سيڪشن؛  شاعري

ڪتاب: ديوان بلبل

باب --

صفحو :5

وقت نازڪ ٿي، سگهو خوب خبردار ٿي هل،

هان سکي، ”ايم“، لکي، ”ايل“ پو هشيار ٿي هل.

جي ڪندين ڪين تون انگلش کي ادا ياد ته پوءِ،

ڇڏي واڌاري کي، بيهودو ۽ بيڪار ٿي هل.

اڄ پڇي ڪو نه سوا پاس، جدول ۽ پيسي،

جي اهي ٻئي نه ٿي موجود، تان مردار ٿي هل.

علم عربيءَ ۾ ڪيئي، عمر اجائي ضايع.

جي پڙهيئي پارسي پو، ڪمترو ڪوٽار ٿي هل.

هن زماني ۾ ٿيو زور جنهين ڳالهه جو اڄ،

وٺ اِها واٽ، اڳين بات کان بيزار ٿي هل.

جي ٿو چاهين ته معزز ٿي رهين دنيا ۾،

ڪوٽ، پتلون ڪري، ڊيل جي رفتار ٿي هل.

ڏي سڃاڻپ کي ڇڏي، ڀئو نه رکج ڀاتين جو،

زال ڌاري جي رکين گهر، ته ڀلا ڌار ٿي هل،

عشق عالم جو ڪري سير جي سالڪ سالم،

شيخي شوخي کي ڇڏي ناڪس و نادار ٿي هل.

گل وصلت جو وٺين واس ته تون اي هَوسَي،

باغ ۾ حسن سندي ”بلبل“ بيمار ٿي هل،

*

غرض هو ڪنهين جو شباب اوّل اوّل،

رهيو ڪين سو ڪامياب اوّل اوّل.

ڪٽي عمر ساري، سيه ڪارين ۾،

خضاب آخر آخر، شباب اوّل اوّل.

تسلّي ڏئي، پوءِ مارين ٿو مسڪين،

هي لازم ٿيو، عالي جناب اوّل اوّل.

نه معلوم ڇا ٿئي، گزڪه رفته رفته،

ڪيومئي جو دل کي ڪباب اوّل اوّل.

رهيو عاشقن کان، رهيو عاشقن تي،

عتاب آخر آخر، حجاب اوّل اوّل.

مليو شرع کان ”شين“ ۽ ”راب“ گهر کان،

مرڪّب ٿيو هئن، ”شراب“ اوّل اوّل.

خدا کان اوهان ۽ اوهان کان گهرون دل،

سخي آ، جو ڏيندو جواب، اوّل اوّل.

رهي برهه جي باغ ۾ ٿو اي ”بلبل“،

خزان آخر آخر، گلاب اوّل اوّل.

*

دور بئنسر سان ڍڪيو گلفام، فم،

برگ گل تي مفت ٿي بدنام، نم.

اڄ به شايد شوخ مان شب وصل ۾،

ڪُامور ٿيندو ته پڻ ناڪام، ڪم.

ڪئن خوشي ۽ خورمّي، حاصل ٿئي،

ڏس ٿا پهچن روز پيا پيغام، غم.

زلف- عارض، خال، خط، دندان، لب،

هي مڙيئي ٿا چون اقسام، سم.

جستجو ئي يار، آهو چشم ۾،

روح ۽ دل کان ٿيو آرام، رم.

دل صفا ڪر، يادگيريءَ يارَ ۾،

ڇا رکين، پرواهه ”بلبل“، جام -جم.

*

تو نه پاڙيو جي پرين، انجام، جام،

زلف پياريو زهر تلخ آ شام، شام.

گنج تنهنجي حسن تي، هن موءِ مار،

ڪئن ڪري پورو هي دل، ناڪام، ڪام.

مون گهڻو آندو عمل، تسخير ۾،

ڪين ٿيو سو ڪين دل آرام، رام.

مان رهيس محروم هڪڙو دوستو،

ڪلهه ته اغيارن تي هو انعام، عام.

حسن ۾ تون شهرهء آفاق ٿي،

بيوفائيءَ ۾ ڪيئي بدنام، نام.

باغ ۾ ”بلبل“ کي منجهه، عهد بهار،

ٿا وجهن هر روز، گل اندام، دام.

*

تون رک هميشه ”رو پيو“ ان رمز راز ۾،

”آڌيءَ“ اٿي تون سڙ پيو، ان سوز و ساز ۾.

ڪنهن دام دلربا ۾ نه ٿئي ”پا ولي“ ٿو بند،

ڦاسن ”ٻيا ني“ مگس انهيءَ شهي آز ۾..

”آني“ ٿي ماڪيان ٿي وهي، گنج تي بخل،

هلندي ”ٽڪي“ جي ٽور ڇا پرواز،  باز ۾،

سک ٿون سدائين عادتون، عجزو فروتني،

پرچي ٿو ”پئي سو“ عاجزي، زاري، نياز ۾.

ڪچ تون ”ڪسيري“ جيڏو نه ڪو فڪر اي فهيم،

پرواهه بيش و ڪم نه نشيب و فراز ۾.

”پا ئي“ نه ڪا خبر هتي، ”بلبل“ جي قيد کان،

وجهندي ڪا آئي دامن، دور و دراز ۾.

*

پورو وفا ۾ يار نه اڄڪلهه اَدا ڏٺم،

جو ڪجهه ڏٺم، غرض سو غرض آشنا ڏٺم.

هڪ يار غمگسار وفا ڪيش ٿو رهي،

يڪسان ڪمال قرب ۾، در روقفا ڏٺم.

بيگانه خواهه خويش اقارب سڀن اندر،

بيٺي سندو بڻاءُ، سڄو برملا ڏٺم.

مخلوق ساري، عالم مغلوب عشق جي،

پر ان کان زر جو زور و زير، جا بجا ڏٺم.

جئن ڪاغذي گلن ۾ نه بو-باس ٿي رهي،

بلڪل نه گلرخن کي تئين باوفا ڏٺم.

هن بحر عشق اوج محّبت جي موج کان

ڇا ڇا نه زور شور ۽ جورو جفا ڏٺم.

معمول هن جهان سندو مشهور آ مثال،

”بلبل“ جي دل کي صبر، نه گل کي وفا ڏٺم.

*

مرد ٿيا مڪّار، چئو ڪهڙي چيم!

ڪي رنون ٿيون خوار، چئو ڪهڙي چيم!

جاڪٽ ۽ پتلون پايو دوستو،

جي ٿيو سرڪار، چئو.......

جنهن پراڻي وضع کي بدلي ڇڏيو،

سو ٿيو ناڪار، چئو......

فخر جي حاصل ڪيو سڀني مٿان،

ٿيو ولايت تيار، چئو......

جي اڃا صاحب، سڏايو ”سنڌ“ ۾،

تان رهو هوشيار،       چئو....

چُرٽ کي هر وقت چايون وات ۾،

سينڍ جو سٽڪار، چئو.....

ڪر مڇون مضبوط، مر وڌنديون وڃن،

ڪوڙ ڏاڙهي وار، چئو.......

پي برانڊي، خوب کائو پيا ڌڪا،

برسر        بازار،           چئو.......

جي اٿو تان، امتحان ۾ ڪجهه ڏيو،

نه ته آهيو بيڪار، چئو.......

جي گهڻو سڏجو سياڻان تان ٿيو،

دين کان بيزار، چئو.........

سير ملڪن جا ڪيو جي جاءِ تي،

تان ڏسو اخبار، چئو.......

هجر ۾ نالان رهي ٿو بيوطن،

”بلبل“ بيمار، چنو ڪهڙي چيم.

*

گل گل جي چهچٽي ري، لڳي، ڪيئن چمن ۾ من،

گهرجي ڏيڻ نه ڳالهه، عدو دلشڪن کي ڪن.

مڪّار ڪين ميل رکي، مڪر کان سواءِ

پنجاهه لاهي پادر تنهن پيرزن کي زن.

نازڪ بدن جي زلف جي اڄ تار تار آڻِ،

غسّال تو کي نه آ ته ڏيان مان، ڪفن جو فن.

هر جا حبيب ساڻ صفا رهه، به صدق، دل،

اي لٻڙ ٽويا، ڏي تون لٻن ۽ ٿٻن کي ٻَن.

منقار، عندليب هڻي برگ گل تي جئن،

بستان دو جهان ۾ اي ”بلبل“ بهر طرح،

سونپج تون پنهنجو پاڻ کڻي، پنجتن کي تن.

*

جنهن نظارو ڪيو سندءَ عينين،

ڇو سڏائي نه حاجي الحرمين.

ڪهڙي مان بينوا، بهاءَ ڪيان،

آهي قربان زلف تان ڪونين.

قاب قوسين، يا هلالِ دو عيد،

جي ٻئي نوڪدار، هن نجدين.

آب ڪوثر جي سلسبيل چون،

آهي شايد اُها اندر شفتين.

زود زائل ٿئي، سياهي دل،

جي ته عارض سندا ڏسان، قمرين.

رهج بيغم، حساب کان ”بلبل“،

تنهنجا، حاميه حَشر، ٿيا حسنين.

*

عارض کان تنهنجي، شمع، شبستان ۾ شرمگين،

حور و پري به خلد پرستان ۾ شرمگين.

زلفن کان تنهنجي مشڪ ختا ۾ پيو خلل،

سنبل جو پيچ پيچ ٿيو ريحان ۾ شرمگين.

ايرو به ڏس، فلڪ تي ڪيو جلوهء هلال،

تلوار تيز ان کان ٿي، ايران ۾ شرمگين.

چشم ولب ودهن کان ٿيا ڦول شرمسار،

بادام، ڏاڙهون، پسته خراسان ۾ شرمگين.

قد لاءِ مون کي مصرع موزون نٿي ملي،

الفاظ الف ٿي چڪا، ديوان ۾ شرمگين.

انداز ناز ساڻ، خرامان ٿو تون ٽلين،

رفتار کان ٿي ڪبڪ به بستان ۾ شرمگين.

جو ڀن جي تنهنجي هاڪ هلي جان جهان ۾،

ٻڌندي ڪري پيو، يوسف ڪنعان ۾ شرمگين.

”بلبل“ صدائي سوز، ماثّر مان تنهنجي سڀ،

ٿيا مرغ هم صغير خوش الحان ۾ شرمگين.

*

”ڪر  -  اچي  “ مون وٽ پيارا،   تون وري پنهنجو وٿاڻ،

آءُ   ته    هيڪر،   هوت   من   هي،   در   ٿئي   آباد    هاڻ.

مارئيءَ   کي   ٿي      چيو   مارن     ڇڏي   پنهنجو    ملير،

ٿي  وسائين    ”ڪوٽ،   ڙي “ توکان   ڀُلي   ويڙا  هي ڀاڻ.

ان  چوايو  تن کي،  مان  هت  ”جنگ شاهي“  ۾ جهليس،

ڪئن  وسارينديس  اديون  ”سي -وڻ“  ڏيو  جن  جا   اُڃاڻ.

جي    سڏائين  ”مير“  ۽    دولت“   ۾   ”پُر“   ٿو   پاڻ   کي،

”سا،   ڪُرو“   ٿر   جو ڪيان، مٽ ڪيم ان جي سيم ساڻ.

آءُ  ته    ڀانيان   تي    عمر   ”دادو“   سو   تو   کي    دين   جو،

ڪين   ”ڀاڻن کان ”لڪي“ ڪا هئن ٿئي منجهه طلب تاڻ.

ڪو  ”سکر“   توکي   نٿو   سمجهائي،   تون   ڇا  ٿو ڪرين،

اهڙو   ”رڪ“   رهزن     نٿي     موٽاءِ      پنوهاري     جو    پاڻ.

”لاڏڪاڻي“    پنهنجي    انڏي    مال   تي  تون  ڪيم  ڪر،

بي   ”بقا  -پر“     آبقا نا      آشنا   ،   تون     دل     ۾    ڄاڻ،

شوق      شاهي   ۽      شڪارن     ۾     نه    پُر مغزي     رکج،

هي   ”ڳڙهي“    ”ماڙي“،   محل   سڀ   بي   بقا   آهن، سڃاڻ.

اڄ   صبا   جي   پيڪ   سان   سڪ   سوز،   دل   ”۾   هڙ“ ٻڌي،

گل     جي   خدمت   ۾    تون   ”بلبل“ هن   امانت   کي   اماڻ.

*

 

ڪيئن سکئين تون يار هي دلڙي کسڻ،

زلف ۾ قابو ڪڙي، آجا ٻڌڻ.

آهه آهن، خاطر عشاق لاءِ،

سنگدل پڻ سنگ مقناطيس ڄڻ.

ڪين مائل ٿئي، ڪڏهن ٿي موم تي،

ڪنهن پهڻ سان تنهن پريءَ جي دل پهڻ.

اک ۽ دل، استاد ابرو برق لئي،

هن سبق ورتو وسڻ ۽ هُن تپڻ،

عيش دنيا جا به ڏس،  سڀ مون ڪيا،

هاڻ ڪم آهي، ٿيو اخبارون لکڻ.

جنهن چمن مان آشيانو تو ڇڏيو،

سو وسي، ”بلبل“ نه بستان جو اڱڻ.

*

بهار آئي ڦليا گل ڦل، آها، هاها، اُهو، هُو هُو!

کليا هر جا سمن سنبل، اَها ها ها.......

ڏسو نرگس عجب نسرين، رياحين برگ ياسمين،

سونهن تا سرو تي صلصل، اها، ها ها....

ٿيا مرغ چمن نالان، رهيا گل ڦل سڀئي حيران،

اٿيو غوغا، اهو غلغل، اها ها ها ها ......

ڪڍي اڄ صد زبان سوسن، سوين سورج ٿيا روشن،

هليو هٻڪار جو هُل هُل، اها، ها ها........

رباب و چنگ، مطرب، مئي، صنم، ساقي ۽ سڀ شيء،

صراحيءَ جي صدا قلقل، اها، ها ها.........

ڪري ٿو نغمه پردازي، سڄي سڪ جي سخن سازي،

برهه جي باغ ۾ ”بلبل“ اها، ها ها، اهو، هو، هو.

*

سچ چئو پرين اوها کي، هي پنڌ ڏور ڇا هو،

مون کان ڪڏهن پڇڻ جو پيو دل ۾ پور ڇا هو.

بيوجهه تو ڪئي آ، هن ريت بيوفائي،

دل ۾ ته ٿي تون قاضي، منهنجو قصور ڇا هو.

ڇو ٿو تڙين تڏي کان، پنهنجي پرين پيارا،

در تي پيو رهي ها، هڪڙو مزور ڇا هو.

حق ڳالهه جي ڪجي ٿي، سوي ادب رهي ٿو،

هو حسن تنهنجو ڪافي، مہ جو ضرور ڇا هو.

هٿ جي رڳي رکڻ کان تنهنجي ڪمر ڏکي ٿي،

هئي !! هئي ملوڪ سائين، سل هي ته سور ڇا هو.

مون کي سڃاڻي، ڄاڻي، واڻي، پڇين ٿو نالو،

هوءَ پُر غماز مستي، پر هي غرور ڇا هو.

”بلبل“ هي طرز تازي، جا تو سخن ۾ آندي،

سا سڀ سڻي سڄڻ ٿي، وه وه سرور ڇا هو.

*

عالم سڄي ۾ اڃ ٿو ڏسان عيش عيد جو،

عشاق کي آ عزم ٿيو، دلبر ديد جو.

بي ديد، تنهنجي عيد، نه ساعت سعيد ڄاڻ،

رک اشتياق روح ۾ روز وعيد جو.

بازر برهه ۾ سور جو سودو سو ڪيئن وٺن،

ٿيو خام خيال جن کي خوشي ۽ خريد جو.

پوشاڪ ڪهڙي پهرن، وهنجن سي ڪيئن وڍيل،

تڪفين، غسل ناهه ڪو ناز شهيد جو.

آهي ائين رقيب جي عاشق سان رد-بدل،

آلِ عبا سان هو جيئن جهيڙو يزيد جو.

گل گل گريبان چاڪ ٿو ”بلبل“ ڪري تڏهن،

دفتر جڏهن ڏسي ٿو سندءِ دل دريد جو.

*

ڏس چرخ رنگ چرخ تي خنجر هلال جو،

شاه شهيد لاءِ، شفق خون خصال جو.

هي قطره قطره مطر جا موڳا نه مينهن ڄاڻ،

ماتم ڪري ٿو، ابر روئي، هن مقال جو.

سمجهين سدا رهي ڇو، سيه پوش هي سپهر،

واقف هو ڪربلا جي وقوعن ڪمال جو.

سينو فلڪ جو باغ ستارن سان سربسر،

مه، مهر، ڪم ۽ ڪاست ۾، هر ماه، سال جو.

حسنين جي فراق کان هر شب زمين تي،

شبنم بچشم، لڙڪ لڙي ٿو لال جو.

هر سبزه نبات تاسف کان سبز رنگ،

هر لاله، داغ داغ، دليل آهه دال جو.

اخلاص پنجتن جو تخلص کان ڪيئن ٿئي،

ظاهر زبان ساڻ ڪين خامن خيان جو.

آلِ علي جو عشق، ائين آهه مون ۾حل،

باطن، عيان ۾ بوءِ جئين گل -مثال جو.

باطن ۾ گر هو قرب تسلسل ڪمال جو،

ظاهر ۾ دشت ڪرب، تزلزل، زوال جو.

جئن ڪيو نه جان نثارن، تيغن کان اُت دريغ،

تئن تئن مٿان نه سانگو هو، سر جو نه مال جو.

نج تون صبا، تراب قدم، بو تراب لاءِ،

جاروب ڪن جي هوند، هي ”بلبل“ جي بال جو.

*

هلچل ۾ چار-پنجان، جي وڌ نه پنج ٿيندو،

ٻيو گهرڙ گهائون جي وٽ، گڏ ڌوڙ گنج ٿيندو.

وسعت نه ڏيو هَوسَ کي اي نوجوان نينگر،

هن پير پشت خم کي، رهڙيو ته رنج ٿيندو.

زرگر ٿو زر کي ڄاڻي چوهر کي جوهري ٿو،

ڇا کاڄ خر، سگن جو گندم، برنج ٿيندو.

مر هو هلن هوا تي، جنهن دم اٿيا موالي،

بوراق تن جو بابا، ساجهر ئي سنج ٿيندو.

شرفا جي شوق ڪارڻ، سارو هي چهچٽو آ،

صفرا کي سو د مند ڀي شربت شڪنج ٿيندو.

لک وار جي لڏي پيو، رفتار ۾ ريسارو،

”بلبل“ هي ڪانءُ ڪارو هرگز نه هنج ٿيندو.

*

نيچري فن ۾ ڏيکاريان ٿو نئون فن پنهنجو،

خوب ڦرڙاٽ ۽ برڙاٽ سان فيشن پنهنجو.

ڇا اوهان ڄاڻو ٿا اي يار، مان ”سنڌي“ آهيان،

خاص لنڊن سان آ ناتو ٿيو نيشن پنهنجو.

مور ماني نه وڻي ۽ نه ڪو مذهب ۾ مزو،

حسن ليڊين جو آهي روز ۽ ريشن پنهنجو.

شال لنڊن ۾ وڃي عمر گذاريون البت،

پرمننٽ، آهه، اهو ئي ته اسٽيشن پنهنجو.

ڳل ڳاڙهن جا هلي ٿيون اتي نوڪر، ايئن ئي،

بندگي آهه انهن جي وير اپشن پنهنجو.

*

سکيا سون، ڪنهن سبب ”مائي ڊير اي سر“ ته ڇاٿي پيو،

کڻي     ماڻهوءَ      سڏايو  موج   کان  مستر ته ڇا ٿي پيو.

ٿئي  ڪنهن جي چوڻ سان ڪين ٿو بد، نيڪ ڪو قاضي،

ڀلي     ڪوٺين    ڪاوڙ    مان  رڳو    ڪافر،    ته ڇا ٿي پيو.

سکن    تا      جئن     ملا،   مسلا،    شريعت   جا   اسان   اهڙا،

پڙهياسون    قاعدا،      پوجي    مليو   پاور،   ته   ڇا   ٿي    پيو.

لقب     آهن،   اهي   ڄڻ     دين     جا،    حاجي،   ملا،    قاضي،

ٿياسون   تئن   اسين،   عهدن   ۾   ٽر  -  ميجر   ته ڇا ٿي پيو.

مٽائج         ويس،       ڪوڙج       وار،     پا      پتلون    ڇا    پروا!

صفائيءَ    ڪاڻ    جي  هٿ   ۾ کنيم ڪاڳر ته ڇا  ٿي  پيو.

رهي   پُر   مغز   ٿو   هر دم گلن     جي   بو  -  بلاغت  کان،

ٿيو    ”بلبل“   اگرچ     بيوطن،   بي   زر ته     ڇا      ٿي     پيو.

*

ادا خوب دنيا کي کائو ڪمايو،

ڀئو ڀول، آخر سندو دل تان لاهيو.

رکو دين، مذهب سان هرگز نه رايو،

مُلن جا مسالا، ميساري مُٽايو،

پڙهو انگريزي، ڪيو اوج اعلى،

وٺي خوب عهدا، حڪومت هلايو.

وهارڻ، اٿارڻ، ڪيو انگلش سان،

هلائي پٽن کي لنڊن ۾ پڙهايو.

وٺي فيمليون پنهنجون، فرصت سان ٻاهر

سدا سير ڪارڻ، بگين ۾ بٺايو.

حيا لڄ کان هر دم ڪيو پنهنجو پاسو،

ڦري مال بينڪن ۾ پيسا بچايو.

بڻي جج پنهنجون جيوريون پيا جوڙيو.

هڻي سوٽو، انصاف اصلي اُڏايو.

عدل بي ريا سان، رکو ڪين ياري،

وڪيلو، وڙو، خوب خرچو، کٽايو.

وٺي چار ڪوڙا، شتابيءَ سان شاهد،

ڏيو جلد فتوى کتيو ڪنهن، هرايو.

ڪيو ڪوڙ، پر سچ جي ڪوشش نه ڪائي،

لکيو هڪ ته تنهن کي پڙهي ٻي ٻڌايو.

ڏيو ڪن نه ڪنهن کي، جي ڀونڪن ٿا ڪتا،

اوهان پنهنجي ”بلبل“، پيا پر اڙايو.

*

يار اڳيان تون روز رو، تازه به تازه، نو به نو،

من ملئي ڪو ڦٺ بجو، تازه به تازه، نو به نو،

ٽانڊي ۽ ٽوپيءَ جي ٽهل، ڪر پيو سڄڻ جي هر مهل،

نوڙي پيو ٺاهه، نڙ ۽ گو، تازه به تازه، نو به نو.

روز گذار، مان ۾، ٿُڪ ٿڙاڪ گار ۾،

وٺ پيو موچڙن مزو، تازه به تازه، نو به نو.

گهر، زمين ۽ مال ضبط، ڇڏ نه راڳ رنگ ربط،

شوق تون رک شراب جو، تازه به تازه، نو به نو.

جي نه رکين ٿو زور و زر، برهه بزار ڪيم ڪر،

هت ته گهرجي روڪ ٿو، تازه به تازه، نو به نو.

روز تنهين جو هي سٽل، ڳنڍ ڳوڙ هو ڪومت منجهيل،

شال، اچي گراڪ ڪو، تازه به تازه، نو به نو.

جي نه اچي ڪين ”بلبلان“ ڪين ٿئي پو گلگلان،

روز چمن ۾ چهچٽو، تازه به تازه، نو به نو.

*

هئي هئي! مسن اسان کي ته مسٽر بنايو آهي،

صد شڪر آ اڳي کان ته بهتر بنايو آهه.

دل کي ڏيکاري خوب، نئين چال جا مزا،

پتلون، ڪوٽ، بوٽ جو خوگر بنايو آهه،

خرما، بهم ثواب، سيون ۽ شراب پڻ،

بسڪوٽ، چاءِ، گهر ۾ ته چمبر بنايو آهه،

دير و حرم ۾ شيخ، برهمن ڀلي رهن.

يارن ته پنهنجو لنڊن، مندر بنايو آهه.

باجو وڄائي، ناچ جوڪن ٿيون نشاط ۾،

صاحب کي ڏس بغل ۾ ڇا باندر بنايو آهه

بي. اي. جي پاس واري کي، ڇانوڪريءَ جي ڪاڻ،

جت آيو جوڙ توڙ سان ٿيٽر بنايو آهه.

خط ۾ لکڻ عبارت بلڪل فضول ڄاڻ،

ڇا مختصر هي نسخو، ”ڊير سر“ بنايو آهه.

”بلبل“ ملي، ترقي، ٿي تنهن کي پوليس ۾،

چالان ۾ جو پر کي ڪبوتر بنايو آهه.

*

مجلس جي سونهن سوڀ ۽ سينگار آهه حقو،

وحشت ۽ غمزدن جو غمخوار آهه حقو.

بڙ بڙڪيون پيو دل کي، بهلائي ساڻ باتين،

داناء دل جو دلبر، دلدار آهه حقو،

ان جو تماڪ حسرت، مشڪ خطا ختن آهه.

ٽانڊو ٽنهن جوغيرت گلنار آهه حقو.

هر وقت هو وضوءَ سان،آ غرق، غسل ۾ پڻ.

پاڻيءَ سان پاڪ پنهنجو، هر يار آهه حقو.

آ غم غلط جو نسخو، معجون مونسيءَ جي،

هر درد دک جو داروي بيمار آهه حقو.

محبوب جي ملڻ جو آهي، وڏو مسبب،

دلبر جي دوستيءَ لئي، درڪار آهه حقو.

مجلس ۾ مئي پرستن جي مست ٿين مڙيئي

با هوش تن ۾ بيشڪ، بيدار آهه حقو.

جي  تازگي آتن ۾، نڙ گوءِ، نبض جاري،

”بلبل“ سندو به گويا، گفتار آهه حقو.

*

عشق انسان لئي اگهاڙو آههِ،

عقل جي وڻ ۾ ڄڻ ڪهاڙو آهه،

فوج سهڻن جي دل ڦري جهٽپٽ،

هي به هڪ دلبرن جو ڌاڙو آهه.

جا ڏي دل جو سلام ٿئي تا ڏي،

ساري لشڪر لڱن جو لاڙو آهه.

خرچ ڪثرت سان ٿئي ڪراچيءَ ۾،

موت، هر ڪنهن مڪان جو ڀاڙو آهه.

نائره نينهن آهه نيپئر روڊ،

واه! ان ۾ امام واڙو اهه.

جو ڏسو، هت جوان مڙس، بلي!

سڀ ڪنهين کي ٿيو سوز ساڙو آهه.

ٻي هوا سست، سرد، سامونڊي،

آب کوهن ٻَڌَن جو ٻاڙو آهه.

باغ، فرقت ۾، گل ري، ”بلبل“ کي،

روز و شب، روڄ، رنج، راڙو آهه.

*

ٿي زر جي زور بازي، زر آ ته عشق ٺهه پهه،

ڪر موج، روز تازي، زر آه ته عشق ٺهه پهه.

زر جي ٿي ڪامراني، جاني سڏي پيو جاني،

سڀ ڪائي؛ ماسي ناني، زر آ ته عشق ٺهه پهه.

زر ساڻ ڪو جهو ڪاڻو، اڳ ۾ اهو اگهاڻو،

چريو به ٿئي سياڻو، زر آ ته عشق ٺهه پهه.

رز ساڻ عيب هاڻو سهڻن اندر سماڻو،

نر ٿو نوائي ناڻو، زر آ ته عشق ٺهه پهه.

زر ساڻ عيب هاڻو، سهڻن اندر سماڻو،

نر ٿو نوائي ناڻو، زر آ عشق ٺهه پهه،

زر ساڻ سڀڪو گهرو، چاچو ۽ ڀاءُ چهرو،

قرباني سَس ۽ سهرو، زر آ ته عشق ٺهه پهه.

بازر ته جهنگ بازر، جو گهر ٿئي سو محضر،

بي زر، شهر ۾ پادر، زر آ هه ته عشق ٺهه پهه.

زر ٿي وڌائي نالو، توڻي هجي ريذالو،

صدقو ٿئي پيو سالو، زر آ ته عشق ٺهه پهه.

”بلبل“ ڀُليا جي هن ۾، سيئي رُليا سخن ۾،

دنيا جي گل چمل ۾، زر آ ته عشق ٺهه پهه.

*

جو ويڙهيا ور اڄ ڄڻ مشڪ ٿيو، تاتار، تهه تهه تهه،

دلالن دل سندو وڻجو، اهو واپار، وه، وه، وه.

اول گهنڊي وجهي منهن ۾ کلي جو يار من -مهڻو،

ڏيکاري چين جو اسرار ۽ ديوار-قهه قهه قهه .

فلڪ کي فخر آهي، چنڊ نوراني مٿي، اهڙو،

اسان جي ماهرو جو منهن سڄو انوار، مهه مهه مهه.

هلي جو يار خوش اطوار، منجهه بازار يا ٻاهر،

ٿئي هٻڪار، خوشبودار مان رفتار، رَه رَه رَه،.

هودل آرام ۽ گلفام جئن اصنام وٽ آيو.

ڪريا پيزار ۾ هر بار کان ڏهڪار ڏه ڏه، ڏهه.

سندءِ غلغل مٿان ”بلبل“ ٿين صلصل اچي صدقي،

شڪر گفتار کان گلگل، چمن چوڌار، چهه چهه، چهه.

*

خراب دنيا اٿئي، خانئه خراب سندوءِ

ٿو عش نيش هڻي مال مضطراب سندوءِ.

ڪري ٿو صبح، معبر جي ڏک سندو تعبير،

ڏسي، ڏکيو جو ڪنهين رات، سک جو خواب سندوءِ.

چکي جو شربت وصل و وصال سو ٿئي هلاڪ،

اندر ۾ زهر، ته ٻاهر شهد شراب سندوءِ.

نه تنهنجو تشنئه لب، بر مراد پهتو سراب،

هي آب وتاب پراهو، سو سڀ سندوءِ

برنج، رنج ۽ ٻوڙي ٿو ٻوڙ، نان، زبان،

پلا، بلا آٿيو، سوخته ڪباب سندوءِ.

سندوءِ عذاب سو عشرت آهه عذاب،

عتاب خوش نه مخاطب ٿئي خطب سندوءِ.

بهار باغ زماني ۾، غنچهء مقصود،

کُليو نه ”بلبل“ دل جو هي گل، گلاب سندوءِ.

*

ڪئن ياد توکي پرپٺ، پئون يار هن مثل تي،

سچ ٿا چون سياڻا، ”جي چُلهه اتي،سي دل تي“،

منهنجي اندر ۾ اڀريو، ايئن هڪ سلو ته سِڪ جو،

سيلاب آب جي سان، جئن گل ڄمي ٿو، گل تي.

طوفان سَو طرح جا، هڪ ٿو لهي، ٻيو اڀري،

ديدن سندو دو آبو، ڪٿ موج مستقل تي!

رهي شمعرو ٿو شاغل، سدا محفل طرب ۾،

”بلبل“ به مشغل آ، صد ناله مشتعل تي.

*

سهڻا ضرور توکي، سينگار جو نه آهي،

ريءَ زلف، دام دل لئي، ٻي تار جو نه آهي،

جي قتل لاءِ ڪنهن جي، تون ٿو ڪشين ڪمر کي،

ابرو اٿئي ته سانگو، تلوار جو نه آهي.

اٽڪايون اکڙيون تو، پر جي هجي ڪو مقصد،

مڙگن جي مورچي کي، پيڪار جو نه آهي،

هن نازنين جي قد سان، همسر نه سرو ٿيندو،

جر ڪاٺ اڻگهڙيو ڪنهن، ڪم ڪار جو نه آهي.

مضمون، سندءِ ڪم جو، ڄڻ موشگاف ڀايان،

ان ڳالهه ۾ تفاوت، هڪ وار جو نه آهي.

”بلبل“ تون هاڻ بس ڪر، باريڪ بات هيِن کان،

اڄ قدر، ڪوئي ڪنهن وٽ، اشعار جو نه آهي.

*

اڄ وري قسمت اُڏايو، منهنجي دانه آب کي،

عشق جي آتش جلايو، عقل جي اسباب کي،

ايتري دوري ۾ دوران جي نه ٿي آ مرد دل،

چرخ سر نو ٿيو وري، پير فلڪ چر خاب کي.

اشڪ خوني جي نظاري کان نه ٿي سيراب چشم،

موجزن ٿيو، شوقِ ديده، بحر جي گرداب کي.

”هرچه بادا باد، ما کشتي درآب انداختيم،

هي توڪّل جو آ ترهو، عشق جي ارباب کي.

باب سڀ ناياب ٿيا، مايوس آهيان آهيان اي صنم،

شال، چشمن سان چمان، نئي بارگه جي باب کي.

گردش هن گردگون کان ٿيو د گرگون حالِ دل.

رشته وارن ۾ ڏٺم، جئن رستم و سهراب کي.

”مي روم در شوق، اڪنون، سربراهِ عشق يار“،

من ملان محبوب مدنيءَ، آل ۽ اصحاب کي.

قيد ڪيو صيّاد قابو. اڄ قفس ۾ ديد، دل،

بيوفائي گلرخن کان، ”بلبل“ بيتاب کي.

*

هن سبب دل آهه مائل. منهنجي گل گلزار تي،

باغ ڄڻ سارو سراپا آهي، صورت يارَ تي،

برگ گل تي هئن لڳي ٿي، خوشنما شبنم پرين

قطره قطره آب جا، ڪن زيب جئن رخسار تي.

جئن سونهن تا پيچ سنبل ۽ سمن ريحان جا،

جئن گرهه ٿي گول ٿئي، هن ڪاڪل خمدار تي.

ياد اڄ آئي چمن ۾، ان جي چشم نيم باز،

پئي نظر جڏهين، چمن ۾، نرگس بيمار  تي،

سَرَو بي سر، برهوا آهي سدا محو ثنا،

مست آ مجنون جيان، اُن جي قد هموار تي.

روح کي ٿو خوش لڳي، تنهنجو پرين رنگين لباس،

ان سبب رايو گهڻو، منهنجو رهي، گلنار تي.

پنهنجي عاشق جي عيادت، ڪر ته ڪڏهين اي عجيب،

فاتحه، گل ڀي پڙهن ٿا ”بلبل“ بيمار تي.

*

رخِ تابان کان تنهنجي، حور و غلمان منفعل آهي،

منور منهن مٺي کان ماه تابان، منفعل آهي.

توهان جي ڪاڪل خمدار جي خوشبوءِ خم خم کان،

سڙي ٿو سوز ۾ سنبل ۽ ريحان منفعل آهي.

ڪرين ٿو قتل، ابروءَ جي اشاري سان، سوين عاشق،

تکائيءَ ۾ ته تنهنجي، تيغ بران منفعل آهي.

سياهي چشم، تنهنجي سرمه گين، جي سونهن کان ساجن،

سدائين سُڃ ۾ آهو، بيابان منفعل آهي.

سڄڻ جي لال لب ۽ سلڪ دندان جي صفائيءَ کان،

گُهر، ياقوت، هيرو، لعل مرجان، منفعل آهي.

توهان جي چڱڀلائيءَ، چال جي چاليءَ کان اي چنچل،

ڪهُستان ۾ مگر، ڪبڪ خرامان، منفعل آهي.

پيو غلغل سخندانن ۾، تنهنجي سوز کان ”بلبل“،

طرح گفتار کان، طوطِي زباندان، منفعل آهي.

*

عشق جي، عشق جي آزار جي، اهڙي تهڙي!

درد جي، دل جي ۽ دلدار جي، اهڙي تهڙي!

مفت ماڻهن کي ڊيڄارين ٿو، ڀلاڙي مُلڙو،

ها! سندءِ جبّه و دستار جي اهڙي تهڙي!

هاءِ! ڪجهه چال سڌاري نه اوهان اي ”سنڌي“،

کاڌي، پيتي ۽ وڏي وارَ جي اهڙي تهڙي!

جوّ جوڳين جان رکو، وارَ ۽ ڏاڙهي ڏاڪڻ،

پٽڪي، پهراڻ ۽ سلوار جي اهڙي تهڙي!

پائي ڀاڪر جو ملو ٿا، ڪِ وڙهو ٿا مَلهون،

خوش -تازي جي، خبر چار جي اهڙي تهڙي!

آهي، انگلش ۾ سندن اهل سان رغبت، الفت،

مِٽَ مائٽ جي ۽ گهر ٻار جي اهڙي تهڙي!،

هي پڙهي شعر، ملامت ۾ چون ٿا ماڻهو،

شعر جي، ”بلبل“ بيمار جي اهڙي تهڙي!

*

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org