سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: رسالو ٻڍل فقير رحه

صفحو :6

37

 

اَچ ڪاهي، سر لاهي، عشق الانبو [1] آهي

 

هيڻو ٿي هل هوت ڏي، خيال خوديءَ جا ڊاهي

 

جوڳي هليا جوءِ ڏي، سڪ جا سندرا [2] ساهي

 

منصور کي محبت ماريو، پاڻ چڙهيو هو ڦاهي

 

سرتيون ٻڍل کي سور جي، ڏور [3] وڌي آهه ڏاهي

 

38

 

جي سڃاڻين پاڻ کي، ساڳيو آن سلطان تون

عبد جو اولو [4] ڪري، آئين ٿي اِنسان تون

 

اَول نفي [5] ڪر نانءُ پنهنجو، پوءِ ڏسين اسرار تون

دل مدينو قلب ڪعبو، منجهه مڪو ملتان تون

 

غير وڃائي گم ٿي غازي، آهين نسورو نور تون

موج مستيءَ جي مچائي، ٿيءُ پچي پروان [6] تون

 

ڪيئن ڦاسايئي پاڻ کي، هن دنيا جي دام ۾

مڙس ٿي منصور جيان، ڪر سر نيزي[7] نشان تون

 

سر ٻڍل ساڳيو سڃاڻج، تو ۾ ظهورو ذات جو

اندر ٻاهر هؤ ئي ٻولي، آن دفتري[8] ديوان تون

 

39

 

سمهڻ نه ٿو ڏي سور، دردن ڌوڌ دکايو

 

راتيان ڏينهان روح منهنجي ۾، پل پل[9] پوي ٿو پور

ناچو نينهن نچايو

 

محبت تنهنجيءَ مست ڪيڙو، چاڪن ڪيو آهه چور

گهور[10] نينڻ جي گهايو

 

دل اندر ڪعبو قبلو، هر دم حج حضور

پرين پاڻ پسايو

 

شاهه علي جو شوق ٻڍل کي، محبت ۾ مخمور

جانب جام پلايو

 

40

 

کوليو نينهن نقاب [11]

عقل سڀ عشق اُڏاريو

 

رمزن واري راز سان، ڀڳو هوت حجاب

 

روز وڄي ٿو روح ۾، رڳ رڳ منجهه رباب [12]

 

قربن واري ڪات سان، هي ڪري ٿو ڪباب

 

اچي ڪڙڪيم اوچتو، بره جو بحري [13] عقاب

 

روز[14] ازل کؤن اصل ٻڍل کي، بره پڙهايو باب

 

41

 

آءٌ تون اڱڻ عيدان ڪيون، گڏ ٿي گذاريون ڪا گهڙي

 

گهوريان[15] ڏکن جا ڏينهن هي، جيءَ کي جدائيءَ جهوريو

روئندي گذاريم راتڙي، ڳوڙها پيم ڳل تي ڳڙي

 

هٿڙا کنيون هڪلان ڪريان، دلبر اوهان جي درد ۾

سڏڙا سڻي آءٌ تون سگهو، توسان منهنجي جيءَ[16] جي جڙي

 

ازل کؤن هيم عشق تنهنجو، ٻيون وايون‏[17] وسري ويون

هردم جسو جولان ۾، ويو ساهه سورن ۾ سڙي

 

مڃ هيءَ ٻڍل جي منٿ تون، دلبر پنهنجو ديدار ڏي

سر هي سسي صدقي ڪريان، مون وٽ اچو لحظو[18] لڙي

 

42

 

دل دلبر ويو ٿم کسي، انهيءَ ديدن واري دام سان

 

ونحن اقرب رڳ رڳ اندر، روز رانول [19] پيو رسي

اها پڪ اٿم پيغام [20] سان

 

وحدت ساڻ وڪوڙي دلڙي، هردم بيٺو ٿو هسي [21]

موهي محبت واريءَ مام سان

 

ڪجليون[22] قهري ڪيس ڪرن ٿيون، دانهن[23] دلاور[24] دسي

اها غازي گنوائن [25] گام سان

 

حاضر ناظر يار ٻڍل سان، ڳجهڙيون ڳالهيون ٿو ڏسي

سي ته ڪين سليندس[26] عام سان

 

43

 

رمز[27] رنديءَ جي راه

سالڪ سمجهن ٻيو ڪير ڄاڻي؟

 

صدقو يار سڄڻ تؤن، مڏي مال [28] متاع

 

دونهان درد دکايا، اندر منجهه آڙاهه

 

محبت جي ميدان ۾، ايندا ڪاهيون ڪاهه

 

دائم رکن ٿا دل ۾، ڏسن هرجا هڪ الله

 

ڪندو ٻاجهه ٻڍل چوي، شافع [29] محمد شاهه

 

44

 

موتوا قبل [30] واري مام

جي سمجهين سالڪ بيهي سر ڏي

پيالو پر [31] مان پيءُ تون

لعل لاهوتي ٿيءُ تون

ٻيءَ ڪنهن لڙج [32] نه لام

لاهه تون سر جو سانگو

ٿيءُ تون نينهن ۾ نانگو

ڇڏ تون خوديءَ [33] جا خام

ٻڍل آکي ڏس تون

پاڻ پنهنجي مؤن پس تون

الــــســــــــتـــــــــــي انـــــــــــــــــــجـــــــام

 

45

 

اسان رهبر رند سڏايون ٿا

سر جو سانگو لاهيون ٿا

 

ڳجهڙي ڳجهڙي رمز رلائي

نوبت نينهن وڄايون ٿا

 

جهيڙا جٺيون لوڪ جا طعنا

چمي [34] سر تي چايون ٿا

 

موتو [35] واري مام [36] پروڙي

سوريءَ سر نوايون ٿا

 

عشق ٻڍل کي روز ازل کؤن

گيت اناالحق ڳايون ٿا

 

46

 

ويو ڪاريگر ڪڙي ڪڙي

دل ديدن جي دام ۾

 

راتيان ڏينهان روح منهنجي ۾

موج منصوري [37] چڙهي چڙهي

 

فوج حسن دي ظالم جنگي

سر عشاقن لڙي [38] لڙي

 

نينهن نيڻن جي ننڊ ڦٽائي

ٿو ساه سورن ۾ سڙي سڙي

 

سڪ ۾ ساريون روز سڄڻ کي

پنا [39] ويٺي پڙهي پڙهي

 

روز ازل کؤن يار ٻڍل کي

ويو جانب جادو جڙي جڙي

 

47

بنا محبت سي رب جي

جيئڻ جڳ ۾ ڪوڙو آهي

بڻي محبت سندي بازي

کيڏن گَنوَ[40] گهوٽ ڪي غازي

ريجهائي رام[41] ڪيائون راضي

سوريءَ سِرڙا ڏنائون ساهي

ذڪر [42] ذاتي اُهو چئه تون

ڳولي ڦولي لعل [43] کي لهه تون

ڪاهي مچ ۾ پتنگ پئه تون

سانگا سڀ ساهه جا لاهي

محبت منصور کي ماريو

سوريءَ جنهن سر اچي چاڙهيو

اناالحق جو هڻي نعرو

چڙهيو سو پاڻ هو ڦاهي

ٻڍل هڻ نينهن جو نعرو

وجدئون ٿيءُ ويسارو [44]

لاهي ڇڏ لوڪ جو لاڙو

تنهنجو وري عام سان ڇاهي؟

 

48

 

عاشق ڪري اعتبار، ويا وحدت ۾ گڏجي

 

ڪنهن کي سڻائن ڪينڪي، اندر [45] جو آواز

 

ونحن اقرب ويجهڙو، وٿ [46] نه ڀائن وار

 

نعرو هنيائون نينهن جو، نڪري ٿيا نروار [47]

 

عشق ٻڍل اَوکو اٿي، بره جو باري بار

 

49

 

هيءُ مام پروڙي ڪير

درد وارن پنهنجي دل ۾ سڃاتي

 

عاشق ائٽ اندر ۾ اورن، غازي ڪپي ويا غير

ذوق جڳائي ظاهر ذاتي

 

سر بنا هت سودو ناهي، مانجهي اچي ڪو مرد مٿير[48]

دست[49] محبوبان دي ڪسڻ جي ڪاتي

 

رمز حقيقيءَ جي راه سڃاڻي، پر [50] جو لڌائون پير

جان جگر ۾ پائي جهاتي

 

حامي [51] هميشہ هوت ٻڍل سان، آڌر علي شير

رمز رلائي جنهن اِها لنؤ لاتي

 

50

ڪيئي ڪري قتلام

عشق اڻانگو اصل کؤن آهي

بي [52] سر ٿي ڪو کيڏي بازي

گوءِ کٽي ڪو پڙ مون غازي

وحدت ۾ وير [53] وريام

جئري جسم پنهنجي جان جلائي

اوکي اڻانگي عشق دي چاڙهي

دم دم دي وچ ڪسڻ ڏهاڙي

نانهي ڪچن جو ڪام [54]

پتنگ اچي ڪو پاڻ پچائي

بات بره جي بيشڪ باري

عام نه سمجهن هيءَ سڌ ساري

سمجهي ڪو مرد مدام [55]

سوريءَ آڻي سيس [56] نوائي

سمجهه ٻڍل سر گهورتون سارو

پنڌ پري پيو آ پڙ ۾ پسارو[57]

رند ريجهائي رام

مانجهي اچي ڪو ميدان ملهائي

 

51

 

ٻاڻ [58] هڻي سو ٻئي ٻئي

دلڙي دلبر يار لٽي ويو

 

اکڙين اُمالڪ [59] زور وڙهن ٿيون

چوريءَ چوڪان [60] ڏئي ڏئي

 

دام ديدن جي ۾ يار ڌتاري[61]

قرب سان قابو ڪئي ڪئي

 

ڳجهه اَندر جون ڳالهڙيون

ڇا ٻڌايان چئي چئي

 

عشق ٻڍل کي آڙاهه ٻاريا

ننڊ نيڻن جي وئي وئي

 

52

دلبر منهنجي دلڙي، ڪئي قابو زلف[62] جي تار ۾

سڪ منجهون سڏڙا ڪري

مشتاق تولئي ٿو مري

مشتاق تولئي ٿو مري

وڃ پڇي پيرڙا ڀري

جو عاشق تنهنجو آزار ۾

سؤ ڀيرا ٿو تولئي پڇان

لونءَ لونءَ[63] اندر ويٺي لڇان

روضي [64] رهبر جي رسان

ديدان اٿم دلدار ۾

تنهنجا ناز نيڻن جا نوان

آهه شمس [65] شرمايو اوهان

ڪهڙيون چئي مان ڪهڙيون چوان

صفتان تنهنجون سنسار ۾

ٻڍل چوي اوکي [66] اڙي

ويو ساهه سورن ۾ سڙي

گڏ ٿي گذاريون ڪا گهڙي

ويهُون نشي جي خمار ۾

 

53

 

عجب ڏٺم اسرار اکين ۾، مام ڏيئي دل مارن ٿيون

 

عشق سندو آڙاه مچائي، باهيون بره جون ٻارن ٿيون

 

عشاقن تي آيون اُمالڪ، سرڙي سيف اُلارن[67] ٿيون

 

محبت واري مام سيکاري، پر ڪري جام پيارن ٿيون

 

مزگان ماري تير تکيرا، خون[68] خاصن جا هارن ٿيون

 

راتيان ڏينهان روز ٻڍل کي، سڪ جا سبق پڙهائن ٿيون

 

54

 

ڪَل[69] اڳي مونکي ڪانه هئي

تنهنجي سور سمجهايو اچي

 

پر پيالو پرت جو، پرين پيارو اَچي

مام محبت جي ڏيئي، جنهن روح ريجهايو اچي

 

چڻنگ چولي ۾ پئي، لوچ[70] لڇايو اچي

دل ۾ درد فراق جو، آ دوڌ دکايو اچي

 

ساز سورن جو کڻي، جنهن واه وڄايو اچي

شوق جون ڇيريون ٻڌي، نينهن نچايو اچي

 

نينهن ٻڍل کي روز ازل کان، يار جڳايو اچي

در در ديواني ڦران، طلب تپايو اچي

 

55

 

رنديءَ وارو راهه

رمز سڄڻ جي روشن ڪيڙو

 

اندر تونهين ٻاهر تونهين، تونهين ساهه پساهه

 

سڀ صورت ۾ سهڻل سائين، آهي پاڻ الله

 

مڙن ڪين مرڻ کؤن عاشق، ايندا ڪاهيون ڪاه

 

روز ازل کؤن عشق ٻڍل کي، ڄاڻي شهنشاهه [71]

 

56

تنهنجي سور ۾ جندڙي ڳري

پرين آءٌ اڱڻ مل مون وري

تنهنجي سور جون تندوريون[72] تتيون

نت روز ٿيون روئن اکيون

پانڌي [73] پڇان توڏي تڪيون

توريءَ سڄڻ هت نا سري

تنهنجي سور جا دونهان[74] دکن

ڏوريان ويٺي ڏک ٿا ڏکن

مئي مون آهيان سي ٿا ککن[75]

محبت سندو مچ ويو ٻري

تنهنجو سور مان ڪنهنکي سلان

ڏک جوش ۾ ويٺي جلان

چڙهيو عشق تنهنجو ڪري آيو هلان[76]

پيو دام دل کي ٿي هان ٻري

ٻڍل آکي ڪر ڪا ڀلي

تنهنجي آئي ٿي سرهي ڳلي

پياري جام ويو حضرت علي

خانا کليا دل جي دري

57

 

آڻي اُمالڪ [77] اَڙيون

ديدان دلبر توسان

 

نينهن جنهين کي نسنگ[78] نهوڙيو

سور انهيءَ ۾ سڙيون سڙيون

 

ميخان محبت جون يار هڻي وئين

جان جگر ۾ جڙيون جڙيون

 

رويون رويون راه نهاريان

خيالِ انهيءَ ۾ کڙيون [79] کڙيون

 

راتيان ڏينهان روز ٻڍل کي

درد لاتيون هن ڌڙيون [80] ڌڙيون

 

58

 

حسن هلان ڪري آيو

بره لڳو سر باري

 

راتيان ڏينهان ننڊ نه آوي، طلب توهان جي تايو [81]

جان جلي جند ساري

 

درد اوهان جي دود دکايا، محبت مچ مچايو

بره ڦوڪي باه ٻاري

 

عشق اوهان جو اڳ مون نه ڄاتو، سورن کڻي سمجهايو

ڏکن ڏني آه ڏيکاري[82]

 

عشق اوهان جو اصل ٻڍل کي، ننڍڙي جو نينهن نياپو

تار[83] تڳان تنهنجي تاري

 

59

ڪيهي تنهنجي آه ذات

ڪہ ڙي[84] ڪبوتر هت ڪيئَن آئين؟

سَل[85] سچي سڌ[86] ڏي ساري

ملڪ گهمين ٿو گل گلزاري

پيدا ٿئين پرڀات

قسمت آڻي ڪارئن [87] رهائين

وچ بدن جي تنهنجو اوتارو

باغ چمن ۾ وئين بهاريو

مٺڙي لوين ڪا لات

حال پنهنجي جي ڪا خبر سڻائين

جن مڪو توکي جوڙ مان جوڙي

خيال خوديءَ جا ڇڏ سڀ ڇوڙي

تن جي ڪرين نه تات

موڳا ماري نٿو من منائين

آءٌ جو آکان ائين توسان

ڪر حال پنهنجي جي ڳالهه ٻڍل سان

گهمين ڦرين ڏينهن رات

ڳليءَ ڳليءَ تي پير [88] ٿو پائين

 

60

 

سوريءَ سانگ [89] نه ڪن اچي سر ڏين

عاشق جئڙو جلايون

 

آڙاهه ٽانڊا آگ جا، جيءَ ۾ جهڙ جهڙ ٿا ڪن، ڌوڌ دکن

من ۾ مچ ويا مچايون

 

ڦرهيون[90] جن جي هٿن ۾، ساريون سبق پڙهن، روز رڙن

نيڻين سي نار وهايون

 

جن کي خوف خدا جو، سک ٿي ڪين سمهن، ننڊ نه ڪن

ويا پنهنجو رام ريجهايون

 

اورن ٻڍل سي الف سان، منهن پائي سر مونن، روز ڏسن

جانب جهاتڙي پايون

61

 

گهنڊ کول، کِلُ پيارا

دلبر خدا جي واسطي

چشمان[91] جڏهن ٿو چائين

لکين گهور سان ٿو گهائين

وجهي دام [92] دل ڦاسائين

ڏئي اَبرن [93] سندا اِشارا

محبت وڌي هان ماري

ڳڻتي [94] تنهنجي ٿي ڳاري

پيو ساه توکي ساري

پل پل ڪريان پڪارا

مڃ هيءَ ٻڍل جي آزي [95]

ڪر رحم ٿيءُ تون راضي

عاشق گهڻو اُداسي

تو لئه سڄڻ سوڀارا

 

62

ڏاڍيون عشق رمزان[96] لايون، نشي نينهن جي نهوڙيو

لونءَ لونءَ اندر ڏي لونهان

درد دکايا دونهان

ڦٽڙا ڏين ٿا ڦونهان

ڀڙڪن برهه جون باهيون

لڳي آگ جنهن پتوڙيو

رڳ رڳ اندر ڏي ريلا [97]

لڳڙا بره دا ميلا

آيا دم دم ڪسڻ دا ويلا

وڃي گهور سان ٿو گهايون

کنو [98] خوب اچي جنهن کوڙيو

ڏنو جنهن عشق اِشارو

پر مون نشو پيارو

سورن سبق سيکاريو

بوندان بره وسايون

وٺي وره مون وڪوڙيو

ٻڍل چوي ٿو جائي [99]

لنؤ عشق ڏاڍي لائي

وئي آهه عقل[100] جي وائي

وڃي تن کي طالب تايون

جهڳو بره جيءَ ۾ جوڙيو

 

63

 

جي تون عاشق مري ٿيءُ موچارو

گهوري گهور ڪر تون سر ساه سارو

 

جي عاشقن ٿئين تون کلي راند کٽ تون

پائي پير[101] پڙ ۾ پوئتي نه هٽ تون

سوريءَ تي سر ڏي، ڪر پڙ ۾ پسارو[102]

 

عاشق ٿئين تان ڪر جند فاني

جنگ جام پيءُ تون پيالو حقاني[103]

ٽٻي[104] مار جر دي هڻي نينهن نعرو

 

سڻ تون ٻڍل عاشق اُهيئي

لاهي لعل ٿيئڙا سانگا سڀيئي

قالو بليٰ جو ڪيائون سخن سچارو

 

64

 

لائي تار تن ۾ سهڻي يار مانکي

موهي مست ڪيڙو ديدار مانکي

محبوب مُئيءَ جا اچي غم[105] گنوايا

ڪري چهرو گلابي اڱڻ منهنجي آيا

ڏنو جام پيالو سردار مانکي

تون آهين ننگ پرور سردار سڀ جو

توتي نوراني آهي راز رب جو

وٺي نال نيندين مختيار مانکي

دل ناز تنهنجي آ نهوڙي

وجهي پيچ پرتيون ويو وره وڪوڙي

هنئين ميخ من ۾ منٺار مانکي

ٻڍل آکي سڪ آه جنيجي

ٻانهي مان آهيان توڙئون تنهنيجي

پرين پاڻ کؤن ڪندا نه دم ڌار[106] مانکي

 

65

 

اکين کي عجب ڪو نشو نينهن لايو

ابرو [107] سيف سڃي حڪم ٿا هلايو

 

ڪريان دوست دانهون، ٻڌي يار ٻانهون

تڪيان روز راهون، پرين پاڻ پسايو

 

بڇي باز بحري، ڪيئي بي قراري

دلڙي دام ماري، جسو تو جاڳايو

 

وئين دل جاڳائي، ليئو لعل پائي

ڏاڍي تار لائي، بره تو بڇايو

 

ٻڍل هي سگ تيرا، ڪريو يار ڀيرا

اَچي محب ميرا [108]، پڙ ۾ پير پايو

 

66

 

ڪَل[109] لوڪ کي ڪيهي پوي، هن عشق جي اسرار جي؟

ديدار ريءَ ڪانهي دوا، هن بره جي بيمار جي

 

عشق جنين سر آئيو، سي محبتي محو [110] ٿيا وتن

کويا وتن خمار ۾، ڏٺي ديد تن دلدار جي

 

لنؤ عشق جي جن کي لڳي، سي لاهوتي وڃي لعل ٿيا

نعرو هنيائون نينهن جو، ڪيائون ڌڙ سسيءَ کؤن ڌار جي

 

جن سرڪ صحبت جي چکي، سي سور نه ڪنهن کي سلن

سامي سدا هن سير ۾، وٿي نه ڀائن [111] وار جي

 

سر ٻڍل صدقو ڪري، آپي پون آڙاهه ۾

شهادت شوق مون ٿين، اٿن سڪ سچي سردار جي

 

67

بره ڪيو بيتاب [112]

سورن آڻي ڌم ڌم لائي

بره کوڙيون آڻي تنديون تاران

ڏور پون ٿيون تن جون پچاران

روح ۾ وڄي ٿو رباب

رانول آڻي ڪا رمز رلائي

سور سڄڻ جا سلڻ جا ناهن

ڪنهن کي سلميان مان پاڻ سان آهن

شوق تي کڙي مان شتاب

محب ملڻ جي آهي سڪ سدائي

عشق انهيءَ ۾ جيڪي جو اَڙيا

سور جا تنين مسئلا پڙهيا

سينو ڪيائون صاف

خان خودي کي ويٺا کائي

ٻڍل لڳو ٿي نينهن جو نعرو

منزل [113] ماڻي ٿيءُ موچارو [114]

ڪسي ٿيءُ ڪباب

دل جا درسن ماڻ الاهي

 

68

 

مان جو مران ٿي، تو دير لاتي

ڪج يار ڀيرو، ڪنبي جند ڇاتي

 

ڏک هي ڏکن ٿا، دونهان دکن ٿا

باه تو جا ٻاري، پائي يار جهاتي

 

ٻڌي [115] يار ٻانهون، ڪريان روز دانهون

ويٺي روز روئان، توسان دل ڦاٿي

 

آهي ٻڍل کي، عشق الاهي

ڪڏهن يار ايندو، خبر ڏي تون خاطي [116]

 

69

 

تنهنجي وائي[117] آه وات

پرڀات، مٺي لات

ڪانگل ڪا سڻائي

 

سنڀري سامي آيو

موٽڻ مشڪل بات [118]

 

ڏسندي ڏينهن گذاريان

سڪ ۾ ساري رات

 

روز ٻڍل کي روح ۾

طلب توهان جي

 

70

 

تنهنجي بره ٻڌا اٿم بار

مل يار تنهنجي تار

مُئيءَ کي ملڻ جي

 

وٺي وره وڪوڙيو

واندا ناهن وار

 

پالج [119] پورهيائت کي

مان ۾ ٿي عيب هزار

 

هج هميشہ هتڙي

دلبر ٿيءُ نه ڌار

 

ڪر ڪا ٻاجهه ٻڍل چوي

صاحب لڳ ستار


 


[1]. باهه جو شعلو، عشق جي آگ،جذبو

[2]. سنبري ميدان ۾ لهي، تيار ٿئي

[3]. رَسي وڌي، ڏک جي ڏور.

[4]. پردو ڪرڻ، ڍڪ ڪرڻ، اوٽ ڪرڻ

[5]. انڪار ڪرڻ، پاڻ وڃائڻ، نيستي

[6]. سچو عاشق ٿيڻ، پرواني يا پتنگ جيئن آگ ۾ پچي راس ٿيڻ

[7]. سر نيزي جي چوٽيءَ تي

[8]. دفتر جو مالڪ، دفتر سنڀاليندڙ، قاضي، مصنف.

[9]. گهڙي گهڙي خيال پوڻ، هر هر ويچار اچڻ، ياد پوڻ

[10]. نظر سان زخمي ڪيو، ديد سان ماريو، ناز سان ماريو، نخرن سان ماريو، اشارن سان ماريو.

[11]. حجاب کوليو، پردو پري ڪيو، ظاهر ڪيو

[12]. ساز جو قسم

[13]. سامونڊي شڪاري باز

[14]. ازل وارو ڏينهن، جڏهن روح خلقيا ويا.

[15]. صدقي ڪيان، قربان ڪيان، نثار ڪيان، فدا ڪيان

[16]. تمام گهڻي محبت، گهڻو پيار، اٿاهه عشق

[17]. ڳالهيون، باتيون

[18]. جهٽ، پلڪ، ساعت.

[19]. دوست، محبوب، پرين

[20]. نياپو، سنيهو

[21]. کلي، مشڪي، ٽهڪ ڏيئي

[22]. ڪجل پاتل اکيون، ڪاريون اکيون

[23]. سياڻو عاقل ڏاهو

[24]. همت وارو، دلير، سورمو، جوانمرد

[25]. وک سان وڃائن، قدم سان برباد ڪن، ضايع ڪن

[26]. اوريندس، ڳالهه ڪندس، چوندس، اظهار ڪندس.

[27]. مستيءَ جو راز، فقيري غمزو

[28]. ڌن ، دولت، پئسو، خزانو

[29]. شفاعت ڪندڙ.

[30]. موت کان اڳي مرڻ

[31]. ڀريل، ٻڦڪيل

[32]. پنارو يا اجهو نه ڇڏڻ، دامن يا پناهه ۽ سهارو نه ڇڏڻ

[33]. اجايو تڪبر، اجائي وڏائي يا هٺ رکڻ.

[34]. قبول ڪرڻ

[35]. موت کان اڳ مرڻ

[36]. راز سمجهڻ، حقيقت لهڻ.

[37]. حسين بن منصور حلاج واري مستي جنهن خوديءَ ۾ اناالحق جو نعرو هنيو

[38]. لڙائي ڪئي، وڙهي، مهاڏو اٽڪايو

[39]. سبق پڙهي

[40]. اٽڪل سان، ڪاريگري سان

[41]. الله راضي ڪرڻ، رب ريجهائڻ

[42]. يادِ خدا، ثنا يا صفت رب

[43]. مقصد جا موتي لهڻ، مراد پوري ٿيڻ

[44]. غافل، بيپرواهه، گينوار.

[45]. دلي راز، مَن جو مقصد

[46]. جدا، سنڌو يا الڳ

[47]. ظاهر ٿيڻ، پڌرا ٿيڻ، نروار ٿيڻ.

[48]. مانجهي مڙس، بهادر، وريام

[49]. هٿ ۾

[50]. محبوب جو رستو يا واٽ

[51]. مددگار، معاون، حمايتي.

[52]. سر کانسواءِ، سر جو سانگو نه ڪندڙ

[53]. سياڻا بهادر، عاقل مانجهي مڙس

[54]. ڪَمُ، مشغلو، عمل

[55]. هميشہ، نت

[56]. سر نوائي

[57]. مفاصلو، ڊيگهه، واڌارو، مشاهدو، ڏيک، نظارو.

[58] . تير اکين جا

[59]. اوچتو، اچانڪ

[60]. چونگ ڏيڻ

[61]. آتاري، ريي.

[62]. لوندڙيءَ جا وار، ڪاڪل

[63]. رڳ رڳ، وار وار

[64]. پاڻ سڳورن ﷺ جي روضي مبارڪ تائين پهچڻ

[65]. سج، آفتاب، آڏت

[66]. ڏکي جاءِ تي ڦاٿي يا اٽڪي.

[67]. ننگي ترار اڀي ڪن

[68]. رت، لَهو، قتل

[69]. خبر، ساڃاهه، سُڌ

[70]. ڦتڪڻ، آند ماند، رهڻ، بيقرار ٿيڻ، بي آرامي ٿيڻ، بيچين ٿيڻ.

[71]. شاهن جو شاهه، بادشاهن جو بادشاهه، يعني الله تعاليٰ.

[72]. محبت جون بٺيون گرم ٿيون، سڪ جو کوريون تپيون

[73]. قاصد، نياپو آڻيندڙ

[74]. باهه مچڻ، محبت جو مچ ٻرڻ

[75]. هُرن، سجهن، دل سان لڳن، ياد پون

[76]. حملا، ڪاهه.

[77]. اچانڪ، اوچتو

[78]. نروار، ظاهر، اڪيلو، جدا

[79]. بيٺيون

[80]. زورائتا ڌڪ هڻڻ، وڏا واڪا ڪرڻ.

[81]. تپايو، ستايو

[82]. ظاهر ٿيڻ، نازل ٿيڻ، حاضر ٿيڻ، ظهور ۾ اچڻ، ديدار ڪرائڻ

[83]. اوڙاهه مان ترڻ، مصيبت مان آجو ٿيڻ، مونجهاري مان نڪرڻ.

[84]. ٻڌاءِ اڙي، چئه اڙي

[85]. ٻڌاءِ، حال اوِر

[86]. خبر، خواهش، مرضي، تمنا، آرزو

[87]. ڪمين، عملن لاءِ، خاطر واسطي

[88]. قدم رکين، ڀيرو ڀڃين.

[89]. لحاظ، رعايت، مروت

[90]. پيٽيون، تختيون

[91]. واحد چشم اک

[92]. ڦندا وجهڻ، ڳارا وجهڻ، ڦاهي چاڙهڻ

[93]. اکين جا اشارا

[94]. فڪر ۾ ڳرڻ، سوداءَ ۾ ڳرڻ

[95]. منٿ مڃڻ، التجا يا عرض مڃڻ.

[96]. اٽڪلون، تجويزون، ڍنگ، ڳجهه راز

[97]. پلٽا ڏيڻ، وافر ٿيڻ (پاڻي)، سڪ جو پيدا ٿيڻ

[98]. تلوار هڻڻ، وار ڪرڻ

[99]. پڪ سان، سچ پچ، يقين

[100]. سمجهه وڃڻ، هوش وڃڻ، حواس گم ٿيڻ، صفا چريو ٿي وڃڻ.

[101]. ميدان ۾ قدم رکڻ

[102]. مفاصلو، ڊيگهه، مشاهدو، نظارو

[103]. حق جو، حقيقي، سچي پچي، واجبي

[104]. پاڻي (شراب) ۾ گهڙي تڙ ڪرڻ، پهه پچاءِ، غوطا کاءُ، ويچار ڪر.

[105]. ڏک برباد ڪيو، تڪليف ضايع ڪيو يا نابود ڪيو

[106]. پلڪ پري نه ڪر“ ساهه پساهه ۾ رکڻ.

[107]. اک جون پنبڻيون اگهاڙي ترار وانگر تيز آهن

[108]. منهنجا.

[109]. خبر، لَکا، ساڃاهه، سمجهه، علم

[110]. غرق ٿيا، مدهوش ٿيا، فنا ٿيا

[111]. تر جيترو تفاوت نه هئڻ، فرق نه هئڻ، گڏ، شامل سنڌو نه هئڻ.

[112]. ششدر، پريشان

[113]. مقصد حاصل ڪرڻ، مراد پوري ٿيڻ

[114]. سوڀارو ٿيڻ، فتح مند ٿيڻ.

[115]. عرض ڪرڻ، التجا ڪرڻ

[116]. پانڌي، قاصد.

[117]. زبان تي ڳالهه آهي، عام ذڪر

[118]. ڳالهه، بيان، ذڪر.

[119]. نپائج، سنڀالج.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org