سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: دک جي نه پڄاڻي آ

صفحو :6

 

*

نيڻَ نيڻن سان مِلي، ايئن مُرڪيا

ٻه رُٺلَ ڄڻ ته پاڻَ ۾ پَرچِيا

 

تارا تارا، هو ذَهن جو آڳُر

تُنهنجي يادُن جا ڪيئي چنڊَ چڙهيا

 

شهرُ دل جو سڄو ٿيو خوشبوءِ

ٽهڪَ تُنهنجا گُلن جي مثل ٽِڙيا

 

ساڀيائون کَسي وٺو ڀل جي

ڪين سگهندؤ کَسي مگر سپنا

 

تُنهنجي نيڻن کان مُعتبر ناهِن

ڪنهن مُقدس ڪتابَ جا صفحا

 

تُنهنجي پيرن ۾ هئي لڳلَ ميندي

مُنهنجي گهر جا ته ها کُليل رستا

 

روشني جهِيڻي جهِيڻي ٿيندي وڃي

۽ وڌندا وڃن پيا پاڇا

 

*

کاتا ٿي رکين هيڏا، جي مُنهنجي خطائُن جا

دَرَ بند رکيا ٿي ڇو، پوءِ جان!، سزائُن جا

 

گهرُ ناهي جي مونکي ته، اَچرج ٿو ڪرين ڇا جو؟

گهرَ هوندا ڪٿي آهن؟، خوشبوءِ جا، هوائن جا!

 

سڀ ديپَ- اُجهيلَ راهون، خاموشي ۽ چوڌاري

سڏَ، پيرَ چُمي موٽيا، پنهنجن ئي صدائن جا

 

ها دوستَ!، اسانجي ته، نالي سان ڳنڍيل آهن

ڪجهه پيارَ ڪرڻ جا ۽، ڪجهه ڏوهَه وفائُن جا

 

بارود، بُکون، باهيون، هي ظلمُ، جبر، وحشتَ!

ڌرتيءَ تي لکين ٿورا، ڌرتيءَ جي خدائُن جا

 

*

زندگي توڙي جي عذابُ ڪوئي

ناهي پوءِ به سندس جوابُ ڪوئي

 

دردَ اَچ! دَرُ کُليل آ دل جو

دوستن سان نه ڪرِ حسابُ ڪوئي

 

يادِ جا عڪس ڪجههُ ڇڏي ويو بس

پيارُ تُنهنجو به هو خوابُ ڪوئي

 

صفحي صفحي تي تُنهنجو نانءُ ڏِسان

جي کڻان پڙهڻ لئه ڪتابُ ڪوئي

 

يادون هر وقت ڀِٽڪنديون ٿيون رهن

ذهنُ آ ٿي ويو سرابُ ڪوئي

 

جڳَ وارؤ!، گهڻائي گهاوَ ڏنوَ

خير، هڪ ڏينهن ڪبو حسابُ ڪوئي

 

گُلَ!، توسان به پيو ڪري ليکا

ماڻهو ڏاڍو آهي خرابُ ڪوئي


 

*

ڀرپور نگاهُن سان ڏِسي ڀي نه سگهياسي

هڪ دردُ کڻي دوستَ!، اوهان ساڻُ ملياسي

 

ڪيڏا نه اداڪارَ وڃون پاڻ پيا ٿيندا

دل ۾ ته رُناسي پئي، ٻاهر ٿي کِلياسي

 

سڀ گيتَ، سڀئي ٽهڪَ، زماني جي پلوَ ۾

سڀ لُڙڪَ، سڀئي گهاوَ، اسان جهولَ جهلياسي

 

جو شخصُ ملي ٿو، سو ڀري زَهرُ اکين ۾

ايئن ٿو لڳي شهر تي ئي ڄڻ بارُ ٿياسي

 

هُن کان ته جوابن جون تقاضائون ئي بيڪار

پنهنجن ئي سوالن ۾ ته وِچڙي ها پياسي

 

اَڄُ نانءُ ڏِنو اُن به خزائُن جو اسانکي

جنهن لاءِ بهارن جو ڪو پيغام هياسي


 

*

خالَ ئي خالَ زندگي آهي

بس اُڌاري ئي هر خوشي آهي

 

مُستقل دردَ هِن، اُداسيون هِن

پيارُ تنهنجو به عارضي آهي

 

تُنهنجي هوندي، آ جيئڻ جو احساس

هونئن هر ڏينهنُ خودڪشي آهي

 

گهاوَ ڏئي، پاڻ ڀي ٿو روئي ڏي

هيءَ نرالي ئي دشمني آهي

 

ذهنَ جون سڀ ڳليون پيون جَرڪن

تُنهنجي يادُن جي روشني آهي

 

دل جون ڳالهيون به ڪين ٿو سمجهين

ڪهڙي آخر ڪا فارسي آهي؟

 

دوستَ! مونکي ڇڏي نه وڃ هيکل!

صرف توسان ته دوستي آهي

 

*

چمپا! مُنهنجي غزلن کي

پنهنجي ٿوري خوشبوءِ ڏي

 

دل چاهي ٿي گيتُ لکان

تنهنجي ساگَر- نيڻن تي

 

تون ڀي پٿرَ کڻُ سانئڻ!

تون ڀي چريو چئُه مونکي

 

ڪوڙُ ڪيان مان توسان ۽

تون ڀي مونکي دوکو ڏي

 

دِل ۾ روئيندو هوندو

هُو جو مُرڪي ٿو وِڇڙي

 

مُنهن ڦيري گُذري ويندو

هاڻي ڪاٿي گڏبو جي

 

ڏِسجو ڪيڏو روئي ٿو

هُو جو ايڏو خوش ٿو ٿي

 

ڪنهن کي ناهي حقُ اهو

مُنهنجي جيونَ سان کيڏي

شالَ ڪڏهن ڪو ڪمُ پويس

هونئن ته شايد ڪين اَچي

 

ذهنُ ته ٻوڙي ئي ويندو

يادِ جو درياءُ اُٿليو جي

 

*

ماڻهو مِٺڙا پيارا وو!

جيئن ڪي چنڊَ، ستارا وو!

نينهنَ اسانجيءَ دِل- ڌرتيءَ تي

ڀَري ڪيا وسڪارا وو!

وقتُ ڪري ٿو پَڌرا پيارا!!

ماڻهو اَڇا، ڪارا وو!

جيونَ مون کي ڀي ڪي ڏي تون!

ٻَٽِڙي پلَ اُڌارا وو!

نفرتَ، ڪاوڙِ، ٻولَ- ڪڙا ڄڻ

پوهَه جا آهن پارا وو!

جي ڪنهن کي به پيارا ناهن

ڪيڏا سي ويچارا وو!

سورجُ آهيان، مُنهنجي آڏو

ڪيئن رهن انڌيارا وو!

ٿورو ڏُک مليئي روئي پئين

حيفُ ٿي هيڏا سارا وو!

 

*

ساهَه ۾ سانڍيلُ ساجنُ آهي

مُنهنجو سارو ئي ڌَنُ آهي

مَنَ ۾ اهڙا جذبا آهن

جهڙو هُن جو جوڀنُ آهي

توڙي هُو ڀي روزُ ملي ٿو

پوءِ ڀي ويڳاڻو مَنُ آهي

مُنهنجي چوڌاري اوندهِه آ

هُن جو چهرو روشُن آهي

هُو ڀي مون سان ايئن ملي ٿو

ڄڻ ڪو مُنهنجو دشمنُ آهي

ميڙي ميڙي ٿَڪجي پيو هان

ڪيڏو وِکريل جيونُ آهي

روزُ نَون چهرنِ جي ڳولا

شهرَ جو شايد فيشنُ آهي

هڪڙي پينگهي ۾ جهُوليا هون

غَم ڀي منهنجو ئي سَنُ آهي

ڪيڏين صدين تي ڦَهليل آ

توبِن گذريو جو کَنُ آهي

 

*

شهرُ اوندهِه ۾ ڇو پيو ٻوڙي

پنهنجي وارَنِ کي ڪير ٿو ڇوڙي؟

 

بيوَفا کان وفا گُهرڻ وارو

ڄڻ ته پاڻيءَ تي پيرَ ٿو کوڙي

 

پاڻَ جي ٿا رڳو مِلون مُرڪي

جڳُ ڪيڏيون ٿو ڪهاڻيون جوڙي

 

ڪنهن تي ڪائي ميارَ ناهي پرين!

وقتُ ئي ڏاڍو تيز ٿو ڊوڙي

 

هاڻي شايد وري جُڙي نه سگهان

دردَ آهي ائين ڇڏيو ٽوڙي

 

*

تُنهنجي هڪ وينگسِ واهڻَ!

دِل کي وجهي وئي ڏانوڻَ

 

هَلڪو سلڪو سُک ڏيو بس

ڪين گهُرون ٿا خوشيون مَڻَ

 

عَجب دؤر آ، هاڻِ ته سائين!

ڇانوَ نه ڏين ٿا، گهاٽا وَڻَ

 

ڪوبه نه جاڳي ٿو جذبو

تُنهنجي آئي ڀي سانوڻَ!

 

شهر سڄي تي جادو ڇانيلُ

سارا ماڻهو پِنڊ- پَهڻَ

 

اِجهوڪِي آئي رُتِ- بَسنتي

آسَ ڏياري ٿي پَنَ ڇَڻَ

 

*

دل ئي ڇاهي، ساري هستي، داوَ لڳائڻُ چاهيان ٿو

پاڻُ وڃائي ڀي او پيارا! توکي پائڻُ چاهيان ٿو

 

ماڻُهن جا الزامَ سَوين پر، ڪوئي ته ڄاڻيندو هوندو

پاڻُ پَڏائڻ ڪڏهن نه چاهيم، پاڻُ وَڻائڻُ چاهيان ٿو

 

هيءُ جو ڪجهه ڀي آءٌ لکان ٿو، ڪنهن تي ڪو احسانُ نه آ

ڌرتيءَ جو هي قرض آ جيڪو، آءٌ چُڪائڻُ چاهيان ٿو

 

سونهنَ، سچائي ناهي جنهن ۾، ڳالهه نه سا ڳالهوڙو آهي

ڌرتيءَ کان جا ڳالهِه الڳِ، سا ڳالهَه ڀُلائڻُ چاهيان ٿو

 

گُم ٿي جنهن ۾، ڊَهي وڃن سڀُ، گُهگهه انڌيرا نفرتَ جا

پيارَ جو اهڙو روشن روشن، ديپُ جلائڻُ چاهيان ٿو


 

*

پيارُ ئي پيارُ ٿو گُهرڻ چاهيان

توسان گڏ ٿو جيئڻُ، مرڻُ چاهيان

 

تُنهنجو نالو وٺڻ بهانو آ

پاڻَ کي يادِ ٿو ڪرڻُ چاهيان

 

هر خوشي توکي ڏئي زماني جي

توکان هر دردُ ٿو ڦُرڻ چاهيان

 

آءٌ يادُن جو ديپُ آهيان پرين!

تُنهنجي دلِ ۾ پيو ٻَرڻ چاهيان

 

مُنهنجي منزل اڳي، گهڻي اڳتي

وقتُ آهيان، نٿو ورَڻ چاهيان

 

سچَ جي سِجَ جهڙي پيرنِ ۾

ڪُوڙ دنيا جو ٿو ڌَرڻ چاهيان


 

*

پِيڙا، پُورَ ۽ سُورَ سهيڙي

ڇا ڇا آيسُ موتي ميڙي

 

پيارَ جو ٻِجُ ڇَٽي دل- ڌرتي

هيرَنِ جهڙو هاري کيڙي

 

وقتُ وڏي مرهمُ آهي، پر

يادِ ڇڏي ٿي ڦَٽَ اُکيڙي

 

شالَ مان سِجُ ٿيان جيڪو ٿو

لَهندي ڀي ڳاڙهاڻِ پکيڙي

 

جڳُ پيو پوءِ جهومي، جنهن تي

سازُ ڪو اهڙو وڃبو ڇيڙي

 

*

ڇا نه مون سان آهي تُنهنجيءَ سارَ ڪيو؟

مون کي، مون کان ئي اَچي آ ڌارَ ڪيو

 

اهڙي حالتَ نفرتون ڀي ڪين ڪن

جيڪي مون سان آهي تُنهنجي پيارَ ڪيو

 

پنهنجي جيونَ ۾ اسان مُنهنجا پرين!

جيڪي ڪيو سو دَردَ جي آڌارَ ڪيو

 

توکي هيڏو خوش اگر ڏِسجان پيو

هيءُ جادو، يارَ جي اقرارَ ڪيو

 

ڪُوڙَ سان بيٺو سدائين ٻِٽُ ٿي

سچَ کي ڇو هيکلو سنسارَ ڪيو!؟

 

سنڌُ سان آهي ائين ئي ٿيو هتي

جيئن هاريءَ سان سدا ڀوتارَ ڪيو


 

*

مصنوعيتَ کان ٻاهر آهي

ماڻهو ڪيڏو دلبر آهي

هُو ڀي مون کان وِسري ويو آ

ڪيڏي مون کي ويسَر آهي

هٿُ مِلائڻ کان ڀي ڇِرڪن

مُنهنجو هٿُ ڄڻ ٿُوهر آهي

چهري تي ظاهر ناهي سو

جيڪو مُنهنجي اندر آهي

فُٽ- پاٿِ تي تخليقون هِن

سامهون خالقَ جو گهر آهي

ماڻهن وِچَ ۾ هڪڙو ماڻهو

ڄڻ ڪو راجا اِندر آهي

مالڪَ بدران ڳالهائي ٿو

آخر سچو نوڪر آهي

هُو جو هيکل ڳيرو آهي

تَنهن جي پويان لشڪر آهي


 

*

عمرِ کِلندي گُذارجي سائين!

ڪين روئجي، روئارِجي سائين!

 

لُڙڪَ حلُ ڪين هِن مسئلي جو

هانءُ پنهنجو نه هارجي سائين!

 

جنهن جي نيڻن ۾ نينهنُ پلجي پيو

سوئي دلِ ۾ ويهارجي سائين!

 

ڪڏهن ڀُلجي مِلڻ جي ڀي ته ڪجي

ڪين وعدي تي ٽارجي سائين!

 

ڪوئي بي موت ئي مري نه وڃي

ڏوُر ايڏو نه گهارجي سائين!

 

پيارَ جي بِيکَ جو گُهري، تنهن کي

ڪين دَرَ تان ڌِڪارجي سائين!

 

پيارَ پنهنجي جو ڪُجهه سهارو ڏئي

ڪنهن جو جيونُ سنوارجي سائين!

 

صافُ، سچا، سٻاجها ماڻهو جي

تن تي جيونُ به وارجي سائين!

 

هر گهڙيءَ ئي سَٺوسين، گهاءُ نئون

ڇا وِساري، وِسارجي سائين!

 

جي ڪُڇڻ چاهي ڪو، ڪُڇڻ نه ڏيو

زورُ ايڏو نه ڌارجي سائين!

 

هلُ ته اوگُل!، هلي اَڄوڪي راتِ

ڪنهن جي سپنن ۾ گهارجي سائين!

 

*

هِيڻو ئي نشانو آ

پٿرَ جو زمانو آ

 

چئبس ته: آ مجبوري

چوندي ته: بَهانو آ

 

هِن پيارَ جي سودي ۾

جيونُ ته بَيانو آ

 

ڪُجهه ٽهڪَ،لُڙڪَ، يادون

مون وٽ به خزانو آ

 

مُرڪڻ تي سزا ملندي

نئون حڪم روانو آ

 

هُن لاءِ سندم نالو

بڻجي ويو طعنو آ

 

*

عجيب مرحلا آهن، اوهان کي چاهڻَ جا

گهڙيءَ گهڙيءَ جا، جَتن هِن اسان کي ڊاهڻَ جا

 

ڏئي هُو دردَ ٿو چاهي، ته مُرڪندو ئي رهان

نوان ئي ڍنگَ سِکيو آهي، آزمائڻ جا

 

اُداس توکي ڪرڻ، ڪين ٿو گُهران بس مان

ائين ته مسئلا آهن نه، ڪي لِڪائڻ جا

 

اسان ته ساهَه کان ويجهو ٿيڻ ٿي چاهيو دوستَ!

اوهان کي خيالَ هئا، فاصلا وڌائڻ جا

 

سڄي حياتي ڀري پيئي، آهي لُڙڪن سان

مِلو ته ذڪر ڪيو، هيلَ ڪي کِلائَن جا

 

وساري ڇڏجي اوهان کي، ائين ڪو ٿي  سگهندو

اوهان به يارَ! ڀلا آهيو ڪي ڀُلائڻ جا؟

 

*

عشقَ عجبُ ئي رنگُ رچايو

تون آئين ڄڻ سانوڻُ آيو

روزُ اَچي ٿيون ننڊَ ڦِٽائن

پنهنجنِ يادُن کي سمجهايو

جذبا ماريا ويا سجدي ۾

يارو! ڪو ڪيڏارو ڳايو

ساري جڳَ لئه ڇانوَ ٿياسي

پيارَ حياتيءَ کي ڦهلايو

سچُ پچُ هاڻي روئي پئبو

هِيسيلَ کي چو ٿا هِيسايو!

هاڻي ڏاڍي وحشتَ ٿئي ٿي

ائين نه تڪڙا رنگَ مَٽايو

سڀ ڪُجهه سمجهيو ويٺا آهيون

ڇا سمجهون؟، ڇاٿا سمجهايو!

ديونِ جي وستيءَ ۾ آهيون

باقي ڇا کئون ٿا ڇِرڪايو؟

خوشبوءِ ڪين ختم ٿي سگهندي

ڇا جي هڪڙو گُل ڪُومايو!

 

*

ڪاري دونهين ۾ ٿي ويا ڪارا

اُجرا اُجرا، سچا سُندر جذبا

مَنَ تن جا اُماسَ جون راتيون

ريشمي ويسَ جن جا، چنڊ- چهرا

روئڻو پوندَو پوءِ اوڇنگارون ڏئي

ڏينهن ڏِٺي جو ڏسو نه ڙي! سپنا

امنُ جي جيئري لاشَ تي ٿي ڏي

جنگِ جي کوڳَ ڳِجهَه لامارا!

پيٽَ سان پَهڻ ٿا ٻَڌن ماڻهو

عيشُ بنگلن ۾ ڪن پيا ڪُتا!

 

ظلمَ جي تَتل- ڇانوَ جي هيٺان

ڪيئن مسافر اچي ڪي ٿَڪُ ڀڃندا؟

 

نيڻَ ناهن او سونهن وارا سندءِ!

مُنهنجي مهراڻ- مَنَ کان گهرا

 

*

سڏُ آهي ڪنهن جو دَرَ تي، نَڪو کَڙڪو آهي

هُو متان ڪين اچي، دل کي هي ڌَڙڪو آهي

 

غَزلُ اڄ راتِ پرين!، واهَه جو لِکجي ويندو

ذهنَ منهنجي تي سندءِ!، يادِ جو ڪَڙڪو آهي

 

ڪيڏو بيڪار ۽ بڪواس ذهنُ آ، جنهن ۾

ڪا نئين ڳالهه نه آهي، نه ئي ڀَڙڪو آهي

 

سچَ وارن جي هٿن ۾ ڪي ٻريل ديپَ ڏِسي

شهرَ اوندهِه جي ۾ ٽاڪوڙو ۽ ٽَڙڪو آهي

 

تو چيو: ”هاڻِ ڪڏهن ڪينڪي ملندِيس توسان“

گُل مَري پوندو جي، سچُ پچَ جو هي دَڙڪو آهي

 

*

هر گهڙي هڪ گهاءُ آ، ويٺا سَهون

نئين نموني روزُ ٿا ڊهندا رهون

 

زندگي اي دوستَ!، ائين گُذاري پئي

ڄڻ پيا ڀوتارَ جي بيگر وَهون

 

پاڻ ڄڻ، ڪاغذَ مٿان بيڪار نانءُ

وقتَ جي هٿ سان ڏسو پيا ٿا ڊَهون!

 

جنهن ۾ پنهنجي سوچَ ٿي سوليءَ چڙهي

حالتُن اهڙين سان آخر ڪيئن ٺهون؟

 

بس اهائي آسَ ٿي جيئرو رکي

مَن وڃايل واٽَ کي ڳولي لهون!

 

*

ڪُجهه وڃائڻ کان پوءِ لَهڻ تائين

جيئبو توسان پرين! ملڻ تائين

 

سلسلو يادِ جو ڊگهو هڪڙو

مُنهنجي مُرڪڻَ کان، آ رُئڻ تائين

 

ڪُجهه مهينا ۽ سالَ وچ ۾ هِن

ڪنهن جي هٿڙن کان ڳَلَ ڇُهڻ تائين

 

آءٌ سپنن ۾ ڪي گهڙيون گهاريون

ڏينهنُ ٿيڻ تائين، اکِ کُلڻ تائين!

 

ڪيترا ٿاٻڙيا، ٿِڙيا آهيون

گهرَ جي دَرَ تي اچي، پُڄڻ تائين!

 

ڪُجهه ته پَنَ ڇڻ ۾، پَنَ ڇڻندا ئي

يَر! بهارُن جي رُتِ اچڻ تائين!

 

گُهگهه اوندهِه، ڪڏهن نه ٿيڻي آ

چنڊُ چڙهي ايندو سِجَ لَهڻ تائين

 

*

رِم جهم رنگَ رچايا آهن

ڪورا نينهَن اُپايا آهن

 

هيلَ به منهنجيءَ دل ۾ ايندا

سورنِ پُور پَچايا آهن

 

ڪُجهه ته تون ڀي هٿَ ڊگهيڙِ

مون جي هٿَ وڌايا آهن

 

منزل پوءِ به ساڳي آهي

رستا جي بَدلايا آهن

 

آءٌ وڏو ماڻهو ڪونهيان ڪو

تُنهنجا خيالَ اجايا آهن

 

سچَ جي سُندر ناريءَ، گُهورِي

گهوٽَ گهڻائي گهايا آهن

 

ڇيرِ ٻڌي جذبن جي مون ڀي

پنهنجا گيتَ نچايا آهن

 

*

پاڻَ وٽ هاڻي يادون رهيون هِن ڇَڙيون

قُربَ جون سڀ ئي ٽوڙي هليا ويا ڪَڙيُون

 

پيارُ، سوچُون ۽ سَپنا ويا وِکرجي

هاڻي گُهُٽَ ۾ نه، گهاريون وڃن ٿيون گهڙيون

 

ميٺُ مانڍاڻَ مان ڪوئي، چُوسي ويو

سارو جيونُ ڦِڪو، ساريون ڳالهيون ڪَڙيون

 

متان سُک دفن ٿيل، لَڀي پئي هتان

اَچو دل جي دَردَن جون کوٽيون دَڙيونَ

 

پنهنجي منزل نه ڪائي، نه گَهرُ گهاٽُ ڪو

رولَ بادلَ جيان پيا گُذاريون گهڙيون

 

هُل ٿي پيو اِجهو، مُرڪي ڳوڙها اُگهو

سانتِ مان هي ٻُڌو، ڪي اچن پيون رڙيون

 

*

آءُ ڪيون ڪا روحَ رهاڻِ

دُور رهين ٿو ڇاجي ڪاڻِ؟

 

ڪارُين، ڪُجلين اکڙين ۾

مَڌُ ڀري تون مون لئه آڻِ

 

جيونَ جون هي چار گَهڙيون

مُرڪي مُرڪي مٺڙا! ماڻِ

 

ڪيڏو ڊُڪندين ڊوهَه پُٺيان

سچُ ڌِڪاري او اڻڄاڻِ!

 

مُنهنجي مَنَ جي گهايل گهايل

ڪوَيل ڪُوڪي تُنهنجي ڪاڻِ

 

روشن روشن مُنهنجون راهُون

چوڏَس چاهتَ جي چانڊاڻِ

 

تُنهنجي پيارَ سمائي پيارا!

مُنهنجي شعرن ۾ سُرهاڻِ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org