سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: دک جي نه پڄاڻي آ

صفحو :5

 

*

جڳُ ٻُڌندو ته ڪينَ ڏيندو مِلڻُ

ايترو زورَ سان ته نانءُ نه کڻُ

 

باکَ جي ڦُٽڻ جو ڏِسي منظر

يادِ ڪنهن جو اچي ويو مُرڪڻ

 

ڪيترو پُرخلوص آهين تون

شهرَ ۾ ياد ٿو اَچي واهڻ

 

هڪٻئي کي ڏِسون ته مُنهن ڦيريون

شالَ اهڙو ڪڏهن نه ٿي گڏجڻ

 

موتَ کان زندگي ڏي آهي سفر

تُنهنجو مون کان رُسڻ، رُسِي پرچڻ

 

او پرين! زندگيءَ جو هر هڪ پل

تُنهنجي شاديءَ جو ڪارڊ آهي ڄڻ

 

گُل وِکريل هجي ته به خوشبوءِ

۽ هو پارس آهي ته به پاهڻ

 

*

تُنهنجي ڳليءَ جا ڦڙا هوندا

ڏينهنَ ۾ ڏَهه ڏَهه ڀيرا هوندا

 

تون جي ايندين گُم ٿي ويندا

توڙي گهور اَنڌيرا هوندا

 

جن کي توسان نفرتَ هوندي

ڏاڍا مَنَ جا ميرا هوندا

 

جيئن جيئن راتِ ڊگهي ٿي سمجهو

ويجها پڪَ سويرا هوندا

 

گولين جا آواز فِضا ۾

اُجڙيا ڪي آکيرا هوندا

 

ذهنُ جي ڦاٿو، ڦاٿل رهندو

يادِ جا سوگها گهيرا هوندا

 

گُلَ اُنهن جايِن تي ٽِڙندا

جاٿي تُنهنجا پيرا هوندا

 

*

پِرت جا پيچَ ڪي پائڻ گهُرجن

پاڻ تي لوڪَ کِلائڻ گهُرجن

 

ڪنهنجي هڪ مُرڪَ تي وِڪڻي ڇڏجي

مَنَ جا مولَ گهٽائڻ گُهرجن

 

ڪڏهن هُن کي به وِساري ڇڏجي

ڪڏهن ته خيالَ مَٽائڻ گهُرجن

 

سونهن جي نانوَ تي جهُڪجي سائين!

نينهنَ سان نينهنَ نِڀائڻ گهُرجن

 

لُڙڪَ اکڙين جا وڃن ٿا سُڪندا

ڪي نوان دردَ پِرائڻ گهُرجن

 

ڪيسين راهُن جي ڏُکيائي سَهبي

چونڊي سڀ پَهڻَ هٽائڻ گُهرجن

 

يا ڪَرايُن ۾ چوڙيون وجهجن

حوصلا يا ته وڌائڻ گُهرجن

 

ڀل ته اَنڌين سان وِڙهن ۽ وِچڙن

پاڻَ کي ديپَ جلائڻ گهُرجن

 

*

پلَ پلَ جو عذاب چاهي ٿو

مَنُ ڏاڍو خراب چاهي ٿو

 

هُن جو هر هڪ عمل ٻُڌائي ٿو

مون کي هُو بي حساب چاهي ٿو

 

پيارَ جي موٽَ، پيار ڏي تون ڀي

هرڪو جذبو جواب چاهي ٿو

 

پياسَ آهي وري لڳي گَهٽجڻَ

ذَهنُ ڪو نئون سراب چاهي ٿو

 

پنهنجي جيون- ڪتابَ ۾ هرڪو

ڪوئي رنگين باب چاهي ٿو

 

مون کي لائي گُناهَه جي رستي

هرڪو ماڻهو ثواب چاهي ٿو

 

ڪيرُ هَٿُ ٿو وڌائي ڪَنڊنِ ڏي

دوستَ! هرڪو گلاب چاهي ٿو

 

*

ڪيڏا لُڙڪَ لَڙيا آهن

منظرَ ڌُنڌلا ٿيا آهن

 

ڏُور وڃڻ چاهيم توکان

راهُن پيرَ جهليا آهن

 

راتِ سڄي رستن تي رُليو

دروازا بند پيا آهن

 

اڄُ ئي تون بدليو آهين ۽

اڄ ئي دردَ مِليا آهن

 

تُنهنجي ناتي سان مون تي

هر ڪنهن ڏوهَه مڙَهيا آهن

 

ڊائريءَ جي سيني تي وِکريا

تُنهنجا قول پيا آهِن

 

ساروڻيون، ساٿي ۽ سُکَ

هڪ هڪ ٿي وِڇڙيا آهن

 

دُنيا کي ڇِرڪائڻَ وارا

پاڇَن کان ڇِرڪيا آهن!

 

*

زندگي ڪربلا وڃي ٿيندي

هر دُعا، بَددُعا وڃي ٿيندي

 

پنهنجي بي حد حِساب طبيعت ئي

پنهنجي لئه ڄڻ سزا وڃي ٿيندي

 

جنهن تي ورتو وَفا جو قَسم اُها

پاڻ ئي بيوفا وڃي ٿيندي

 

ٿوري ٿوري، گهُري جهُڪائڻ ٿي

هوريان هوريان خُدا وڃي ٿيندي

 

مُنهنجو اگهُه روز ٿو وڃي گهٽبو

۽ هُوءَ بي بَها وڃي ٿيندي

 

هُوءَ ملي ڀي ته، ايئن ٿي محسوس

ڄڻ ته مون کان جُدا وڃي ٿيندي

 

*

هيکل دل ويچاري آهي

چوڏس چوراڪاري آهي

 

سُندر سپني جهڙي ڇوري

سوچُن تي سوڀاري آهي

 

رُڳو اسان وٽ آهي حياتي

سا ڀي يارَ! اُڌاري آهي

 

يادِ اوهان جيءَ ساڻُ سَجي دل

ٿي پئي سُندر ناري آهي

 

اُڀ ۽ ڌرتي مِليا اُفقَ وٽ

ماريو!، ڪاروڪاري آهي

 

دل سان پنهنجي ڀيڻي ناهي

توبَهن، توبَهن زاري آهي

 

سُهڻا سائين!، اسان اوهان جي

ڳالهه ڪڏهن ڪا ٽاري آهي!

 

جيڪا ڳالهه چئي هئي ڪلهه مون

اڄُ سا جڳَ اُچاري آهي

 

نيٺ گُلن سان ڀربي جيڪا

پنَ ڇَڻ ڇاڻي ٽاري آهي

 

مُنهنجي سهڻي، سادي سنڌڙي

جڳَ سڄي تي ڀاري آهي

 

*

دردَ اسان جي هانوَ ڏي، هَٿُ وڌايو پئي

پاڻَ ٻئي خاموش هُياسي، ڳوڙهن ڳالهايو پئي

 

تُنهنجي اکڙين هوريان هوريان، ايئن ڪيو سوگهو

ڄڻ ڪنهن ماريءَ ڄارَ ۾، پَنڇي ڦاسايو پئي

 

هڪڙو ڏاڍو پيارو منظرُ، راتِ ڏِٺو هو مون

اکِ ڀڳي ٿي تارنِ ۽ چنڊَ لَڄايو پئي

 

سنڌُ جي سُورن جون ڳالهيون پئي فنڪشنَ ۾ هليون

دل کئي دل ۾ ڪيڏن ماڻهن ۽ شرمايو پئي!

 

تَنهن وٽ تُنهنجنِ يادُن جا سَوَ سورجَ هوندا پڪَ

راتِ جي پهرين پهَر ۾ ئي جنهن، ديپ اُجهايو پئي

 

*

مُنهنجي سوچن تي نه ڌاڙو آهي

اهڙو خالي نه ڏِهاڙو آهي

 

تُنهنجو مايا ڏي جو لاڙو آهي

پنهنجي پيرنِ تي ڪُهاڙو آهي

 

ٻاهران ڪيڏو نه ڍڪيل آ، ماڻهو!

اَندران ڪيڏو نه اُگهاڙو آهي!

 

پيارَ جنهن جي تي کَڄنِ ٿا پٿرَ

هي اُنهيءَ شخصَ جو پاڙو آهي

 

تَنهن جي شعرن ۾ ڪٿان سوزُ اچي

جنهن جو اندر ئي ٻاڙو آهي


 

*

دردُ ڀاڪُرَ ڀري به مرڪيون مون

ٽَهڪَ ڏئي سُک مگر نه پاتو تون

 

هر دفعي هڪ نئون تجربو هو

ڪاوڙياسون، جڏهن ۽ پَرتاسُون

 

مُنهنجي چاهتَ جي ثابتي آهن

ڊائري، فونَ، خطَ ۽ تارون

 

زندگي دوستَ!، آهي واچُوڙو

پاڻ ڄڻ ڪَکَ پَنَ جيان آهيون

 

تُنهنجو هر ڏينهن آ ڏياريءَ جيان

۽ انڌيرا اسانجون ميراثون

 

ڪوڙَ ڪيڏو وڏو ٿي ڳالهايئين!

زورُ سچَ تي هيس ننڍي لاڪُون

 

اڄ جي سنڌ جو لِکو اتهاس

ڊَپُ، زخمي بَدنَ، ٻُسيون ٻانهون

 

*

ڪيڏا ناڪام ٿي ويا آهيون

صُبحَ مان شام ٿي ويا آهيون

 

تُنهنجي دل تان لَهي اسان سائين!

هاڻي گُمنام ٿي ويا آهيون

 

هرڪو ماڻهو ائين ٿو دُور رهي

ڄڻ ته الزام ٿي ويا آهيون

 

تون، مان مُرڪي مليا هئاسي بس

مُفت بدنام ٿي ويا آهيون

 

سونهنَ، سچَ ۽ سُڳنڌَ جا جڳَ ۾

پاڻَ پيغام ٿي ويا آهيون


 

*

مان هيس درد- غفائن ۾ گُم

تون هئين پنهجي اَدائن ۾ گُم

 

پنهنجو تختو ئي ويو اونڌو ٿي

هُو هيو لوڪَ لڄائن ۾ گُم

 

ڪيتريون معاف ڪري، معاف ڪندينءَ

پنهنجو جيون ئي خطائُن ۾ گُم

 

ٿي وئي آهي سدا ليکي مهلَ

هر وفا پنهنجي جفائن ۾ گُم

 

جي ڪِريل هٿَ کڄيا، ٿي ويندو

ماٺِ جو شهرُ صدائن ۾ گُم

 

اَچُ، ڪجهه عملَ جي دُنيا ۾ مٺي!

ڪيسين رهندينءَ تون دعائن ۾ گُم

 

پنهنجي ڏيئن کي سنڀالي رکجانءِ!

ٿينِ نه تيز هوائن ۾ گُم

 

*

حادثن جو شڪارَ ٿيندا وڃن

ماڻهو جي بُردبارَ ٿيندا وڃن

 

آئيننِ جي اڳيان اَچي چهرا

پاڻَ کان شرمسارَ ٿيندا وڃن

 

ڪالهه هڪڙو ئي هٿُ کڄيل هو اڄُ

هڪ، ٻه، سوَ، هزارَ ٿيندا وڃن

 

همتون ڇو جوابُ ڏينديون وڃن!؟

منزلون، رهگذارَ ٿيندا وڃن

 

توسان ملندي جي پنَ ڇڻَ به هجي

ايئن لڳي ڄڻ بهارَ ٿيندا وڃن

 

هِڪ سکُ لاءِ سؤ دفعا روئڻ

ٽهڪڙن جا ڏُڪارَ ٿيندا وڃن

 

وحشتُن جي به انتها آهي

خوابَ، اکڙين کان ڌارَ ٿيندا وڃن

 

*

نينهنُ ساڳيو، نه نگاهون ساڳيون

ڪيئن رهنديون اُهي ٻانهون ساڳيون

 

تون ۽ مان دوستَ! بدلجي وياسي

پر نه بدليون، اُهي راهون ساڳيون

 

پيارَ جو سفرُ شروع ”آهَه“ سان ٿيو

۽ رهيون ڀي وڃي آهون ساڳيون

 

جن ۾ سپنن جا متلَ ميلا ها

هاڻ هيکل سي نگاهون ساڳيون

 

اڄُ به مهراڻُ سڄو مِياڻي آ

لاٽَ جون ٻاٽَ تي ڪاهون ساڳيون

 

هيءَ ڊگهي راتِ سهي، کُٽندي ضرور

درد رهندا، نه ئي دانهون ساڳيون

 

*

سُورَ سهڻ جو ڪو ساهَس

ناهي دنيا!، بس ڪر بس

 

اَڄڪلهه پنهنجو جيونُ ايئن، جيئن

ٻين وڳي کان پوءِ ڪئمپس

 

پنهنجو پنهنجو پارٽ ڪيون پيا

دنيا هڪڙي آ، سرڪس

 

پاڻ ته پيارُ ڪندا رهنداسي

هُن تي پنهنجو ڪهڙو وَس

 

هُو جو مون سان ملندو آهي

ماڻهو ٿيندا هن جيليس

 

منهنجي دِل جي اونداهُين ۾

تُنهنجي پيار ڪئي چوڏس

 

تنهنجي ذڪر بنا هِن پيارا!

ساريون ئي ڳالهيون بوگس

 

پيارن ماڻهن جي سامهون گُل

ٿي ويندو آهي بيوس

 

*

مون لئه پٿرَ جا ماڻهو

پنهنجي ئي گهرَ جا ماڻهو

 

تون جي گڏُ آهين مون سان

هڪڙيءَ ٺوڪَر جا ماڻهو

 

ڪهڙي اُجري ڳالهه ڪندا

ميرا اندر جا ماڻهو

 

تون بادل ۽ يارَ!، اَسان

جهڙوڪر ٿَرَ جا ماڻهو

 

جذبن کان ئي خالي آهن

جهڙا ڪاڳر جا ماڻهو

 

*

تُنهنجي سامهون آ، جهڙو حال آهي

باقي چَرئي ٿيڻ ۾ سال آهي

 

خالُ آهي، رُڳو سوال آهي

چهري چهري تي ڏس زوال آهي

 

ڇو نٿي ٿي وڃين ڀلا مُنهنجي

توکي ايڏو اگر خيال آهي

 

گهُٽَ، ٻوسٽَ ۾ جيئرا ماڻهو!!

بس سڄو پيٽ جو ڪمال آهي

 

جو به ڪُجهه ٿي رهيو آ، دنيا ۾

طاقتُن جو ننڍو مثال آهي

 

توسان تُنهنجي ستم جو ذڪر ڪيان!

مون کي اهڙي ڪٿي مجال آهي

 

تُنهنجي ڪاوڙِ ته مان سَهي ويندس

توکي روئندي ڏِسڻ محال آهي

 

*

پيارَ جو ديپُ، جلائي ڇڏبو

لنئون ڪنهن ساڻُ ته لائي ڇڏبو

 

تُنهنجي ڳولا ۾ پرين! ٻيو ته ٺَهيو

پاڻُ پنهنجو به وڃائي ڇڏبو

 

تُنهنجي راهُن تان ڏُکن جو پيرو

پنهنجي راهُن ڏي مَٽائي ڇڏبو

 

دوستَ! هڪوار چئي ڏسُ ته سهي

توکي روئي به کلائي ڇڏبو

 

دردَ، ديوانگي، يادون تُنهنجون

دل کي ڪنهن سان ته سَجائي ڇڏبو

 

*

چُپ جي ديوارِ کي ڊهڻ گُهرجي

ڪجهه ٻُڌڻ گُهرجي، ڪجهه چوڻ گهُرجي

 

پيارُ اُهڃاڻ آهي جيونَ جو

ڪنهن نه ڪنهن سان، ڪڏهن ڪرڻ گهُرجي

 

هُن جي مرضي ته هو رَهي يا وڃي

هُن کي پر وڃڻ کان، جهلڻ گهُرجي

 

جڳَ وارن جي لَڄا بيشڪ ڪرِ

ڪڏهن ڪڏهن ته به ملڻ گهُرجي

 

هڪٻئي تي رهي نه جي ويساهُه

دوستي اهڙي پوءِ ٽُٽڻ گهُرجي

 

ڪوبه رستو نه ٻيو سُجهي جڏهن

پنهنجي گهر ڏانهن تڏهن وڃڻ گهُرجي

 

ڌُوڙ ئي ڌُوڙ ٿي ويو جيونُ

هاڻي بس ماڳَ کي ملڻ گهُرجي

 

*

تون ٿي چونڊين ڪنوَلَ

لُڙڪَ مون وٽ اَجهلَ

مُرڪبو ڀي ڪڏهن

واندڪائيءَ مَهل

دردَ آهن مِليا

تورَ کان ڀي اُٽلَ

رات ڪاريءَ ۾ هِن

تنهنجون يادون مشعلَ

روزُ ملندينَ جي تون

روزُ لکبا غزلَ

تُنهنجو چهرو قُرآنُ

مُنهنجا هٿڙا رحلَ

نانءُ تُنهنجو ٻُڌي

هانوَ کاڌي اُڇلَ

ڪهڙا ليکا ڪجنِ

زندگي چار پلَ

تون به ڏوهي هئين

مان به ڏوهي ”سچلَ“!

سوچُون سَهڪنِ پيون

ذهنَ آهن ٿڪلَ

 

*

نڪو ساٿُ مون سان ڏئي ٿي سگهين

نه ئي ساڻُ ٻئي سان سَهي ٿي سگهين

 

وسارڻَ کان اڳ ۾ هي سوچين ته ها:

”ڀلا ڌارَ مون کان رهي ٿي سگهين؟“

 

محبت ته ظاهر ٿئي، ڪيئن ٿي؟

نه ٿي ڪجهه چوڻ ڏئين، نه چئي ٿي سگهين

 

هجومن ۾ ايڏو نه ٿيو آهيان گُم

جي چاهين ته مون کي لهي ٿي سگهين

 

حياتي! عجب ڪشمڪش ۾ وڌئي

ڊهين ٿي نَڪو تون، ٺهي ٿي سگهين

 

*

ديوي! دل ۾ يادون تُنهنجون، مَنَ ۾ تُنهنجي مورتَ آهي

دل ۾ پيارَ جا ديپَ جلائي، پُوڄاريءَ جيان پوڄيان ويٺو

 

تون جي آهين سڀ ڪجهه آهي، توبِن جيونُ، جيونُ ناهي

گيتن منجهه سي سورَ سمائي، شاعرُ بڻجي ڳايان ويٺو

 

هيڪل هيڪل مَنُ هي مُنهنجو، تنهنجي اَچڻ جي آسَ لڳائي

دوکا روز نوان ڏئي دل کي، نيڻين ننڊَ ڦِٽايان ويٺو

 

پرواني جيان پريت آ مُنهنجي، جنمَ جنمَ ۾ جلندو رهندس

تُنهنجي ڪارِڻ ڏياٽيءَ وانگر، جيءَ کي روز جلايان ويٺو

 

”گُل“ بڻجي مون ڳوليو توکي، باغَ باغَ ۾، پريتم پيارا!

سجَ اُڀرڻ سان نِير بڻائي، ماڪَ ڦُڙا برسايان ويٺو

(زندگيءَ جو پهريون غزل)


 

*

دردَن سان دوستي ڪر!

راهُن ۾ روشني ڪر!

 

مون ساڻُ دوستيءَ ۾

ايڏي نه دُشمني ڪر!

 

هُن سان ملڻ جو سوچي

سُرهاڻ زندگي ڪر!

 

او سونَهن!، مُنهنجي دل تي

اچُ وارُ آخري ڪر!

 

هُن سان گُذارِ پنهنجي

ڀاڳن تي شاعري ڪر!

 

سنڌُ جو ڪرين ٿو سودو؟!

تنهن کان ته خودڪشي ڪر!

 

ٿورو تون جاڳُ ۽ پوءِ

جيئڻ جي خاطري ڪر!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org