سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سچل سرمست جو سنڌي ڪلام

صفحو :3

 

وحدت

داستان ٻيون

 

1

اَول گُمراهي، آهي رباني راه ۾؛

تِنهان پوءِ هَمراهِي، آهي هيءَ هدايت جِي.

2

جي اوّل هِدايَتَ،  تَحقِيقاً ڄاڻيج تون،

زياده ضَلالتَ، آهي اُنهينءَ وچَ ۾.

3

قَدرُ هِدايتَ جو، آهي ۾ ضَلالتَ؛

جي ضَلالتَ نه هُئِي، تا ڪاٿي هدايَت؟

4

جي تو نَه تَجريدَ، تا آئين نَه تَفريدَ ۾؛

ڪاٿي ٿِي توحيدَ، ڪاٿي بيهَڻ تانهِنجو!

5

جِتي ماڻُهن ميڙ آهِه، آءُ تِتي ناهيان؛

سِسِي سنباهِيان، پُٺِيءَ شاهَ حلاّجَ جي.

 

6

جي مَڃِن ٿا آدمِي، سي نَه مَڃان مان،

ڪوئي آهيان آن، جو ٻانهو ڪَنهِن ڄو نَه ٿيان.

 

7

پَسِي ڀَت ڀُليوس، تا آءُ آدمِي آهيان؛

وچان جان ويوسِ ، ته ساڳيو سائِين آهيان.

 

8

ٻيائِي ٻانَهَپ ڇَڏِ، آءُ تون اَحديَت ۾؛

لَحمؤن دَمَؤن لَڏِ، تا پاڪائِي پاڪُ ٿِئي.

 

9

آڇِپا اَول آهِه ، پوءِ ٽِکُٽ جو پنڌڙو؛

جڏهن ٽِکُٽ جاءِ، وڌُ تڏهِن اُن حَد کي.

 

10

فِراقاءُ فَرقُ، شالَ نه پوي جيڏيون؛

مون کي آهه مَرَڪُ، سَدا سوزُ  پِرين جو.

 

11

جَهڙو ڀانيُمِ پاڻ کي، تَهڙو آهِيان اَنءُ؛

باقِي رهيو نانءُ، ”سچو“ مون صاحِبَ جو.

*********

 

ڪافي 1

ذاتِيءَ مَنجهه ذاتِ ڇُپائي، بازي جا يارَ بنائِي!

هاديءَ حقيقت حالَ جِي، مون کي ساري سُڻائِي.

سڀَڪَنهن ۾ سَڄڻنِ، نوبت نينهن وڄائِي.

ڪاٿئين ”اَنالحق“ جي، تن چوٽ تَه  چَلائِي.

”اَنَا اَحمَد بلا مِيم“، اِها مَعنيٰ مِڙيائِي.

ڪاٿئين مَسِيتن ۾، ٿيو خاصو خدائي.

موٽِي مَڙهين وِچ ۾، تَنهِين مالهان ڦيرائِي.

ڪاٿئين وٿِ نه وارَ جِي، ٿِي ڪاٿئين جُدائِي.

ڪاٿيئن مَٿي تَخت جي، ڪاٿِئين گدائِي.

اندر ٻاهر هڪڙو، آهي صورتَ سَڀائي.

ڳالِهه نَه سَمجهڻ جِهڙِي، پر سَڀا سَمجهائِي:

ڪافِر مومِن هِڪڙو، ”سچو“ ٻوڙجِ ٻِيائِي؛

 

ڪافي 2

سڀَڪَنهِن پار، پِرينءَ جو پَرتو، خوابون عينُ کلايو؛

وحدتَ مون، وو، ڪَثرتَ ڪِيائين، رَنگيءَ رنگُ رَچايو؛

تو مان جي پَردي مَون ٻاهر، سرتِيُون ڇو نه  سِڌايو؛

طرحين طَرح پوشاڪان پَهري، لالَن پاڻ لِڪايو؛

هِي سڀ حُسن هَاديءَ جو آهي، ڀينَر ڪِيمَ ڀُلايو؛

پاڻ ڳُجهو ڪِيائين پَڌرائِيءَ ۾، هيءُ تَنهِن هنر هَلايو؛

”سَچيڏني“ جي صورتَ ۾ تَنهِن، اِهڙي رَمز رلايو.

 

 

 

ڪافي 3

هيڏي هوڏي نه نهار، تنهنجي ويڙهي سو تان يار وَسي ٿو.

ساڻُ سدا آهي تان تنهنجي، پِرين نه آهي ٻي پار.

ڦولهي لَهج پاڻ مَون، ڇو ٿو وَڃين وڻڪارِ.

پِرينءَ نه پُڇِجِ پَنڌڙا، تون ”سَچو“ پاڻ سَنڀار؛

 

ڪافي 4

ناهي ٻاروچو ڪو ٻيو، آهي اُهو جو مان روز ڏِسان ٿي!

وِيٺِي هُيَڙَس وَاٽ تي، اَچي وسيلو ٿيو؛

ماڙيءَ مَنجهه مَعشوقُ ڏٺوسِين، لالَن پائي لِيو؛

دريءَ مَنجهون ديدَ ڏٺيسُون، لالن پاتو لِيو؛

جَتَن ڪَج جَتَن جو، سڱُ سَبب سان ٿِيو؛

صَحِي سُڃاتَم سُپُرين، يار يقينؤن ٿيو؛

”خَلَق اَلاشيَاءَ وَ هُوَ عَينُهَا“، شَڪ وچَون ٻِيو ويو؛

کڻِي وڃان آءُ خوشِيءَ سان، سَرتُيون جي سُنهن ڏيو؛

سَير ساروئِي صُورَتين، پاڻَ قرَيبَن ڪيو؛

يَار ”سچل“ تون صحيح ڪر ڄاڻج، ڪيو خمارن کيو.

 

ڪافي5

حاجي حَجُ اَڄُ ڪيوسي، ڪعَبو مُنهُن محبوبَ جَو.

هاڻ حاصل سَرتيون، اَڪبر حَج ٿيوسي.

ٿِيو قبوليت مُنهنجو، جيڪو عَرضُ چَيوسي.

هِيءُ تَنُ طَوافِي ٿيو، وچؤن غيرُ ويوسي.

هاريون ڙي حَرمين ڏي، سَندن نامُ نِيوسي.

اُنِهيءَ ٻاجُهون ناه ڪو، اِهو احرامُ ٻَڌوسي.

اُهو ڪَعبو اُهو قبلو، ”سَچو“ ڏَسُ ڍيوسي.

 

ڪافي 6

تو ڪِيئَن وڃايو پاڻُ، ڳولي لَهِج پاڻ کي!

پاڻ وڃايو نَه لَهِين، ڀَڃي شَڪّ گمان!

آخر گڏيُئي گهَرَ ۾، ميان سوئِي گهَرُ سُڃاڻ.

مَکَڻُ اکر هِيڪڙو، ميان سوئِي کَيرُ سنڀاڻ.

آهين ناهين آهه سَڀوئي، آهه نڪو اُهڃاڻ.

ڇا جي ٿيندو، ڇا جي لَڀندو، صورت وچ سُڃاڻ.

”سَچو“ ٿي سَچُ آئيو، ماڳ اِنهِيءَ مِهمانُ.

 

ڪافي 7

سَڀڪنهن صورتَ ۾ سُپِريَن، سرتَيون ڙي، ساري ڳالِهه سَليائون.

ڏيو ٻاري سَجُ کي، ڪاٿي ڪَيِنَ ڏٺائوُن.

ساڻُ روشِنيءَ سِجَ جي، پُرجهِي سِجُ پَسيائوُن.

وحدتَ ڪثرتَ هِڪڙي، جيئَن مِينهَن ڦُڙيون مورائوُن .

”سَچوءَ“ سندي نانءَ ۾، اِهڙيءَ طَرحَ اُتائون.

 

ڪافي 8

جيئَن سِجُ آهي پِريشان، سوئي ڳولي سِجَ کي.

مَڇلِي جيئي آبَ سان، آب پڇي تغيان.

تارو پڇي نجمَ کي، موجَ پُڇي مِهراڻ.

ڦُڙي پُڇي مِينهَن کي، شاهُ ڳولي سلطان.

هو مِڙيئِي پاڻَ ٿِيو، ڪير ٿِيا حيران!

”سچوءَ“ جي صفت ۾، اِهو باريءَ ڪيو بيان.

 

ڪافي 9

صورتَ سَڀ سلطان، پاڻ ڏَسڻ آيو پَنهنجو تَماشو!

ڪاتئين حَنبل، شافِعي، ڪاٿئِين مالِڪ، نعمان؛

ڪاتَئيِن پَٽي پوٿيون، ڪاٿَئِين پَڙهي قرآن؛

ڪاٿَئِين اَنَاالحَقُ چَوي، ڪاٿئِين ڦيرائي فَرمان؛

ڪاٿَئِين طفوليّت ۾، ڪاٿَئِين پِيرُ جوان؛

ڪاٿَئِين مِير وزير ٿيو، ڪاٿَئِين ٿِيو دربان.

ڪاٿَئِين احمد بلاميمي، ڪاٿَئِين هَنومان؛

”سچُو“ پيو صَبَر ۾، هوءِ حَيرتَ ۾ حَيران!

 

ڪافي 10

ٻانهون ڀانءِ مَ پاڻُ توهِين مالِڪ مُلڪَ جو!

*” لاَ خَير فِي عَبدِي“ اِهو اَٿَئي اُهڃاڻ؛

پاڻ پنهنجو پاڻَهِين، صورتَ مَنجِهه  سُڃاڻ؛

تون ئِي ڄاڻَندڙ سَڀَڪِي ميان، ٿِئين ڪِيئَن اَڄاڻ؛

اللهُ الله ڇو چَوين، پاڻ ئي الله ڄاڻ؛

”سَچو“ سائِين هِڪڙو، ناهي شَڪّ گمان.

 

ڪافي 11

آءُ پُنهون پاڻ آهيان،

ڪاڪِيون مُنجان قاصِد ڪاڏي!

اِها صورتَ سَمجهِي ڏِٺِيمَ، ساٿِي ٻِيا ڪيئَن سَنباهِيان.

ڳالِهه پَري هُئي، ٿِي پَئِي اوري، ڪيڏي سي ڪانگ اُڏايان.

مُدعا مَطلب هو مِڙيوئِي، پوٿِيون سي ڪيهُون پَٽايان.

سُڌِ پَئِي مون سِرّ انهيءَ جي، ڪيچ ڀنڀور کي ڀايان.

”سچوءَ“ مَنجهَون ٿيو سَچُ پَيدا، ڪيهون ڪوڙيون ڳالهيون ڳايان!

 

ڪافي 12

مون سان تون آهين آهين، ڪَڏهن ڪِيئن ڪَڏهن ڪِيئن!

اسان نِماڻن تَؤن سُهَڻا سائِين، هَٿ هَٿَئون متان لاهيِن لاهِين.

آءُ ڪَنِيزڪ، تون تان سائين، سَڱُ نَه تَنهِن سان ڪو ساهِين ساهِين.

ڪَڏهن آرامِي ڪَرين اَسان کي، ڪَڏهن بَڇين ٿو باهِين باهِين.

ڪَڏهن مَنصُوري دمُ اَناالُحَقّ، ڪَهن ڏسين ٿو ڦاهِين ڦاهِين.

حاضر ناضر آهين اسان سان، ڪِيئَن چَوان تان ناهِين ناهِين.

*اَستَغفِرُالله ڳالِهه اِهائي، جو ڪُجهه مُون سان تون ناهِين ناهِين.

”سچو“ جي عاشِقُ آهِين اَسان جو، ٿِجِ نَه دردَ جون دانهِين دانهِين.

 

ڪافي 13

تو ۾ تَندُ تنوار، ٻُڌين نٿِي ٻوڙي، الا!

ڳالَهه اِهائِي ناهي سَلَڻَ جِي، خَرچين سَو لَکَ هزارَ.

ساٿِيَڙن، ميان، ڪيا هي سَڏڙا، لاهي سَڀ مَيارَ.

دم غنيمَت جا هِت آهِن، ڏينهَن دنيا ۾ چار.

”سَچل“ آکي عِشق مَنجهارؤن، تَڳان تُنهنجِيءَ تار.

 

ڪافي 14

مَحبوب ڳولي ڏسُ مَنَ ۾، مَنَ ۾ تون، ڏسُ دل ۾ تون.

*واهَ ڪاريگر سازُ بَنايُئي، ”ڪُن فَيَڪُونَ“ جي ڪُنَ ۾.

بي فائِدو بازار گُهمين ٿو، گُل ڦلَ باغَ بَدنَ ۾.

چورِيءَ  چورِيءَ  سَير ڪَرين ٿو، تُنهنجو چاندَ چَمَنَ ۾.

”سَچَلَ“، سائين صَحي ڪَر ڄاتُم، يار گَڏيو ڪَکَ پَنَ ۾ .

 

ڪافي 15

مون ساري سُڃاتِي، بازِي بازيگر جِي!

مَستِيءَ مَون مَنصورَ جو، ٿِئين جي جَماعِتي؛

سورهيه با سِجِ تي، تون ڪُسَڻ جِي ڪَاتِي:

غيرُ نَه آڻِجِ وچَ ۾، آهِين ظاهِر تون ذاتِي؛

مَتان ڀائِين پاڻ کي، تون ”سَچَو“ صفاتِي.

 

ڪافي 16

پاڻُ سُڃاڻڻ آيو، ڙي، سَڄَڻ پاڻ سڃاڻڻ آيو، ڪَم نه هُيَڙس ڪو ٻيو!

پاڻَون ڄاڻِي پاڻ سان، هِت لَون تا لائِڻ آيو.

عَرش مَنجهارؤن اُلَهِي، هِت ورهُ وسائِڻ آيو.

سوليءَ تِي مَنصُور ٿِي، هِت سِرّ سَلائِڻ آيو.

مِصرَ جي بازار ۾، هتِ مُلهه وڪامڻَ آيو.

”سَچو“ ري سنسارَ ۾، هتِ پير گهمائڻ آيو.

 

 

 

ڪافي 17

توڙي پُٺيءَ لڳي سارو جَڳُ، تان ڀي ڇا ٿيو-

ناهي مَڃتا ۾ مَطلبُ.

نَقِي سِرّي خَفي اخفا، توڙي جاري ٿِئي قَلب.

ڳالِهيَن ڪِيئي ڪِين ٿِئي، مَنصوُرِي مَنصَب.

ڪاڻ تماشي ڪِيتَرا، پُڇن پارَ عَرب.

ڪَري ڏيکارين ڪيترو، عالَمَ کي به عَجب.

نَقلَ نمازان وردَ وَظِيفا، اِهو ڪوڙ ڪَسَب.

دائرا دَعوتَ جا قرِين، ڪَرين تَسخِيرات طَلب.

ٻاجهَون عِشقَ اللهَ جي، ”سچو“ ٿِئي نَه سَبَب.

 

ڪافي 18

چَئو ميان عشقا ڪِيئَن، تُون سَوين سيلَ بنائِين ٿو!

يا تُون آهِين ذاتِ ديوانو، جو ڪيڏا ٺاه ٺهائِين ٿو.

ڪاٿئين مُلا قاضِي تُون، ڪاٿَئِين سَيّد سڏائين ٿو.

ڪاٿَئِين مُغ برهمڻ تون، ڪاٿَئِين ٻانگ ٻڌائِين ٿو.

ڪاٿَئِين مُنهن ۾ محراب، ڪاٿَئِين تِلڪ لائِين ٿو.

ڪاٿَئِين تسبيحان تون سورين، ڪاٿَئِين جڻيان پائِين ٿو.

ڪاٿئِين پيرين آهِين پيادو، ڪاٿَئِين بَور بڇائِين ٿو.

ڪاٿئِين منبر واعِظي، ڪاٿَئَين پوٿيون پَٽائِين ٿو.

ڪاٿئِين زربفت قبائون، ڪاٿَئِين لِيڙا لڙڪائين ٿو.

ڪاٿَئِين ڏيئي شرعي فتويٰ، ڪاٿَئِين مَنصُور مارائين ٿو.

ڪاٿئِين هَنومان ڪوٺائِين، ڪاٿَئِين ڏهيسر ڏَسائِين ٿو.

ڪاٿَئِين ٿئِين رام يا سيتا، ڪاٿئِين لَڇمڻ لَکائِين ٿو.

ڪاٿئِين نمرود ابراهيم ٿي، ڪيئي بيک بنائين ٿو.

ڪاٿئِين ٿي فرعون يا موسيٰ، سڀ صورت ۾ سَمائين ٿو.

ڪاٿئِين ٿي بادشاه مُلڪ جو، سارو ديس دٻائين ٿو.

ڪاٿئِين ٿئين غرض گداگر، ڪاٿئين ٽوليون ٽڪائين ٿو.

ڪاٿئِين مفتي تون ”خدائي“، ڪاٿئين ”اَنَاالحق“ فرمائين ٿو.

 

 

حقيقت

داستان پهريون

1

هُو ڀِي ڪِينَ اَچِڻو، هِي ڀِي ڪِينَ وِيو؛

نَفيءَ ۽ اثبات کَؤن، پَري خيال پِيو؛

*”سَچو“ سَچُ ٿِيو، ٻِي ٻانَهپ ٻولِي ناهِ ڪا.

 

2

”سَچُو“ سَارو سَچُ ٿِيو، مَنجهان ڪَثرتَ ڪُلُ؛

الَف مَؤن آدَم ٿِيو، ڪَري هنگامون هُلُ؛

هندو مؤمِن سو ٿِيو، ڀول نَه ٻئي ڪَنهِن ڀُلُ؛

”خَلَق اَلاَشيَاءَ فَهُوَ عَينُهَا“ اِهو آڻ عَمَلُ؛

ٿِجِ گُلابِي گُلُ، مَرُ مارِ نِئِي مَنصُور َجان.

 

3

قلبِيءَ ۾ نَه قَرارُ، آهي عاشِقَن کي؛

روحِيءَ لَکَ رُلايا، نه نفِيءَ نفع دارُ؛

سِرّيءَ سَوَ وِڃايا، خَفِيءَ ڪيا خوارُ؛

اپَرَ اِخفا ناهِ ڪو، طالِبَ کي تَڪرارُ؛

رِيءَ پَروڙڻ پانهنجي، آههِ شيطان شِڪارُ؛

”سَچُو“ هِي سَنسار، سارو پاڻَ سَهِي ڪَرِين.

 

4

سائِر مَنجهه سَهسَ، گهيڙا گِهڙَڻ آئِيا؛

ڪوسِرُ سِيڻاهِيو ڪَڍي، ماٺي کَؤن مَسَ؛

”سَچو“ لَنگهي لَس، شَرط وَڃِي پيو شَهه ۾.

 

5

اَچِي اَوتڙياءُ، گهڙِيس گهوري جِندڙي؛

چَڙهِيسَ ڏَاڍي چَاهَ مَؤن، مَستِي مَوجَ مَٿاءُ؛

تَڙَ لَهِي تِرڀاءُ، شَرط لنگهي پِيسَ شَهه ۾.

 

6

جي وَڃِي شَهه پِيا، مُشڪل موٽَڻ تن جو؛

ڇا تانگهه ڇا تار ۾، ٻڏِي پَوَن ٻيا؛

جي وِچَؤن پاڻ ويا، سي پاڻ ئي پاڻِي ٿِيا.

 

7

گهِڙَن جي گهِيڙاءُ، تانگهو عِشقُ تَن جو؛

جن کي عشقَ عَلِيل ڪيو، سي اينديون اَوَتَڙاءُ؛

جي سُور چَکَنديُون ساءُ، ميهَرُ سي ماڻِينديُون.

 

 

8

اَسان پِرِيَن وِچَ ۾، وَهي ٿو دَرياهُه؛

آهي ڪو نَه اَسان جو، هاديءَ ري هَمراههُ؛

سُپريان تَؤن سَاهُه، ”سچوءَ“ تان صَدقي ڪِيو.

 

9

ڏاها ڏُوريون پَنَڌُ، مَتان ڀائين پِريَن جو،

حَبِيباڻو هَنڌُ، وڃِي ڏِسِج اَکَڙِيِن سان.

 

10

پِرين مُنهنجا پَارِ، ڪِيئَن هِت ويلا ڪَرين؟

قاصِد قَريبَن ڏي، دوڙَڻُ تو دَرڪار؛

ڏسِي وَرِج سِگهڙو، دوساڻِي دَربار؛

لَڳِي اَٿم لَونءَ جِي، عَجِيبَن سان عَارِ؛

ڏاترَ مُون ڏيکار، صورَتَ سانگِيڙَن جي!

 

11

اَسان پِريَن وِچَ ۾، دور وهي دَرياءُ؛

ڇُوليُون ڇَران ٿِي ڪري، پِيو وِڇُٽي واءُ؛

سُڻِي آهان آءُ، مِيان هِنَ مُشتَاقَ جُون!

 

12

اسان پرين وِچِ ۾، جَرُ وهي جاري؛

هِڪُ ڪَڙڪو ڪُنَن جو پَوي، ٻِيون وِيريُون ڏي واري؛

هُت ساجَن جا سارِي، سا دَهلي ڪِينَ دَرياءَ کَؤن.

13

مُون تان توڏي موڪلِي، لِکِي ڪِتابَتَ؛

ڏُکَن جي هِنَ ڳالَهڙيءَ، مُنجهائِي مَصلحت؛

ڪِيو فَنا فرض ُنّتَ، سِڪَ تَوهان جيءَ سپريَمِ.

 

14

چَري چَري م چئو، چَريو آهي لُوڪُ؛

جو چَرئي لَڌو ٿوڪُ، سو ”سَچُو“ آهِه نَه  سڀڪنهن.

 

ڪافي 1

سالِڪ راهَ سُڃاڻِي، پاڻُ نَظَر ۾ آئِين،

جاءِ نَظَر جِي آهِين اَصلَ کَؤن، يارَ يَقيِناً ڄاڻِي،

پاڻُ وڃائِج نُور نَظَر ۾، تَه وسرئِي ٻِي آکاڻِي،

فنا کَؤن اَڳي بَقا نَه ٿِيندين، جِيئن پارو ۽ پاڻِي،

صورتَ مَنجهان ٿِي ٻِي صورَتَ، وِچؤن گَرد اُڏاڻِي،

هادِيءَ حقيقَتَ هيءَ سَمجهائِي، ”سَچو“ ساهَه سيبَاڻِي.

 

ڪافي 2

لَوءُن اَچِي پاڻ لاَيَوَ، ناته مون کي ڪَل نه هوئِي؛

اَصلَ لاڪوُن عِشقَ لائِڻ جِي، ڳالِهه اِها خوش آيَوَ،

دَردَ فِراقَ جِي ڏِنيو اَمَانت، اِها سانَولَ سيبايَو،

عَرشَ ڪَرسِيءَ جا ڪِين قبولِي، اُها اسان ڏي هوت هَلاَيوَ،

ڳالِهه پُرجهَڻ جهڙي ناهُئي، پاڻَ سَڄَڻَ سَمجهَايَوَ،

ڏينهن اُنَهِيءَ جِي، يارَ ”سَچُوءَ“ کون، سچي ڳالِهه سَلايَو .

 

ڪافي 3

تُنهنجو دَردُ اَصلَ کَؤن اِختيار ڪيِوسين، ميان،

تُنهنجي سُخنَنَ سَچَن اُتي اِعتبار ڪيَوسين، ميان؛

ڪِي ٿا پُڇَن پِرينءَ کي، ڪُرسِيءَ يَا عَرشَ اُتي،

تُنهنجن اَکِن مَنجهان سُهڻا اِسرار ڏٺوسين، ميان؛

ڪي تا تابع تَجليّ يا شُعلِي نوري يارو،

اسان صورَتَ هِن ۾ تا دِيدارُ ڏٺوسين، ميان؛

تنهنجو حُسن ٻِنَهي جهانين، يار سَڄَڻ سَهِي ڪيوسين،

تُنهنجي سَچيءَ ڳالِهه هِنَ تي اِقرار ڪيوسين، ميان؛

هو جو ڪَيَڙَو مون سان، سو پانهنجو وعدو پاڙيو،

سِر ساهُه صدقي صد بار ڪيوسين، ميان؛

”سَچو“ سَگ دروازه آهي، روز اَزلَ کَؤن ، ميان،

تو پِيرَ عبدالحَق جو پِيزار ڪيوسين، ميان.

 

ڪافي 4

وڃِي اَکيون ڪاٿي لايُئي، حَال حقِيقتَ جي سان؛

فِڪر اِنهيءَ ۾ ميان ٿِي فنا تون، پاڻُ پَنهنجو ڀايُئي.

اِهڙيون ڳالهيون سُڻ ري عاشِقَ، سارو سو عشق وڌايُئي؛

محبت وارو دل جي اندر، ڏاڍو ڪو مَچُ مَچايُئي؛

کَنيئي پَلَڪ ۾ پاڻَهي، ڀُولي ڪَنهن نه ڀُلايُئي؛

جي ٿِئين عاشِق يار ”سچو“ ري، اِئين سو عِشقُ ڪَمَايُئي.

 

ڪافي 5

ڪَلَ نَه پَونَدِي ڪائِي، عَجَب جيهي اسرارُ اُنهِيءَ جي؛

هُئي حَلاجَ ذرو سُڌ سِرَ جِي، تَنهِن سِسِي ڪوڏَ ڪَپائي؛

لاهي حجابُ حجابُ وڌائِين، هِيءَ حِرفَتَ يارَ هَلائِي؛

”سَچو“ سوئِي صاحب آهِين، پر سڀ ۾ ذات سَمائِي.

 

ڪافي 6

جِهڙو هيءُ عجائب آهِه، ناهي عجب ٻيو ڪو اِهڙو؛

هيڏي هوڏي نه ڏسين، مُنهُن پاڻيءَ ۾ پاءِ،

پوءِ تصور هن ۾، ٻِي بازي ڪا نه بناءِ؛

اکيون پَٽي جي ڏسين، هادي آهي هَرجاءِ؛

”سَچوءَ“ سارو سچُ چيو، هيءَ رمز دل ئي سان لاءِ.

 

ڪافي 7

اِهو ڏاهيون ڏَس آهِه، سانول اِتي وسي ٿو؛

ڦولهي لَهج پاڻ مؤن، پَري نه پيرا پاءِ؛

دائِم آهي دوستَ جِي، تُنهنجي جيءَ ۾ جَاءِ؛

ڪَنهِن جي ڪارڻ ٿِي ڪَرين، هاري ڙي هاءِ هاءِ؛

سوئِي ڏسندڙ، سو ئِي سُڻندڙ، پاڻ ئِي ڳالهيون ڳاءِ؛

سارا ڏونگر ڏورئين، ڪاڪي ڙي ڪَنهين لاءِ؟

”سَچو“ وڏو ساهَه کَؤن ڪير چَوي تا ناءِ!

 

ڪافي 8

هِي ڇَڏيج هو وٺيج، متان ڪا ٻِي ڳالهِه پُڇيج.

دُئيءَ واري دامَ کَؤن، پِهريون طالِبَ پاڻ ڪَڍيج،

مُرشِدَ جِيئَن فَرمائِيو، واقف سو تان ڏَسُ وَٺيج،

سِر سَهِي ڪَر پانهنجو، ٻئا آڏاڻا ڪِيم اَڏيج،

لاري لڳُ نَه ڪَنهِن ٻِئي، عَاشِقَ اِنهِيءَ پَنڌ پڻيج،

ويسَهُه واريءَ واٽ تي، ”سَچو“ ڙي تُون سِر سَٽيج.

 

ڪافي 9

پاڻَهين پارؤن يارَ، قاصِدُ مون ڏي اَڄُ آيو!

اَچَڻَ سَندي اُن جي، اُٿِي ويا آزار،

ٿورو ڪيڏو تَن لايو.

ڏنا دلاسا دل کي، رهبر راتَ هزارَ،

سَندن روحَ جو رايو.

هيڏي هوڏي نَه وڃي، اَچج ۾ اَعتبار،

محبت مِڙيوئِي مايو.

اَچڻ جا مَحبوبَ ڪَيا، پَڪا قولَ قَرارَ،

”سچو“ تو ڏي هُئُن سَعيو.

 

ڪافي 10

ڀَلِي ڪَري آئين، هِت تُون گُهرجين يارَ!

هِت تُنهنجِي گُهرَ گَهڻِي هُئِي، دوست مِٺا دلدارَ!

جاڏي تاڏي جَلوو تُنهنجو، عَجب تُنهنجا چَمڪارَ.

هِي ڀِي، هو ڀِي هِڪُ، ديسُ تنهنجو، چَئِين ڪُنڊين ڇوڌار.

اَچِي ٿئين هِڪُ ”سَچوءَ“  سان، لاهي ٻيائِي بارَ.

 

ڪافي 11

عاشِق مَرندا ڪِينڪِي، رهندا ڪِينَ مَڪانَ ۾.

ديواني درياءَ جو، پِيتئون پيالو پُر ڪَري،

اَجر مَنجهه اَمر ٿيا، اُهي گَڏيا ڪِينَ جهانَ ۾.

غيبَ ۾ جي غَرق ٿيا، تَن گهاؤ گَردَن ۾ لڳا،

ٻولِي ٻولن ٿا ٻِي نڪا، اُهي رَهن ”اَلاَمانَ“ ۾.

ڪيئِي پَڙهندي سالَ ٿيا، روزا نمازون نفَل نِي،

تَن ڪُٺَن ڪَلَ ڪانه ڪا، باطون جي بيانَ ۾.

چِين ولايت گهر ڪَري، گَهڙِي گهارن ڪِينَڪِي،

پَسَن هادِي حَق کي، رهن ٿا بئبانَ ۾.

هَر دم آهي دم دوستَ ڏي، اُهي سُونهن ٿا سَر انجام ۾،

سو ”سَچوءَ“کي ئي مليو، هي گُر اچي گِيانَ ۾.

 

ڪافي 12

ڪِيئن وساري تو ويهون ويهون،

آهِن ڪيهيون اَسان جيون ڳالهيون.

*ساهَه سَنيون تان يادِ ڪَيُون، سي آهِن عجائبَ جيهون جيهون.

ڪهڙيين ڳالهيين عاشِقِ اَسان کي، ڏُک ڏوراپا ٿو ڏيهون ڏيهون.

اِهي عتابَ تون رکين ٿو ڪيها، پَکي اسان جڙي پيهون پيهون.

هِنَ پڄاڻؤن مَتان اَسان تي، ڳالهيُون رکين تون ايهون ايهون.

”سچو“ اسان جو تون، اسين تنهنجا، ڳالهيون ڪرين ٻيون ڪيهون ڪيهون!

 

ڪافي 13

آءُ ڪانگا ڪَر ڳالِ، پِريان سَندي پارَ جِي، ووميان.

مون سان ڪَري جي ڪالَهه وئين، اُهي تان وعدا پال.

هِنَ غريب سان پِرين گڏائِج، بِرهَ ڪِيسَ بيحال.

هيڏي اَچڻ جي هُئِي اُنهن کي، ڪا تان قيل مقال.

ٻاجهه پَويئي وي ٻاروچا، نِج نِماڻي نَال.

ياد ڪَرن تا هُتِ توئي کي، وجُهه نَه جيءُ جَنجال.

*”فَاذ کُرونِي اَذکُرکُم“، پَئين تُون ڪيهي خيال.

قولَ پِرينءَ ڪَيا جي توسان، سي سَڀ بَحال.

دل ٻَڌل آهي توءِ پِريَنءَ جِي، ”سچو“ تُون پاڻُ سَنڀال.

 

ڪافي 14

پاڻَ پُنهون آءُ آهِيان، اڙي ڀينَر ڀُلي ناهِيان.

ٿِيو ٿِيون مُنڪِر ڳالِهه اِنهِيءَ کَؤن، چو تڏهِن ٻيو ڇاهِيان؟

ڪيچ ڀنڀور ڀِي وسَنوَ اسان جي، ڪَهڙي طَرف آءُ ڪاهيان؟

هَرڪو چَوي تا سَهسِين عاشقَ، نانءُ پاڻَ ئِي تؤن لاهِيان؛

هِت هُت آهي صورتَ منهنجي، ٺاهه نه ڪو ٻيو ٺاهِيان؛

پَنهنجو پاڻَ ئِي سان يارَ ”سَچو“ ڙي نِينهُن اِهوئي لايان.

 

ڪافي 15

مَحبوبُ مِٺو آهي مَنَ ۾، معشوق مِٺو آهي مَن ۾!

بيفائِدو بازار گُهمين ڇو، اَٿَئي بُلبُل باغَ بَدَن ۾؛

ٻِيائِيءَ سان ٿو ٻاهر ڳولين، نه ٿَئِي بَرَ بَحرَ ۽ بَنَ ۾؛

چِهرا چورِيءَ چَليو ڏسين ڇو، اَٿئي سو چاند چَمَنَ ۾؛

زلفَ زَنجِير َ کؤن زاهِدَ ڀَڳا، اُهي ظاهر پَرَست ظن ۾؛

عاشِق سَوين اَحوالَ ۾، آکِن اَنَا حَقُ اَنَ ۾؛

سَت زيور سينگارَ ڪَري نِي، دوست آيو درسَن ۾؛

*”ڪُلءَ يَوم  هُوَ فِي شَانِ”، آيو ورنهَه هر ڪَنهِن ون ۾؛

دلبَرَ ديرو دائم دل تي، ڇو ديکين دَرين ۾؛

ڪري ٿو آهُون ڪِينَ سُڻي ٿو، اَٿَئي قُدسِي ڪلام ڪنَ ۾؛

مُرشد ڪامِل سانولُ سُپرين، آيو صاف صَحَن ۾؛

فيض ”فاروقِي“ فائِقَ بَخشيو، فهماي هِنَ فَنَ ۾.

 

ڪافي 16

سِگهَڙي لهج سَنڀالَ، هادي هِنَ جي حالَ جِي؛

ڪوتَهه ڪَريو قالَ کي، آڻي ۾ اَحوالَ؛

سگهو موٽِج سُپرين، توريءَ ڪَيَم ڪَشال؛

فنا ڪَريو فِراقَ کي، ويجهو ڪريو وِصال؛

گهڻا لايَو ڏينهڙا، ماريَس هِنَ مِثَال؛

اَوهان ٻاجهُون سُپرين، هِهڙا ٿِيڙم حال؛

اَڱڻ هِنَ جي آءُ تون، ”سچوءَ“ مَڃ سوال.

 

ڪافي 17

زاري ڀينَر زاري، اڳيؤن عَجيبَن جي آهي اسان جي!

روز اَزل کَؤن عاشقَن جِي، سُوريءَ تي هسواري؛

شاه مَنصور حلاج حُسَينِي، سُوري ڪِيئَن سينگاري.

هِيءُ ٿئي گُم اُهو ٿئي ظاهِر ، چُپ چُپان چوڌاري.

”سچو“ ساهه سِري ڪر صدقي، سَرسُ وٺين سَرداري.

 

ڪافي 18

ٿو دوسِتيءَ جو دمُ  هَڻين، پَر ڪِيئَن ڪُسِي قُھربان ٿئين.

مَهَند مَنصُوريءَ جي تُون، مَنجهه مَعرڪي مَردان ٿئين.

وري صحِي ”اَنَاسِرّه“ تَنهِين اسم مَؤن انسان ٿئين.

جي تو پوي سُڌِ سور جي، حيرتَ انهيءَ حيران ٿئين.

نعرو ”اَنَا الحَقُّ“ جو هَڻِي، ٿِي مرد سر ميدان ٿئين.

جي دم سُڃاڻين پانهنجو، تُون دين، تون ايمان ٿئين.

هِي پَنڌ سو پُرزا ٿئي، جي نينهن جو نيشان ٿئين.

”سچو“ يَڪا يَڪ يَڪ ٿئين، تون شمع تون پروان ٿئين.

 

ڪافي 19

مين ماهِي دي لَڳِ ماري، ماري آئون ڦِر جياري.

چَونديَس پيش پِرينءَ جي، حال حَقِيقَت ساري.

جا نالو وٺَندي نيِنهَن جَو، تَنهن کي اِيندي شَهَر نِڪاري.

دم نَه رهندي دوستَ ري، شَوقُ سَندو شِڪاري.

مَستَن کي محبَتَ جي، آهي، ڳِچِيءَ ۾ ڳاري.

جي اَول ماريو پوءِ جِيارن، تَنين گَڏ قَطاري.

چَڱِي ٿِيَڙس چِت ۾، دوستَ ڏنِي دلداري.

”سچيڏني“ کي عِشقَ جِي، صاحِب ڏي سَرداري.

 

ڪافي 20

عاشِقَ ڪَيئَي اُداسِي، وَه واه ڳالِهه خاصِي.

لَؤن لَؤن منَجهه روز ازل کَؤن، آهي ورِهه اَوهان جي واسِي.

”عشق نارءُ احِتَرق“، سُڻِي اشارتَ، هيءَ دل تان ڪِينَ هِراسِي.

هيڏي هوڏي ڪين وياسي، بات اِها اسان باسِي.

برههَ اوهان جي ڪِيو بيراگِي، ”سچو“ رنگ سنَاسِي.

 

ڪافي 21

هُت تا ڪير هُياس، ڀَلو ميان، ٿِي آيس ڪير - نه ڄاڻان.

نانءُ ٻيو هُت منهنجو، سائين الا، هِت ٻِئي نانءَ ٿياس.

اچڻ نَه هو هِت مُنهنجو، سائين الا، پَرَ ڪَنهِن تا خواهش کنياس.

هُت هُيَس مَعشوقيءَ ۾، سائين، الا، هِت عاشِق ٿِي آياس.

هَي هَي هُئِي ڪانه ڪا، سائين الا ، هِت مَنجهه پَروڙ پياس.

”سَچو“ سارو سَچ ٿيو، سائين الا، وچَؤن آءُ وياس.

 

 

داستان ٻيو

حقيقت

 

1

جي اَچين تا اَچُ، نَه تَه هِت پُورَن پَڇاڙيو؛

محبَتَ ٻاريو مَچُ، سِيني مَنجهه ”سَچوءَ“ جي.

 

2

ڪِيم مَهِينا لاءِ، آءُ ڀَلا ڀُلِي آهِيان؛

اَچِي اَکَڙيُون کَڻِي، ”سَچوءَ“ کي سَرچَاءِ؛

جانِي جوڙيَم جاءِ، تو لَڳِ اَکَڙيُن ۾.

 

3

چَشمَن جِيءَ چمَڪارَ، ساهه مُنهنجو سوگهو ڪِيو؛

ويهي واٽَڙيُن تي، رُئان زارو زار،

هوت اَچِيج هيڪار، اَڱَڻ آسروند جي.

 

 

 

4

ماٺ ڪريان تان مُشرڪ ٿيان، ڪُڇان تان ڪافِر؛

اِنِهيءَ وائيءَ وَرُ، ڪو سَمجهي ”سَچيڏنو“ چوي.

 

5

روئَڻ کان نه رهن، آيَل اِهي اَکَيُون؛

سڀڪنهن ويل وهَن، اَٿن اَثر اوهِيرن جا.

 

6

لَحظو نَه لاهِين، بارَ مَٿَن بَرسات جا؛

اَکين کي آهِين، اَثَرَ اوهِيرن جا.

 

7

بادَل وارا بارَ، چشمَن تي چڙهيا؛

رئن زارو زار، اَٿَن اَثر اوهيرن جا.

 

8

آئي نِي مُند مِينهَن، آهي اَکڙين کي؛

رئن راتو ڏينهن، اَٿن اَثر اوهيرن جا.

 

9

آهِه اِها ئِي تاتِ، اَگم اَکڙين کي؛

ڏينهنَ اَؤن رات، اَٿن اَثر اوهيرن جا.

 

 

10

اَگم اَکڙين کي، سدائين آهِين؛

سي ڪِيئَن اوڳائِين، جن کي اَثر اوهيرن جا.

 

11

اَکين کي اَگَمَ، هِن سَدائين سَرتيون؛

گُوندر گڏيون غَمَ، اَٿن اَثر اوهِيرن جا.

 

12

لايون پِرت پَسن، اَؤن اَگم اَکِين ميڙيا؛

سي تان ڪِيئَن نَه وسَ، جن کي اَثر اوهيرن جا.

 

13

ڏسن ۽ رئَن، اِها عادت اَکين کي؛

سي سرهِيُون شالَ هُئن، جن کي اَثر اوهِيرن جا.

 

14

آهي ريجهَه رئڻ، آيَل اَکڙين کي؛

هُئي تَن هُئڻ، جن کي اَثر اوهيرن جا.

 

ڪافي 1

آءُ ته ”مان“ ”تون“ وَڃي، يارَ،

ٻِي ڳالهه ڪَر مَ ڪائِي.

ڳُجِهي ڳالهه هاديءَ واري دل تي دائِم،

فراموش ٿِي ٻِي ورونهن وائِي.

بَحَر تي جا لَهَر لَڳي ٿي، اَسان پاڻ بازي اَصل کؤن بَنائِي.

آهي هُوءِ حيرَت هَو جِي جِسم تي،

حَرفُ حَقَ جو آهي صورتَ سَڀائي.

لَٿو جُهڙُ جو هو نَظَر ۾، ظاهِر ٿيو سِجُ،

ٿِي اَڄُ سراسَر سَهائِي.

آهي ”سَچو“ سَچُ تحقيقَ ڄاڻين،

جنَهِن مَست ماريو دمُ خدائِي.

 

ڪافي 2

سچا سي سخن هاديءَ جا، يارو، اڄ ياد آياسي،

تَنهِن ڏينهَن لاڪُون اڄ تائين، اُهي بَر چشم چاياسي.

ڪَيو تان قولُ سائيِن هي، مِيڙن آڏو پَڪو مون سان،

هونداسين دمبَدم توسان، اِنهيءَ وعدي وٺاياسي.

ڏيو هِي تن طَاعَت ۾، گَڏيو هِي جان جانان سان،

پَري ڄاڻيجو پائِيءَ کي، لاڙي هِن يارَ لاياسي.

روزا ڪيئي، نفل نِمازان، توڙي سَو ورد وظيفا،

سَڀيئِي لَڳَ ظاهِر آهن، سبق ساڄن پَڙهَاسي.

پئَو جي خيال خاصي ۾، سُڃاڻو پانهنجِي صورتَ،

*ٻڌيٖ ٻوليٖ ٖڏسي ٿو ڪير، فڪرَ ٻيا سَڀ ڦَلاياسي.

ويٺو مَنجهه بادشهه محلي ٻولي ٿو ڪيِئن اُهي ٻولِيُون،

اُهو بادشاهه اُهو بنگلو، نه ٻي ڀولي ڀُلاياسي.

جيڪي ڪيا دوستن مون سان، اُهي ڳڻ تان نَه وسَرن ٿا،

هُئا گَڏ جي حبيبن سان، چڱا سي دمَ لَنگهاياسي.

*شڪر اَلحمدالِلّه ٿو پڙهان لکَ بار شڪرانا،

اُهي پيهي پَکي آيا، جَنِين لءِ پَنڌَ پُڇَاياسي.

”سَچو“ سگ آهي دروازي اَزل جي روز سائِن جو،

پَنهنجو سي ڪِيئَن ڇَڏيندا هي، توڙي عيبن اُٺاياسي.

 

ڪافي 3

ڇوڪَرين ٿو اَرمان، آهيِن سوئِي ٿِيندين!

اُتر اُوڀَر ڏکڻ، سَر زمِين ڇا اُهو آسمان.

پاڻُون ڄاڻِي پيرَ گُهمايَئِي، ٿي صورتَ ۾ انسان.

اُٿَڻ ويهَڻ ڄاڻِ اِهوئِي آهي، ”ڪُلَّ“ يَوم هُوَ فِي شَان“.

”ڪُلُّ شَيءِ يَرجَعُ اِليٰ اَصلِه“، قادرَ ٿيو فرمان؛

هاديءَ حقيقَتَ هِيءَ پُرجهائِي، ”سَچو“ تون سُلطان.

 

ڪافي 4

بِرهه جي بازار، جيڪا ڏسَڻ اِيندي -

جيڪا جو ڏسَندِي تجلوّ تُنهِنجو، وهَندي سا ڪِين قَرار؛

سودو جا ڪندي سِرَ جو، وِهَندي سا ڪِينَ قَرار؛

چَوسُول اَندر سُرخِيءَ مائِل، تيز گُهمي تلوار؛

جي ڪَنهِن چَمڪو ڏٺو تُنهنجو، سا سِرُ ڏيندي سَردار؛

”سچو“ اِنهيءَ سيرَ ۾، آهي ڪُسَڻَ جي ڪَار.

 

ڪافي 5

پانهنجا وعدا پاڙيا، سانولَ سائِينءَ!

هو جي ڪِيائون اَصل اسان سان، سي قولَ تَه يارَ وساريا؛

ڏينهن اُهي مون کَؤن تا نه وسِرن، جي مون گَڏ گُذاريا؛

سُخن سَچَائِيءَ يارَ سَڄَڻ جا، سي هِنَ ساههَ سنڀاريا؛

اُنهن ڪارڻ شَهر بَحر هي، مون تان نِتُ نِهاريا؛

دوستَ ”سَچوءَ“ جا دور هئا جي، سي واليءَ هِت ورايا.

 

ڪافي 6

جو ٿو ڳولين يار، سو تان تو ۾ آهي!

ڏونگَرَ ڪيڏا ڏورئين، چَؤ تون ڪَنِي لاءِ؟

هيڏي هوڏي نه وڃين، پاڻَ ئِي ۾ مُنهن پاءِ؛

دل واري خاني ۾، سَندي جانِبَ جاءِ؛

اِهڙيءَ اوڏائِيءَ جِي، ”سَچو“ ڪَلَ نَه ڪَاءِ.

 

ڪافي 7

سَل سوداگَرَ يارَ، ڙي مِيان، ڪَهڙي ديسؤن آئين آئين؟

ظاهِر ٿِئين تُون وو اَچِي زمِينَ تي، کَڻِي کَٿوريءَ بارَ؛

هَلِي اُتاهُون وو اَچِي اِتاهِين، هَنجن سو پُوتَئي هَارَ؛

طَرحين طَرحين وو اَچِي ڪَيئَي هِت، صورتَ جا سِينگارَ؛

شاهه آهين وو  يا ته گُماشتو، لايَئي ڪَڍ قَطَارَ؛

اَچِي پِياسي وو سُڻُ ”سَچو“ ڙي، شوقَؤن مَنجهه شُمارَ.

 

ڪافي 8

جُهليو جَن تي حالُ، اُنَهن کي آءُ ڪِيئن نه سُڃاڻا!

مَڃِن ماضِي ڪينڪِي، نَڪو اِستقبال؛

لِيڪو ناهي لوڪَ کَؤن، اُنهن جو احوال؛

جي مُون پُڇِيو جيڏيُون، آهي ورهه وصال؛

ووءِ ووءِ ٻاجهُون تن کي، نَڪو قيل نه قال؛

”سَچوءَ“ سُڃاتو تن کي، جن کي عِشقُ ڪَمال.

 

ڪافي 9

مُون کي عِبرتَ آهي، اَهڙي حالَ جي،

هاريون حيرتَ آهي اِنهيءَ ڳالِهه جِي:

ڪاٿَئِين ڏاڍو، ڪاٿَئِين هيِڻو، ڪاٿَئِين جوڙ جَڻيا ٿو پائي؛

ڪاٿَئِين ڪوري، ڪاٿَئِين موچِي، ڪاٿَئِين سيد سَڏائي؛

ڪاٿَئِين تارڪُ, ڪاٿَئِين سارقُ، ڪاٿَئِين مُک مِلائي.

ڪاٿَئِين شاهي، ڪاٿَئِين سپاهِي، ڪاٿَئِين حُڪم هَلائي؛

ڪاٿَئِين ڪَافِر، ڪاٿَئِين مؤمِن، ڪاٿَئِين سوريءَ سِرُ هَلائي؛

ڪاٿَئِين گُسائين، ڪاٿَئِين سَنياسِي، ڪاٿَئِين بُتَ بَنائي؛

ڪاٿَئِين سامِي، ڪاٿَئِين اِنعامِي، ڪاٿَئِين تِلڪ لَڳائِي؛

ڪاٿَئِين قادر، ڪاٿَئِين نادر، ڪاٿَئِين ”سَچو“ نانءُ سُڻائي!

 

ڪافي 10

پِريَن سان پَتِ پَري، ڙي جيڏيون، مُنهنجِي!

دعا ڪَريجو جيڏيون، وري سو هوتُ وري؛

ڏونگر مُون ڏورائيِو، سَندي ذوق ذري؛

سَهي سُڃاتم پاڻ کؤن، پُنهون ناهي پَري؛

تو ڪِئَن سَري سُپرين، توريءَ مون نا سريءَ.

 

ڪافي 11

وٺِي خَبَر خاطو آيو، خَير صَلاحَ جي مُون ڏي؛

پارِ ڀنڀورَ جي اُڄ صُبحاڻي، تان هو ڌڻِن کي سَعيو؛

طَرفِ تُنهنجِي آهِه اَصلَ کَؤن، روحَ سندن جو رايو.

نِينهَن جي نياپَن ڄَڻُ اسان کي، محبَن ساڻ ملايو.

ٿيان قربانِي آءُ تَنِين تَؤن جَن تان نِينهُن نِباهيو.

اِيندئِي اُهي جن جي ڪارڻ، ويٺي تو ورهه وسايو.

پيو پِرينءَ وٽِ هاڻي تُنهنجو، ”سَچو“ ڙي پَنڌُ سَجايو.

 

ڪافي 12

جَن لائِي توڙ نِباهِي، آءُ صَدقي وڃان تَن تَؤن!

شَابس آهي اَکَڙين کي، جن وئِي دل ورائي.

ڀَلِي ڀاڄِي پِريَن ڏُنهن، اَڄُ اَسان ڏي آئِي.

راتو ڏينهان آهي ئي، واتِ اُنهَن جي وائِي.

ڏيهاڙي ڏسَڻ سان، مَحبت آگ مَچائِي.

ووءِ ووءِ وائِي واتَ ۾، ”سچوءَ“ آهي سَدائِي.

 

ڪافي 13

سُهڻي سَڄَڻَ سان نِينهڙو لايوسي!

وردَ پَڙهِيَم ٿي وچَ ۾، اَديون ڙي، آڏو عِشق آيوسي.

سَڀ وساريئين ڳالِهيون ڏسڻ سان، اديون ڙي، ڏاڍو پُور پرايوسي.

ٻَن وجهِي ٻيون ڳالَهڙيون، اديون ڙي، ڳَليءَ ڳَليءَ يارُ ڳايوسي.

اول وقت عَجِيب جي، اديون ڙي، اِنَهيءَ گُهورَ گهايوسي.

”سَچوءَ“ سَوَ مبارڪان، اديون ڙي، چاهَؤن سِرَ تي چايوسي.

 

ڪافي 14

شور بدن کؤن حال، پڇيج وڃي پوءِ هوءِ ۾.

مجلس وڃج اُن جي، تان ڏسي خاص خيال.

اَگهه لَهج اُن جي، تان تو وڻ ٽَڻ آهي وصال.

ورقَ وسارج وچَ جا، تا فارغ ٿئين في الحاد.

عقل اُڇلج آبَ ۾، تا بِرهُ ڪَرئي بيحال.

جي تون وسهين ويسلا، هي ”سچوءَ“ سَچ سوال.

 

ڪافي 15

ساري ڏيهُه نَه ڏي ڙي،

پانهنجِي دِل سَمجهه سَنڀالين.

ڳالهه پُڇين جي پِرينءَ جي، حَرف حالَئي جا هِي ڙي.

اُڇل نَه ٺِڪر  ڀِتَر جان، نِينهُن پاڻَ ئِي سان ني ڙي.

هاريُون اِنهيءَ حالَ جو، قُرب سُڃاڻن ڪي ڙي.

پاڻَهِين آهِن پَڌرا، ”سچو“ سالِڪَ سي ڙي.

 

ڪافي 16

تُنهنجي حُسن ماريا، سوريءَ سي سنڀاريا، اِنهيءَ ڳالهه ڳاريا،

هزارين هزار!

اُهي پارَ آيا، نِيزن جي نِوايا، نيئي سِر سَلايا،

تنهين تو اگهار.

جَنهِين موج آئي، تَنهين سُڌِ سَڀائِي، ڪيهي ڳالهه ڪائي،

لنگهيا شهسوار.

ڪمر جا ٻَڌائون، وري نا ڇوڙيائون، نَئِي سِر ڏنائون،

لاٿائون مَيَار.

مَڇَڻ هَٿ هَڻي سي، اِها ڳالِهه ڳَڻي سي، تَريءَ سِر کڻي سي،

ڪيائون نِثار.

جن موجن چڙهيا سي، لَهَرن لُڙهيا سي، ”اَنَالحَقُ“ پڙهيا سي،

کِنيا هِن خُمار.

هِي نعرو هنيائون، اَنَاالحَقءُ“ پَڙهيائون، نَئِي سِر سَليائون،

ٿيا گم غبار.

مَي جا پتائون، هي سِهرا ڳُتائون، وڏي وکَ وڌائون،

پاڙيائون قَرار.

پهلوانَ پاسي، نه ٿيندا ڪَڏهان سي، اِها بات باسي،

هَليا حُڪمدار.

مُلڪان مُلڪَ ۾، مَلڪَ ۽ فَلڪَ ۾، سُڻو سڀ خَلقَ ۾،

پَئِي هيءَ پَچَارَ.

منجهؤن حُبَ هَلياسي، مَاري چوٽَ چلياسي، وڃي رنگ رَلياسي،

تَنهِين هِي تَنوار.

اِها اعتباري، سوري جَن سواري، عجب خوش خُماري،

ڪُٺن جِي قَطارَ.

نَشانا کوڙيائون، مُنهن نا مُوڙيائون، ٻئِي هَٿَ ٻڌائون،

ڪُٺا قُربدار.

ٿِي مَنصور مَستِي، ڪيئَن گُم هَستِي، هَنيائِين دوسَتِي،

تپش جِي تَرار.

ٿي شِبليءَ شابس آءِ، سُرن جي سَراپاءِ، ڍڪيائين لِڱين لاءِ،

وجود دوءن وسار.

مُلا سو قاضي، کڙي ڪيائون بازي، منجهن گنؤ غازي،

کڙا ها جونجهار.

هنيئين پير جَنهن تي، ڏنئين سِرُ ڀِي تنهن تي، نه سُڌ هي سڀن تي،

ٿِئين سَچُ سچار.

”سچو“ سِڪَ تَنهِين جي، جذب جاءِ جَنهِين جي، نه پرواهه ڪنهين جي،

رکي نِي سنڀار.

وڍي سِر ڀڄاڻون، اَنَا الحَق“ واڻون، اهو سِر سُڃاڻون،

آڻيو اعتبار.

هنيائين هَڪل هيءَ، وئي تان شڪل هيءَ، نه حاجت عقل هيءَ،

جَليا جلوه دار.

ڏنئون مُنهن مَتاري، نه ڪاڏي نهاري، سٽيو سِر سچاري،

دليون دوستدار.

سچي ڳالهه ڪيائين، نه ڪوڙي چيائين، نَباهي نينهن نيائين،

ڪارڻ هڪ نظار.

باهِن ۾ وڌائون، پوءِ لهرين لوڙهيائون، اَنَاالحق“ ٻُڌائون،

ٿِي هَي هي هونگار.

ڀِي بغداد سارو، مڙيو بَهت ڀارو، منجهن نَر نعرو،

هڻي هوشدار.

”سچو“ عشق ايندئي، اچي ڏاڻ ڏيندئي، ”من وما“ نيند ئي،

ڪندئي گل بهار.

 

ڪافي 17

هٿئون پيتو مون تان پير مُغان جي، جام شرابون شوري.

دَور کارائي دل کي ٿو، چشمان ڪيف ڪَڪوري ؛

اصل کؤن منصور جو اُنهيءَ، ڪاٽيو ڪنڌ ڪوري؛

نشي منجهه نواز ٿي، گهوريون هي سر گهوري؛

جنهن ساقيءَ سُرڪُ پياريو، آءُ ڪيئن پُڄان تنهن جي ٿوري؛

پِنهان ڪيائين پاڻ کي، چِت ”سچوءَ“ جو چوري.

 

 

ڪافي 18

مون کي آهن ياد، مِٺيون تنهنجيون ڳالهيون ڳالهيون!

هي نماڻي ڏوهن هاڻِي، دوست پهچائين داد؛

پرين پنهنجي پار جو، عشق ڪرين امداد؛

”سچو“ آهي اوهان جو، تَنهن جي دوست ڪريو دل شاد.

 

ڪافي 19

مين ماري، محبت تنهنجي، ميان!

ورتم دڳ درد جو، تنهن سڀڪا واٽ وساري؛

گِلا ۽ غيبت جي، سِر تي کنيم کاري؛

چنڊ اُڀري آئيو، ويئي سڀ اَنڌاري؛

مِڙني مِٽِياڻن ۾، نِيهن ڪئي نِرواري.

 

ڪافي 20

جا چوڻ جيهي ناهه، سا ئي ڪيئن چوان؟

ڳجهي آهي ڳالهڙي، ڪنهن ڪَل نه آهي ڪاءِ؛

اوڏي ناهي پَروڙ کي، ويجهي نه ويساهه؛

هُئڙي سُڌ حلاج کي، تنهن سِسي ڪوڏ ڪپاءِ؛

پوڻ آهي اونهن ۾، جتي هوءِ هواءِ؛

”سچو“ سِرّ نه سَلڻ جو، سو تان سڀ منجهاءِ.

 

 

 

ڪافي 21

جنهن دل تي آهي جوش، سا دل سورن سان سنرِي.

آءُ هڏ گهوري اُن تؤن، جنهن تي جوش خروش؛

ڳالهه ڳرهڻ ڪهڙي، خلق اڳيؤن خاموش؛

اثر اهي عشق جا، اول وڃائي هوش؛

سالڪ سُک نه سرها، گوندر ڏي ڪن گوش؛

*”خَلَقَ الانسَانَ عَلي صُورتِہ“ بادشاهي پوش؛

”سچو“ سوريءَ وڃڻا جي، مَي ۾ ٿيا مدهوش.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org