سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڇلڪيا نيڻ ڪٽورا

آثم ناٿن شاه

صفحو :10

نه ٿو موتَ مرين،
ڳوٺَ اُجاڙي، ڀونءِ جو-
پيو ٿو پيٽُ ڀرين!

 

*

راوَڻَ ڪري رَنڀَ،
ڳوڙهو ڳيري کي هنيو-
کنڊڙي ويا کـَـنڀَ!
*

تئن ٿو وِرهه وَڍي،
’ڪاٺَ- ڪـُـٽو‘
(1) جئن چهنب سان-
وَڻَ ۾ ٽـُـنگَ ڪڍي!

 

*

چانڊوڪيون راتيون،
چـَـنڊ- چـُـمڻ جون خواهشون،
ڪاسائن- ڪاتيون!
*

راتيون چانڊوڪيون:
ياد پيون تـُـنهنجون پرين!
ڀاڪـِـيون
(2) ڪالهوڪيون.
*

راتيون اونداهيون:
پر، هـُـن پهاڙيءَ پٺيان-
ٽـِـمڪن ٿيون باهيون.
*

اونداهيون راتيون-
۽ هي ڪاڙهو
(3) ٿو ڏَسي:
پونديون برساتيون.
*

جـُـهڙياليون راتيون:
ساگرَ منجهه سـِـپيون لڳن-
بوندن لئه آتيون!

 

*

راتيون جـُـهڙياليون:
مون نه اڳي، اُڀَ جون ڏٺيون-
هيئن اکيون آليون!
*

ها! پـَـر ڪنهن جي ڪاڻِ،
وَڻجارا! آندءِ هتي-
ساڻُ کڻي سرهاڻِ؟
*

تون ته چوين ٿو: ”پاءِ-
ڦاهي پنهنجي ڪنڌَ ۾،“
”ها! پر ڪنهن جي لاءِ؟“
*

ڪـُـڪڙ! ”ڪـُـڪـُـڙوڪـُـون“:
ٻانگون پوئين رات جو-
ڏَسِ! ڇو ڏين ٿو تون؟
*

ڪـُـڪـَـڙ! ”ڪـُـڪڙوڪون“،
ٻانگون ڏيندي رات جو-
ڇا ٿو سوچين تون؟

 


 

*

ڪڪڙ! ”ڪڪڙوڪون“-
سـُـتا، اُٿندا ٻانگَ تي:
ڇا ٿو ڀانئين تون!
*

اُڀَ تي ڇاهي نيٺ؟
ماڻهن سان مـِـل- جـُـل اچي،
چنڊ! لهي آ هيٺ!
*

اُڀَ ۾ ڇا هي نيٺ؟
مون سان گڏجي گـُـهم اچي،
چنڊَ، لهي آ هيٺ!
*

چـَـنڊ! لهي آ هيٺ،
ڀونءِ ڀـَـلي آ اُڀ کان-
اُڀَ ۾ ڇاهي نيٺ؟
*

چنڊ! لهي آ هيٺ،
بـَـس، ڪجهه تارن کان سوا-
اُڀَ تي ڇاهي نيٺ؟

 

*

ڊَپَ، اَڙي او ڊَپ!
ڇو، هي مـُـڪئه مـُـلڪ ۾:
ساهـَـه- پياڪـِـا(1) سـَـپَ؟
*

خوفَ، اَڙي او خوفَ!
آندءِ منهنجي مـُـلڪ ۾-
ڪيئن ڪلاشنڪوفَ؟
*

گهوڙا ڙي گهوڙا!
موتَ به گهر گهر ۾ وِڌا-
ڪيڏا ٽاڪوڙا!
*

ڌرتيءَ جو گولو:
اوندهه ۾ ڀٽڪي پيو-
بارودي شـُـعلو!
*

ڪـَـهلَ....؟ ڪٿان آئي!
ڌرتي ڌاڻيون ٿي ٿـِـئي،
اُڀُ تماشائي!!

 

*

توريءَ ڪيئن ڪـُـڏان؟
آءٌ هـِـندورو، ڏورِ تون-
لوڏو ڏي ته لـُـڏان!
*

تنهنجي ڪهڙي باتِ؟
تون مـُـکڙين جي پيٽ ۾،
۽ مان واڳن- واتِ!

 

*

منهنجي ڪهڙي ڳالهه؟
آءٌ نسورو لوهه، تون-
پارس روپي(1) - ٿالهـِـه.
*

منهنجو ڇا مقدارُ؟
مان چشمو، تون پئسفڪ(2) -
تـُـنهنجو آرُ نه پارُ!
*

تـُـنهنجو ڪهڙو دَنگُ؟
اَڻ- کـُـٽ، اَڻ- مـِـٽ تون سدا،
منهنجو ڦيٽڙ(3) رَنگُ!

 

*

تنهنجي ڪابه نه حـَـدَ،
تـُـنهنجي آڏو ڇوٽـِـڙا-
سڀ قداور قـَـد!
*

ڪارا نانگ ڪـَـکنِ(4) :
کاهوڙِي تـِـنهن جـُـوءِ ۾-
خطرو ڪونه لکـَـنِ
(5) !

 

*

رِڇن- رِيهاڙيون:
کاهوڙنِ تنهن جـُـوءِ ڏي-
قطارون لاڙيون!
*

بـَـگهڙ ٿا باهـِـن(1) :
کاهوڙي تـِـنهن جهنگ ۾-
لـَـڏا ٿا لاهـِـن!
*

چيٽـِـن- چـِـنگهاڙون:
کاهوڙيِ تـِـنهن جهنگ جون-
کوٽـِـن پيا پاڙون!

 

*

کـَـٽڻ ۽ هارڻ،

تڏهن: جڏهن تون سـِـکين-

مـَـرڻ ۽ مارڻ!

*

لالُ ڪڏهن پيلي:

ڏِسجي ٿي هوءَ ڇوڪري-

چڻنگائي تيلي!

*

ٽـِـم- ٽـِـم ٽانڊاڻا:

هـُـو ڏِسُ، هيڏيءَ ٻاٽَ ۾-

ڪيڏا چانڊاڻا!

*

آئي فون هـُـئي:

حاضر گهرَ ۾ ڪانه هـَـس-

تڏهين آءٌ مـُـئي!

*

نـِـينڍَ ته آئي هي،

ٻَرَ، مون پيرن کي تڏهن-

ميندي لائي هـِـي!

*

ماڻهو مـُـڪو هو-
تو، پـَـر: گهرَ جو دَرُ تڏهن،
بند ٿي چـُـڪو هو!
*

ڏوراپا نه ڏِجانءِ،
منهنجون ڪوتاهيون سڀئي،
مـَـنڙا! معاف ڪجانءِ!
*

آءُ، اچي ٻـُـڌ تون،
سـَـرتي! تـُـنهنجي سوُنهن تي:
گيتَ لـِـکيا هـِـن مون.
*

آءُ: اچي پـَـڙهه تون،
تـُـنهنجي جوڀـَـنِ تي لـِـکيل-
منهنجو ڪوتائون.

 

*

آءُ، اچي ڏِسُ تون،
تصويرون تـُـنهنجون سوين،
ٺاهيون آهن مون!

 

*

تولئه تـَـنُ تانگهي(1)،
چاهيان ٿو: توڏي اچان-
آڙَهـَـه اورانگهي!
*

سـُـڃَ ڇڏي وئي آ:
پاڙي مان پاڙيسرڻِ-
ڪالهه لـَـڏي وئي آ!
*

جانِ جلي وئي آ،
هوءَ، جا ڇـَـنڊو هانوَ تي-
سابه هـَـلـِـي وئي آ!
*

ڪانوَنِ- ڪانگيرو:
نانگُ ٻـَـچا کائي ويو-
اُجڙيو آکيرو!
*

گـِـهنگهـُـرو ڇڻڪن ٿا:
نـَـنگُ ڇڏيو، جـَـتَ پيا وڃن-
ڪـَـرها(2) ڪڻڪن ٿا!

 

*

سـِـينا سـَـلجن(1) پيا،
گـَـهوڙا! پنهنجي ڀـُـونءِ تي-
دشمن پـَـلجن پيا!
*

اَکئين عينڪ بارُ،
پوڙهو اَسي سالَ جو-
سائيڪل تي سوارُ!!
*

جـَـر ۾ جئن ڪـُـوڻيون:
مـَـنَ ۾ تـُـنهنجون، تـِـئن ڦـُـٽيون-
ساجن! سارُوڻيون!
*

ٽـَـنگئين ڪونه ٽـُـئو(2) ،
ڀيـِـنگئي مالڪ جو گڏهه-
ٽـَـچڪـِـي اُسَ- مـُـئو!
*

فهمي(3) البيلي!
اڱڻِ مـَـهڪئي نازبـُـو-
چوٽي- چنبيلـِـي!!

 

*

سڀ لـِـڱ واسيا ٿي:
پنهنجا راز ڳـُـجها سڀئي-
مون سان باسيا ٿي!

 

*

هي جو تنهنجو خـَـطُ:
ڪـَـمُ ڪيو آ تـِـيرَ جو-
ڇا ته قلم جي قـَـطُ!
*

آسَ پـُـڄي ٿي ڪانه،
گورِي! ٿوري دير لئه-
منهنجي گـَـهرِ ڀي آ نه!
*

ڪـُـڪـِـڙ آري(1) تي:
واهيو(2) ويٺو آ مٿان-
ڪـُـڪڙُ کاري تي!
*

ڀـُـورو- ناسي رَنگُ:
ويهي منهنجي هـَـٿ تي-
ڏينڀوءَ ٺوڪيو ڏَنگُ!

 

*

تـُـنهنجو ڪهڙو ديسُ؟
پـَـٿرَ تـُـنهنجو هانءُ، ۽-
ريشم تـُـنهنجو ويس!
*

هڪ حيرت، ٻيو آنءُ،
هوءَ جا ڪـَـڙي پير جي-
اِنڊلٺ اُن جو نانءُ!
*

جنهن جو نعرو ”آنءُ“:
سمجهـَـه اٿس نـَـنهن جيتري-
آنڊي جيڏو نانءُ!
*

ڪاڳر ۾ ماني،
”اوڙي! اوڙي!“ پيو چوي-
مون کي مڪراني.
*

هـُـو،جو ذهن خسيس،
نالي ۾ نوشيروان-
اندر ۾ ابليس!

 

*

چاپـُـڙَ جهڙا انانَ :
ٻـَـڙڪيل ديڳ تـَـنور(1)، ۽-
ٻوُٽين جهڙا خانَ(2) !
*

مـَـڙهين(3) جو محتاجُ،
پاڻَ بڻائي موُرتيون-
پوُڄي پاڻ سماجُ!
*

هي جو آهـِـه سماجُ،
ريتين(4) جي واپار جو-
آهـِـه ڪندو ڪـَـمُ- ڪاجُ!

 

*

اهڙي ڪنهن جي حاجَ؟
جيئن لکان پيو هائڪا-
توتي آءٌ سماجَ!
*

ڇا لئه ساڙُ سماجَ!
ڏات- ڌڻي ناهن ڪڏهن،
شهرت جا محتاجَ.

 

*

منهنجو ڪهڙو وَسُ؟
تـُـنهنجو، ساري ڳوٺ ۾-
ڪونه ڏنو ڪنهن ڏَسُ!
*

ڪونه هلي ٿو وَسُ،
بڻجي ويو آ پـُـلصراط-
تـُـنهنجي گهرَ جو گسُ!
*

رَئيس وڏو کـَـٽَ تي،
ٻيا سڀ ماڻهو ڳوٺ جا-
جوُتن جيان پـَـٽَ تي!
*

نڪُ بصر جي بـُـونڊ،
هڪ هڪ مـُـڇ رَئيس جي-
هاٿيءَ جي ڄڻ سوُنڊ!

 

*

لـُـڙڪ ڇٽيا آڪاشَ،
اوندهه، آڌِي رات، ۽-
چار ڄڻا، هڪ تاشَ!

 

*

هرڪا اکِ سوالُ،
ڪـِـرڪـِـٽ: سـَـت- اَٺ ڇوڪرا،
گـَـٽر ۾ ويو بالُ!
*

ٽالهيون، گهاٽي ڇانوَ،
آيا آکيرا اَڏڻ-
ڪانويليون ۽ ڪانوَ.
*

مـِـينهن نـِـمون ڌوتيون،
چـُـهنبون چـُـهنبن سان مليل-
طوطا ۽ طوطيون.
*

ڪالهه سـُـڪا ڇوڏا،
اڄ اُهي سڀئي کجيون-
ڏوڏا ئي ڏوڏا.
*

موسم جا دوڏا:
سـَـکر، ميرس(1)، روهڙي-
جوُءِ سڄي ڏوڏا.

 

*

مـَـروئيءَ(1) - مهڪارَ،
ڳائن ڳيچ ٿريليون-
ڌوُڻي ڄارين- ٽارَ.
*

سـَـرتي ڪيئن سـِـکي؟
ڪابه ”مـَـروئان(2) “ ڪانه آ-
”ڪـَـجليو(3) “ ڪير لـِـکي!؟
*

هـُـن جي ڪـُـل موڙي،
جهڙو اُڀ تي ڏانگڙو (4) -
ڪـُـولهڻ جي چـُـوڙي.
*

مـُـنهن نه موهـِـيڙا،
هيل به ٿـَـر ۾ ڪونه ٿيا-
ساوا روهيڙا!
*

عورت سيرانديءَ،
مرد هميشه آ رهيو-
کـُـٽَ جي پيرانديءَ.

 

*

ويٺو هين وِهنجي،
پر، هوءَ ايندءِ ڪونه اڄ-
گهـُـرج اَٿئي جـِـنهنجي!
*

ايڏو ڪـُـوڙو پيارُ!
دل مان اِينءَ ڪڍي ڇڏيئه-
جيئن مـَـکڻ مان وارُ.
*

ڏاها ڀـَـلئون- ڀـَـلَ،
پر، ڇا ڪوئي وارَ تان-
لاهي سگهندو کـَـلَ؟
*

بيهه اِتي بادَلَ!
مون کي اُن وٽ هـَـلُ کڻي-
جنهن جا کنوڻيون ڳـَـلَ.
*

روءُ نه او ڪـَـڪـِـري!
ساگر- ڌَڻ سان مـِـلُ ڊُڪي-
هيڪلڙي
ٻـَـڪـِـري!

 

*

چــنبڙيس چيلاٽو(1)،
ٻارَ ڪيون ايڏيون رَڙيون-
هانءُ پـِـئي ڦاٽو.
*

ويندن سان ويڙهاندِ،
ڏُڪين ڏُڪين ڏيڪريون(2)-
”ڦـِـرڦـِـر سوٽي“ راندِ!
*

ريڌل(1) سارو راڄُ،
ڪاڻ نه ڪنهن جي سي ڪڍن-
ڪـُـوڪڙ
(2) جن جو کاڄُ.
*

ڀـِـمرين،(3) جا ڀـُـونڀٽَ،
ٿر ۾ سندر سوکڙيون-
ڪوڪڙ ۽ ڪـُـونڀٽ
(4) .
*

ڪجهه ڌيئون، ڪجهه ڌِڱ،
سيءَ ۾ گڏ تـِـڙڪول
(5) تي-
ويٺا سيڪن لـِـڱ.

 

*

ڪجهه مايون، ڪجهه مـِـيتَ،
گرميءَ ۾ گوڇارَ
(6) تي-
گڏ پيا ڳائن گـِـيتَ.
*

ڇوريون، ڇيلا- ڇانگَ(7) ،
سـِـينن تي چاڙهيل سـِـڱيون-
پـُـٺيان لڙڪيل نانگَ!
*

لاڏوُ- اُٺ، قطارَ،
نـَـڪين ناڪيليون پيل-
جـَـت جي هـَـٿِ مـَـهارَ.
*

لاتي مـِـينهنَ جهڙي،
ڪاڇي ۾: ميها/ونگا-
رُپئي منجه
ه ڌَڙِي(1) .
*

جامَ ٿيون جـُـواريون،
بيٺيون پيـِـهـِـن تي چڙهي-
جهارِ تـَـڙن ڪـُـنواريون.

 

*

ريڀـَـڙ(2) ۽ رانهان-
ڪاڇيو وَسيو ڪيچ ٿيا-
گدرا ۽ ڇانهان.
*

کـُـنڀيون، چڀڙ، چوڙَ،
ڇاتـِـي ڦاڙي ڀـُـونءِ جـِـي-
نڪري پيا ڀـُـون
(3) - ڦوَڙ.
*

هرڪا جـِـند وَسي،
سڀني جـِـندڙين جا ڌڻي!
ساري سنڌ وَسي!


 

(1) ڪاٺَ- ڪـُـٽو= هڪ ننڍڙو پکي، جيڪو وَڻ جي ٿـُـڙَ ۾ ٽـُـنگ ڪري رهڻ لاءِ جاءِ بڻائيندو آهي.

(2) ڀاڪـِـيون = ڀاڪـُـرَ.

(3) ڪاڙهو = گرمي، رُگهه.

(1) ساهـَـ پياڪا= ساهه پيئندڙ.

(1) پارس روپي = چانديءَ جي ٿالهه ۾.

(2) پئسفڪ = هڪ سمنڊ.

(3) ڦيٽڙ = ڦـِـٽي ويندڙ.

(4) ڪـَـکن = ڏَنگن.

(5) لـَـکـَـن = ڀانئن.

(1) باهن = اُونايون ڪن (ڀؤنڪن).

(1) تانگهي= تاڻي.

(2) ڪـَـرها =  اُٺَ.

(1) سـَـلجن = سـَـل (سوراخ) ٿين.

(2) ٽـُـئو = سـَـر جي پنن مان ٺاهيل تـَـڏو.

(3) فهمي البيلي = فهميده شرف بلوچ ڏي لکيل هڪ خط جو سـِـرو.

(1) آرو ڪرڻ = ٻچن ڦـُـٽڻ تائين ڪـُـڪـِـڙ آنن تي ويٺي رهندي آهي، انهيءَ عمل کي آرو چئبو آهي.

(2) واهيو = واهت ڪرڻ وارو (چوڪيدار).

(1) تـَـنور = تـَـنور (تندور) جون مانيون.

(2) خان = مانيون پچائڻ وارا پٺاڻ- افغان.

(3) مـَـڙهين = هندن جون عبادت گاهون- ٽـِـڪاڻا.

(4) ريتين =  رَسمون.

(1) ميرس = خيرپورميرس.

(1) مـَـروئيءَ = ٿـَـر ۾ نازبـُـو کي چوندا آهن.

(2) مـَـروئان = ڪولهڻ: جنهن جو ڪاري ڀيل سان عشق هو.

(3) ڪـَـجليو = ٿري لوڪ گيت مـَـروئان، ڪاري جي عشق ۾ لکيو هو.

(4) ڏانگڙو = انڊلٺ (ٿري ٻوليءَ ۾).

(1) چيلاٽو = عام ڏينڀوءَ کان وڏي هڪ ڏينڀوءَ جو قسم.

(2) ڏيڪريون = ڪـَـچ- بالغ ڇوڪريون.

(1) ريڌل = ريجهيل- خوش راضي.

(2) ڪـُـوڪڙ = سڪل پيرون.

(3) ڀـِـمرين = ڀنڀوُريون يا گهـَـريتڙيون.

(4) ڪـُـونڀٽ = ٿر جو هڪ ڦـَـلُ.

(5) تـِـڙڪو = ڀـِـٽ جو اُهو پاسو جنهن تي سـِـج جو تـِـڙڪو پوي.

(6) گوڇارَ = ڀـِـٽ جو اُهو پاسو جنهن تي تـِـڙڪو نه پوي.

(7) ڇانگَ = وَلر- ڌَڻ.

(1) ڌَڙِي = ٻهراڙين ۾ اڳوڻن پنجن سيرن جي وَٽ کي ”ڌَڙي“ چوندا آهن.

(2) ريڀـَـڙ = عام گدرن کان ننڍي، گدرن جي هڪ جنس.

(3) ڀـُـون = کـُـنڀيءَ جو هڪ قـِـسم، جنهن جو مـَـٿو عام کـُـنڀيءَ کان وڏو ٿيندو آهي. هي جڏهن ڌرتيءَ مان اُڀرندو آهي ته چار چار آڱر چوڌاريءَ زمين ڏَري پوندي آهي.

 

(پورو ٿيو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org