سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: دک جي نه پڄاڻي آ

صفحو :7

 

*

جيسين ڪوئي ڍولو ناهي

جيونُ گهارڻ سولو ناهي

تَنهن کي ڪيئن حياتي چئبو

جنهن ۾ ڪوئي رولو ناهي

سمجهي سگهڻ ناممڪن آ

دل آ، ڦاٽُل چولو ناهي

پنهنجي تنها جنگ وِڙهان ٿو

ساڻُ ڪو ساٿي، ٽولو ناهي

عيشَ جي ڪاڻ ڪِروڙين رُپيا

پيٽَ بُکئي لَئه لولو ناهي!

سڀڪو، سڀ ڪُجهه سمجهي ٿو

ڪوئي ٻالو ڀولو ناهي

جا نه ڦِهلجي، خوشبوءِ ناهي

جيڪو نه ڀڙڪي، شُعلو ناهي

ڳالهين کان ڇو ڇِرڪو ٿا پيا!

جذبا هِن، بَمُ گولو ناهي


 

*

هر ڪنهن دل ۾ دَردَن ديرو

ڪاٿي سُکَ جو ڀَڃجي ڀيرو؟

وَڻُ وَڻُ ويا واسينگَ وَڪوڙي

ڳوڙها ڳاڙي اُڏريو ڳيرو

عَجب اسان جي وستي آهي

چورُ، ساڌَ جو ڳولي پيرو!

ماڻُهن سچَ کي سچُ نه سمجهيو

ڪوڙُ ڪري ويو سوگهو گهيرو

توکي، مون ماڻڪُ سمجهو هو

تون ڀي نِڪتين مَنَ جو ميرو

ويڙهي کي ويران ڏِسي ۽

جلي پيو شاعرَ جو جيرو

گُل سدائين ساڳيو رهندو

ڀلي اَچي ماڻُهن ۾ ڦيرو

 

*

وقتَ ها ڦَٽَ جيڪي اُڊيڙي ڇڏيا

وقت آهن وري پاڻَ ئي سي سِبيا

پنهنجو درخواستون، سڀ ٿيون دَربَدر

دُشمنن جا سڀئي عرضَ آهن اَگهيا

آئين، موٽي وئين، پِنڊ- پَهڻ هوس مان

لفظ هِردي ۾ رهجي ويا اَڻ- چَيا

ذهن کان يادِ چِنبري چُميون ٿي وَتيون

آسَ، اوسيئڙي جا ٿي ڳوڙها اُگهيا

ٽَهڪَ ٻَٽڙي وِرهاست ۾ آيا ها، پر

عيشَ ۾ پاڻ سي ڀي اُڏائي ڇڏيا

عشقُ اَهنجن کان هِيسيل جڏهن ڀي ڏٺم

سهڻي، ميهار، سسئي، پنهون ياد پيا

تون اَڃا ويٺو سوچين: ”چوان، نه چوان!!؟“

چوَڻ وارا ڪڏهن جو، چئي ڳالهِه ويا

 

*

پٿرَ جهڙيءَ دل وارن سان، جيڪو پريتِ لڳائيندو

پاڳل ماڻهو روئندي، رُلندي، پنهنجو پاڻُ وڃائيندو

 

ڪِرندڙَ کي ڪو ڏِين سهارو، هيءَ هِتان جي ريت نه آ

هِن دنيا ۾ ڪوبه نه آهي، روئندن کي پرچائيندو

 

جيڪي راهُون ويا مَٽائي، ٻي اَڻ ڄاتي واٽَ وٺي

تن لئه نيڻن جا ڪو ڪيسين، ويٺو ديپَ جلائيندو

 

دل کي جوڙي ڪين سگهين تون، ٽوڙي ڄاڻين ٿو

تُنهنجي محفلِ ۾ جو ايندو، ويندو نِيرَ وهائيندو

 

تون ٿو سمجهين ڏور گُذاري، مون کي دوستَ! وِساري سگهندين

پر گڏُ گهاريل هر پلُ پيارا!، توکي پيو تڙپائيندو

 

بي قُربن جي دنيا ۾، او قُرب ورهائڻ وارا! هر

ڪو، تُنهنجي هِيرن جهڙن جذبن کي ٺڪرائيندو

 

هرڪو خوشيون چاهي ٿو، ۽ گيتَ خوشيُن جا ڳائي ٿو

گُلَ جا گيتَ غَمن جا سائين!، ڪيرُ انهن کي ڳائيندو!

 

*

ڪويل! پنهنجيءَ ”ڪوُڪوُءَ“ ۾ تون، جِهيڻو جِهيڻو ڳاءِ

مَسين ته دل جو دردُ سُتو آ، تنهن کي ڪين جڳاءِ

 

پيارُ ڪيوسي پاڳل ٿياسي، سياڻپ وئي وِسري

رُڃ پُٺيان ٿا ڊوڙن ويٺا، اُڃَ اُجهائڻ لاءِ

 

ٻاهر ڪوجهو ڪارو هان پر، اندر جو هان پيارو

بُرو چوڻ کان اڳ ۾ مُنهنجي، مَنَ ۾ جهاتي پاءِ

 

ڪُونئرا ڪُونئرا، ڪچڙا مَنَ ۾، جاڳيا هِن جذبا

موٽُ پري کان پيارا!، هاڻي آسَ جي آسَ پُڄاءِ

 

اَنڌن آڏو روئڻُ جاني!، آهي اکيُن جو زيان

چَپَ اسان جا سِبي چون ٿا، ”ڪوئي گيتُ ٻڌاءِ!“

 

هتي ائين ئي ٿيندو رهندو، آهي مُنهنجا دوستَ!

پنهنجي ڳِچيءَ ۾ پاڻ، بڻائي، پنهنجي سُولي پاءِ

 

هِيَرنِ جهڙيءَ دل کي ويٺا، پَٿر جيان، ٺُڪرائنِ

”گُلَ“! انهن اڻڄاڻن کي اڄ، تون ئي ڪُجهه سمجهاءِ

 

*

”اَيازُ“ آهي، اُداسيون ۽ تنهايون هِن

روئي راتيون، ٽنهي ملهايون هِن

 

ذهنُ آهي جلڻ لڳو، تُنهنجون

بيوفايون جي ياد آيون هِن

 

مُنهنجون ڳالهيون ٻُڌي ۽ لُڙڪَ ڏِسي

تون ڇو چريا!، اکيون ڀِڄايون هِن

 

جيڪي انسانيت سان پيارُ ٿا ڪَن

تِن جون ئي زندگيون سجايون هِن

 

راتِ ڪاري اَڃا کُٽي ناهي

تو ڇو ڏِياٽيون اڳي اُجهايون هِن؟

 

ايئرڪنڊيشَن ۾، هيٺين طبقي جون

جي ڪجن، ڳالهيون اَجايون هِن

 

ديسَ کي ڪيئن ٿا ڀُلائي سگهون!

جنهن جون اَڻ وِسرندڙ ڀُلايون هِن


 

*

شالَ جڳمڳ رهين تون ستارن جيان

مون سان مَلُ ڪينڪي جڳَ وارن جيان!

 

دل کي دَردنِ جو ئي ڪو سهارو ڏيو

ڪيسين ڀٽڪون پيا بي سهارن جيان

 

دل ڊَٺل شهرَ بڻجي وئي آهي يا

پنَ- ڇڻ ۾ لُٽيل ڄڻ نظارن جيان

 

ويجها هوندي به ڄڻ دُور ئي آهيون

ريلَ جي بندَ جيان، ٻن ڪنارن جيان

 

راهَه ۾ دوستُ ڪوئي گَڏيو هو مگر

سو به گُذري ويو هو بهارن جيان

 

ذڪرُ وِڇڙڻ جو جنهن وقت آيو هيو

روئي هُنَ، مون ڏنو ته هو ٻارن جيان!


 

*

توکان پوءِ دل تي دلبرَ!

اُڀري آيا ڄڻ ٿوهرَ

 

جيئڻ ٿي سيکاري، سائين!

راهَه ۾ کاڌلَ هر ٺوڪرَ

 

پنهنجي اکڙين منجهه لِڪاءِ

دنيا دشمن ٿي آ يَرَ!

 

برساتين جو بَکُ ويا ٿي

ڪچيءَ مٽيءَ مان جوڙيل گهرَ

 

گوڙَ ۽ دونهين جا اُهڃاڻَ

شهري ماڻهو، هَڙ شهرَ

 

راهُن تان راڪاس گُهمي ويو

هِيسيل چهرا، ٻوٽيلَ دَرَ

 

هر شيءِ هِيڻي ماڻهوءَ آڏو

موتُ اڇا ڀي ڏاڍو پَرَ!

 

سنڌُ سنوارڻ لاءِ ڪندس

جيڪي پُڄندو وَس- آهرَ

 

*

هلبو هاڻي لَڏي لَڏي

بي قُربنِ کي ڇَڏي ڇَڏي

 

پيارَ جو جِتڙي پاڇو ملندو

جُهوپو ڇڏبو اَڏي اَڏي

 

موٽي مُور نه هاڻي اَچبو

ٿَڪجي پوندو سَڏي سَڏي

 

لُڙڪَ وٺي مان مُرڪَ ڏيانءِ

آءُ اسان جي تَڏي تَڏي

 

جيونُ سارو پاڻَ ڇڏيوسي

گيتن سان گڏُ، گَڏي گَڏي


 

*

اوندهِه ۾ ڄڻ ديپُ ٻريلُ

تُنهنجيءَ اکِ مان لُڙڪ وَهيلُ

 

مُنهنجا غَمَ ۽ خوشيون مُنهنجون

آهن تُنهنجي نانءِ ڪيلُ

 

آءٌ اُهي ٿو چارا چُونڊيان

جن تي تُنهنجو پيرُ پيلُ

 

ورندو ناهي، وري ڪڏهن سو

اڳتي جو ڀي وقتُ ويلُ

 

هر ماڻهوءَ کي آهي ڪُلهن تي

پنهنجو پنهنجو لاش کنيلُ

 

ڪَل بُکن جي ڪهڙي اُن کي

جنهن جو پنهنجو پيٽُ ڀريلُ

 

آءٌ ته اهڙو شعرُ هان يارو!

جيڪو ڪڏهن ڪين چَيلُ

 

*

ماڻهپي کي ٿا لڄائِن ماڻهو

پوءِ به ماڻهو ٿا سڏائِن ماڻهو

 

دل ته جوڙِن ئي نٿا هڪڙي ڀي

ڪيڏا بنگلا ٿا اَڏائِن ماڻهو

 

اوترا ئي ته خسيس آهن هي

پاڻُ جيڏو ٿا پڏائِن ماڻهو

 

توکي نالي جي مَٽڻ تي حيرت!

روزُ چهرا ٿا مَٽائِن ماڻهو

 

مُک هر راز کي کولي وجهندو

لُڙڪَ توڙي جي لِڪائِن ماڻهو


 

*

تُنهنجي مون تي نگاههَ ٿي وئي آ

آفتن کان پناهَه ٿي وئي آ

 

کيس سڀ کان وَتان لِڪائيندو

مُرڪَ ڄڻ ڪو گناهه ٿي وئي آ

 

مُنهنجي سچَ تي ڪِروڌ ۽ هُن جي

ڪُوڙَ تي واهواهَه ٿي وئي آ

 

زندگي هر سِتم تي خوش آهي

ٻن ٺڳن جو ڪو ٺاهه ٿي وئي آ

 

ڪُجهه ڪرڻ جو، جي حوصلو جاڳيو

راهَه مان ئي ڪا راهَه ٿي وئي آ

 

ٻن ننڍڙيُن اکين جي چاهتَ ڏِسُ

هڪڙو ساگر اَٿاهه ٿي وئي آ


 

*

دِل گُهريا دوستَ به ساريا نه ٿين

هيلوڪا دردَ وِساريا نه ٿين

 

ري سڏئي ئي ٿا رهن ايندا هُو

دردَ دل ۾ ته وِهاريا نه ٿين

 

يادِ آئين ته اکيون ڀرجي ويون

شعرَ ڪاغذَ تي اُتاريا نه ٿين

 

سُکَ وِڇڙن نه ڪڏهن ڀي جيڪر

پنهنجا پيارا ئي جي ڌاريا نه ٿين

 

آءٌ مجبور، مسئلا توکي

قول ڪنهن کان به ته پاريا نه ٿين

 

*

ڪهڙو چهرو سنڀارجي هاڻي

ڪهڙو قِصو وِسارجي هاڻي

 

هُن سان گڏجي گهڻو گُذاريوسي

هُن کان وِڇڙي گُذارجي هاڻي

 

ٽهڪَ جيڪي هئا، وِرهائي ڇڏيا

ڪهڙو ڪنهن کي روئارجي هاڻي

 

تارا ٽِمڪن سدائين نيڻَن ۾

توکي هر پل ٿو سارجي هاڻي

 

پاڻَ ئي پنهنجو دردُ ڄاڻون ٿا

پاڻَ کي ئي پُڪارجي هاڻي

 

هُن ڏي ڇا، هن جي گهرَ ڏي ئي ڪڏهن

حُڪم ناهي، نِهارجي هاڻي

 

توکي گڏجي ته ڪين هلڻو آ؟

ڪهڙو توکي بيهارجي هاڻي

 

مُنهنجي پويان لڳيون اَچن يادون

ڪيئن تن کي ڌُتارجي هاڻي

 

*

ڏاڍا ڀاڳن وارا دوستَ!

تُنهنجي پاڙي وارا دوستَ!

 

دل کي ويا وِڪوڙي آهن

اَڻڄاتل مُونجهارا دوستَ!

 

ڏاڍو ڪَڙو ويو ٿي جيونُ

ٿي پئو اَمرتَ ڌارا دوستَ!

 

توکان وِسري ويندس مان ۽

مُنهنجي گهر جا چارا دوستَ!

 

آءٌ ته اُجڙيس، اُجڙيا ناهن

اکڙين جا اوتارا دوستَ!


 

*

اوهان ڪُوڙَ کي سچُ ڄاتو سدائين

اسان سچُ آهي سُڃاتو سدائين

 

سنڀالي رکن سچَ کي ساهَه ۾ جي

اسان جو اُنهن سان ئي ناتو سدائين

 

اوهان جن کي پنهنجن دَرن تان ڌِڪاريو

اسان تن کي سيني سان لاتو سدائين

 

سَٺا سنڌُ خاطر سوين سورَ جن ڀي

اسان جو اندرُ تِن لئه آتو سدائين

 

اوهان جي ته آڏو سدا سچُ چوڻ جو

اسان پاڻَ تي ڏوهُه چاتو سدائين

 

ڇڏي جو جلائي انڌيرَن جي نگري

اسان گيتُ اهڙو ئي ڳاتو سدائين


 

*

ڪيئن سُک سُمجهي، پاڻَ تي تاڻي؟

يادِ، ڦاٽلَ رِلهيءَ جيان آ هاڻي

 

ڪُوڙ، جنهن کي سُڃاڻون تون ۽ مان

شال تنهن کي وڃي شهرُ ڄاڻي

 

نفرتون ڪن ٿيون آپگهاتُ تڏهن

پيارُ ٿو پيارَ کي جڏهن ماڻي

 

هر خوشي ٿي لڳي پرائو گهرُ

دردُ ڪاٿي ڇڏي ويو آڻي

 

اهڙي اوندهه جو ديسَ- رستو گُم!

سِجُ ٿي پئه ڪَوي!، انهيءَ ٽاڻي

 

سالَ ٿا هڪڙو گُلبدَن سپنو

نيڻَ- راهُن جي ڌوڙِ ٿو ڇاڻي


 

*

چنڊُ چڙهيو جي ڦاهي!

تڏهن به اوندهِه ناهي

 

پاڻُ ڏِسي پاڻيءَ ۾

ڪُتو پيو ٿو باهي

 

”هُو ماڻهو“ چاهي ٿو

ڪوبه نه ڪنهن کي چاهي

 

ڪيڏو ڏينهن چڙهي ويو

ڏِسو ته چادرَ لاهي!

 

”زهرُ، زهرَ کي ٽوڙي“

سچُ چيو ڪنهن ڏاهي

 

چهرو چهرو، کنڊرُ

آخر هي سڀ ڇاهي؟

 

اُڀ جي ڳل تي لالي!

رات کُٽڻ تي آهي

 

*

آڌيءَ ويلي تُنهنجي تاتِ

پَهرُ پَهرُ ٿي پيو پرڀاتِ

 

گهڙي مِلياسين آئي ڳالهِه

ڳوٺَ سڄي جي ماڻهن واتِ

 

ڪيڏي سوڀَ ملي، مون کي

مٺڙا!، توکان کائي ماتِ

 

ساجنَ!، توبِن سانوڻ جي

باهِه لڳائي ٿي برساتِ

 

شعرَ جي بدلي شاعرَ کي

نگُ هڻي ٿي ڪيڏا ڏاتِ

 

اَجهي، لَٽي ۽ مانيءَ جي

هر ڪنهن کي ويڙهيل فڪراتِ

 

ياد ڪري دُکَ ڌرتيءَ جا

شعرَ رُنا ها مُنهنجا راتِ

 

*

تُنهنجون يادون، نه تون!

جاني ڙي! ڪيئن جيئون؟

دوستَ! وڌنديون وڃن

تو سواءِ وحشتون

جي نه مُرڪي سگهون

آءٌ روئي پئون

پاڻ لئه آهي بس

تُنهنجو مُرڪڻ خوشيون

گُهنڊَ پائي مِلون

تنهن کان وِڇڙي وڃون

چُپِ، چَپَ هن ته ڇا؟

چُپِ ناهن اکيون

پنهنجو هر پل اُماس

تو سدا چوڏِهيون

پاڻ پرچيلَ هُجون

جڳَ کي باهِه ڏيون

ڪجهه نه ڏِسجي پيو

تيزِ ڪيو روشنيون

نيٺ مُرجهائبيون

گُل ٿي مُکڙيون

*

عيدَ جي ڏينهن به دُوري آهي

ڪيڏي نه مجبوري آهي

 

ڪهڙي نئين تمنا ڪرڻي؟

پهرين ئي اڻپوري آهي

 

آدمَ جو اولادُ ته آهيان

سيدُ ڪوءِ ضروري آهي؟

 

جذبا پنهنجا راڄَ- دروهي

پل پل ڪائي سُوري آهي

 

دوستَ! اَڌوري جيونَ وانگي

هر ڪا آسَ اَڌوري آهي

 

ڇا جي ڪپڙا گندا آهن!!؟

دِل جو شهرُ کَٿوري آهي

 

*

هر گهڙيءَ هُو گهائِن ٿا

دوستيون نِڀائن ٿا

 

ڊپُ ٿو ٿئي هاڻي

هَٿُ جي مِلائنِ ٿا

 

ڦُوڪَ سان ڳهيلا ڪي

بلبَ کي وِسائن ٿا

 

زندگي جهُڪي ٿي هُو

نيڻَ جي جُهڪائنِ ٿا

 

مُرڪي ڪي مٺا ماڻهو

حادثا وڌائنِ ٿا

 

سجُ ڀي چڙهيو ناهي

ديپُ ڀي اُجهائنِ ٿا

 

گُلَ ۽ گُلابي رنگَ

ڌيانَ کي ڇِڪائنِ ٿا

 

*

سوچَ، لُڙڪَ، وحشتون!

عشقَ جون علامتون

ڪيرُ ٿو ڏئي ائين؟

اَڻ- گُهري محبتون

پيارُ جي ملي پوي

ڇا ڪنداسين دولتون؟

سڪَ، پيارَ سامهان

ڀورَ ڀورَ نفرتون

تو جِها ته ٿيون اَول

پوءِ ڪنداسي حُجتون

ٿيون صفا ڀڃي ڇڏنِ

آدميءَ کي حالتون

ظُلمتن کي ڇا ڪندا

بيانَ ۽ مذَمتون؟

سنڌُ ساڻ ڀيٽجن

ڪهڙيون ڪهڙيون عظمتون؟

خوابَ- گُلَ، خوشبئون

حادثا- حقيقتون

 

*

گِهنڊ ٿا دل جي گِرجا جا وڄندا رهن

يادِ پيارا اچن، گيتَ رچندا رهن

 

ساري جڳَ جون بُرايون اسان ۾ پرين!

پاڻَ ڏي هٿَ دُنيا جا کَڄندا رهن

 

مُنهنجي سوچن ۽ جذبن، خيالن جا گَهرَ

يادِ تُنهنجيءَ جي بَرکا ۾ ڀِڄندا رهن

 

قُرب قائم، ته قائم رهن دوستيون

قُرب جيئن جيئن ٽُٽي، هانوَ ڇِڄندا رهن

 

ڳوٺَ ۾ راتِ جي گُهگهه پوئين پَهرِ

ڪيترا ماڻهو لِڪندا ٿا ملندا رهن

 

شهرَ تُنهنجي مان اُڏري ويو آ اَمُن

پنهنجي پاڇي کان ماڻهو ٿا ڊڄندا رهن

 

سَچَ جي سِجَ جي تاوَ اڳيان سدا

ڪُوڙ جي برفَ جا ڪوٽَ رِجندا رهن

 

*

ڪيڏا پيا پلجن ٿا کوٽَ

هتڙي اونداهِين جي اوٽَ

 

بَرپٽ برپٽَ، ٻنيون- وَنيون

هيسيلَ هِيسيلَ هاري- گهوٽَ

 

سياڻن جي هيءَ چوڻي آهي:

”چالبازَ ئي کائِن چوٽَ“

 

راتين جا اوجاڳا سوچون

ماڻهوءَ جي ماضيءَ ڏي موٽَ

 

دُنيا جو ايمانُ ويا ٿِي

ڳاڙها، ساوا، نيرا نوٽَ

 

منزل ڀيڙا ٿيڻ بِنا ئي

موٽيا جيڪي ها، اڻموٽَ!

 

سَٿ مِڙي ڪيرائيندا هِن

پاڻَ ته ڪِرندا ناهن ڪوٽَ

 

*

هاڻي هرڪو پُڇڻ لڳو آهي

توکي آخر ’ايازَ‘! ٿيو ڇاهي؟

 

پاڻ کي هيلَ تائين دوکو ڏينم

سچُ پُڇو مُنهنجو ڪوئي ڀي ناهي

 

زندگيءَ جو هرهڪ قدم ٿو وڃي

موتَ جي رِڻَ- پَٽن ڏي ئي ڪاهي

 

ڪنهن پَهرِ دل اِهو ٿي چاهي، بس

پاڻَ کي پاڻَ ئي ڇڏيان ڊاهي

 

ٻيا ته ٻيا، جنهن جي ڪاڻِ جيئرو رهيس

تنهن به اڄُ دل تان آ، ڇڏيو لاهي

 

مرڻَ تائين اِها ڪندس ڪوشش

زندگي ڪنهن طرح سگهان ٺاهي

 

*

ڪنهن کي سارڻَ جو اُهڃاڻ

ناسي اکڙيُن ۾ آلاڻ

 

بدنُ اوهان جو چوڏهينءَ- چنڊُ

بادلَ، مَلمل جو پَهراڻ

 

سچُ ته ڏاڍا گهايلَ آهيون

جڳَ! اسان تي تيرَ نه تاڻ

 

جيڏو ماڻهو سمجهن ٿا

ايڏو ناهيان مان اَڻڄاڻ

 

تُنهنجي ڪپڙن ۾ خوشبوءِ

مُنهنجن سوچُن ۾ سُرهاڻ

 

ڪنهين وڏي ڏاهي جا قولَ

تُنهنجون ڳالهيون مُنهنجي ڪاڻ

 

تُنهنجي سَڏ ۾ سڏُ ڏيندس

ڌرتي! مون کي ڌارَ نه ڄاڻ

 

*

جنهن ۾ ڪنهن ساٿُ نه سنگُ

جيوَن سو ڪاريهرَ- ڏنگُ

 

جَڪڙيل پنهنجا جيءَ ائين، جيئن

چَپڙن وِچَ ۾ وڄندڙ چنگُ

 

انڊلٺ جهڙا سُپرين! تو بِن

جيوَن پاڻيءَ جيان بي رنگُ

 

جڳَ ۾ پيارُ ورهايو، لاهيو

ذهنَ مٿاران نفرت زنگُ

 

متان وِسارين نوان نسل! تون

توتي آ، ڌرتيءَ جو ننگُ

 

مُنهنجو پنڌ اُتان ٿي جاري

جنهن هنڌ دنيا وارن دنگُ

 

مُنهنجون سوچون سُرها گُلَ

جن جو پنهنجو رنگُ ۽ ڍنگُ

 

*

ڳلڙا ڳلڙا ڳوڙهن هاڻا

پرينءَ پُڄاڻا، پريتِ پُڄاڻا

ڪنهن جي چَپڙن ۾ مُرڪڻ تان

صدقي سُهڻن جا سَوَ ماڻا

ڌرتي! توسان لانوان لهندا

مُنهنجا جذبا هِن ساماڻا

هانءُ نه هاريو، وَر وَر ٻاريو

واءُ ۾ جيڪي ديپَ اُجهاڻا

اُونداهين راتين ۾ مُنهنجا

گيتَ ائين جيئن ڪي ٽانڊاڻا

وڏڙن وڏڙا بارَ ڪُلهن تي

خوش اَياڻا، سُورنِ سياڻا-

ڀڙَڪو ڏئي آزاديءَ- پَنڇي

ٽوڙي موڙي جيَل اُڏاڻا

نفرت جي هٿڙنِ ۾ ايندي

گُلَ محبت جا ڪُوماڻا

 

*

سچُ ظاهر ٿئي ٿو زهرن ۾

پيار پلندو رهي ٿو پَهرن ۾

 

مون کي ڳوٺن ۾ ڇو پيا ڳوليو

مان ته گُم ٿي ويو هان شهرن ۾

 

ڪيترا داڳَ مون ڏِٺا يارو!

مِڙني ماڻهن جي صاف چَهرن ۾

 

هائو، هڪ چهري کي ڏسي ٿي اچي

ماٺِ بيچين دل جي لهرن ۾

 

ساڻُ يادُن جو آ هُجوم، ۽ مان

پوءِ به تنها اُداس پَهرن ۾

 

*

مُنهنجا دُک آهن ۽ مان

گهاريون پيا ٿا سالن کان

 

تنهن کي ڪيئن دوکو ڏيندس؟

جنهن کي پنهنجو ٿو سمجهان

 

دولتَ جن لئه سڀ ڪجهه آ

اهڙن ماڻهن مان ناهيان

 

توکي سڀ ڪُجهه ڏيان پنهنجو

توکان تُنهنجا دردَ وٺان

 

پاندُ سلامت ناهي ڪو

ڇا سان تُنهنجا لُڙڪَ اُگهان؟

 

دنيا ڇو ٿي وچَ ۾ پئي؟

هُو ڄاڻي يا مان ڄاڻان

 

پڇتائيندينءَ هڪ ڏينهن تون

چئين ٿي: ”توکي ڇڏي وڃان“

 

*

خوشيءَ ۾ ڪو مزو ناهي

اُداسيءَ جو قسم آهي

 

ائين مون کي هُو چاهي ٿو

جيئين ڪو بارُ ٿو لاهي

 

نديءَ ۾ ناوَ ڪاغذ جي

حياتي ٻيو ڀلا ڇاهي؟

 

اسان جي خوابَ اکڙين مان

ويا هِن پيرَ ئي ڊاهي

 

گهڙي ڀي زندگي چئبي

ڪوئي ڪنهن کي اگر چاهي

 

زماني کي ڇا ٺاهيندو؟

جو پنهنجو گهرُ نٿو ٺاهي!

 

*

ماڻهو ته مَري ويا هِن

پر سڏَ وريا آهن

 

ڪجهه تاءُ ته ٿيندو ئي

جي جهنگ ٻريا آهن

 

ڪجهه ڦٽُ وري اُڊڙيا

ڪجهه گهاوَ ڀريا آهن

 

تو ساٿُ ڏنو مُنهنجو

سڀ ڳٽّ ڳريا آهن

 

هي عشقُ، ۽ آزادي

جذبا ئي چَريا آهن

 

تو ڏوهَه ڪيا، تن جا

مون ڏنڊَ ڀريا آهن

 

ايئن لُڙڪَ، جئين ڍنڍَ ۾

ٻه هنجّ تَريا آهن

 

سنڌُ ۾ ئي اچي سائيءَ

ڇو پيرَ ڌريا آهن؟

 

*

زندگي بهارَ جئن

پهرين پهرين پيارَ جئن

 

دوستي زماني جي

موسمي بُخار جئن

 

تو سواءِ هر گهڙي

ڪنڌ تي ترارَ جئن

 

پيارُ ٿا ڏين ماڻهو

وياجَ تي اُڌارَ جئن

 

زندگيءَ مان نِڪري ويو

سُکَ ۽ قرارَ جئن

 

ظُلم، شوق آ ڪِن جو

سيرَ ۽ شڪارَ جئن

 

بي سبب حياتيءَ جي

جيتَ ڀي آ، هار جئن

 

سچَ ڪاڻ ويڙهِه ۾

هڪ ڀي هزارَ جئن


 

*

مُنهنجي هٿَ ۾ گُلدستو

هُن جي هٿَ ۾ پٿَر هو

ماري وِجهنديون تنهايون

ڪاٿي آهين پيارا وو!!

مُنهنجي دل جي ڌرتيءَ مان

تُنهنجو پيارُ ڦُٽي نِڪتو

تُنهنجي مُنهنجي وچ ۾ آ

صديون پُراڻو رِشتو ڪو

تُنهنجي نينهن جي ناتي جيئبو

سوڳنڌ تُنهنجي نيڻن جو

پنهنجن سان ڀي ڪاوڙ سائين!

ايئن به ٿيندو آهي ڪو؟

ڳالهِه لِڪائڻ جي آهي

ٿورو آءُ اڃا ويجهو

محبت، قيد لڪيرن ۾

ڦاڙيو ساڙيو هي نقشو!

توکي ڪيئن ٻُڌائي ته

توکي ئي گُل چاهي ٿو!


 

*

مون کي جيئرو ڏِسڻ نٿو چاهي

مُنهنجو منُ بس کِلڻ نه ٿو چاهي

 

ساري جڳ تي وسي پيو بادلُ

منهنجي گهرَ تي وسڻ نه ٿو چاهي

 

فونَ تي آخري سندس جُملو:

”مون سان هاڻي ملڻ نٿو چاهي“

 

هُن کي آخر ته ماڳ رَسڻو آ

هيءَ گاڏي ڇڏڻ نه ٿو چاهي

 

جي هُو ڪم کان هليو ويو آهي

زندگيءَ کان وڃڻ نٿو چاهي

 

پنهنجي هر ڳالهه ٿو مَڃائي هُو

مُنهنجو ڪجهه ڀي مڃڻ نه ٿو چاهي

 

دردَ مون وٽ ڇڏي ويو آهي

مون کان سڀ ڪجهه کَسڻ نٿو چاهي

 

*

تون جي آئين، آسَ اگهاڻي

جلِي پئي، جا لاٽَ اُجهاڻي

منهنجي يادِ ايئن رهندئي جيئن

ذَهنن تي ڪا لوڪ ڪهاڻي!

ڪَپَ تي بيٺل ماڳِ نه پُهتا

لُڙهندي سُهڻيءَ، منزل ماڻي

سوچَ نئينءَ کان ڌارَ ڪَلا ايئن

ڌَپَ ڪيل، جيئن بيٺل پاڻي

ڏوڪڙ بدلي ڏاتِ وِڪيائون

هئه اڻڄاڻن ڇائي ڇاڻي!

شاعرَ لاءِ ته شعرَ ائين ڄڻ

اَدڙو، اَدڙي، نينگرُ، نياڻي

مُرڪن ۾ بدلايو مٺڙا!

هيءَ حياتي ڳوڙهن هاڻي!

جيونَ ۾ ڪو جيونُ ناهي

پوءِ به جيئون ٿا ڄاڻي واڻي

روزُ ٽِڙون ٿا ٽَهڪَ ڏئي اَڄ

روئندا هاسي، ڳالهه پُراڻي

 

*

سچَ مٿان جي سڀ ڪجهه پنهنجو واري ويندا آهن

سي ئي ماڻهو ڳائڻَ جهڙا ماڻهو ٿيندا آهن

 

چاهيندي آ دل سُکن ۾ گُم ٿي وڃجي پر

دُکَ ڌرتيءَ جا روئي روئي راهَه جهليندا آهن

 

کڻڻو هوندو آهه ڪُلهن تي پنهنجي دوستَ! صليب

سچَ چوڻ تي وڏا وڏا الزامَ به ايندا آهن

 

ساري جڳ جا سُور سهيڙي، پنهنجيءَ جهوليءَ ۾

شاعرَ ماڻهو گيتَ، غزلَ ۽ وايون ڏيندا آهن

 

پاڻَ ته پل ڀي پيارن کان پري نه ٿي سگهنداهُون

خبر نه آهي ماڻهو دِلڙي ڪيئن پليندا آهن


 

*

بادل ڀرجي بَرسِي ويندا

شايد پوءِ وڻجارا ايندا!

 

لُڙڪَ مِٽيءَ ۾ ملندا منهنجا

ڪير انهن لئه پاندُ جهليندا؟

 

ساهان وڌ سي ساهَه- سهارا

پري رهي ڪيئن پاڻُ پليندا؟

 

هڪ اَڌ ناهي، سوين، هزارين

دردَ اسان جا ڪير ڳڻيندا؟

 

گُلَ! ڀلي تون ڳالهِه لِڪاءِ

شعرَ سمورا سُورَ سَليندا

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org