سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: دک جي نه پڄاڻي آ

صفحو :8

*

گهُٽَ کي گهٽائڻُ ڏيو

ڪي گهڙيون ته ڳائڻُ ڏيو

 

ڪُجهه پهرَ ته ماٺِ ڪيو

ماٺِ کي ڳالهائڻُ ڏيو

 

لهندي سِجَ کي ڇڏيو

تيکُ ڪو ڏيکارڻُ ڏيو

 

مُنهنجي مُرڪَ کي ته ڏِسو

لُڙڪَ کي لِڪائڻ ڏيو

 

هِن ڊٺلَ شهرَ تي ئي

نئون شهر وَسائڻُ ڏيو

 

*

تون جي ايندي سِڪَ کڻي

جِيءَ ۾ تو لئه جاءِ گهڻي

 

ماڻهوءَ ماڻهوءَ مَنَ تي مَرُ

هنڌُ ڪيو آ، وڃي هڻي

 

ايڪڙ ٻيڪڙ سِڪ سنڀالي

هونئن نه ڪنهن وٽ قُربَ- ڪَڻي

 

تُنهنجا ٻُسا ٻولَ ٻُڌي ويا

پيارَ- پِپرَ جا پَنَ ڇڻي

 

مَڻَ مِٽيءَ جا مَٿي مَٿي ۾

غُربت ڪهڙي تيلَ- ڦڻي

 

خالي جهولَ جهِلي آ مون

ڏاتِ ڀري ڏي ڏاتِ- ڌڻي!

 

*

چنگَ چُرندا رهن

پيرَ سُرندا رهن

 

سچّ جا سُرَ سدا

ڪنڌ گُهرندا رهن

 

بُکَ باهيُون ڏِسي

ڦَٽَ ڪُرندا رهن

 

مُنهن ڪارا پيا

مُلهه تُرندا رهن

 

ديسَ دانهون ٻُڌي

جيءَ جهُرندا رهن

 

ريتِ ڪُوڙيءَ سندا

ڀرمَ ڀُرندا رهن

 

*

توسان سِنڌڙي! پيارُ ڪيوسي

روزُ نئون اِلزام کنيوسي

 

اِن کان وڌ سچائي ڪهڙي

ڪُوڙ ٻُڌو سي، سَچُ چيوسي

 

سُکَ سمورا صَدقي ڪياسي

ڪينَ ذهنُ، ضَمير وِڪيوسي

 

چند گهڙيُن جي خوشين ڪارڻ

گهڙيءَ گهڙيءَ جو گهاءُ سَٺوسي

 

جيونَ جي گاڏي کي اڳتي

مُرڪي مَرڪي ئي گِهليوسي

 

*

سچُ سُڃاڻيندا، ڏِسجو!

خوشيون آڻيندا، ڏِسجو!

 

هَرَ، هَٿوڙا، زخمي هَٿَ

منزلِ ماڻيندا، ڏِسجو!

 

ويراڳي ئي سُورن آڏو

سينو تاڻيندا، ڏِسجو!

 

ٺڳَ، لُٽيرا، لوڀي ماڻهو

ڇائي ڇاڻيندا، ڏِسجو!

 

سچا ماڻهو، ڌرتيءَ وارو

سڱُ سُڃاڻيندا، ڏِسجو

 

اوندهه ڪو ڀي روپُ وٺي

اوندهِه ڄاڻيندا، ڏِسجو!

 

*

سنڌ تي ساهُه ڏيو

اَمر ٿيو، شالَ جِيئو!

 

ٿِي جڏهن رات ٺري

تڏهن ٻَري، ڏات ڏِيئو

 

مَڌُ جي ڳالهه نه ڪيو

سُورَ پيئو، پُورَ پيئو

 

ڪيڏي اوندهه آ، وڌي

سجّ! ڪٿان پاءِ ليئو

 

سچَ جو سيڪُ ڏئِي

دُور ڪيو، سُور سِيئو

 

*

مُرڪي چِکيا تي چَڙهندو

سو ئي سَڀني کي وڻندو

 

جاڳي سچُ سدائين آهي

چَهرن تان پردا کڻندو

 

ڏاها ٿيو، سو روپُ سُڃاڻو

ديسَ کي جو ڌاڙا هڻندو

 

سِجُ سُتت ئي چڙهندو اهڙو

ساهُه نه ڪو جنهن ۾ سَڙندو

 

گُل خوشبوءِ ڦهلائي پوءِ ئي

ٽُٽندو، ٽاريءَ مان ڇڻندو


 

*

قلمُ ڀڄي ڀل ڀورا ٿِي پئي، اوندهِه ساري واٽَ

تڏهن به جاني! جهَڪِي نه ٿيندي، ڏاتِ ڏيئي جي لاٽَ

 

مانگرَ مُنهنَ ۾ ماسُ اچي ڀل، ڪَچي گهڙي تي گهڙبو

واٽَ عشقَ جي جهلي نه سگهندا، ڪُن جا ڪڙڪاٽَ

 

جيءَ ۾ جذبا جَرڪن جَرڪن، قيدِ ڪَلا ڪيئن ٿيندي؟

گيتَ پِريت جا لِکبا رهبا، ڪري ته اُوچا ڳاٽَ

 

عشق، مُشڪَ کي ڪيسين ڍڪبو، نيٺ ته ظاهر ٿيندا

جيڪي چئبو واڪَ وڏي سان، ڪين ڪبا سرٻاٽَ

 

نئون صبوح آ، سَچَ جو سُورجُ، ڄاڻ ٿيو نِروار

هن ڌرتيءَ تي هاڻ نه رهندي، ڪاري ڪاري ٻاٽَ

 

ديسَ سان دِلڙي لائي سائين! منزل ماڻڻ وڃبو

اَنڌيارن ۾ پنهنجا رهبرَ، چاهتَ جا چَمڪاٽَ


 

*

جڏهن به سچَ جو سڏُ ٿئي ٿو

ڪاتُ ڪاتُ ٿو ڪَڙڪي سائين!

 

مَنَ ۾ سُور سيجَ سجائي

باهِه باهِه ٿي ڀڙڪي سائين!

 

غُربتَ هردم انگَ اُگهاڙي

لِيڙون لِيڙون لَڙڪي سائين!

 

ڪنهن جي آهه جي ڳالهه نه ڪر تون

کَڙڪ کَڙڪ اُڀ کَڙڪي سائين!

 

ڏاڍَ جا ڏونگرَ ڏارڻُ سَهنجو

بُکَ جڏهن ٿي ڀڙڪي سائين!

 

سپنن ۾ ڀي توکي ساري

ڌَڙڪ ڌَڙڪ دِل ڌَڙڪي سائين!


 

*

لَڙِي مُنهنجي مَنَ ۾ لِيئو پاءِ تون!

ازل کان رُٺل روحُ پرچاءِ تون!

 

وجهي وَڍ، گهايل ڪري جيءَ کي

ائين پنهنجي پايلِ نه ڇَمڪاءِ تون!

 

هليو آ، پري کان نه هٿڙا هِلاءِ

اسان تاتِ تُنهنجي، نه ترساءِ تون!

 

سفر آ آڻانگو، نه سوچيئِي اڳي

گهِڙي سِيرَ هاڻي نه گهٻراءِ تون!

 

ڀلي ٻوَل آٿت جا، ٻولي نه ڪو

وڃي ماڳِ رَسبو، نه گهٻراءِ تون!

 

وري ’گَل‘! ورائي، ورئين ڏاتِ کي

لِکي شعرَ محفل کي گرماءِ تون!


 

*

وڃي وساري ويٺين ڍولَ!

جنَم جنَم جا ڪيَڙا قولَ

 

هيلَ به ڪين وَريا وڻجارا

ٽِم ٽِم اکڙين، هِينئڙي هولَ!

 

ڪوڏُيون مُلهه ڀي ڪين وِڪاڻا

اکڙيُن جا موتي اڻمولَ!

 

دانَ ۾ دَمڙِي ڪينَ مِلِي

کڻي ورياسين خالي جهولَ

 

اُڀَ رُليا ها راتِ به يارَ!

اَسان جيان هي تارا رولَ

 

جڳُ ٻُڌي ٿو ٽَهڪُ ڏئي

دوست! اَسان جا ٻاڙا ٻولَ


 

*

مِٺڙا! مُنهنجيءَ نگريءَ آءُ

سدا رهي تُنهنجو سوداءُ

نينهن ته آهي نانگ مِثل

ڏنگُ اِنهيءَ کان هر هر کاءُ

سارو جڳ سُڃاڻي ويو آ

پنهنجو پيارا! لنئون- لڳاءُ

ڀُلي ڪري ڀي ڪين ڪندا هِن

پيارُ ڪرڻ وارا پڇتاءُ

هجي کڻي ڪؤڙو ڪيڏو به

جيون پوءِ ڀي هِيرَ- هُڳاءُ

تون ڳولائو خوشين جو

مُنهنجو سورن سان سرچاءُ

مُنهنجو ساٿُ انهيءَ سان سائين!

جنهن کي گهَرو گهَرو گهاءُ

ڇڏي هي سارو نينهنُ- نگر

ڪاڏي ويندين، مُنهنجا ڀاءُ؟!

مُنهنجي شعرن مان تون ڳول

پنهنجيءَ پيڙا جو پَڙلاءُ


 

*

نينَهن جو مينهُن نِرالو آهي

پاندُ رهندو سدا آلو آهي

 

پيارا! سولو ته نه آ، پيارُ ڪرڻ

ڪاٽڻو ڄڻ ڪو ڪشالو آهي

 

تُنهنجي واتان هي ڪَڙيون ڳالهيون ڄڻ

لفظَ ناهن ڪوئي ڀالو آهي

 

پاڻَ سُقراطَ جيان آهيون ۽

زندگي زهرَ جو پيالو آهي

 

بيوسي، وَحشتون ۽ وِيرانيون

پنهنجي جيونَ جو حوالو آهي

 

ڦيرو محفل ۾ اوهان جي آهي

پاڻَ آهيون، نه پنهنجو نالو آهي


 

*

ڇا جي ناهيون هِيرن مان

تُنهنجي هَئون فقيرن مان

توکي آچبو چورائي

ڀاڳَ جي لڪيرن مان

تُنهنجي آئي ٿِي خوشبوءِ

باکَ ويلي هيرن مان

مُحبتون لنگهي وينديون

نفرتُن جي تِيرن مان

پاڻَ آهيون جڳَ وارؤ!

پيارَ جي سفِيرن مان

دل جا بادشاهَه آهيون

توڙي هَئون فقيرن مان

سُکَ لئه ننڍا آهيون

دُکَ لئه ڪبِيرن مان

لعلَ ڪي لَڀي پوندوَ

دوستؤ! حقيِرن مان

ڪيرُ آهي، ناهي جو

وقتَ جي آسيرن مان

سنڌُ آهي اَڙجي وئي

پَڙَ- باسَ، پِيرن مان

 

*

ٽوڙي چاهت جا زنجيرَ

ماڻهو ڪيڏا هِن دلگيرَ

 

پٿر جهڙي دل وارن کان

چاهتَ پاتا هِن سَوَ چِيرَ

 

جِهيرون جِهيرون جذبن تي

اڄُ به وڃن ٿا تاڻيا تِيرَ

 

گُذريل گهڙيون يادِ ڏياري

اَلبم ۾ تُنهنجي تصويرَ

 

ڪڏهن ته ساري هاريا هوندءِ

ناسي اکڙين مان ڪير نِيرَ

 

تون ڀي ڪوئي سپنو آهين

منهنجن سپنن جي تعبيرَ!

 

روز ٿي آسون ٻوڙين، تارين

منهنجي دل- درياهَه جي سِيرَ!

 

ڪيڏو جيءُ جنجهوڙن ٿا

تُنهنجا گيتَ، غزلَ، تنويَر!

 

*

اوهان سان جڏهن کان اسان پريت لاتي

رهي دل رڳو ٿي، اوهان لاءِ آتي

 

اوهان ڀي ٻين جان بُرو چؤ اسان کي!

اوهان ڀي اسان جي حقيقت نه ڄاتي!

 

وفائن کي ويٺا جفائون سڏيو ٿا

اوهان سڪَ ڪڏهين نه ڪائي سُڃاتي

 

گهرن جا سڀئي در پيا بند آهن

اسان لئه ڪڏهن ڪين پائي ڪو جهاتي

 

مَرڻ ڪو مسئلو نه آهي او سهڻا!

وڏي ڳالهه آهي گذارڻ حياتي

 

ڏکن ۽ بُکن جي ذڪر کان سوا جنهن

لِکيو ليکُ، ليکڪ آ، ڄڻ ڌوڙِ پاتي

 

*

سدا توکي ساري، سدا توکي ساري

پيو ٿو جِيان يادِ تُنهنجيءَ سهاري

 

ڏئي وَڍَ، وري پاڻَ ئي ڏَڍُ ڏئي ٿي

ائين زندگي پئي ٿي ماري جِياري

 

ڪي ڳالهيون، مسئلا ۽ مجبوريون هِن

ائين ٿو ڀلا ڪير ڪنهن کي وساري!؟

 

انهن کان نه ڌرتيءَ جي ڪا ڳالهِه ٿيندي

ڇڏي سوچَ جن آهه اُڀَ تي اُڏاري

 

هلو مُرڪَ مان سُرڪَ ڀرجي هلي

ڏِسو ماڳ مُرڪي پيو ٿو نِهاري

 

*

ذهنُ لوچي ۽ لُڇي ڦَٿڪي ٿو

پوءِ ئي شعر ته لِکيو ٿي ٿو

 

غمَ، بُرا، حالَ، اُداسيون، طعنا

سڀ مون تي ئي مهربانيون ڇو؟

 

ڪنهن مَهل لُڙڪَ لَڙِي ئي ٿا پون

مان ڀي پٿرُ ته نه آهيان لوڪو؟

 

سُرَ ۽ سُرهاڻِ سواءِ، پيارَ بِنا

ماڻهو ڇاهي؟ جيئن خالي کوکو

 

ساري دنيا وَئي مون کان وِسري

تون ئي هڪڙو نه مگر آن وِسريو

 

ايئن يادِ آيو، گُلابي مُکڙو

ذهنَ جي اُڀَ تي جيئن چنڊُ نِڪتو

 

آئي جوڀَنَ تي جواني جڏهن

گُل ٽاريءَ مان ٽُٽو ۽ وِکريو

 

*

توکان دور رهون ٿا

ڪيڏا سورَ سهون ٿا

 

ڪوهَه ڪشالا سنڌڙي!

تُنهنجي ڪاڻِ ڪهون ٿا

 

تيز ڪيئن طوفانَ

ڪيڏا يارِ وهون ٿا

 

ڊاهڻ وارا! ڏِس تُون

ڊَهندي روزُ ٺهون ٿا

 

مُورکَ ماڻهو آهيون

جاڳي خوابَ لهون ٿا

 

ڳلَ تي ناهي ڳوڙهو

توڙي روزُ ڊهون ٿا

 

*

مون سان گڏجي گهارِ نه گهار

جتي هُجين، شلَ خوش گُذار

 

توسان روز اَزل جو ناتو

ڪيئن مان ٿيندُس توکان ڌار

 

ساريءَ دُنيا کان وِسريل-

تون ته او مٺڙا! ڪينَ وِسار

 

دل ۾ آسَ اَجائي آهِه

ويندڙ وَرندا ناهِن يار!

 

ڪين ڪو جهولَ جهليندو دوستَ!

لُڙڪَ مِٽيءَ تي پنهنجا هار

 

تون ۽ مان ٻئي گُلَ آهيون

پوپٽَ وانگي آهي پيار

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org