سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: دک جي نه پڄاڻي آ

صفحو :4

 

*

مون کي جي تُنهنجو سهارو هوندو

وچُ درياهه به ڪنارو هوندو

 

لفَظَ ڪهڙا وري پنهنجا هوندس

جنهن کي لَهجو ئي اُڌارو هوندو

 

هر فساني جو ٿئي دور ٿو پر

پيارُ هر دؤر ۾ نيارو هوندو

 

تو بنان جيئڻ ڪو جيئڻ هوندو؟

بس مڙئي دوستَ!، گُذارو هوندو

 

جنهن کي چاهي ٿو اُنهيءَ جو گُل کي

گهرُ ۽ شهرُ ڀي پيارو هوندو


 

*

لفظَ ڳوليندا رهيا سي ٻيئي

راتِ، چُپ چاپ ئي لنگهي ويئي

 

هُن جي مُرڪڻ ۾ آ اَلائجي ڇا؟

مُرڪندا هونئن ته رهن ٿا ڪيئي

 

پنهنجون جيونُ به وڃي ها سُڌري

هٿُ، هٿَ ۾ جي ڇڏين ها ڏيئي

 

پاڻَ به سَرد ٿي ويا سي ۽

جڳَ جي دلِ ڀي ٺري پيئي

 

رات رُلندا رهياسي ٻين تائين

هيکلائي، اُداسي، مان، ٽيئي

 

تُنهنجي وڇڙڻَ جي حادثي کانپوءِ

حادثا ڪَرَ کڻي اُٿيا ڪيئي

 

وقتُ، زخمن کي ته ڀري ٿو ڇڏي

دردَ پر دوستَ!، رهن ٿا سيئي

 

*

توسان گڏجي ٿا گذاريون جاني!

ڀاڳَ پنهنجا ٿا سنواريون جاني!

 

پاڻَ سان پيارُ اَڃا ڏاڍو آ

ڪيئن توکي ٿا وِساريون جاني!

 

ڪنهن به چهري کي ڏِسون، ائين لڳي

تُنهنجو چهرو ٿا نِهاريون جاني!

 

سجُ ناهي جي چڙهيو، ڇا ٿي پيو

آءُ ڪو ديپُ ٿا ٻاريون جاني!

 

جڳُ ڀل ته ڪري بندوقَ سِڌي

پاڻَ ڳيرا ٿا اُڏاريون جاني!

 

پاڻَ ته ٻُڏندا وڃون هر لمحي

توکي ڪيئن پارِ اُڪاريون جاني!؟

 

رَتُ انسان جو ته پِي ٿا وڃون

مُکِ پيل چانهِه ٿا هاريون جاني!

 

*

اَندرُ اُداس هوندو

منظرُ اُداس هوندو

 

جيسين ملي نه سگهبو

دلبرُ اُداس هوندو

 

مونکي هو جنهن ڌيڪاريو

سو گهرُ اُداس هوندو

 

ڪنهن تي ڪندو هُو جادو

ساحرُ اُداس هوندو

 

ڪو ديوتا، نه داسي

مندرُ اُداس هوندو

 

شاعرَ هٿن ۾ ڪورو

ڪاڳرُ اُداس هوندو

 

هُن جي ڳليءَ ۾ هڪڙو

ڇوڪرُ اُداس هوندو

 

*

مُنهنجا لُڙڪَ سوالن وانگي

تُنهنجا ٽَهڪ جوابن وانگي

 

جيئڻُ به ڪين اَسانکي آيو

محفلِ جي آدابن وانگي

 

ذهنَ جي بُڪ- شيلف ۾ آهن

يادون بند ڪتابن وانگي

 

توکان وِڇڙي دل تي گُذريو

هر پل دوستَ! عذابن وانگي

 

دڪل جا سودا ٿيندا آهن

پيارا! ڪين حسابن وانگي

 

پنهنجيءَ قسمتَ ۾ تون ڀي

ناهين يارَ! ثوابن وانگي

 

مُنهنجون راهُون ڪنڊا ڪنڊا

تُنهنجا پيرَ گُلابن وانگي

 

*

جيونُ ايئن گُذاريو آهي

اوبَر پاڻي هاريو آهي

 

مَرندي مَرندي هڪڙو ماڻهو

تُنهنجي نانوَ جِياريو آهي

 

اَلبم کولي تُنهنجو چهرو

ساري رات نِهاريو آهي

 

مُنهنجي ئي گهر جا دروازا!

تو ڇو ايئن ڌڪاريو آهي؟

 

پاڻَ جلي رکَ ٿي وياسي، پر

جڳَ جو هانءُ ته ٺاريو آهي

 

سنڌڙي! تُنهنجو سُنهن ته توکي

سپنن ۾ ڀي ساريو آهي

 

تُنهنجي سَڏ ۾ سڏُ ڏنو، هونئن

جو آيو سو ٽاريو آهي

 

*

وقتَ ڪيا ويرانا ماڻهو

تُنهنجا ڪي ديوانا ماڻهو

 

توکي اَرپڻ آيا آهن

لُڙڪ کڻي نذرانا ماڻهو

 

مان جو اڄڪلهَه هيکل آهيان

جوڙنِ ٿا اَفسانا ماڻهو

 

مُنهنجو هُو هڪڙو ڀي ناهي

تُنهنجا سڀ زمانا! ماڻهو

 

وِڇڙي ويندا، جي وِڇڙڻَ جا

ڳولنِ روز بهانا ماڻهو

 

ڪهڙا جڳَ سان ليکا ڪرڻا؟

يارَ! اسان مستانا ماڻهو

 

*

مونکي درياهَه جان پائي وئي آ

هڪ نظرَ اهڙو ته گهائي وئي آ

 

آءٌ چاهيان ڀي نه جُڙي سگهندس

ايئن ٽُڪرن ۾ ورهائي وئي آ

 

مونکي آئي ته کِلائڻ لئه هئي

پنهنجي پوتِي به پِسائي وئي آ

 

رَنجشون، نفرتون، دُوريون ئي سهي

زندگي ڪُجهه ته بچائي وئي آ

 

آئي ۽ وئي هلي لَٽي جيونُ

واءُ هئي، ڌُوڙ اُڏائي وئي آ

 

باکَ جي ڦُٽڻَ جو يقين ڏئي

آخري ديپُ اُجهائي وئي آ

 

جڳَ تي ڪهڙيون مياريون ٿينديون؟

هوءَ ئي جڏهن لنوائي وئي آ

 

*

هڪ بُرو بس اسانجو گهر آهي

تُنهنجو ويڙهو ئي معتبر آهي!!

 

تُنهنجي هر ڳالهه لارَ ماکيءَ جي

منهنجو هر لفظُ ڄڻ زهر آهي

 

هي به تُنهنجي ئي شهرَ تي وَسندو

پاڻ کان رُٺل هر ڪڪر آهي

 

پيار جي ڪجهه ڪَڻينُ مان ڇا ٿيندو؟

دل جي ڌرتي نِسورو ٿر آهي

 

تُنهنجا ليکا اڃا کُٽن ئي نٿا

رات جو آخري پهر آهي!

 

مون ته جڳ جي ستمَ جو ذڪر ٿي ڪيو

تُنهنجي ڇو نِرڙَ تي پگهر آهي!!

 

بَد دُعا ڪر لڳي پئي شايد

هر دعا هاڻي بي اثر آهي

 

ڪيترو زندگيون انڌيريون هِن

ڪيترو روشنيون شهر آهي

 

*

آئينو ٿو ڏِسان ته گهائنِ ٿا

لُڙڪَ اکڙين ۾ مُسڪرائن ٿا

 

هُو ڪڏهن ايئن مسڪرائن ٿا

ٿَر تي مينهن ڄڻ وَسائن ٿا

 

مُنهنجي جيونَ ۾ پيار پنهنجو هُو

کيرَ ۾ کنڊُ جيان مِلائن ٿا

 

روزُ ملندا رهون ته بهتر آ

فاصلا، فاصلا وڌائن ٿا

 

مان ته خاموش هان، سندس واعدا

کيس سامهون اچي لڄائن ٿا

 

اُن ماڻهوءَ جون هيکلايون سوچ!

خوابَ ڀي جنهن کان موڪلائن ٿا

 

منزلِن جون ته مشڪلاتون ٺيڪ

هاڻِ رستا ڀي آزمائن ٿا!

 

راهَه ۾ ٿا مِلن، لنوائن ٿا

دوستَ ڪيڏو نه آزمائن ٿا!


 

*

سارَ تُنهنجي بهارَ وانگي آ

بيقراري قرارَ وانگي آ

 

هر گهڙي ڪِرڻ جو رهي خطرو

پيارُ، پهرينءَ اُڏار وانگي آ

 

تُنهنجي يادُن سواءِ ذهنُ پرين!

ڪرفيوءَ ۾ بَزار وانگي آ

 

هر خوشي قرضَ ۾ هلي ٿي وڃي

ماستَر جي پگهارَ وانگي آ

 

سوَ سُورنِ جي وچ ۾، دل منهنجي

ڌڻَ سان ڄڻ ڌنارَ وانگي آ

 

هوءَ روئي پئي، اسان بيزار

زندگي لڌل ٻارَ وانگي آ

 

هُن جو ڀَرِ ۾ اچي بيهڻُ، مُرڪڻ

شهُرتن جي خُمارَ وانگي آ

 

*

ٿورو ڀي جي ٿئي وڇوڙو، مَنَ ۾ باهِه ٻري

وَسڪاري کان پوءِ ڄڻ ماڻهو، ٿرَ کان رهي پري

 

رات اوهان جي يادِ، اسان جي ذهن ۾ ايئن آئي

ڪُونڀٽ* کي جيئن بيٺو ٿوهر، ڀاڪُرَ منجهه ڀري

 

ٻيو ته ٺهيو ڏِسُ، اَڪَ به جهڙا گُلَ ڦُٽا آهن

اهڙيءَ رُت ۾ سَري جي توبين، آخر ڪيئن سري؟

 

اکڙين کي اوسيئڙو جنهن جو، سا ته نه آئي پر

پيرُ، پيرَ ۾ پائي آئي، ڪَوتا راتِ ٺري

 

ڀيڄَ ڀنيءَ جو، شاهَه جي وائي، موهنَ[1] جو آوازُ

ايئن لڳو پئي، ڳايو ويٺي ٿرَ جي ذري ذري

 

ستَ- رنگ چوليون، چِلڪيل چهرا، ڳاڙهسِري واري

سنڌڙي!، تُنهنجو چاهُه پئي ٿي، اکڙين منجهه ڀري

 

*

سارو شهر لَتاڙي وو!

آيس تُنهنجي پاڙي وو!

تُنهنجي پويان نِڪتو آهيان

سارا ٻيڙا ساڙي وو!

گڏُ ڪڍيل تصويرَ وئي آ

مُنهنجي سامهون ڦاڙي وو!

مون کان مُنهنجو حالُ پُڇي ٿو

سارا خوابَ اُجاڙي وو!

ڳولِن ٿيون وڻڪارَ نِگاهون

جهولو پيو ٿو ساڙي وو!

هٿن پيرنِ هوندي ماڻهو

ڀاڳنَ تي ڇو ڀاڙي وو؟!

بَمَ نه، توکان اَنُ گُهريو آ

ٻالِڪَ انگ اُگهاڙي وو!

سُکَ سُتل جاڳايا ماڻهو

منڇُرَ ويجهو راڙي وو!

سنڌڙي!، توکي مونکي مِليا

ڪيڏا ڏُکَ ڏهاڙا وو!

 

*

چِلڪو تُنهنجيءَ چوليءَ جو

ڏينُهن هيو ڄڻ هوليءَ جو

 

جنهن کي لڳندي، سو انسانُ

ديسُ، نه مذهب گوليءَ جو

 

ڪير جهلي ها؟ واءُ جو جُهوٽو

دَرُ ٽَپي ويو کوليءَ جو

 

واريءَ گَهرڙو ڊاهي وئي پر

ڇيهُه ويو ٿي ڇوليءَ جو

 

هيکل ٿي هارائي ويندين

ٿي وڃُ پيارا!، ٽوليءَ جو

 

تاريخُن ۾ کُتو پيو آ

جهنڊو منهنجيءَ ٻوليءَ جو

 

ڀاڪُرَ بدلي، ڀاڪُر وجهبو

گولي بدلو گوليءَ جو

 

*

تُنهنجو اڄ خطُ جيئن مليو آهي

ساهُه منهنجي سريرَ پيو آهي

توکي مُنهنجي دُکن جي ڪهڙي خبرَ

تو ته مون تي سدا کِليو آهي

چنڊُ، تارن جي ميڙَ کان وِڇڙي

رات جو ڪيترو رُليو آهي؟

هُن مونکي ڇڏيو وِساري ته

اُڀ ڪهڙو ڀلا ڪِريو آهي؟

لمحي لمحي لڳايو آهي کاٽُ

لمحي لمحي ٺڳيو ڦُريو آهي

مُنهنجي اندر جو هُو هٺيلو شخص

گُهٽجي گهُٽجي مري رهيو آهي

ڪوڙَ- بازارين ۾ ماڻهوءَ جو

اَگهُه ڪيڏو ڪِري پيو آهي!!

چهرو چهرو پَنن جيان ويو ڇڻي

شهرُ ڀڙڀانگ ٿي ويو آهي

توکان وڇڙيلُ، اُداس ماڻهو گُل

سجَ وانگي جِلي رهيو آهي

 

*

تُنهنجون راهون تڪڻ اَجايو آ

توکي ساري روئڻ اَجايو آ

 

توکان پُڄندو نه مونکي پرچائڻُ

مُنهنجو توکان رُسڻ اَجايو آ

 

ڪجهه ته ڳالهاءِ يار!، ڪر ڳالهيون

ايئن چُپ چُپ رهڻ اَجايو آ

 

”يادِ آهيان، يا توکان وِسري ويس“

بيوفا کان پُڇڻ اَجايو آ

 

جي مِلو، مُرڪندي مِلو مون سان

مُنهن سُڄائي ملڻ اَجايو آ

 

هاڻي منزل کڻي پرين! نه ملي

پوءِ به واپس ورڻ اَجايو آ

 

ٿيڻو هوندو جو، نيٺ ٿيندو ئي

دل شڪستو ٿيڻ اَجايو آ

 

*

ويسُ اَڇو تون پائي آئين

چانڊوڪي چورائي آئين

 

نيڻَ اڃا ڀي آلا تُنهنجا

ڪنهن کي تون پرچائي آئين؟

 

رستي تي نڪتين ۽ پويان

ڪيڏا نيڻَ لڳائي آئين

 

سچَ جيان او سُهڻا سُپرين!

ڪوڙَ سڀئي شرمائي آئين

 

سونهَن- نگرَ ۾ عشق اسانجا!

سارا لفظَ کَپائي آئين

 

پيارَ شهر مان ٿَڪجِي موٽين

سوچُون ڀي سَهڪائي آئين

 

دردَ او!، توکي شابس آهي

ڪيڏو ساٿُ نڀائي آئين!

 

*

”نه“ جي سُوريءَ تي چڙهيل آهيون دوستَ!

دردَ سانچي ۾ گهڙيل آهيون دوستَ!

 

ڪُجهه ته سمجهون ٿا زماني کي اَسان

چارِ درجا ڪي پڙهيل آهيون دوستَ!

 

شهرَ تُنهنجي ۾ جاءِ ڇا ملندي؟

شهرَ پنهنجي مان تڙيل آهيون دوستَ!

 

ڪا نئين ريتِ نه وجهجو هاڻي

ڏاڍا ريتن مان اَڙيل آهيون دوستَ!

 

ڌارَ توکان ٿي سُڃاڻپ ئي نه رهندي ڪائي

توسان اهڙا به جڙيل آهيون دوستَ!

 

ڪيئن نه جانِ ڇڏائڻُ ٿي گهُرين

ڄڻ ڪي الزام مڙهيل آهيون دوستَ!

 

ايترو جلدُ ته اي دردَ نه ڊاهِه

ذرو ذرو ٿي گهڙيل آهيون دوستَ!

 

*

جو نه ڀُلجي ڀي نهاري مون کي

ڪيئن سمجهان ته، ٿو ساري مونکي

جيئن وڻيسِ، تيئن هُو ماري مونکي

کيس چئو، چئو ته وِساري مونکي

روز ٿو پاڻُ جيئاريان مان ۽

روز هُو شخص ٿو ماري مونکي

ڇو نٿو ياد اَچان مان توکي!

ڇو نٿو لوڪُ وساري مونکي

پاڻَ ته گُم ٿي وئين ميلي ۾

چؤنڪَ هڪڙي تي بيهاري مونکي

پنهنجي ڪمري جي گندَ ڪَچري جيان

ڪو ذهنَ مان ٿو ٻُهاري مونکي

ڪيڏو همدردَ هيو، مُنهنجو هُو

ويو ڇڏي دردَ سهاري مونکي

ڇو هُو طوفان ويو بڻجي آ

ديپَ جيان پاڻَ ئي ٻاري ويو آ

 

 

*

تُنهنجا ڌرتي! ڌراڙَ جاڳيا هين

پيچرا، پَٽَ پهاڙَ جاڳيا هِن

جن جي جاڳڻ سان، قومَ جاڳي ڪين

سي جي جاڳيا ڀي، جاڙَ جاڳيا هِن

ٿورڙو آهليو جڏهن آ سچُ

ڪُوڙ، دوکو ۽ ڊاڙَ جاڳيا هِن

هڪ تِکي چيٽ آهي آزادي!

گهيڙَ، گِهٽيون ۽ گهاڙَ جاڳيا هين

ها رُڳو ساٿُ ٿو کپي تُنهنجو

حوصلا، ڄڻ پهاڙَ جاڳيا هِن

سنڌُ منهنجا ڌڻي!، سلامت رکُ

چئني پاسن کان ساڙَ جاڳيا هِن

ڪنهن ته مرهَم جي آسري ۾ ايازَ!

سالَ هِن دل جا ڦاڙَ جاڳيا هِن

 

*

چاهتَ کان انڪاري ماڻهو

جذبن تي بمباري ماڻهو

سڀ توجهڙا ٿي سگهندا ڪو؟

دردن ۾ دِلداري ماڻهو

 

آءٌ اڳي جيان هيکل وياڪل

تُنهنجي ها چوڌاري ماڻهو

ديسُ به وڪڻي ايندا آهن

اهڙا ڀي واپاري ماڻهو

دولتَ ۽ طاقتَ جا حامي

ڌُوڙِ، مِٽي ۽ وارِي ماڻهو

هر ڪنهن دؤر ۾ ڄمندا آهن

باغي ۽ درٻاري ماڻهو

ڪهڙو سچُ چئي سگهنداسي؟

پاڻَ ته هئون سرڪاري ماڻهو

 

*

حوصلو ڏي ته حادثن مان لنگهان

پيارَ منهنجا! مان آفتن مان لنگهان

 

مُنهنجو سارو وجود نيڻَ ٿئي

تُنهنجي لکيلَ جڏهن خطن مان لنگهان

 

راتِ، يادون سندءِ ۽ مان جاني!

ڄڻ ته هوليءَ جي ٿو رنگن مان لنگهان

 

مون تي جي مهربان ٿي پئين تون!

مان به خوشين جي ڪُجهه حدن مان لنگهان

 

توکان وسري ويس ته خير مگر

موتَ جي ڄڻ ته ٿو هٿن مان لنگهان

 

دوستي ٿي جڏهن کان دنيا سان

روزُ ٿو تجربن ڪَڙن مان لنگهان

 

ڇو ڀلا مان رهان انڌيرن ۾؟

سج هَٿ ۾ کڻان، چَنڊن مان لنگهان

 

 

*

نيڻ پرينءَ جا پيرا ڳولنِ

پنڇي جيئن آکيرا ڳولنِ

 

مُنهنجي ڌرتيءَ وارا اڄُ ڀي

سانجهيءَ ويلَ سويرا ڳولنِ

 

دانائن جي درَ جا ماڻهو

ديوانن جا ديرا ڳولنِ!

 

دردَ ائين ٿا ڳولنِ مون کي

مارِي ڄڻ ٿا ڳيرا ڳولنِ

 

ڪيڏو اڳتي نڪري ويو آن!

توکي تُنهنجا پيرا ڳولنِ

 

سنڌڙي سورج آهي جنهن کي

سَوَ سَوَ گهور اَنڌيرا ڳولنِ

 

 

*

تون ملينءَ ته مُرڪَ- هاڻي ٿي وئي

زندگي ٽَهڪن ڪهاڻي ٿي وئي

 

ڳوٺَ ٻاهران ها مِلياسي راتِ جو

ڳالهه سا ڄڻ رات راڻي ٿي وئي

 

تو هٿن ۾ هٿُ وٺي مُرڪي ڏٺو

هر مصيبتَ لوڻ- پاڻي ٿي وئي

 

مَڌُ وانگي آ، محبت جو نَشو

تيئن وڌي، جيئن جيئن پُراڻي ٿي وئي

 

ٿورڙو جوڀن ڇا آيس، لوڪَ لئه

ڇوڪري ڄڻ ڳُڙ- ڌاڻي ٿي وئي؟

 

راتِ- نيڻن ۾ اڃا ته ننڊ آ

ڪيئن سپنن جي پُڄاڻي ٿي وئي؟

 

دوستن جون مهربانيون بيشمار

دوستي هاڻي ته ساڻي ٿي وئي

 

 

*

مان ڪنهين پيارَ جو قصو آهيان

ڄڻ ته بيروتَ جو حصو آهيان

مُنهنجي چوڌاري تمنائون سوين

مان ٿيو چؤنڪ جو رونشو آهيان

تُنهنجي بازار ۾ نه هلندس مان

دوستَ!، کوٽو ڪوئي سِڪو آهيان

تون بدلجي ويو آهين پوءِ ئي

آئون توکي ڏِسي بدليو آهيان

وِچڙندڙ مرض جيان تيزيءَ سان

مان سندءِ ذات ۾ ڦِهليو آهيان

ڪو مسافر، نه صدا پينوءَ جي

ڪنهن ڊٺل شهر جو رستو آهيان

بي حقيقت، بي بقا ۽ بي مُلهه!!

ڏينهن ڏِٺي جو ڪوئي سپنو آهيان

مُنهنجي اندر ۾ بغاوتَ آهي

ٽينءَ دنيا جو مان نقشو آهيان

 

 

*

چورَ آهن وري اُٿيا تَر جا

بند رکجو، سڀئي دَرَ گهرَ جا

 

ڪو ٽهڪُ ڏين نڪو روئِن ۽ رَڙن

ماڻهو ٿيندا وڃن پيا پٿرَ جا

 

سجَ اُڀرڻ سان رنگ رنگ چهرا

روڊَ ڳهندا وڃن ٿا ڏامرَ جا

 

ايئن محسوس ٿا ٿين ماڻهو

جيئن شو پِيسَ سنگمَرمَر جا

 

ڪجهه سيڪنڊ ٺهي، ڊهي ويندا

ظلمَ آهن ڪي ڦوٽڙا جَرَ جا

 

وحشتون دل ۾ ٿيون اچن گهڙنديون

طاقَ نِڪتا پيا آهن دَرَ جا

 

ڪنهن آگمَ جي آسري آهيون

پاڻَ ڏُتڙيل لڳون پيا ٿَرَ جا

 

 

*

حقيقتون ڪي، ڪي خوابَ چهرا

سوالَ چهرا، جوابَ چهرا

 

ٿي برف وانگي رِجي وڃي دِل

ڏِسي ڪري آفتابَ چهرا

 

اکيون اُنهن کي ٿيون روز پُوڄنِ

پيا وڌائن ثوابَ چهرا

 

اسان جي حصي ۾ آيا هردم

ڪي حل نه ٿيندڙ حسابَ چهرا

 

پيارَ جي راهه جا مُسافرَ

هي چنڊَ چهرا، گُلابَ چهرا

 

ڏِين ٿا پنهنجا پرايا بڻجي

اسان کي ڪيڏا عذابَ چهرا

 

رهن پيا ڌُنڌ وانگي ڇانيلَ

ذهن تي بي حسابَ چهرا

 

*

توسان نينهن نيارا ٿي پيا

ڏينهنَ ته مُرڪڻ وارا ٿي پيا

چاهتَ اهڙو رنگ رچايو

چهرا چنڊَ، ستارا ٿي پيا

تُنهنجو مَنُ ئي منزل مُنهنجي

اکڙيون اکڙيون چارا ٿي پيا

توکي دوست ڪيوسي دلبَر!

دُشمنَ، دنيا وارا ٿي پيا

ماکيءَ جهڙا مٺڙا ماڻهو

ڇا کان ٽُوهَه ڪسارا ٿي پيا؟

يادون، سپنا، خطَ اوهانجا

جيئڻ ڪاڻِ سهارا ٿي پيا

ڏورانهين ڪنهن ڏيهِه وڃن پيا

خيالَ به هِن وڻجارا ٿي پيا

ڪِن جون راتيون روشن هونديون

پنهنجا ڏينهن به ڪارا ٿي پيا

مُرڪي مُرڪي ڏُک ڏَسياسي

ٻُڌندڙَ روئڻ هارا ٿي پيا

جيڪي گُلَ! ڌِڪاريا دنيا

سي ئي توکي پيارا ٿي پيا!

 

*

نِيري اُڀَ تي جيئين ستارا هِن

لُڙڪَ اکڙين ۾ ايئن ڦهليا هِن

ساريون همدرديون کپي ويندوَ

گهاوَ پنهنجا تمام گهِرا هِن

جن جي ڪائي به ساڀيا ناهي

سي اَسانجي اکين جا سپنا هِن

ڪير ڄاڻي ته ڪهڙِي راهَه وٺن

جيڪي تُنهنجي شهر مان نِڪتا هن

يادون بارودَ جي سُرنگن جيان

ذهن ۾ هر طرف ڌماڪا هن

جن جو احساس ويو مري آهي

هاڻي ماڻهو اُهي ئي جيئرا هِن

پهڻَ- اکيون، کنڊرَ کنڊرَ چهرا

هر طرف دٻيل ڄڻ ته نعرا هِن

جن جي چهري تي جنگِ جي ڪارنهن

تن جي هٿ ۾ اَمُن جا جهنڊا هِن!

روز چِيڀاٽجن ته به خاموش

ماڻهو ڏامرَ جا ڄڻ ته رستا هِن

 

*

راتِ توڙي گهڻي انڌاري آ

روشنيُن جي تلاشَ جاري آ

 

جنهن تان هُن جو اَچڻ نه ٿيندو آ

مان اُها راهَه ڀي نهاري آ

 

سچُ ڀي کيس ڪُوڙ لڳندو آ

هُن اهڙي نِگاهَه ڌاري آ

 

ٻِن اکڙين جي بند خانن ۾

چنڊِ سپنن جي ريزگاري آ

 

مُنهنجي حالتَ آ، وچَ- اوڀَر جي

تُنهنجو شيوو تباهه ڪاري آ

 

ٿوري ڪاوڙ ڪرڻ جي عادتَ ٿس

ڇوڪري هونئن ته ڏاڍي پياري آ

 

ڪو ستم ڪين ٿو سهي چُپ چاپ

گُل بيشڪ وڏو ڏوهاري آ

 

*

دانهنَ بڻائيندين ڪڏهين تون گهرَ گهرَ جي

مولا سائين!، ماٺِ اسان جي اندرَ جي

 

سچَ سان ويسهَه گهاتي!!، سوچَ جي سيني ۾

هوريان هوريان نوڪَ لهي ٿي خنجرَ جي

 

ڪيڏا سُکَ جا خوابَ، اکين ۾ ماڻهن جي

ڪيئن ته حياتي گهارنِ پيا ٿا ٿوهرَ جي!

 

هڪ ئي نانوَ تي ڌَڙڪو تيز ٿئي دل جو

مِٽي، سُرمو ٿيندي ناهي هر درَ جي

 

ڪمرا سڀ اوندهِه جي ڌُوڙِ ۾ لَٽجي ويل

بتي ساري راتِ ٻري پئي پڌرَ جي

 

ذرا ذرا ٿي ويندو ڪُوڙَ جو آئينو

هڪڙي ٺوڪرَ کپندي آهي پٿرَ جي

 

*

شاعر جاڳي، تارا جاڳن

اکڙين ۾ اوجاڳا جاڳن

سُتيون پيون ساڀيائون آهن

سپنا ئي ويچارا جاڳن

هر ڪم سولو ٿي پوندو جي

دل جاڳي، دل وارا جاڳن

اَڄ جو غَم ئي ڪافي آهي

اَڄ ته نه گهاوَ پُراڻا جاڳن

مُنهنجي سوچن سان گڏجي ٿا

تُنهنجي گهرَ جا رستا جاڳن

ڪُجهه آهي جو نڪرڻ چاهي

اندر ۾ ٿا لاوا جاڳن

ماڻهو موتَ جي ننڊَ سُتل ۽

تاريخن جا صفحا جاڳن

نقشي ۾ تبديلي ايندي

ذهنن ۾ ٿا ويڇا جاڳن

گُل دُکن ۾ گهيريل آهي

هر پاسي ٿا ڪنڊا جاڳن

 

*

ٽُڪرا ٽُڪرا ٿيو پيو آهيان

پوءِ به پٿر کان پيو ٿو گهٻرايان

 

مونکي معلوم آ، ته مان ڇاهيان

تُنهنجي جُتيءَ ۾ پيرُ ڪيئن پايان؟

 

ايئن ڀلا ڪيستائين ٿي سگهندو؟

تون ته ڊاهيندو رهُه ۽ مان ٺاهيان

 

تُنهنجي معيارَ کي پُڄي نه سگهيس

هونئن ته ڪاٿي نه مان پُڳو آهيان!

 

هر ماڻهوءَ سان ڪين نفرت آ

هر ماڻهو کي ڪين ٿو چاهيان

 

ذهنَ جي ننڍڙي رُٺل ٻالڪَ کي

يادَ جي ٽولَ سان ٿو پرچايان

 

سج لَٿو ته شهر، ٻُڏي ويو اوندهِه ۾

هر روشن منظر، ٻُڏي ويو اوندهِه ۾

 

ڇوڪرَ!، تُنهنجي پيارُ جون پٿر ٿيون اکڙيون

اوسيئڙو ۽ دَرُ، ٻُڏي ويو اوندهِه ۾

 

چنڊَ- پرينءَ جي چهري تي، ڪاوڙِ- ڪَڪِريون

دل جو ننڍڙو گهرُ، ٻُڏي ويو اوندهِه ۾

 

وقتُ ڪڍي ڪُجهه ايندڙ وقت جو اُلڪو ڪرِ

تُنهنجو سارو تَرُ، ٻُڏي ويو اوندهِه ۾

 

آزاديءَ جا ديپَ جليا جي ذهننِ ۾

ساٿي!، هر سنگهرُ، ٻُڏي ويو اوندهِه ۾

 

روپُ وٺي نئون آءُ وري روپا ڪولهي!

ٿاريليون ۽ ٿَرُ، ٻُڏي ويو اوندهِه ۾

 

*

شخص هُو نرالو آ

جُونِ ۾ جُهڙالو آ

 

ڪنهن بور فنڪشن جو

آخري مقالو آ

 

زندگي خدا جو سُنهن

زهرَ جو پيالو آ

 

ڇوڪري ته ناهي هوءَ

شاهَه جو رسالو آ

 

ڪنهن به ڪم جو ناهي

هيڏو توڙي نالو آ

 

هُو حوالا ڳوليندي

ٿي ويو حوالو آ

 

 

*

ياد جڏهن ڪي آيا نيڻَ

لُڙڪن سان وِهنجايا نيڻَ

اوسيئڙي ۾ پٿر ٿي ويا

ڪين مگر پڇَتايا نيڻَ

ڳوڙها، عڪسَ، اوجاڳا، سپنا

ڪيڏا تو وَرسايا نيڻَ

چپڙن جي سهڪارَ سان تُنهنجا

راتِ اسان پرچايا نيڻَ

پيارَ اوهان جي خوشٻوءَ وانگر

مَنُ، ذهنُ، مَهڪايا نيڻَ

دل جي ٽاڪَ منجهند ۾ تُنهنجا

ڪڪرن وانگي ڇايا نيڻَ

نِرمل نيڻن واري ماڻهوءَ

مُنهنجا ڪين اگهايا نيڻَ

پوءِ به اوکيءَ جاءِ اَڙيا هِن

ڪيڏا مون سمجهايا نيڻَ

تُنهنجن يادُن جي رستن تان

مشڪل ساڻ ورايا نيڻَ

 

*

ميرا ڪپڙا رهن ٿا، شيو وڌيل

ساري دنيا کان ٿا رهون ڪٽيل

 

مُنهنجي جيونَ جيان آهن اڄڪلهه

مُنهنجي ڪمري جون هڙَ شيون وِکريل

 

ڪنهن گناهه جي سزا جي خوفَ جيان

ذهنَ سان يادِ ٿي رهي چِنبڙيل

 

تو سواءِ هر گهڙي پرين! آهي

ڪنهن بيوَهه جي سينڌِ جيان اُجڙيل

 

روز توڙي ملون، تڏهن به ائين

جيئن ميلي ۾ ڪي مِلن وڇڙيل

 

ماڻهو سُهڻا، غزل ۽ گُلَ جهڙا

بيوسيءَ جي صليب تي ٽنگيل

 

*

ايئن هِن لُڙڪن لارون پيارا!

اُڀَ تي ڪونجَ قطارون پيارا!

 

توسان گڏجي هليون ويون هِن

مُنهنجون نيڻَ نهارون پيارا!

 

پيارَ جون پنهنجون هونديون آهن

مُندون ۽ مَهڪارون پيارا!

 

تُنهنجا ڪيئي نالا، خوشيون

هِيرون ۽ هُٻڪارون پيارا!

 

ڪيڏيون چئنِ چَپن جي وچ ۾

دُوريءَ جون ديوارون پيارا!

 

تُنهنجي لَهجي تي ياد آيا

ڀالا، تِيرَ، تَرارون پيارا!

 

جيونُ پوءِ به جِيتي ويندو

توڙي هيڏيون هارون پيارا!

 

 

*

ٿوري گهڻي تي ٿي، ٿو وڃي روئڻَ هارڪو

پنجويهين سالَ ٿو لڳي، ڄڻ ته ٻار ڪو

 

وعدو ته، اُن ڏينهن کان جيئڻ ڇڏي ڏبو

توکي رهيو نه مون تي، جڏهن اعتبار ڪو

 

تو ساڻ پيارُ آهي، تڏهن ئي ته ٿا سهون

الزامَ ڪير ٿو کڻي، ايئن هاسڪار ڪو

 

هُو جڏهن ٿو ملي، ته لڳي اوپرَن جيان

چهرا کڻي ٿو گهمندو وَتي، بيشمار ڪو

 

دُکَ، انتظارو، خوفُ، تجسس ۽ وري دُکَ

جيونُ ٿو هاڻي ڊرامو لڳي، قسطوار ڪو

 

*

سدائين آهي جو، هر شخصَ کان وِساريو ويو

”ايازُ“ تُنهنجو سو، توکان به ڪين ساريو ويو

 

عجيب رنگَ، عجب ڍنگَ، تُنهنجي دنيا جا

جو دشمنيون نه هيون، دوستين کي ماريو ويو

 

سدائين دردَ اَچي دل ۾، دِل وڌائن ٿا

سدائين سُورَ سهي، نينهنُ آ جيئاريو ويو

 

اسان کي ڪين ٿا چاهيو، اسان کان نفرت ٿَوَ

اسان جو نانءُ پوءِ ڇو؟ ننڊَ ۾ پُڪاريو ويو!

 

سدائين رُئندا ۽ رُلندا رهياسي راتين جو

اوهان کان ڌارَ ٿي، آهي ائين گذاريو ويو

 

جڏهن به قُرب پِنڻَ، تنهنجي دَرَ تي آياسي

ڪڏهن دٻايو ويو آ، ڪڏهن ڌِڪاريو ويو

 

سدائين گهُنجَ وجهي ئي، ڏِٺو ويو مون ڏي

ڪڏهن به ڪين آ، ڀُلجي کِلي نِهاريو ويو

 

*

وِڇڙڻَ ويلي لُڙڪنِ ۾، هر سپنو وَهي ويو

سوچيان ويٺو هاڻي، تُنهنجو چهرو ڪيئن هيو؟

 

”هُوءَ هلي وئي، اسان ته توکان ڌارَ نه ٿينديون سي!“

ڀاڪِي پائي مونکي، تُنهنجن يادُن رات چيو

 

خطُ لکيئه، پوءِ فون ڪيئه، اڄ پاڻَ هلي آئينءَ

وِسريل ماڻهو ڪيئن اَلائجي، توکي يادِ پيو؟

 

ڪيرُ ونڊيندءِ، روز وڃين ٿو دردَ وڌائيندو

پنهنجي پاڻ کي معاف ڪري ڇڏِ، هاڻي يارَ ٺَهيو!

 

او منهنجون خوشيون!، او مُنهنجي نيڻن جا سپنئو!

مونکي آخر پاڻ کان ايڏو، ڇو ٿا دُور ڪيو؟

 

*

مون سان اَڪثر ٿو ملي، هاڻي پراوَن وانگي

هُو به ٿيندو ٿو وڃي، ڄڻ ته عذابن وانگي

 

مُنهنجي هر ڳالهه جو ڪنڌُ، هيٺ سدائين جُهڪيلُ

هُن جو هر عملُ عدالتَ جي سوالن وانگي

 

شهرُ ماڻهن سان ڀريل، ڪوبه خريدار نه پر

لُڙڪ پنهنجا به ٿيا، سنڌي ڪتابن وانگي

 

مُنهنجي واتان تُنهنجوئي ذڪرُ، سدائين نِڪتو

ذهن تي يادِ رهين، کٽيلَ ثوابن وانگي

 

پاڻ کي پاڻ ئي، سوچن جو ڪيوسي بيمار

پنهنجو جيونُ به هيو هونئن ته گُلابن وانگي

 

*

ياريون، رَسَ- رهاڻيون پيارا!

ساريون قُربَ- ڪهاڻيون پيارا!

 

هرَ هرَ يادِ اچي جي تُنهنجي

ڪاٿئون ڳوڙها آڻيون پيارا!؟

 

تُنهنجو پيارُ، ڪتابَ، هي ڪمرو

پنهنجي دنيا ڄاڻيون پيارا!

 

توکان، مون کان اهم نه آهن

هي راجا، هي راڻيون پيارا!

 

تُنهنجا ٽهڪَ سنڀالي رکنديون

يادون ڳوڙهن- هاڻيون پيارا!

 

خولَ مٿان هڪ خولُ نئون آ

چهرا ڪيئن سڃاڻيون پيارا!

 

آءُ ته لُڙڪَ اُگهان مان تُنهنجا

آءُ ته مُرڪون ماڻيون پيارا!

 

*

هُلَ رڳو هنگاما آهن

ماڻهو سچ پچ ڊراما آهن

 

جيونَ ۾ پرچاوَ نه ايڏا

جيڏا يارَ! رُساما آهن

 

هڪ ڀي خوابُ سلامت ناهي

نيڻَ ته ناهن، کاما آهن

 

سوچُون ننگي پيرين آهن

ذهنَ تَتَل ڄڻ ٽاما آهن

 

جيونَ جي آکاڻيءَ ۾ ڏُکَ

فُل اسٽاپ ۽ ڪاما آهن

 

شاعرَ جا دنيا جي نالي

شعر محبت ناما آهن

 

*

پنهنجو ڪوئي ڪمال ناهي مِٺي!

پيار کي ئي زوال ناهي مِٺي!

 

جڳَ جي ڪيتري اَٿئي پرواهَه!

توکي مُنهنجو خيال ناهي مِٺي!

 

جنهن جو ڪوئي جوابُ ڪين هجي

اهڙو ڪوئي سوال ناهي مِٺي!

 

ڀَرجي سگهندو نه، توکان وِڇڙي ڪڏهن

جهڙو تهڙو ته خال ناهي مِٺي!

 

توڙي ڪجهه ڀي نه آهي، هٿَ وَسَ ۾

پوءِ به سپنن جو ڪال ناهي مِٺي!

 

جن به نيڻن ۾ نينهُن پَلجي ٿو

تن جو ڪوئي مثال ناهي مِٺي!

 

تون ملينءَ، جڳُ ڇڏي وڃي ڀل ته

هاڻي ڪوئي ملال ناهي مِٺي!

 

*

ڊاهي هٿَ جون سڄيون لڪيران مان

ڀاڳَ جي شهرَ مان ٿو تَڙجان مان

تُنهنجي گهرَ جي تلاش ناهي دوست!

پنهنجي گهر کي پيو ٿو ڳوليان مان

زندگي قيد ڄڻ ٽِڪُنڊي ۾

جڳُ مون کي ۽ توکي چاهيان مان

خوفَ جو خول لاهي، اُڇلائي

شهرَ جي گوڙَ ۾ ٿو نِڪران مان

جڳَ کي جو وَڻي ڪري مونکي

ٺيڪ آهي غلط ٿو سوچيان مان

اَڄ به ڪلهَه جيان اُداس ۽ تنها

تُنهنجي گهرَ جي اڳيان ٿو گُذران مان

شالَ اهڙو به ڏينهن اَچي جڏهن

توکي ڪنهن گيتَ وانگي ڳايان مان

سجَ جو موت ڪوئي ٿيڻو آ!!؟

ڏِسُ نئين تاوَ سان اُڀران مان

 

*

سجَ لهندي جو ڪو منظر آهيان

مان انڌيري ڳليءَ جو گهر آهيان

ڪالهه ڀي دردَ ئي هئا، اڄ ڀي

ڪنهن اُداسيءَ جو مُنتظر آهيان

تُنهنجي يادُن جون پناهَه- گاهون مليون

هاڻي هر خطري کان ٻاهر آهيان

هُن جي ورتاءَ مان لڳي ٿو ڄڻ

ماڻهو ناهيان، مان ڪو پٿر آهيان

مُنهنجي جذبن جو ڇو خيال ڪندينءَ

ڪهڙو آخر مان معتبر آهيان

دردَ ٻارن جيان ٿا رانديون ڪن

پَڪَ سِري گهرَ جو پڌر آهيان

هر عبادتَ آ، منهنجي اندر ۾

مان ئي مسجد، مان ئي مندر آهيان

 

*

ڳالهِه، ڇڏيو ٻي مرهمَ جي

غم ئي دوا، پنهنجي غَمَ جي

پنهنجو ڪوئي ڏوههُ نه آهي

ڀوڳيون پيا ٿا آدمَ جي

وَبا جيان ڦهلِي جَڳَ ۾

ڳالهِه، اسانجي سنگمَ جي

هُوءَ تصويرَ به سونهنَ بڻي

ڪنهن ٻئي جيونَ- البمَ جي

تُنهنجي ڀي جي ڪم نه آئي

پوءِ حياتي ڪنهن ڪمَ جي؟

ڪهڙا حالَ پُڇين ٿو جاني!

روزُ ڏهين آ محرمَ جي

هر پَل دِل جي سوڪَهڙي کي

اَسَ رهي ٿي آگمَ جي


 

*

هر گهڙي دردُ نيارو آهي

تُنهنجو مُرڪڻ ئي سهارو آهي

تيز اُس ۾ به ڇانوَ جو احساس

تُنهنجي گهرَ جو پرين!، چارو آهي

مُنهنجي مَنَ ۾ آهي طوفانُ مَتل

توڙي هر ماٺِ نظارو آهي

تُنهنجي اکڙين ۾ به نفرتَ مون لئه

هاڻي مشڪل ئي گذارو آهي

پاڻَ وٽ لُڙڪ رُڳو پنهنجا هِن

هر ٽهڪُ دوستَ! اُڌارو آهي

هُن ظالمِ کي به مون کان ئي سواءِ

باقي هر شخصُ ئي پيارو آهي

هيتري جڳَ ۾ اَڪيلو چُپ چُپ

گُل، پِرهَه جو جيئن تارو آهي

 

*

غَمَ، گهايلُ ڇڏيو ڪري سائين!

آءُ تون، هانءُ ڪو ٺَري سائين!

نَڪو سُر آهي ۽ نَڪا سُرهاڻِ

ساهَه ۾ باهِه ٿي ٻَري سائين!

ٿي سگهي ٿو مرڻ جي ويجهو پرَ

ڪوبه ڪنهن لئه نٿو مَري سائين!

يادِ ڪنهن بيوفا جي راتين جو

ذهنَ ۾ زهرُ ٿي ڀري سائين!

وقتَ آهي ڏنو سهارو جو

تو سواءِ ڀي پئي سَري سائين!

مُنهنجي خاموشِ زندگيءَ ۾ اچُ

ڇَڄَ ڳالهين جا ڪي ڀري سائين!

حالُتن جي سمونڊَ ۾ پيو ٿو

پيارُ پنهنجو ٻُڏي، تَري سائين!

 

*

اجنبين وانگي ملياسي تون، مان

نه رُناسي، نه کِلياسي تون، مان

 

ساڀيا جو نه ڪوئي روپُ مِليو

سپنا، سپنا ئي رهياسي تون، مان

 

زندگيءَ هيءَ جُوئا به هارائي

آخري داءُ هياسي تون، مان

 

جيئن افسانو ڪو عُنوانَ بِنان

تيئن اي دوستَ!، تياسي تون، مان

 

لُڙڪَ ته کوڙَ وهيا، وَهندا رهيا

صرف مُرڪي نه سگهياسي تون، مان

 

ڪيئن هڪٻئي کي سهارو ڏيون ها

هڪ ئي وقتِ ڪِرياسي تون، مان

 

جڳَ جي اک ۾ سدائين ڄڻ ته

ڪَکَ وانگي ها پياسي تون، مان

 

*

دردُ ڪو جنهن ۾ ناهي دوستَ!

سا دِل پٿر آهي دوستَ!

 

مُنهنجيءَ دل ۾ پيارُ آ تنهنجو

تُنهنجيءَ دل ۾ ڇاهي دوستَ؟!

 

جيونُ سُهڻو ٿي پوندو آ

ڪو جي ڪنهن کي چاهي دوستَ!

 

ڪوڙين قُربَ اوهان جا آهن

ڪهڙا لاهيون، لاهي دوستَ!

 

ڀاڳَ ته پنهنجي وَسَ ۾ آهن

ڇڏبا ڪنهن ڏينهن ٺاهي دوستَ!

 

سچُ ته پٿرَ تي لِيڪو آ

ڪيرُ اُنهيءَ کي ڊاهي دوستَ!

 

ميريءَ ڦاٽلَ جهولَ ۾ مُنهنجي

هڪڙو ڀي گُل ناهي دوستَ!

 

*

لُڙڪَ ها، گيتَ ها، گُلابَ هئا

صرف پاڳل اکين جا خوابَ هئا

 

اسان ۾ دوستَ!، برابر گهڻيون بُرايون هِن

ڪٿي چئون ٿا، اسان اتي لَٿا ڪتابَ هئا

 

مان تُنهنجي شهرَ جي جنت مان، نيٺ تَڙجي ويس

گهڻائي کاتي ۾ توڙي، سندم ثوابَ هئا

 

اکيون، رَويو، چهرو ۽ لَهِجو ئي بدليل

عجيب طرح سان، ورتا ويا هسابَ هئا

 

عُمر گذاري ڇڏي سي، جوابَ ڳولڻ ۾

مِليا جي ماڻهو، سمورا ئي لاجوابَ هئا

 

هر امتحان ۾ ناپاس ئي رهيس ٿيندو

بدلجي سارا حياتيءَ جا ويا نصابَ هئا

 

اسانکي دوست ئي سمجهي نه ها سگهيا، هونئن ته

نه ڪي رڍون ئي هيون ۽ نه ڪي ربابَ هئا


 

*

ڇو بدلجي ٿي وڃين تون کَنَ ۾

ڪُجهه ته ويساههُ ڪجي ساجَن ۾

 

دردَ آهن جو کُٽڻ جا ناهين

دوستَ گهاريون ٿا پيا موجَن ۾

 

تُنهنجي باري ۾ غلط ڳالهِه ٻڌي

باهِه ڪائي ٿي لڳي ڄڻ تَنَ ۾

 

جڳَ وارن کان ڊڄڻ ڇا جو آ؟

ڪا بُرائي ته ڪين آ مَنَ ۾

 

تُنهنجي ناتي ته جيئون ٿا جاني!

ڪهڙي آهي خوشي ٻي جيونَ ۾؟

 

قُربتون، فاصلا ۽ تُنهنجي يادِ

رنگ ڪيڏا ڀَرنِ پيون فَنَ ۾

 

گُلَ! سدا سوچَ ۾ رهين گُم سُم

ايڏو سنجيدو، نه جوڀَنَ ۾

 

*

تُنهنجا ڳوڙهنِ سان يارَ!، آلا نيڻَ

دل تي بڻجي لڳن ٿا ڀالا نيڻَ

 

پيارا پرچن روئَنِ، رُسنِ به روئنِ

نينهن وارنَ جا هِن نرالا نيڻَ

 

ڪنهن کي چاهين ته پيارُ اوتنِ ٿا

ڪنهن سان اٽڪنِ ته ڄڻ جوالا نيڻَ

 

ڪِن جون اکڙيون انڌيرا، ڪاري راتِ

ڪِن جا چانڊوڪيون، اُجالا نيڻَ

 

توکي سارنِ، روئنِ، تَڪنِ راهون

ڪهڙا ڪهڙا ڪڍن ڪشالا نيڻَ

 

اَڻ پيتي ٿئي نَشو جي ڏِسين

تُنهنجا هِن مَڌُ جا پيالا نيڻَ

 

آءٌ چاهيان ٿو سي چُمڻ جيڪي

سنڌُ جي سِڪَ جا حوالا نيڻَ

 

*

گوري رنگَ رنگيلي آهي

ڄڻ چڻنگائي تِيلي آهي

 

هڪڙي تُنهنجي ئي خاطر مون

ڏني دُنيا کي تِيلي آهي

 

ٻن دلين جي ڪاڻِ جُدائي

ڪيڏي نه زهريلي آهي

 

هر هر کيٽو، هرهر کيٽو

ڪيڏي ڏاتِ هٺيلي آهي

 

اکڙين اُڀ تي آگمَ ڇانيا

موسمَ جي تبديلي آهي

 

ڏسي اسان کي مُنهن ٿا ڦيريو

اها ته صاف بخيلي آهي

*

سنگ ساٿي نه ڪوئي، نه ٻيلي آ

زندگي ڄن خُدا جيان اَڪيلي آ

 

مُنهنجي سوچُن کي ٻوڙي وئي پاڻَ ۾

سونهنَ تُنهنجي، پرين!، ڄڻ ڦُليلي آ

 

مُنهنجي ڪَوتا کان مٺڙا!، گهڻي معتبر

تنهنجي وارنِ ۾ اَٽڪيل چنبيلي آ

 

دردَ دل کي چُٽيندي رهي ٿي سدا

تو سواءِ هر گهڙي ڄڻ گُليلي آ

 

هڪ شاعرُ ۽ خوشيون، لڳي ئي نٿو

پوءِ به چاهي ٿي مونکي، ڳهيلي آ

 

چارئي پهر ڳِڙکيءَ ۾ اَٽڪيل اکيون

ڏارَ ئي ڏارَ ساري حويلي آ


 

*

تون ۽ مان هڪ ٻئي کان هئاسين جُدا

مُرڪندا ئي رهيا وچَ جا فاصلا

 

هٿَ پابند ۽ چَپَ، چُپ چاپ ها

ذهنَ ۾ لفظَ سُڏڪا ڀريندا رهيا

 

وقتُ مون کان کَسي جو به کَسڻو اَٿس

تُنهنجي گهر ڏي وڃن ڀاڳَ جا پيچرا

 

سُکَ سڀ ڪُجهه وِساري سُتا ئي رهيا

ڏينهنُ جاڳيو ته سڀ دردَ جاڳي پيا

 

هن ڌرتيءَ مٿان ايتريون رونقون

دل ۾ ويرانيون!!، يا خدا! يا خدا!!

 

ڪيڏيون مصنوعيتون زندگيءَ ۾ هيون

هڙَ مُرڪون ڦِڪيون، ٽَهڪَ ڀي کوکلا

 

موسمن جا بدلجڻَ جي، ايئن سُڌِ پئي

ڌُوڙ اُڏندي رهي، گُلَ ڇڻندا رهيا


 


* . ڪُونڀٽ: ٿر جو هڪ وڻُ، جيڪو ٿوهَر جي جُهڳٽي وچ ۾ اُڀري ايندي آهي.

[1] . موهن: ٿَر جمو البيلو راڳي موهن ڀڳت.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org