سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سچل سرمست جو سنڌي ڪلام

صفحو :11

 

هير رانجهو

داستان پهريون

 

(1)

ڇڏي ملڪيت مال، رانجهو رڻُ چڙهي هليو؛

قسمت ڪَيُس ڪنگال، نه ته حاڪم هو هزار جو.

 

(2)

حاڪم تخت هزار جو، قسمت ڪيو ڪنگال؛

مسڪينيءَ جو مردَ کي، خطرو نڪو خيال؛

محبت مستانو ڪري، ههڙو ڪِيَڙس حال؛

پُڇي جهنگ سيال، حُب نه تخت هزار جِي.

 

(3)

مالڪ اُنهيءُ مُلڪ جو، رانجهن مان راجو؛

الفت کان عطا ٿيو، ڏکن جو ڏاجو؛

عشق ڪَيم اَجو، دنيا جي ڪُل دردَ کان.

 

(4)

مالڪ تخت هزار جو، رانجهو آءُ راجا؛

ڪانِي مون کي قلب ۾، قربَ هئين ڪا جا؛

ڏکن جا ڏاجا، لکيا هُيَم لوح ۾.

 

(5)

شاهِي هُيم شان، دلبر پنهنجي ديسَ ۾؛

اُتان آيس اوچتو، کِڻي سورن جو سامان؛

ڇا منجهارؤن ڇا ٿِي آيس، اهو اٿم اَرمان؛

حيرت ۾ حيران، مون کي هِير هيتي ڪيو.

 

(6)

رانجهو هُيس راءُ، مالڪ پنهنجي ملڪ جو؛

اديون عسق انڌو ڪيو، پَيَڙم ڪِين سَماءُ؛

گهورن ڪَيم گهاءُ، هِتي اَچِي هِيَر جي.

 

(7)

اَچڻ اوکو مون هُيو، هاريون آندم هِيَر؛

پنهنجي لِکِئي پاڻَ کي، پاڻ پَئي تقديَ؛

ڪا نه هلي تدبير، قسمت قيدالماءَ سان.

 

(8)

جوڳيا ويس ڍڪي. لاٿم سڀ لباسُ؛

پَٽ پٽيهرَ بافتا، نپت ڪيم ناسُ؛

ڪيو نينهن نِراسُ، دنيا جي درد کان.

(9)

مون کي ماءُ ڪيو، چوچڪ ڌيءَ چريو؛

عقل هوش نيو، منهنجو محبت وارئين.

 

(10)

چوچڪ ڌيءَ چَريو، مون کي ڪيو ماءُ؛

پَيَڙم ڪو نه سماءُ، آيل عشق انڌو ڪيو.

 

(11)

شاه هزاري هوت کي، محبت ڪيو ميهارُ؛

عاشق کي عارُ، ڪهڙو اهه قَريبَ کان.

 

(12)

مور نه محبت کان مُڙان، هتي اَچِي هاڻ؛

ڪاڻ ڪنين جي ڪاڻ، ڳئون چاريندس ڳوٽ جون.

 

(13)

ڳئون چاريندس ڳوٽ جون، ڪاڻ ڪنين جي ڪاڻ؛

اِها روه رهاڻ، مَنَ ڀِي ميلي محب سان.

 

(14)

ڪاڪ ڪنين جي ڪاڻ، ڳَليين ٿِيس ڳنوارُ؛

من مون ملي يارُ، لَهَن ڏولس ڏيل جا.

 

 

(15)

نورنگ ندورو، کيڙو وجهان کوهق؛

رانجهو منهنجي روحَ، سدا وسي ٿو سرتيون.

 

(16)

کيڙي نا مڙي، موليٰ مون کي جيڏيون؛

جَهنگ سڄو جهيڙي، ته به رانجهن منهنجي روح ۾.

 

(17)

کيڙو وجهان کوهِ نورنگ ندورو؛

دل اَٿم ديرو، هزاريءَ جي هوت جو.

 

(18)

واحدَ شالَ وجهين، چڱي چوچڪ چت؛

پَرور رکين پَتِ، سدا سِڪَ وارئين!

 

(19)

ريجهي روح رانجه سان، کيڙو کَيڙو کَپَڙتالُ

وِڌوُن وجهي وچ ۾، چوچڪ ڏسُ چنڊال؛

مادر مِهڻا جهجها، جهيڙي جهنگ سيالُ؛

مٺو مون مِهوالُ، مون کان مور نه وسري.

 

(20)

هَر هَر ويٺو هِير جي، رانجهو ڏسي راهَ؛

ويٺو وڄائي وَنجهُلِي، چاهون تي چناهَ؛

سانڍيو وتي ساهَ، ”سچل“ سور سڄڻ جا.

————

ڪافي 1

جو جڳي زلفن وارو، سو سامِي مون تا ڪين سُڃاتو!

ڳَل ڪئي ڪفِني دست پَهوڙا، مشعَل مُنهن مُوچارو.

انگ ڀڀوت بنائي آيو، بيکه پئِي وڻجارو.

ٻئي لباسَ ڪو رانجهو اِيندو، ڇڏي تخت هزارو.

سببَ اِنهيءَ کَون ڪين سُڃاتم، ماريو مُئيءَ لئه وارو.

”سچو“ سُڃاتو ته رانجهو آهي، جڏهن جمال سَليائين سارو.

 

ڪافي 2

جو اڳڻ پيهِي اَڄ آيو،

سو سامِي مون تا صحيح سُڃاتو!

بيراڳيءَ جو بيکه ڪري، تنهن ڪيڏو هنر هلايو!

سَر جَهٽائون جوڳِن واريون، تنهن لِڱين بسمو لايو.

مُليءَ مست آواز اُنهيءَ جي، منهنجو روح ريجهايو.

رانجهو تخت هزاري وارو، موليٰ آڻي مِلايو.

عطر عبير اِنهيءَ جي ڪارڻ، مون تا مُشڪ مَلايو.

پياري هِي سِر پاڻون ڄاڻي، ”سچوءَ“ کي سمجهايو.

 

هير رانجهو

داستان ٻيو

 

(1)

لوڌي ڪَڍيائون لوءِ مان، رانجهَنُ رمزدار؛

جاٽي هليو جان تي، جوڳن جو جنسار؛

مُرلِي مَڻيادار، چوريون وتي چاهَ مان.

 

(2)

آلستِي آواز ڪو، منهنجي ڪَن پيو؛

هِردي اندر هِيرَ جي، آهي ڪو نه ٻيو؛

مُرليءَ مست ڪيو، جوڳيڙن جي جيڏيون.

 

(3)

ڪاريهَر قتِيلَ، گودين وڌا گودڙئي؛

مُنڊيو وتي مَنڊن سان، نانگ نسوار نِيلَ؛

رانجهن جي رسِيل، مُرلِيءَ مستانا ڪيا.

(4)

مُرلِيءَ تي تنهن مَردَ جي، کنيا ڪاريهرن ڪَرَ؛

بِرَ ڇڏي ٻاهر ٿيا، نِيلا نِڪري نَر؛

زهري منجهه زهَر، جوڳِيڙي جهَٽي وتا.

 

(5)

جن کي آديون اوچتي، ڪاٽيو ڪاريهَر؛

تَن جي خاص خَبَر، جاچيو جوڳيِڙن کان.

 

(6)

جاچيو جوڳِيَڙن کان، تن جي خبر خاصُ؛

نانين ڪيا ناسُ، سِنگهَڻ سان سَوَن مٿي.

 

(7)

ٻِرَ مان ٻاهر نڪري، ڪاري کنيا ڪَرَ؛

ڏَرُ اِنهيءَ جي ڏَرَ، جِهين ڏَرُ نه ڏيهَه ۾.

 

(8)

سَپ سُڃاتئون ڪِين ڪِي، جوڳن ماري جک؛

جَنِين سِنگهو ڪَکَ، سَڀاڳا سي ئِي ٿِيا.

 

(9)

ڪُنڍَلَ ڪَنَن ۾وجهِي، خان ڇڏي خانِي؛

جوڳيَرُ جانِي، راويءَ طرف رَوِي هليو.

 

(10)

راويءَ طرف رَويو، جوڳيسَرُ جوان؛

هيڪَرَ هِيرَ اُڪيِرَ ۾، مَرد ٿيو مستان؛

سورن جو سامان، ”سچل“ ساڻ کڻِي هليو.

 

(11)

ڇڏي چاه چنابَ جو، راويءَ ڏانهن رويو؛

مُرليون سُرليون، ونجهَليون وڄائيندو ويو؛

ٿانِيڪو ٿيو، سو نانگو نورنگ پُر ۾.

 

(12)

جوڳي آيو جوءِ ۾، مَرڪڻو مَڻدار؛

مُرلِيءَ مستانا ڪيا، جنهن جي لَکَ هزار؛

ڪاريهر ڪَرَدار، نِيلا ناٿَ نوائِيا.

 

(13)

مُندَڙا مَڙهي، جوڳِي آيو جوءِ ۾؛

پڙهيو سو پڙهي، مَنڊَڙا محبوبن تي.

 

(14)

تُنبيون تَن تَڻي، جوڳِي آيو جوءِ ۾؛

ڪنهِين جي قَربَ ڪَڻي، رانجهو روليو رُڃَ ۾.

 

 

 

(15)

نيٽِيءَ نورنگ پور ۾، ويهڻ وهُه ٿيو؛

ڏوراپا نه ڏيو، جنهن جو چاهُه چناهَه سان.

 

(16)

نيٽِيءَ نورنگ پور ۾، ويهڻ ٿيو وهُه؛

قِسمَت ڪاريا ڪَمَڙا، مانڍيءَ لڳو مِنهُه؛

ورهَؤن ڪَڍي وهُه، ورهَه سندي واسِينگ جو.

 

(17)

هاريءَ ٻڌي هِيرَ، مُرلِيءَ ڪَئِي مَگَنُ؛

”سچو“ وسري ڪِين ڪِي، ويچاريءَ وَچَنُ؛

لانگوٽيءَ لَگَنُ، لِکيو جنهن جو لوحَ ۾.

 

(18)

هُتي ڪير هُيس، هِتي آهيان ڪيرُ!

سالم اهو سرُ، ”سچل“ سِڪَ ڪَرائِيو.

 

ڪافي

آءُ اسانجڙي ديري، توکي گهڻو ساريان ٿي،

نا تَه مُحب مَران ٿي.

تون تا مبڏا، مين تا تيڏي کُهِه گهتان سڀ کيڙي،

هِت گُهنگهَر گهاريان ٿي.

اَڱڻ ساڏي آءُ پيارلَ لَهِه پَوَن سڀ جهيڙي،

تو لئه هَنجُون هاريان ٿي.

 

 

 

جوڳ

داستان پهريون

 

(1)

ڌوڻِيءَ منجهه ڌيانُ، آهي اَڌوتِن جو؛

گَم ٿِي گُرگم گودڙيا، ڪن گَروڙي گيانَ؛

اَصل کان آشنانُ، گنگا جمنا تَن جو.

 

(2)

پورب پَنڌ نه وڃڻا، گِرناري گمنام؛

ويچاري ٿي واٽ تي، ڪَرن ڪين وسرام؛

سيني ۾ سَنگرامَ، سَچا سَنياسن جي.

 

(3)

پوربَ سندا پيرَ، لاهوتي لَٽي وياق؛

گِرناري گُنير، سَچا گُم گُر گيات ۾.

 

(4)

ورلو ويراڳي، گِيانِي ڏٺم گودڙيو؛

ڀُليا ڏٺم ڀيرَ ۾، ڀوڳِي ۽ ڀاڳِي؛

ظالبُ تِياڳِي، لَکن ۾ ڪو هيڪڙو.

 

(5)

جوڳين جٽائُون، جوڙي جوڙيون جان تي؛

چَمٽا ٻڌي چيلجج سان، تُنيون تَڻيائون؛

جَنجيرن سان جهان تي، ڪِشتا ڪَڙيائون؛

گروڙي گائون، پورب پنڌ پُڇِي ويا.

 

(6)

جوڳي ڀاتون ڀات، ڀَر منهنجو آڌوتِن سان؛

سَفر ويا ساجهري رهيا رُڳِي رات؛

طلبَ تنين جي تات، راتيان ڏينهان روح کي.

 

(7)

آهِن اَڪيچار، اَنتر مک اَڌوتَ؛

پورب سي نه پُريا، نه ڪِي ڪَن پرڇارَ؛

اَٺ ئي پهر اَڇَ ۾، رهن سي گُم گار؛

سَچَل سَنسڪار، سَنسا تِن وڃائيا.

 

(8)

اَڃا اَڌوتِي، آهن اُڪيچارَ؛

اَوديا اَهڪار، ڀَڃِي جن ڀورا ڪيا.

(9)

ڪاپَڙي ڪَن ڦاڙَ، آيل اَڄ لنگهي ويا؛

مَست ڪري ويا مَن کي، مُرلين سان ۾ڻيارَ؛

تَن جوڳيڙن جي جاڙَ، مون مُئي نه وسري.

 

(10)

ڪاپڙي قَنديلَ، کنيو گُهمن گودڙيا؛

ڇَٻَٽ ڪري ڇَٻَن ۾، وتن ڪاريهَر قَتِيلَ؛

مُنڊن مُرلين سان اُهي، اَڌوتي اَيلَ؛

”سچل“ سِڪَ سَبيل جيءَ ۾ جوڳيئڙن جِي.

 

(11)

لاتِي لاهوتِين، ڌوم جي ڌوڻِي؛

پَنبِه جِي پوڻِي، ساڙي سنياسِي هليا.

 

(12)

جهوناڳڙه جي جوءِ ۾، جوڳين جوڳُ اَجوڳُ؛

ڀوڳين ڀوڳُ اَڀوڳُ، پاڻُ وڃائي پانهنجو.

 

ڪافي 1

محبت جي مِي ماريو، ڙي مون کي،

ڪاڪيون ڪنهن سان ورهُ وراهِيان!

عقل علم سڀ ڇوڙ ڏتو سي، عشق ڏنو اولارو.

اکيان کول ته ظاهر ڏيکين سير سڄڻ جو سارو.

پُرجهي پير ايڏاهِين پايو، هوت اَٿَو هاڪارو.

محبت مون منصُور وجهايو، ڳچيءَ جي وچ ڳارو.

سَنبرُ ”سچيڏنا“ جي يار سدائِين، ووهَ ڪيو جان وارو.

 

ڪافي 2

ياڪِي ٿيو يار اَسان کؤن، دل نِماڻيءَ جِي کِسي!

ويٺي ڏسان واٽ اوهان جي، مانَ ڪو رهبر رسي!

اَچڻ هِن جو يار ايڏاهين، — ڏيهه مندئِي ڪو ڏسي!

سِر ”سچوءَ“ جي يار سدائِين، ورهَ جو مِينهڙو وسي.

 

ڪافي 3

ڳالهيون ڳارن ٿِيون، ميان، دل کي دوستن جون، ميان!

ياد اَچن جي ڳالهيون، اُهي ڪوڪان ڪارنِ ٿِيون.

هو جو ڪيائون ڳُجهه ۾، اُهي مامان مارن ٿيون.

ڳُڻن واريون ڳالهڙيون، اُهي ٻارڻ ٻارن ٿيون.

پَسَڻَ ڪارڻ اَکڙيون، صاحب سارن ٿيون.

پاڻِيءَ گاڏون رتَ جان، هنجون هارن ٿيون.

اکيون ڏسَن نه غير ڪو، واحد وارن ٿيون.

”سچو“ اُهي ڳالهڙيون، نِت مون کي مارن ٿيون.

 

ڪافي 4

تنهنجِي آهيان آءٌ ، پنهنجي ڪري ڄاڻ!

جا ڏي تا ڏي توهين دلبري، ڪاڏي ڪاهيان آءٌ،

هونديس اوهان ساڻ.

آءٌ ڪنيزڪ تون سائِين، سَڱ نه ساهيان آءٌ،

چيٽڪ ڪَيس اَڄاڻ.

سِڪن ڪيئِي تو لَئه سانوَل هِڪ تا ڇاهيان آءٌ،

صدقي ڪيمُ پاڻ.

تو هَئون ٻاهر سُڻ ”سچو“ ري ڪنهن دم ناهيان آءٌ،

پنهنجو جَهلجِ ٻاڻ

 

ڪافي 5

تنهنجي ڪارڻ ڪاريو، هوءِ هوءِ هولِيڙَو!

ڪنهن سان ڪريان سُپرين، تنهنجين ڳالهين ڳاريو.

ڪنهن در ڏيان دانهڙي، تنهنجي محبت ماريو.

آگ عِشق جي اَندر اسان جي، ڏاڍو ٻارڻ ٻاريو.

آءٌ اوهانجڙي آهيان، والِي ڪِيم وساريو.

پاڻئون پاسي نه ڪريو، سگ ”سچو“ پنهنجو ساريو.

 

ڪافي 6

سُهڻا توکي ڪيهو هاڻِي هاڻِي،

ڏوراپو ڏيان، ڀلو مَن موهَڻا؟

وس ويچاريءَ جو ناه اَصل کَون، تون پرين پاڻِهين ڄاڻِي

اَندر منهنجي وو آهي اوهان جِي، ڏاڍي سا سِڪ ساماڻِي.

اَوهان ٻآجهون ويٺي اوتيان، پنبڻين مان پاڻِي.

”سچو“ اَوهان جو آهي اَصل کَون، پنهنجو سو سگ سُڃاڻِي.

 

ڪافي 7

ڇو ٿو ڇڏين ڇو ٿو ڇڏين، مون کي هاڻي،

آءٌ تا تونهجڙي آيهان!

پاڻُ پنهنجو پاڻهين، ساڻُ غريبن گَڏين.

پکا پکن سامُهان، اوري سي دلبر اَڏين.

”سچو“ نهاري واٽڙيون، ايندين صاحب ڪڏهين.

 

ڪافي 8

رهجِي اَچي منهنجي يارَ توسان!

آءٌ ڇا ڄاڻان عشق منجهارؤن، بِرهي والڙا بار.

طرف ٻئي ڪنهين خيال نه ڀانيان، آيه سدائِين يار.

هوندين هميشه گڏ اسان سان، نيڻن وهايم نار.

ٻانهن ٺ”سچوءَ“ جِي سُهڻا سائِين، پرتِي اَٿئي سردار.

 

ڪافي 9

تون تا ڪڏهن اِيندين، يار،

تُنهنجِي روز نهاريان راه!

سِرَ تي چاڙهيا سُپرين، بِرهَ تنهنجي جا بارَ.

راتو ڏينهان روح کي، تنهنجِي سارَ سنڀارَ.

وهَن ٿا واڪا ڪَيو، نينن سَندا نارَ.

آءٌ تا هڪڙو ناهيان، تنهنجا عاشَق لکَ هزارَ.

سورَ سَندءِ ميان سُپرين، مون کي ڪوهِ هڻن قهارَ.

پِرين پارجِ پانهنجا، جي ڪيئِي قولَ قرار.

ڏوهُ ڏيان ٻئي ڪنهن کي، آهي مون ئِي سِر مَيارَ.

اندر منهنجو اَڌ ڪيو، جانِي اِنهيءَ جارَ.

اَٺ ئي پَهَر ٿي وڄي تُنهنجِي تَند تنوار.

مُئِيءَ کي ماري اِتهين، تون وئين ڏنهُن وڻڪارَ،

”سچو“ سَگ اوهان جو، ٿو روئي زاروزار.

 

 

جهولڻو 1

ساٿِي ساري سَنيها، چئجِ پُنهونءَ کي،

بيراڳي آهِيان، وو!

حالُ ڏسيو ٿو جو وڃين، سارو عرض ڪَرين، وو،

دلاسو ڪو دوست ڏنهن، وٺي جلد ورين، وو.

ڪارو ڪَج نه ڪيچَ کي، ڇَپَر تا نه ڇڏين وو،

ٻانهي ڄاڻِي پانهجِي، گولِن ساڻُ گَڏين، وو.

تو سان عمر گُذاريان، جان ڪِي هِت هُئان، وو،

ڳالهين تُنهنجِن ڳاري آهيان، جان ٿِي رت روئان، وو.

ڏوريندي مون ڏونگرين، گهڻا ڏينهن ٿيا، وو،

ٻڌا هوندا هوتَ تو، جي ”سچوءَ“ سَڏَ ڪيا، وو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org