سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سچل سرمست جو سنڌي ڪلام

صفحو :15

 

ڪافي 32

سلَ ڙي سوداگَرَ، تون آئين وٺِي هِت سودو ڪهڙو؟

هُتَئون آڻي هِت لڪايئه، کَڻِي مُشڪَ عطرَ؟

هوڪو هِت ٻيو ڪيهٖو گُهمايئه، ڪَري تا گُم گوهَرَ؟

هِهڙي جوهَرَ جي هِتي، ڪَنهِن سان نه ڪَيَئه ڪا خَبَر.

پنهنجي اڳيون ڪَيُئه مِڙيوئِي، سارو مُلڪ مَشهر.

ڇا کَون تو تا شاه ڇُپائِي، هِيئن سا هَتَ مُهر.

لکِي ڏنا تو ڪيترا، مُلَن کي مَحضَر.

لعلان لَکين ڪيون پڌريون، ”سچو“ وي سَروَرَ.

 

ڪافي 33

ڪٖهي ڪَريان مهماني، يارُ اَڱڻ منهنجي آيو!

دوست گَڏيو دلجاءِ ٿي، هينئڙي لَٿي حيراني.

هن وَڙَ لائق هوسِ نه آءٌ، محبَ ڪَئَي مهرباني.

مشڪل جا هُڻي ڳالهه اسان کي، اُها ڪَيَئون آساني.

فضل ڪرم سان پاڻ بخشيائون، ”سچوءَ“ کي سُلطاني.

 

ڪافي 34

نه مان مريد نه مان پير، ساري فقَر جو فقير.

نه مان حاڪم، نه مان ظالم، آهيان اَمُن جو امير.

نه مان طاعَتَ نه مان تقويٰ، آهيان ورهَ جو وزير.

نه مان گُهمڻ نه مان گهَتڻ، آهيان عِشق جو اسير.

نه مان ڪُڇَڻ نه مان پُڇَڻُ، آهيان دوست لئه دلگير.

”سَچوءَ“ ٻَڌو محڪم سِرَ تي، محبت جو مَنديرُ.

 

ڪافي 35

عاشق اکيون اُپٽي ڏسين، آهي مِڙيوئي يار، ميان-

ظاهر زباني ٿو ڪريان، عجبَ جٖيهو اِسرار، ميان.

اعتقاد فردا رکُ، اَڄ دوست ٿيءُ اظهار، ميان-

جنهن کي پَسَڻُ هِت پرينءَ جو، هُت ڀِي تنهين ديدار، ميان.

سالِڪ سَهي ڪِي تا ڪَرين، صورت سندو گلزار، ميان-

ٻانهون ٻَڌين ڇو ٻين کي، آهين تون سپه سالار، ميان.

بلبل اول ڪر پاڻ کي، گُهٽ گهٽ سارو گلزار، ميان-

جي تون زليخا جان ٿئين، ساجن سَڀو سنسار، ميان.

تون تا سچيءَ هِنَ ڳالهه کَون، عاشق نه ڪر انڪار، ميان-

جيڪي چيو مُرشد توکي، آڻِج اُتي اعتبار، ميان.

سروپا اُهو ساجن وسٖي، ٿي پاڻَ کون بيزار، ميان-

آهي وس ”سَچو“ سڀ يار جو، ناه ڪو اسان اختيار، ميان.

 

ڪافي 36

عاشق جي اَحوال جي، تون ڪوهُ پُڇين ڪَلَ؟

راڻي ڪارڻ ٿِي روئي، محل چڙهي مومَل.

سُهڻِي گِهڙي سِيرَ ۾، آڻي عشق اَجهَلَ.

سَسئيءَ گوندر گهاريا، پُنهوءَ ريءَ هيتِ پَلَ.

ڪڏهين ٻُڌي ڪانڪا، جهانگيڙن تي جهَلَ.

سِڪَ ”سَچوءَ“ کي سرتيون، ڪيا هِنيڙي اندر هَلَ.

 

ڪافي 37

ڙي جيڏيون، منهنجي يار سڄڻ سان زاري زاري!

هيءَ نيعي عيبن هاڻِي، بِره سَندن آهي باري باري.

حاضر ٿينديَس در دوستن جي، پائِي ڳچيءَ سا ڳاري ڳاري.

پوءِ ته ياڪي يارُ ٿيو سٖي، پهريون لائي ياري ياري.

هَٿ سڄڻ جي اَديون ڙي آهي، ڳالهه ”س

وءَ“ جِي ساري ساري.

 

ڪافي 38

لڻ اسانجڙي سائين، ڪَر ڀَلا تون ڀيرو!

نانءَ ڌڻيءَ جي دلبر سايئن، پاند ڳچيءَ ۾ پائين،

ڪَج فقير ڏي ڦيرو.

سدا سؤ لڳ يار سڄڻ وي، جايون سٖي بنائين،

وجهِي منهنجي در ديرو.

حجت رکَڻ ساڻ اَوهان جي، ٻولُ اِهو ٻولائين،

ناهيم اِيڏو سو جيرو.

واٽَ اَوهان جيءَ جو کَنئِيو، ”سچوءَ“ ڏينهن اُنهيءَ کان اَڄ تائين،

پيراڍن جان پيرو.

 

ڪافي 39

جي اوهين ڄاڻو، ڙي جيڏيون،اهي الله لوڪ سارو!

ڪاٿي آهي چُپ چُپاتيءَ، ڪاٿي ماري نعرو.

بيڪسيءَ ۾ ڪاٿي گذاري، ڪاٿي سو حڪمن وارو.

ڪاٿي شَرعَ ۾ شور مَچائي، ڪاٿي ڳچيءَ ۾ ڳارو.

جاڏي ڏسو تا ڏي آهي، سندس نِيهَن نظارو.

حقيقت جي حال کَون، ”سَچُو“ ٿِيءُ نه ويسارو.

 

ڪافي 40

لک ڪريان  توڙي زاري، دوست چَوي ”نون ڪهڙو!“

هَٿين ڀي پَوان پيرين ڀِي پوان، پايان ڳچيءَ ۾ ڳاري.

آءٌ اُهائِي يار اوهان جي، تنهنجي محبت ماري.

روز آلستان منهنجي آهي، يارَ اوهان سان ياري.

اسان يتيمن کي يارَ اوهان سان ياري.

ورهِ مَٿي تي ويٺِي وسايان، دوست ڏيو دلداري.

آءٌ اوهان تَون سُهڻا سائِين، واري وڃان لکه واري.

توڙي سڃاڻي توڙي نه ڄاڻين، دوست نه آهيان ڌاري.

ڳَلَ اصل کَون آهي اوهان جي، ڳالهه ”سَچوءَ“ جِي ساري.

 

ڪافي 41

مون کي نه وساي ڍوليا، آءٌ تا تنهنجڙي آهيان!

نانءَ سائينءَ جي اسان نماڻن ڏي، کڻِي تون نٖيڻ نِهار.

پِرين وڙَئون پانهنجي، گڏ غريبِ گُذار.

ڪَيَوَ اسان سان جي يارَ پيارَلَ، پنهنجا سي وعدا پار.

اَڱَڻ اَسان جي سگهو ڪِي اِيندين، والي سو ڪهڙيءَ وار.

دَرَ پنهنجي جو دلبَرَ سائين، ”سچو“ سو سگ سنڀار.

 

ڪافي 42

آءُ تا گڏ گذاريون، وي، ڏکيا سٖي سکيا ڏينهڙا!

ڳالهيون ڪَيئه جي ڪالهه اسان سان،

ڪيئن تو يارَ وساريون.

ڳچِيءَ پائي ڪپڙو سائين،

دوست ڪريان ٿِي زاريون.

راتو ڏينهان توکي دلبر،

سانوَل ويٺا ساريون

اَچَڻ سَنديون تانهنجون،

سائين واٽان نِت نِهاريون.

پِرين پَنهِنجو پاڻ سان،

”سچو“ سو سَگ سَنڀاريون.

 

ڪافي 43

”دَع نَفسَڪَ وَ تَعَالَ“، اَٿِي ڳُجهي اِها ڳالهه.

خاڪِي جسم کَون ڪر جدائي، بَحرَ عَدَمَ جي ۾ جال.

خيال وجودي ڇو نه وسارين، ڪرين ٻي قيلَ مَقالَ.

ڳالهيون ڪوڙيون سَٽِ سڀيئي، پئه تون بُت بحال.

گرد غبار ۾ کاءُ نه غوطا، ”سَچُو“ ري پاڻ سَنڀال.

 

ڪافي 44

آءٌ ٻآروچَل ٻيلِي، مونجهه تنهنجي آهيان ماري!

ناهي واجب رسڻ توئِي کي، تون گُرو آءٌ چيلِي،

سَڱ نه ٿِي ڪو ساهِيان.

عشق اوهان جي کَون هوت ٻاروچا، ڪيئن ٿَرن هيءَ ٿيلهِي،

نه ته ڇَپَر اڳيون ڇاهيان.

سَگَهه نه ساريان پَنڌَ ڪرڻ جي، تو بِن آهيان اُڪيلِي،

ڪٖيچ وڻن ڪِيئن ڪاهيان.

وڳڻِي آهيان ورهَ تُنهنجي کَون، توڙي ڪِي پُورن پئلِي،

”سَچو“ نه آسَرَ لاهيان.

 

ڪافي 45

ڏينديَس ڏوراپو، آءٌ وڃِي وراڻو روبرو.

پريان سَندي پارَ ڏي، ڪو نئٖي نياپو.

اوهان ٻاجهون سُپرين، آءٌ ڪريان ٿِي ڪاپو.

سوڍل توئِي ساڻ آهه، منهنجو سَک ته سِياپو.

 

ڪافي 46

منهنجو نيهُن وڌايو نازَ، نيٖڻين نيٖڻين جٖي، ميان!

تيغان آهن يا ته سِتم جون، تنهنجون اکيون ڪَجليون ڪاريون،

اَلا سائين، يا ته بَحري بازَ.

درد مندِ جي دلڙي دلبَرَ، ڏاڍي زور سان آندي،

اَلا سائين، نيڻن منجهؤن نياز.

مانَ پَون ڪِي ڪَن اَوهان جٖي، اوهِڪٖي واري،

اَلا ميان، عاشقِ جا آواز،

ٻَئِي ٻانهون ٻَڌي ”سچو“ وڃ، تون ساڻ يقيني،

الا ميان، درَ مٿي ڪارساز.

 

ڪافي 47

ڪنهن ويلَ نه ٿا وسارن، عاشقَ نه ٿَج تون ماندو!

”نَحنُ اَقرب“، اِها اشارت گَڏ توئِي سان گذارن.

اَصل لاڪون طرف تنهنجي، نِت نِت گهڻو نهارن.

جي تو اُڪنڊ اُن جِي، سٖي ڀِي تو ئِي کي سارن.

ڏينهن اِتهين ڇو ٿو لائين، تو هُت ”سچو“ سنڀارن.

 

ڪافي 48

تنهنجي اَچَڻ جون واٽڙيون، نِت نِت اُڀي ته نهاريان.

لَنءُ لِڪايَو لَوڪَ کَون، هَنجَ ۾ هنجون ٿِي هاريان.

سٖي ڳعالهڙيون ڪنهن سان ڪريان، جيڪي سَڄڻ ٿِي ساريان.

داغ تنهنجي درد جا، ڏيهه کي ته ڪيئن ڏيکاريان؟

”سچو“ چَوي سائين شوق تنهنجي ۾، ڪو دم ڪين وساريان.

 

ڪافي 49

ڇڏ غصو غمناڪ سان، اچي مِل ته ماندائِي لهي.

سُڌِ سڀا توکي پِرين، جيڪا واڍوڙين سان وهي.

سور سيباڻن جهڙو، پر جيءُ جُدائي نا سَهي.

پاڻون آيا هِن پور هٖي، ڪِي تو مُڪا پِريَم پَهي.

”سچو“ وهاريو وٽ ۾، هِي ٺاه تڏهين ڪو ٺهٖي.

 

ڪافي 50

منهنجو ناهِه ڪوئِي اِختيار، هَي يار وي!

مون تا سِر تي چائيو، باري بِره جو بار-

هَي يارَ وي!

راتو ڏينهان تٖيڏي ڪارڻ، روئڻ زارو زار-

هَي يارَ وي!

ڪيئن ڏنو تو سُپرين، جاني جيءَ کي جارُ-

هَي يارَ وي!

”سچو“ سارو سمجهين، عشَق سندو اِسرار-

هَي يارَ وي!

 

ڪافي 51

تنهِيين ڏينهن ڏِنائون، ساه منهنجو ساهَڙ کي سرتيون.

درد منديءَ جي دلڙي، نازن ساڻ نيائون.

هيڏي هوڏي نا ويو، سوگهو ساه ڪيائون.

سُڻيِ سنيها يار جا، عاشق ٿيڙيس آئون.

جيءُ وڌائون جارِ ۾، ڪاڪيون تن گَڏيائون.

ميهَرَ سندي معرڪٖي، هِيءَ غريب گَڏيائون.

جِيءُ منهنجو جيڏيون، ويِرن منجهه وڌائون.

”سَچُو“ ڪڍُ سري مُون ميڙي سڀ مدايون.

 

ڪافي 52

جيءَ جون ڳالهيون هيون جن سان،

هَي هَي سانگ چرهي ويا سي ئي!

ماريَس اِنهيءَ مامري، هيءَ پوءِ اُنهن کان پيئي.

وٺي وينديَس اوڏهين، حال پنهنجڙو جو هٖي ئي.

اِيندا، اِٿم اشرو، جيءَ گُهريا ٿي جٖي ئي.

مون ڏي مڪائون ڪيترا، ڏک ڏوراپا ڏيئي.

جيءُ وڌو آهي جار ۾، تَن نياپن نيئي.

”سچُو“ سنيها ٻُڌِي تَن جا، پَڌ ٻانهون تون ٻيئي.

 

 

 

 

ڪافي 53

مان تان محبن کي، ڏيان ڪٖيها ڏوراپا!

ڪيئن شِرڪت آءٌ ڪندي، سرتيون سان سائينَ!

آءٌ نماڻي آهيان ڇا، ڪيئي سَوين سِڪن.

ڏوڙا طالع مون ٿين، جي ويڙهي هِنَ وسن.

ڏسِي حال حقير جو، اڱڻ مانَ اَچن.

ڪين ڇڏيندا ڪڏهين، ”سچوُ“ سَڱُ سندن.

 

ڪافي 54

مون کي ڏور ڇو ڏِسِن، سرتيون ديرو دوست جو.

جي مون سڻو سرتيون، هو سدا وچ وسن.

اکيون مون سڻو سرتيون، هو سدا وچ وسن.

اکيون عجيبن کي، پل پل ٿيون پسن.

محب عجيبن کي، ٿا کليون دل کسن.

”سچُو“ سوزن واريون، وڃي روءِ رَسن.

 

ڪافي 55

اڄ اڱڻ اِجهٖي ايندم، سُکيا سانگٖي گَڏيَم شال!

ڏِسي حال حقير جو، سَوَ دِلاسا ڏيندم،

هو جٖي ڪُهِي ويڙم ڪالهه.

پنهنجي وڙَون سپرين، حال ڀائِي اچي ٿيندم،

جَنلڳِ وجهايم فال.

لِڪِي ساري لوڪَ کَون، گوشٖي پاڻ گڏيندم،

اُهي ڪندا ڀلائي ڀال.

سَگ جنين جو سڏجي ”سَچُوپ“، سيئي سڏيندم،

جِيءُ جيءُ چونديس جال.

 

ڪافي 56

وڻيوسين وَه واه، پڙهندي پروانو پرينءَ جو!

اوڏا مِنهَن ملهارَ ٿيا، گُل کِلن ۽ گاه.

سِي ئي سڄڻ ٿيا سامهان، حال ڀائِي همراه.

محبت منهنجٖي من ۾، چوريءَ مچايو چاه.

سِڪ تا ڄڻن جٖي، اُجهايو آڙاهُ.

ديس ڇڏي پرديس ويا، دوست پرين داناه.

هوتن ڏانهن نه هڪڙي، مهڙَ مِڙئِي مان ڏانهه.

پرينِ جي پيغامَ ڪيو، آرامِي آرواح.

قاصدَ تو تان آءٌ ڪريان، هي سِرُ صدقي ساه.

اڱڻ آسَروند جي، آڻيديونِ اَلله.

”سَچُو“ چَوي رب مٖيڙي، روز پُڇان آءٌ راه.

 

ڪافي 57

پانڌي منهنجي يارَ کي، ساري چَئِج سَلامَ.

چَئِي مُڪا هئا ڪيترا، مون پرتِ وارا پيغام.

اوهان جي نِي اَچَڻ جا، هُلَ پَوَن هَنگامَ.

محبت منهنجِي روز اَزل کَون، تو سان مُحب مُدام.

”سَچُوءَ“ جيها ڪيترا، دَرَ تُنهنجي تَه غُلام.

ڪڏهن ڪندين يارَ اَسان ڏي، اچڻ جا اَنجامَ.

عشقَ اوهان جي شورُ مَچايو، هُل پَون هَنگام.

ٻانهي گولي يارَ سڄڻ جِي، مُلهه خريد مُدا.

روز اَزلَ کون ”سَچُو“ آهي، سائين سَنديو سام.

ڪافي 58

پانڌي آيم اَڄ پيهِي، پِريان سَندي ، وو پارَ جو!

ڏوٺ ڏوراپا ڏيئِي مُڪائون،

تَن ڪَئِي ديوانِي ديهي.

”ڳالهيون اُهي يارَ سَڄَڻ جون،

ڪيئن وِساريَئي ويهِي.

جِهِڙيائِي آهي جيءَ تنهنجي سان،

هُتِ به گذري جيهٖي.“

هوش ”سَچوءَ“ جو نِيو نِياپَن،

ڳالهه ڪَريان ٻِي ڪيهِي.

 

ڪافي 59

هِينئن ڪانگ اَڄ ڪَهِي ويو، ”اِيندَءِ صبح سَويل.“

ڳالهيون ڪري سَڄَڻ جون، اَڄ رات هِت رهي ويو.

هو حال منهنجي جو سَماءُ، هِنَ لوءِ تَنهِين ٻهي ويو.

ڳالهيون ٻُڌي ڏکن جون، ٻولِي تَنهِين ٻهي ويو.

پِرين جي پار اُڏاڻو، ڪيئن سورَ هِي سَهي ويو.

”سَچو“ سڄڻ مِلايَئِين، هِنَ ٺاهَ تِي ٺَهِي ويو.

 

ڪافي 60

هيئن اَڄُ چَئِي مُڪائون، ”عاشِق اَچون ٿا ايڏنهُن!“

هِنَ جِيءَ جَڏي کي جيڏيُون آڌر وڏي ڏنائون.

”تُنهنجي ديس اَسين اَچون ٿا، عاشق نه ٿِج اُٻائون.“

مون هن نماڻِيءَ سان، ميان، ڪيڏا ڪرم ڪيائون.

”مطلب تُنهِين جو آءٌ آهيان، ٻِيون ڇڏ مِڙئي مُدعائون.“

دلاسي لئه دردمندِ جي، قاصد ”سَچُو“ ڪڍيائون.

 

ڪافي 61

اَڄ ڪِي صبح اچن ٿا، نروار چئو نجومي!

مون هِت نماڻِيءَ جو پِرين، حال ڪِي سڄڻ پُڇنَ ٿا.

هِن پارَ ڏي اچڻ جو، چَئو ڪِي سڄڻ چَوَن ٿا؟

پِريَن آهن پنڌَ ۾، ڪِي ويڙهٖي پنهنجي وَسَن ٿا؟

”سَچوءَ“ جِي ڀِي سُڌِ لَهَڻ لئه، قاصد هٖيڏي ڪَڍن ٿا؟

 

ڪافي 62

دوستَ کي دانهون سُڻِي، مَنَ مهرَ ڪا مون ڏنهن پَوي!

درد مَندِ جي دَرَ اُتِي، ٿو ڪانگ لاکيڻو لَوي.

پيغامَ پِرين پارَ جا، چَشمن اُتي ويهون چَوي.

سِرَ ڀَر اَسين ايڏهن اَچون، يا ڪِي اوري ايندؤ اَوهٖي.

”سَچو“ آهي اُڪنڊيو گهڻو، ٿو راند روئڻ جي رَوي.

 

ڪافي 63

ڳالهه پنهنجٖي حال جي، تو ريءَ وڃيِ ڪنهِين کي چوان؟

جوش تنهنجا جان ۾، نت نت آهن مون کي نوان.

کيئن جي پڇان پوءِ ٿي خبر، پانڌي اول پيرين پوان.

پاڻون آيا هِن پور هٖي، ڪِ هِن مڪا مون ڏي اَوان؟

”سچو“ مٽيان آءٌ ڪٖينڪي، هي سور سُکَن سان سنوان.

 

 

 

ڪافي 64

”مڪاسٖين قاصد ڪالهه، اِجهي ڄاڻج آيا آيا!“

”آهي تياري ايڏهن اسن جي، آهيون سو مَنجِهه يال.“

”اُڪَنڊَ تنهنجي اَصل اسان جي، آهي سا جيءَ ۾ جال.“

”عاشق تو تي ڪقرم ڪيوسٖي، سڻي سندءِ اَحوال.“

”پنهنجي لطف سان هاڻ لاٿاسين، تو تَون ڪُل ڪَشالَ.“

”اچي لهون ٿا اِجها تنهنجڙي، سچو ري رات سنڀال.“

 

ڪافي 65

آهجي ههڙو حال ويچاريءَ جو، سهڻا ڪر ڪو ڪرم ستاريءَ جو!

لئه پنهل جٖي ڪانگ اڏايان، ڪوٺِيو پوٿيدار پٽايان،

ورُ وري، ورَ واريءَ جو.

حال ڏسي پنهنجو ڀال ڀلائج، پِرَ پڄاڻو وره ورائج،

ڪج ڊڀ دارون دک واريءَ جو.

درد فراق جا دونهان دکقن ٿا، مَچ مَڱَر هن من مچن ٿا،

شل ورُ وري ويچاريءَ جو.

سڪ ”سچل“ جي توکي ساري، ڪيچي ايندم نرتَون نهاري.

ساه سڪي سڪ واريءَ جو.

 

ڪافي 66

جيءُ نچ آيا، ڀلي ڪري آيا، ساٿي سڄڻ جي ڏيهه ڏنهن!

مون تا ڄاتو واٽ واهو، پر مون ڏي سي هوت هلايا.

ڏينهن پڄاڻو پانڌي پرين جا، ساڻ غريبِ گڏايا.

پاڻ مٿائن ڪريان قرباني، لکين ٿورا جَن لايا.

اَول دلاسا ڏيئي انهن هي، پوءِ پيغام سڻايا.

طرف تنهنجي اهي عجيبن، سچا سخن فرمايا.

”اُڻ تڻ اها ئي آههِ اسان کي، ڏکيا تو ڏينهن لنگهايا“

”پيا اسان وٽ هاڻي تنهنجا، سچو ڙي پنڌ سجايا“.

 

ڪافي 67

پانڌي اوڏاهون اَڄ آيو، پريان سندي پار ڏنهن.

”طرفان تنهنجي هونِ اَچَڻَ جو، ساٿ ڌڻِين کي سعيو.“

”گهڻو پڇن هُت پِرين توئي کي، گهم،ين تون هِت اجايو.“

”آهه توئي ڏي سڻ ري عاشق، روح سَندن جو رايو.“

پاڄاڻيءَ جو هنن پيغامن، وري سو وره وڌايو.

ٻڌي نياپا ٻانهون ٻڌي ٻئي، آڻي ”سچوءَ“ سر نوايو.

 

ڪافي 68

اَڄ اوڏاهون آيا، گڏيا سٖي قاصد مون کي!

”وريِ ورڻ جا هئا ڀنڀور ڏي، ساٿ ڏڻِين جا سعيا“.

”اَڄ صبح اَچي ويجها سي وهَندءِ، ڏور جنين ڏينهن لايا.“

”گوشٖي گڏجِي ڪندءِ سي ڳالهيون، جَن جا تو پنڌ پڇايا“.

”خيال سڄوئي هيڏي هُئڙن، ڏکيا تو ڏينهن لَنگهايا“،

”طرف تنهنجي اڳي ڀي رهَبَر ، ڪيئن تنهن هوتَ هلايا.“

نِينهَن جا نياپا ڏنا جَنين هي، ”سچو“ سي ساهَ سيبايا.

 

ڪافي 69

اِهو نِياپا آيا، مون ڏي محبن جا، ميان!

قاصضدن، وو، ميان، هيڏي اَچَڻ جا، روز سي رستا لايا.

”طرف ڀنڀنور جي سُڻ تون عاشَق، پنهونءَ ٿي پنڌ پڇايا“.

”تو تا طالب يار سڄڻ ريءَ، گوندر ڏينهن گنوايا.“

”اڱڻ تونهنجي اَڄ سي ايندا، تو جن لئه وره وَسايا.“

”جي ئِي گذاريئه يار جانب ريءَ، اُهي سي ڏينهن اَجايا“.

؟هئا پِرين کي پار تنهنجي، ميان سچُو اقچڻ جا سعيا“.

 

ڪافي 70

اِهو نياپو آندو، پانڌيءَ پرينءَ جي پارَ ڏنهن.

”آهي تياري ايڏهن اَسان جي، متان ٿئين تون ماندو.“

”عاشق تو کي آڻي اَسان سان، حُب ڪندي هيڪاندو“.

”اسين به اوڙڪ اِينداسي ايڏنهن، ٿِج نه وره کون واندو.“

”ملڻ محبن جو آيه اِهوئي، پِرت جو پاڇاندو“.

 

ڪافي 71

آءُ اَدا پانڌي، دوست دلاسو ڪو ڏنو؟

سُڻ تون ساٿي، آهيان، ادا، آءُ محب بنا هت ماندي.

اَڱڻ اسان جي ڪڏهن اِيندا، اِها خبر تو ڪا آندي.

دل اَسان جيي دوستن ٻاجهون، ناهي وره کُون واندي.

سِگهڙي ساٿِي ڙي مانَ ٿيان، ڪا هوتن سان هيڪاندي.

ساران سنڀاران ”سچُو“ وي لهندءِ، آهٖين جَنين جي تون باندي.

 

ڪافي 72

منهنجو ڪِي هُت پڇيائون، سچ چئه ادا ڙي ساٿيو؟

گوشٖي ويهي گَڏ اَوهان سان، منهنجي ڳالهه ڪا ڪيائون؟

سَليو سنيها ساڻ سلامن، هِنَ ڏاهَ ڏي ڏنائون؟

پيغآم پرت وارا، چئو جي مون ڏي چيائون.

دلاسي جِي درد مندِ ڏي، ڪا اڄ خبر لکيائون.

”سچوءَ“ ڪاڻ تا گهڻيرو، هِن ڏيهِه ٿي ڏٺائون.

 

ڪافي 73

سِگهَڙي پِريَن جي پار جِي، ڪانگا خبر ڪا مون ڏئين.

دوست جٖي ني ديس ڏي، ڪيئن ڪالهه تون اُڏري وئين!

اَول اسان جي حال جا نازڪ نوان نياپا نِئٖين،

ساري سنيها سوز جا، هَي هَي سڀئي لائج هِئين.

ماري ميان مشتاقِ کي، ڪيئن يارَ تون ياڪِي ٿئِين.

پُورن مَنجهِين پرديسِ جٖي، ٻاجهون اَوهان آهيون اِئين.

آءٌ جي مُئِي تا گهوريس، جانِي سدائين تون جئين،

”سچُو“ سِڪي ساري توکي، تون ڀِي تَهِين سان هو ائين.

 

ڪافي 74

ڪانگٖي قريبن ڏنهن، خبري آندِي وٺِي وهندو وري.

خطَ منجهوون معلوم ٿِي، ساري خبر کِيئَن جي کري.

دوستَ دلاسا لکيا تا ”تو اسان ريءَ ڪيئَن سَري؟“

”آءٌ تا گهڻو تو سايان، ڳالهيون ڪرين ڪهڙيون چَري؟“

سچُو“ تو سان آهي منهنجي، اُها ذوق مُون دل جٖي ذري“.

 

ڪافي 75

ڳالهه ڪريان ٻي ڪيهِي، تنهنجي مزگن ماري آهيان!

پرين وڙئون پانهنجي، ميان الا، آءُ پکٖي هِن پيهِي.

پاڙي ساڻ پرين جٖي، ميان الا، ورهُ وهايم ويهِي.

پلَئه لڳي پِرين جٖي، ميان الا، جيهِي سا آهي تيهِي.

ڳالهه ڏَسيائون سا تا ناهي، ميان الا، ”سچُو“ سلڻ جيهِي.

 

ڪافي 76

ڪيهِي چال چلي ٿو، اڙي جيڏيون يار منهنجو!

”ونَفَخت فِيه مَن رّوُحِي“، سارِي ڳالهه سَلٖي ٿو.

”اَنا عَبدهُ وَرسوُلُه“، مُلن گهَر مِلٖي ٿو.

ڪاٿئين تعظيمان ڏئي، ڪاٿئين کِل کلي ٿو.

ڪاٿئين سکيو سُپرين، ڪاٿئين جوشن منجهه جلي ٿو.

”سچو“ سَڀڪنهن صورتين ههڙي هلي ٿو.

 

ڪافي 77

ڇا کي ڏونگَر ڏوريان، مَن وسي يار مُنهنجو!

پرين آهي پاڻ سان، تَڪَ ٻئا ڇو توريان؟

راتو ڏينهان روح ۾، آرياڻي ٿي اوريان.

سَڀڪنهن پارين سُپرين، آءٌ گَهڻوئي گهوريان.

هوتَ هميشه حاضري، وندر ڪنهن لَڳه وو ڙيان؟

”سچو“ سچي ڳالهڙي، چَتِ اِها ئي چوريان.

 

ڪافي 78

هوت اَچي هَٿ ڏيندو، ڀَلو جيڏيون، مون هِن نماڻيءَ کي!

پِرين وڙئون پانهنجي، ڇَپر تا نه ڇڏيندو.

ڏسندو اکڙين سان، نال نِماڻي نيندو.

پاڻَون پاسٖي نه ڪري، گولِي ساڻ گڏيندو.

پانڌن پچارون ڪيون، آرياڻي اَڄُ ايندو.

اڱَڻ آسَروند جي، پکَا پاڻ اَڏيندو.

ڪيچن سندو قافلو، لوئَون تا نه لڏيندو.

ساجن سَنگت پانهنجيءَ، ”سچو“ شالَ سڏيندو.

 

ڪافي 79

ڪيچ منهنجڙوَ ڪم ني آهي، ڀلو ڀينر ڙي!

ويا ڪيچيڙا نڪري، گوليءَ ڏيئَي غم، ني.

دعا ڪريجو جيٖڏيون، جانِيءَ ٿيان جَم، ني.

ڪنهِين ڇِنَ نه ڇڏيان، دوستيءَ وارو دم، ني.

قيامَت تائين ڪينڪي، ٿيندي طلب تَم، ني.

پير نه ڇڏيان پرينءَ جو، توڙي ٿئي چيهاڙيون چَم، ني.

جُهڙ نه ڀائنجو جيڏيون، اِهو اَکين جو آگَمُ، ني.

سِڪ ئون ”سچو“ پِرين ڏي، راتو ڏينهان رم، ني.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org