سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: پيغام

مخدوم امين فهيم

صفحو :10

 

 

بيت

ڪـــــــــــــــــــــوجهــــــــاڪــــــنڙا
قيـــــــــــــــــاس جهــــــــــــــــــــڙا
جـيـــــــون ٿـــــــــــا جهــــــــان ۾
اوهـــــــــــــــان جـــــــــــــــي آڌار
ســـــاجـــــن لهجــــــــؤ ســــــــــار
اچـــــي اڻـــــانـــگي وقــت ۾.
16 مئي 1955 هالا

سڄــــڻ ســـــاهه پســـــــاه کي
 وک کـــــان ويجهـــــــو تــــــون
دنيـــــــا دورنــگـــــي کــــان
  مـــــــــوليٰ بچـــــائـــج مـــــــون
هــدايـــت ســـــاڻ هلـــــــون،
  حاڪم تنهنجي حڪم سان
16، مئي 1955 هالا

 

 

حاڪم تنهنجي حڪم سان
محبـــــــت مـــــــــــن رهـــــــي

دريــــــــا پنهنجــــــي دل جــــــو
وحــــــــدت ڏانهـــــــن وهـــــــي
ڀـــــــــــلي پيئــــــــي بَهـــــــي
  دنيــــــا پنهنجـــــي ڌن تـــــي.

16 مئي 1955 هالا

 

 

دنيــــا پنهنجـــــــي ڌن تـــــــي
محبـــــت منهنجـــــي مـــــــن
مـــــــولا تنهنجـــــي طلــــب ۾
 ويڇــــــــا ســــــــــــڀ وڃـــــــــــن
چــــــــــوري روز چپــــــــــن
 امين اوهان جي اسم سان.
16 مئي 1955 هالا

 

 

نــــــــرمــــــل نـــــــوح فقيــــــــر
ڪيئــــــــي ڪــــــــرم ڪيــــــــ
مـــــــون کــــــان ســــــي ميــــــا
ڪــڏهن ٿيـا ڪـــين ڪـــي.
11 ڊسمبر 1957ع 8.10 شب هالا

 

 

کلـــــن خـــوش ٿي خيــــر ســــان
شــــــل سڄــــــــڻ سونهـــــــارا
جڙيل هجن جوءِ ۾
ســــــانگـــــــي ســــــــوڀــــــــارا
 اچي ڪن ڪي قرب جا
ولهــــــيءَ تـــــــــــــــي وارا
تن جي تات طلب ۾
ٿيـــــون اکيـــــــون اوتــــــارا
جن جو فڪر فهيم کي
ســــي پـــــرين اچـــــن پيارا
مون سان ميل منهنجا
مٺـــــــــــڙا مــــــــــوچــــــــارا
اکــــــــــــــڙيـــــــــــــــن اوجـــــــــــــارا
اچــــن شــــــال اڱـــڻ تـــي.
7، فيبروري 1958ع 8.55 بجي شب لڪياري آباد

 

سڄـــــــــڻ خــــــــــــوش ٿيــــــــن،
مــــــولا پنهنجــــي مهــر ڪـر
ڏاتــــر پنهنجـــــي ڏات جــــا
ڏان اچـــــي تــــــون ڏيــــــن
فڪــــر فهيم جــــا فضل ســــا
لالــــــــــڻ شــــــــــل لاهيـــــــــن
منـــــــــــهنجــــــائــــــــي آهيــــــن
ســــــــــــــدا هجــــــن سنــــــرا
7، فيبروري 1958ع 9.10 بجي شبِ هالا

 

 

پـــــــــرديســــان پنــــڌ ڪــــري
وينديــس پنهنجي ڏيهه ڏي
هــونــــدا ســـانگــــي سنـــــــرا
خــوشيــون خـــوب ڪـــري
پيــــــالـــــــو پـــــــــرت ڀـــــــــري
پيئنـــدس پنهنجي پِـرَ سان
7، فيبروري 1958 9.15 بجي شب لڪياري آباد

 

 

رب بـــــــه راضـــي تــن مـــان
جــــن کـــــي آهـــــي جمـــــال
آهــــي انهـــــي ڳـــالــــهه جـــــو
مــــــون کـــــي خــــوب خيال
ٿينـــــدو ڏکئـــــي ڏيــــــــهه ۾
ڪـــــوجهـــن ڪهــڙو حـــال
تــن جـــو سنگــــت ســــاٿ ۾
مـــرڪـــــڻ آهــــــي محـــــــال
جـــــن کـــــي نه آهـــي جمــــال
سي ويچارا ڪيڏانهن وڃن
24 نومبر 1959

6.45 بجي شب هالا

 

 

صبـــــا! چئــــج سڄـــڻ کـــي
ســــاري سَـــــوَ ســـــــــلام
دل جــــي دلبــــر يــــار کـــــي
پهچــــــائــــــج پيغــــــــــــام
تــــه کـــــار کئينـــــدي لڳـــــن
تــــــوريءَ ســـــــڀ طعـــــــام
صبـــح سڪنــدي ٿيــو وڃـي
سارينـــــدي ٿئـــــي شـــــام
آهيــــان آئـــون اميــــن چئـــي
سڄـــــڻ اوهــــان جــــي ســــام
نــــرمـــل نـــــانءِ الله جــــيِ
ڪــــريـــــــــو ڪــــــــي ڪــــــــــلام
محبـــــــــــــت واري مــــــــام
سانــــڍي رکيـــم ســاه ســان.
2 فيبروري 1960

8 بجي صبح

تُڪي انڙ، نارو

 

 

صبــــــــا! چئج سڄڻــــن کي
سنيهـــــــــــــــا ســــــــــــــــــاري
پيـــــــارا ڪــــــو پـــــرديـس ۾
تـــــــــــــو لئـــــــــي تنــــــواري
پرين تنهنجي پور ۾
پلپـــــــــــــــل پڪـــــــــــــاري
نرمل تنهنجي نانءَ کي
عـــــــــــــاشق اچــــــــاري
تنهنجي تات انـــــدر ۾
ٻارڻ پئــــــــــــــي ٻـــــــــــــاري
ســــــدا ســـــاه فهيـــــم جو
ساريـــــــــــــو ٿــــــــو ســـــــــــــــــاري
نـــــرمــــل نـــــانءِ الله جـــــي
نـــــــــــــــــــــــــوازي نــــــــــــــــــــــاري
واڳــــــــــــــــڙيــــــــــــــون واري
اچــــو مـــــون مهجـــور ڏي!
2 فيبروري 1960ع

8.6 بجي صبح نارو

 

 

صبـــــا! چئــــج سڄـــــڻ کـــي
تنهنجـــــــي لڳـــــــي تــــــار   
لالـــــڻ ڏينهــن لـــڙيــو وڃـــي
پڇـــــــائينــــــــــدي پـــــــــار
واجهــــــائـــــي واٽــــــن تــــــي
نيـــــــڻ وهــــائــــــن نـــــــار
جـــــيءَ ۾ آهــــي اميـــن جــي
پـــــريــــــن تنهنجــــي پچـــار
وســــــاري نــــه ويــــهه تـــــــون
ســــاجــــن لـــــهه ڪـــا ســــار
سڄڻ ســونهين ڪـو نـــه ٿـو
ڌڻ ڌنــــــــــــــــــاران ڌار
قــــــرب ڪـــري ڪــو يـــــــــار
واڳــون وار وصــال جـــون.
2 فيبروري 1960

8.10 بجي صبح نارو

 

 

بــهـاريــون بــي ســود ٿيـون
دلبـــــــر تـــــوکـــــــــــــان ڌار   
وڻي ڪجهه ئي ڪــونــه ٿـــو
جـــــانـــــب جـــــيءَ جيــــار
تنهنجـــــي لڳــــــــي تــــــــــار
ٻيــــو ســـــڀ وســـــري ويو.
5، مارچ 1960

8 بجي شب هالا

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org