندر کي اجرو ڪري، مَن ۾ مؤَجون ماڻ

رک تن سان روح رهاڻ، جيڪي واقف انهيءَ واٽ جا


 

14

جي ڀائين جوڳي ٿيان، ته پڙهه بره سندو باب

وڄائج وحدت سين، اندر روح رباب

لاهي سانگا ساهه جا، ڪُسي ٿيءُ ڪباب

اَٿي عين ثواب، سر ڏيڻ انهيءَ سوز ۾

 

15

جي ڀائين جوڳي ٿيان، ته سک رندن واري ريت

جنهن سان پسين پرکي، اها ناميان [160] سکج نيت

پيالو پيءُ پريت جو، پڪي ڪر پريت

ڪري مَنُ مسيت، پڙهه نمازان نينهن جون

 

16

جي ڀائين جوڳي ٿيان، ته اڏيءَ [161] تي تون آءٌ

سوريءَ سر سڌو ڪري، جهل گهور پريان جو گهاءُ

خوديءَ کي تون کاءُ، ته ملئي ٻاروچو ٻڍل چوي

 

17

جي ڀائين جوڳي ٿيان، رو روح نه ٻي در رول

ونحن اقرب [162] ويجهڙو، ڪوهيارو ٿي ڪول [163]

ماري مَن مٽي ڪري، ڳجهو ويهي ڳول

دل جون ديدان کول، اچئي بوءِ بهار جي

 

18

جي ڀائين جوڳي ٿيان، ته مري پاڻ ملهاءِ

سسي ڌڙ کان ڌار ڪري، ڪوپا [164] ڪنڌ ڪپاءِ

ٻاري باهه برهه جي، دل ۾ ڌود دُکاءِ

تن ۾ تاران لاءِ، ذڪرَ ذاتي ذوق جون


[1]. مالڪ، ڌڻي، سائين

[2]. قيامت، مصيبت

[3]. مشهور، ناليوارو، هاڪارو

[4]. نقصان، چِهَڪَ، زخم.

[5]. مالڪ، ڌڻي سائين

[6]. جبلن، ڏونگرن، ٽڪرن، ڏکئي پنڌن

[7]. ڍڪ، پرده پوشي، مهر، ٻاجهه

[8]. محمد ﷺ

[9]. ٿيءُ، پوءِ ٿي پيا (قول خدا)

[10]. بادشاهه

[11]. پنهل ڄام، حضرت محمد ﷺ

[12]. پوريون ٿيون، اُميدون راس پيون

[13]. شريعت مطابق، اسلامي قانون مطابق

[14]. گهڻن گڻن وارو، چڱن گڻن وارو، وينجهار.

[15]. ا هرڻ

[16]. ثاني، مٽ، برابر، مثل، شان وارو.

[17]. ٻيڻا گهڻا

[18]. نشو، خمار

[19]. جن جو اندر اونهو، وسيع من

[20]. واسطو، ڳانڍاپو

[21]. راڙو، ماتم، غم، ڏک، آفت

[22].ڇ- ن ۾= سوريءَ سڏ ڏيڻو پيو.

[23]. روز ميثاق جو آواز، ارواحن جو اقراري آواز.

[24]. د- ق ۾= ڪوڪ ڪيائون ڪن.

[25]. راهه، واٽ، هلت، دستور، گهڻو، جهجهو

[26]. اانگو هنڌ پار ڪرڻ

[27]. ظلم، ستم، انڌير، زيادتيون، ناانصافيون

[28]. مضبوط، پختو، جٽادار، پائدار

[29]. مڃيائون، قبول ڪيائون.

[30]. گوشت، ماس

[31]. ڇ- ن ۾= ڀورو ڪين بچن. ڏين لاهي لحم لڱن تون.

[32]. بخت، ڀاڳ، نصيب

[33]. گفتگو ڪن، ڳالهه ٻولهه ڪن

[34]. سٺي، فائدي وار، لائق

[35]. ڇ-ن ۾= ڪڇن ڪنهن سان ڪينڪي، هن گلا منجهه غرق.

[36]. شيخي، بزرگي، درويشي

[37]. خوش، سرهو، شاداب، تازا، توانه.

[38]. بک، لنگهڻ، مفلسي، غريبي

[39]. مدد ڪئي، سهائتا ڪئي، واهر يا حمايت ڪئي

[40]. ٻيائيءَ، نفاق، مَڪَرَ

[41]. رستو، پيچرو، سياحت، فقيري

[42]. بدن، جسم، تَن.

[43]. مچ مچايون، دل ۾ درد پيدا ڪيائون

[44]. نظارو، ڏيک، ديدار، درشن

[45]. وڏائي، تڪبر، هٺ

[46]. پڇتائيندي، افسوس ڪندين، ارمان ڪندين، پشيمان ٿيندين.

[47]. بهادرن، مانجهن، سرويچن

[48]. جهاڙ وجهندڙ فقيرن، مانڊا، نانگ پاليندڙن، آديسن، جوڳين

[49]. اوتار، شري رامچندر

[50]. ڳڻتي، ڳاراڻو، فڪر.

[51]. خواريون، ذلتون، بدناميون

[52]. ڳڻتيون لاٿائون، وهم ختم ڪيائون

[53]. جا ٻڍل چوي، ورق واريائُون

پر سان پاڙيائون، قالو بليٰ جي قول کي

[54]. صحيح، سلامت، درست

[55]. سمجهه، عقل.

[56] . تارڪن، سناسين، فقيرن، جوڳين

[57]. بيشڪ الله صبر ڪندڙن سان گڏ آهي. (قرآن)

[58]. موت کان اڳ ۾ مرڻ

[59]. واسطو، تعلق.

[60]. سورت جو نالو: چونڊيو ويو، الفت ڏياري ويئي

[61]. الله جي آڌر، الله جي آسري

[62]. سورت جو نالو

[63]. ڄمندي ئي

[64]. ڦٽ، زخم، سور، گهاءُ

[65]. فلڪ جو جمع، آسمان، اڀ.

[66]. اڻڄاڻ، موڳي، اٻوجهه

[67]. چئه ته الله ذات ۽ صفات ۾ اڪيلو آهي. قرآن جي سورت جو نالو

[68]. اڙجي، ڀلي، ڦاسٿي،وڪڙ يا پيچ ۾ اٽڪي

[69]. عشق مان، شوق مان، سڪ مان، فڪر يا خيال مان.

[70]. برگزيدو، مقبول، چونڊيل احمد مجتبيٰ ﷺ

[71].  بديون بخشڻ

[72]. رحم، ڪهل

[73]. نظر کان، ڌيان سان، شوق مان، پيار مان

[74]. عورت، زال، ضاعفان

[75]. بيهي، ترسي، دم پٽي، رڪجي

[76]. ڇ- ن= سا ويهي وِرِ ۾ ڪينڪي...

[77]. جبل، ڏونگر.

[78]. سفر جو سامان، ٽپڙ، اسباب

[79]. وڻڻ جو جهڳٽو، وڻن جي ڇانءُ، لسٻيلي جي پاسي ڳوٺ کيرٿر جبل سان گڏ آهي

[80]. اڳواڻ، سونهون، رهبر

[81]. شريف عورت، خاتون، بيگم، سسئي

[82]. سنهي ريتي، واري، ڪڪري هوا ۾ اڏامندڙ مٽي.

[83]. د-ق- ن- لڙ ۾ لڙهيس وار.

[84]. ڏکيا، اهنجا، تڪليف وارا، سورن وارا، ضد سڻاوا

[85]. بهادر، مانجهي

[86]. مٽي يا خاڪ ۾ ملايا، ڌوڙ ۽ رئي ۾ گڏايا

[87]. محو، گم

[88]. لکيو، تقدير

[89]. پنهل، ڄام

[90]. زور وارا، طاقت وارا.

[91]. دانهون ڪيون، رڙِ ڪيون، روڄ ڪيو

[92]. پير ڦٽي ڇڏينديس

[93]. رياءَ، پاس خاطر، لحاظ، مروت، طرفداري

[94]. قوت وارو، طاقتور، مضبوط

[95]. جوش مان، زور مان

[96]. اسباب ۽ ناڻو، سامان ۽ روڪڙ، ڌن دولت

[97]. تيز ڌڙڪو

[98]. ذريون ذريون ڪرڻ، پرزا پرزا ڪرڻ.

[99]. تير يا ڪان لڳڻ

[100]. پريٽ، ڪپڙا ڌوئينڙ عورت، سسئي.

[101]. پيرن جي

[102]. اُٺ، ڏاگها

[103]. سڌ سماءُ، احوال، خبرچار، پتو

[104]. واهر، سنڀار

[105]. هنگاما، گوڙ، شور، هل، ڌمچر

[106]. ڦندو، رسو

[107]. انجام، واعدو، قول

[108]. تياري، سانباهو، سنبت

[109]. رهڙ، نشان، اهڃاڻ، چٽو

[110]. ڪرم، قسمت، تقدير، لکيو

[111]. اکيڙيا، لوڏيا، ڌوڏيا، ڍرا ڪيا.

[112]. محبت جي ڇڪ، عشق جي اڪير، گهاٽي پريت

[113]. سمجهيو، سڃاتو، محسوس ڪيو

[114]. جبل، روهه، ٽڪر

[115]. نار، عورت، سسئي

[116]. مضبوط، زور وارا، متارا.

[117]. اڻجهل، نه روڪڻ جهڙي، اڻ ٽر، اڻمڙندڙ

[118]. جبل جو نالو

[119]. هو اڪيلو آهي، هن سان ڪوبه شريڪ نه آهي.

[120]. جاءِ، هنڌ، ماڳ، مڪان

[121]. افسوس جو صيغو، اَڙي

[122]. تڏاهين، ان ڪري

[123]. حيران.

[124]. پنهنجو پاڻ کي فنا ڪري، پنهنجي نفس، انا، تڪبر ۽ هٺ کي ختم ڪري.

[125]. فقير، مڱڻهار

[126]. هراس، ڊپ، ڀؤ، ڏر، دهڪو

[127]. خمار چڙهي ويو

[128]. ڪنڌ، سر

[129]. عزت، مان، آبرو

[130]. خدا تعاليٰ، لَااِلہَ اِلاَ هو- هو- حق، قلبي ذڪر

[131]. پٺيان پوڻ، تائي کڻڻ، ضد ڪرڻ

[132]. فقير، پينو، منگتو

[133]. ڌاريو ٻار- جنهن راءِ ڏياچ جو سر وڍيو

[134]. گهوري، قربان ڪئي، نثار ڪئي

[135]. عقل، سمجهه، ادراڪ

[136]. دل وَ جان سان، پڪ، يقيني

[137]. سڌ سماءُ لهي، ڄاڻ لهي، سوچي سمجهي.

[138]. نسخي. د.ق ۾ هيٺين طرح آيل آهي.

هو به هو سالڪ سمجهو سورجو، جو پيس دل جا اُلڙي داڳ.

[139]. گاهن جا نالا

[140]. هاٿيءَ تي رکيل ڇٽ،پالڪي، ڏولي، ڪجائو

[141]. مينهن، برسات

[142]. نسخي د.ق ۾

کٿوري خوشبوءَ ٿي ڏي وڻ مٿي واڪ.

[143]. چوڪنڊو، دالان، اڱڻ، آڳرُ، پڌر

[144]. قرآن پاڪ.

[145]. هٿ جو ڌڪ هڻ، پري ڪَر.

[146]. خدا تعاليٰ، الا هُو، هو، حق

[147]. رڳ رڳ ۾ تات تنوار

[148]. روز اول وارو واعدو، اصل کان ڪيل اقرار

[149]. ڪڍ لڳ، پوئيان لڳ

[150]. پوءِ ياد ڪريو مون کي ته توهان کي به ياد ڪيو وڃي/ گُهر ته گهرانءِ

[151]. چيو، فرمايو

[152]. دهرا، ٻٽا

[153]. وڏائي، تڪبر، هَٺ

[154]. درست، صحيح، برابر

[155] . ڪڻڪ جي ٿلهي ماني جيڪا ڪِرَ ۾ پچي

[156] . ڳٽ، هار

[157] . مشهور صوفي درويش حسين بن منصور، جنهن ’اناالحق‘ جو نعرو هنيو

[158]. حاجت، غرض، محتاجي، پرواهه، آرزو

[159]. اُڻ، ڳنڍ ملاءِ

[160]. ناليوارا، ناميارا، هاڪارا، مشهور

[161]. گوشت وڍڻ لاءِ ڪاٺ جو ٽڪر، هت اشارو سر ڏئي سرهو ٿيءُ

[162]. مان (الله) توهان کي ساهه جي رڳ کان وڌيڪ ويجهو آهيان. (قرآن)

[163]. گڏ، ساڻ

[164]. بهادر، جونجهار، مانجهي مٿير مڙس.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org