سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سچل سرمست جو سنڌي ڪلام

صفحو :8

 

 

بِسم الله الرّحمٰن الرّحِيم

مارئي

داستان پهريون

 

(1)

ساريَم اَڄ سَنگهارَ، جن ڏٺي مون ڏينهن ٿيا؛

سي لَڪَ لَنگهي پيهِي ويا، پانورَ منجهه پَنهوار؛

هَڻِي ويٺا پَکڙا، هُتِ سُکِ ٿي اُجَڙوارَ؛

جنَ جي ساه سنڀارَ، سي اَڄ پَنهوارَ پَري ٿِيا.

 

(2)

پَنهوارن پيغامَ، جيڪَر مُڪا تَڏهين؛

پَر مون کان اَڄ پَري ٿيا، ويڙهيچا وريامَ؛

تيلهان مون ڏي نه آيا، ڏنهن سنگهارَن سلامَ؛

هئا ملير مُدامَ، پر ڪو سانگِن اَچي سانگُ پيو.

 

 

 

(3)

تڏهن مُڪئون جيڪَر، مون ڏي خاصا خابَرو؛

لَهَڻ سُڌِ سَنگهارِ جِي، نَڪو پانڌي پٺيائون؛

پَرَ پَري شايد پنهوارَ  ويا، جو سُڌ نه لَڌائُون؛

پَکا پانوَر ڪَنڌئين، نئين هيجؤن هَنيائوُن؛

ڇڏي مُلڪ ملير ويا، هُن تَرِ تيلهائُون؛

ائين اُتائُون، ته هِت ڏَرُ ڏريجو ناهه ڪو.

 

(4)

ڪڏهين ڏيهه ڏٺامِ، ٿي ساعَتَ ساعَتَ سومرا!

مارو ڪالهه ملير ۾، پَر پَري اَڄ پيامِ؛

آهِن ڪِينَ اُنهن ريءَ، اَکڙيون ۾ آرامَ؛

سَدا وتن سِڪنديون، پَر سانڀڻ سُوَر ٿيامِ؛

سي پُڻ ڪيڻ وِيامِ، جَن سان ڳَرهيمِ ڳالهڙيون.

 

(5)

جي هوند اُتيئي، هئا ماروئڙا ملير ۾،

سُڌ لڌائون سِگهڙي، حال ٻُڌي هيِئي؛

پَر ٿَر چڙهي ويئي، جيڪُسِ وَسئن ويڙهيچن جي.

 

(6)

اَڃا ڪالهُون ڪالهَه، هُيس مارن گڏ ملير ۾؛

سي ڏينهن وِيڙا گذري، ڄَڻ منجهه خوابَ خيالَ،

اڄ پرئين ڪنڌئين پکڙا، جوڙي ويٺا جالَ؛

جن جي ساهَ سنڀال، سي اڄ پنهوارَ پري ٿِيا.

(7)

هِيءَ وَس ڇڏيائون، هُن وَسِ ويا واهَڻِين؛

پَکا پانورَ ڪَنڌئين، نَئين عُمَر اَڏيائُون؛

پَٽي اوريان پَکڙا، وڃي هُنَ ٿَر هَنيائُون؛

پانوَرَ سَنديون ڪَنڌيون، وڃي اُتي واسيائُون؛

ڇڏي مُلڪ ملير جو، ويا ٿَريچا تائُون؛

اُڪنڊ جن آئون، سي اَڄ پنهوارَ پَري ٿيا.

 

(8)

ٿيا پنهوارَ پري، آءٌ ڪنِ کي ڏوراپا ڏيان؟

اُنهن ٻاجهوُن مارُئي، ٿِي مِيان هِت مَري؛

نئين قَبَر َ ڪَري، ڪو اوڏي اباڻَن کي.

 

(9)

جي پيڪَن پوءِ پيامِ، سي تا ڏکيا ڏينهڙا؛

هِيئن نه ڀائڻُ ڪا هُيَمِ، تا ڪي هيئن ڪندامِ؛

پَرَ وڃِي ٿرِ ٿيام، سي سُڌ لَهندڙ سومرا!

 

(10)

پري ڏينهن پيانِ، جيڪُس سانگِن ڪو سانگُ پيو؛

پکا پانورَ ڪَنڌئين، ٿرؤن ڏور ٿيان؛

هوند ڏوراپا ڏيان، پَر َ پَنهوار پري ٿيا!

 

 

 

(11)

پَري ٿيم پنهوارَ، جَن وري وَرَڻُ، ٿيو؛

ڏيان ڏوراپا ڪَن کي، ٿيا سِهج ڪاڻِ سنگهارَ؛

عُمَر اُٻائون اَهِ مون، جو دم تَنهنئون ڌارَ؛

اُهي اُجَڙوارَ، مانَ مَلائي مُون ڌڻِي!

 

(12)

پَرئين ٿَر پنهوارَ، جيڪُس وڏو، ڇِٽُ ڪري ويا؛

ڪڏهن ايندم اوڏڙا، سومرا سنگهارَ؛

رڻُ ڇڏي ريڍار، مَن ڪَرن مهڙ ملير ڏي!

 

(13)

پانورَ پاس پيا، وڏا ڏوٿِن ڏينهَڙا؛

ٿانهر وڃي ٿَرَ ۾، ٿَريچا ٿيا؛

لنگهي ملڪ مَلير جو، ويڙهيچا ويا؛

عُمَر ايڏي پَنڌ تي، ڪنهِين سانگ نِيا؛

قادر شال ڪِيا، مون کي ويجها واهَڻِين!

 

(14)

اَٿم سارَ سَندين، پَرَ اَڄ پنهوار پَري ٿِيا؛

مشڪل موٽڻ تَن جو، جي هي لَڪَ لنگهِين؛

وري هيج ورينِ، جي سانگِن ِ ڪو سانگ پيو.

 

 

 

(15)

جي لويُون ڍَڪي لوءِ، ڪڏهن اِيندا ها آجڙي؛

اَڄ هڻي پَکا پانورين، عُمَر ويٺا اوءِ؛

تَن پنهوارن پوءِ، موٽِي اَچڻ نه ٿيو.

 

(16)

جي هُوند اُنهِين جاءِ، هئا اَباڻا اوڏڙا،

ته هِنَئون اَڳي وَسَ ڪِيا، تَن منهنجي اَچڻ لاءِ؛

پَر َ اَتَن عِتاب نه آءِ، جي ٿوري ٿَر چَڙهِي ويا.

 

(17)

جي اوڏا هوند هيام، ماروئڙا ملير ۾؛

ته پڻ پيغام فراقَ جا، مارُنِ ڏَنهُن مُڪامِ؛

پَر َ پَرئين ٿَرِ ٿيامِ، ناهِ عِتاب اُنهِن تي.

 

(18)

لنگهي مُلڪ مَلِير جو، ويا پَرئين ڏيهِه پنهوار؛

تَن موٽي اَچڻ جِي نه ڪئِي، اَي سومرا سردار؛

هاڻي ساريو هِتِ سَنگهار، ڳَچَ هِنيانءَ ڳَريو پَون.

 

(19)

ڇاهُون ڇَڏيائون، نه ڄاڻان مُلڪ ملير جو؛

پَکا پانوَرَ ڪَنڌئين، نَئِين عُمَر اَڏيائون؛

اَٺَئِي پَهَر اُٻاڻِڪِي، اُنهِنِ ري آئون؛

ڪو موٽي ڪائُون، مَنَ ماڻهو مُلڪَ ملير جو!

(20)

اَڄ نه حوضين هُوءِ، مارو نانهِه ملير ۾؛

ايندا هئا اَجڙي، کَليُون کَنيو کُوهِه؛

جيڪُس مِيان پَر َ جُوءِ، اُهي ويا ويچارا واهَڻِين.

 

(21)

عُمَر اَباڻي پارَ جي، فانِي ڪَيَس فِراق؛

جي هُئا ريجاڻين رَهاڪَ، تَنِ ٿَر ِ وڃي ٿاڻا ڪيا.

 

(22)

ٿي گَڏ ڪَيُم گُزرانُ، جَنِين جهانگِيئَڙَن سان؛

ڪاٿي اَڄ اُهي ٿِيا، سومرا سئُڃاڻُ؛

ڪاٿي پيس آءٌ اَچِي، آهِه اِهوئِي اَرمانُ؛

حَيرتَ ۾ حيرانُ، آءٌ اِنِهينءَ تان آهيان!

 

(23)

مُون جاليو سان جَنِ، موٽِي تَن نه پُڇيو؛

حالَ هِنَ جون خَبران، پيون هُوندن ڪَنِ؛

پَکا پانوَرَ ڪنڌئين، توڙِ هنيان اَڄ تَنَ؛

ڏيان ڏوراپا ڪَنِ، جو سَنگهار ئِي ساڻيهه ٿيا.

 

(24)

جيڪس سنگهارَنِ، اُهو ڏيهه وڻِي ويو؛

وري هيج وَرَن، جي سانگِنِ ڪو سانگُ پيو.

 

(25)

جيڪُس سَنگهارَن، وري وَرَڻ نه ٿيو؛

عُمَر اَباڻَن، هُو اَڄ ڏيہُ وڻِي وَيو.

 

(26)

ويجهائِيءَ لَئه وِجهُلان، سَنديءَ اَباڻَن؛

اُهي هميشہ هُئن، جي سُڌ لَهن سڀ حالَ جِي.

 

(27)

ڏينهن اُتي جا ڪي، اَڄ اَچي مون ياد پيا؛

پَهُون پنهوران جون، صبح ويلي سي؛

اُٿيا اَچن آبَ لءِ، مٿي اَنهه اُهي؛

هئا اُڌلَ جهانگِي جي، تَن سانگن ڪو سانگِ پيو.

 

(28)

آريُون اَباڻَن ري، ٻِئا تان کڻندم ڪير؟

هي جي ڳَهَه ڳِچيءَ جا، ظالمَ ڀانيان زيرِ؛

سَنگهارنِ ساويرِ، مِلان شال ملير ۾!

 

(29)

ايندم اَباڻا، ڏُورِ لايا جَن ڏينهڙا؛

ڪير سَهندم سومرا، ري مارئڙن ماڻا؟

هاڻي نه ڄاڻان، ته ڪا موٽِي ملنديس مارئين.

_________

 

ڪافي 1

سومرا سائين توکي، وو، ڳالهيون چونديَس آءٌ حالَ جون، هوءِ هوءِ!

عمر اباڻي پارَ ڏي، ڪِرڙ ڪڪوريا ڪي، وو،

ڪوڪَڙ چونڊيان ڪانڌَ سان، پٽ چڙهي پيڪي، وو.

سِڱَرَ کِيَن سڦڙا، سَئين جا سيڪي، وو

 

(2)

جاليم جن سان ٿي وو، تا مارو ڪيڻ وِيا؛

- هوءِ هوءِ حالڙو ڪنهن سان ڳرهيان!

پَکا پٽي اُتهون ويا، پَرئين پنڌِ کڻِي.

راتو ڏِينهان روح کي اوڏنهن گُهرَ گهِڻي.

گهڙي جا هِت گهاريان، سا ويڙهيچن نه وَڻِي.

جهليان شالَ وڃِي اُن پَنهنجن جِي به پَڻِي.

مون من ماندو مارئين، ڄاڻي هڪ ڌڻِي.

پکا پانوَر ڪنڌئين، هو ويٺا حالَ هڻِي.

جدائيءَ کَون جهانگيڙن جي منهنجِي بابِ بڻِي.

”سچو“ سنگهارن جا هِت ويٺِي ڳڻ ڳڻِي.

 

(3)

ڪانگل ڏج سنيهڙا، مان ويراڳڻ آهيان!

اوهان ٻاجهُون آءٌ گهڻيري، مَحلَن ۾ مُسجان.

قسمت قيد الماء جي ايرادي آهيان.

چانور ڇا چورمان، اَڇِن نِتِ نوان.

ڏَونرا پُسيون ڏيهَه جا، ساريون هِت رئان.

زهر پيالا سوز  جا، اوتيون آءٌ پيان.

اوهان ٻاجهون سپرين، مَران آءٌ ڪِي جيان!

ڏکَن ڪارڻ ڏيهَه ۾، نِپايَس اَوهان.

”سچو“ اَکڙين مَؤن، ميان، هاري رتُ رئان!

 

(4)

متان منڌ مارُن تَون، وهين آسرو لاهي!

بَندُ تُنهنجي بابَ ۾، اَصلَ کؤن آهي.

سَڱُ اسان جو سومَرا، ڇِنَڻ جيهو ناهي.

پِرين نِيندا پاڻ سان، سڳر ڏي ساهي.

نَيَر َ هِي جي نِينهَن جا ڪير سگهي لاهي.

رکج منهن ملير ڏي، ٺاه نه ٻِيو ٺاهي.

 

(5)

وري آءُ وطن، منهنجا ساريون نيڻَ سِڪَن،

- موٽ سلامت سپرين!

اکڙيون اوهيرا ڪَري، واٽ ڏسيو وجهلَن.

پِريَن پرديس لاءِ، جهوريءَ نيڻ جهِڄَنِ.

عمر اَباڻي پارَ ڏي، وڄون ٿيون چمڪَن.

ميڙائي جا مَينهَڙا، ويجهو شال وَسَن.

الله آندا مون پرين، دارون درد مندن.

”سچل“ سِڪَ سبيل ٿِي، پارئون جا پِريَن.

 

 

 

(6)

مون تا چيو تو اڳهين، نه تون دل ڦاساءِ!

آهون دانهون ڇو ڪَرين، سَٻَر سيڻَ سَنداءِ.

ڪُڇ ڪنهين سان ڪينڪي، ٻولِي ٻي نه ٻڌاءِ.

وِڇڙيا گَڏُ گَڏي پِرين، ڪو والي ورق وراءِ.

ٿوري گهڻي ڏينهڙين، ڪندءِ ماڙ خداءِ.

سانگِي ويڙا سانگ تي، پنهنجي سانگِ سُئاءِ.

پاڻؤن ڄاڻِي پِريت مؤن، ڪوهه ڪَرين هاءِ هاءِ.

”سچو“ سُپرينءَ لاءِ، ڪوڙين ڪانگَ اُڏاءِ.

تو پئي ساريو جن کي، تن ڀِي سِڪَ سندياءِ

 

 

مارئي

داستان ٻيو

 

(1)

عمر اَباڻن ۾، لَڌَم لائون لالڙئين؛

کُهه موتِي مالَهڙئين هارَ گهوريا هِن حالَ تَون.

 

(2)

جو ڏاڏاڻو ڏيہُ، مُونهؤن مور نه وسري؛

سو ڏاتَرَ لَئه ڏيکار مُون، سومرا ساڻيہُ؛

ريءَ پنهوارن پَڏريہُ، هِيءُ مِڙيوئِي ڀائيان.

 

(3)

ڏيهه ڏاڏاڻي، شل سِگهي وينديس سومرا؛

مون کي ماروئڙن ۾، ڇڏ عمر اُماڻي؛

ڏينهن گُذري ڏکَ ۾، ٿو ڄاڻيندڙ ڄاڻي؛

سُکَ ڏکَ سنديون ڳالهڙيون، وڃي اوريان اَباڻي؛

نه ته لهندڙ سِگهڙا، الله اهي آڻي!

جو هُن بِنا هاڻي، گَهڙي هِت نه گهاريان.

 

(4)

وَس نه وساريامِ، سُرها وَڻَ ساڻيههَ جا؛

اُهي هيڪَند ڏينهڙا، ٿي گَڏجِي گذاريام؛

ياد ڪيون سي ڪيترو، سانگِي سنڀاريامِ؛

اوڏنهن اُڏاريام، ڪَلّ َ لَهَڻ لَئه ڪانگڙا.

 

(5)

جهڙي هُيس مَلير ۾، جي هِت ٿيان تِهڙي،

پَرَ ڳالهه ڪَريان ڪهڙي، جو قابو رهيسِ ڪوٽَ ۾.

 

(6)

هُيس ڪير ملير ۾، هِت ٿِي آيَسِ ڪيرَ؟

جيڪُس پيڙمَ پيرَ، فقط لَڳ فِراقَ جي.

 

(7)

ڪاٿي آءُ هُياس، ڪاٿي آيَس سومرا؟

هُتان هلِي هِتِ اَچي ، پورَن مِنجهه پياس؛

هنجن هابُ ڪِياسِ، وڇوڙي جي ڏينهڙي.

 

(8)

شال نه رهن ڏورِ، هُئن اَباڻا اوڏڙا!

ميان تَن ريءَ مورِ مون هِت جالَڻُ نه ٿئي.

 

(9)

ڏوٿِي ڏورئون ڏورِ، عمر اَڄ مون کي ٿيا؛

سُمهڻ جاڳَڻ سورِ، مون گذارَڻ آئيو.

 

(10)

جڏهن آءُ ڄاياسِ، ڪنهن وَٽِي وِهَ جي نه ڏني!

جڏهن ساماياسِ، تڏهن آيَس اوراتَن ۾.

 

(11)

هي سامائِجڻ گهوريو، جنهن بت ڪَيو بيروُن؛

وڃي شَلَ ويڙهيون، ڏِسان ڏوٿيَڙن جون.

 

(12)

ڏٺي ڏوٿيڙَن کي، گهڻا ڏينهن ٿيا؛

جالڻُ جُدائِيءَ ۾، جيڪي پَلَڪ پئا؛

سي وڻواند ويا، سارا سنگهارن ري.

 

(13)

هُت ٿا لوءِ لُڇَن، سُڻِي ڳالهيون سومرا؛

پيهي ڪِئن نه پُڇن، جي هُئن اَباڻا اوڏڙا!

 

(14)

پاڙو پاڙي ساڻُ، شَلَ هُئان اَباڻن جي؛

پکي تَن جي پاڻُ، آءٌ تا سُکيو ڀائِيان.

 

(15)

مون کي رَبّ ُ رکي، شل پَردي ساڻ پناه ۾!

ته هئان منجهه پکي، عُمَر اَباڻَن جِي.

 

(16)

پَردي منجهه پناهَ، مون کي رَبّ َ  رکيج!

اُڪنڊ هِن اَرواحَ، آهي اَباڻَن جِي.

 

(17)

ڏِسي کيٽَ کَڻِي، ويا ماروئَڙا ملير مَون:

پَکا پانوَر ڪنڌئين، ويٺا جالَ هڻِي؛

اڳي پنهوارن پاڻ ۾، ٿي اِها ڳالِهه ڳڻي؛

هِت رَتِي رهَڻ ناهِ ڪا، ڄاڻي هِڪُ ڌڻِي؛

جا عادت زور ظلم جِي، هيءَ حَمير وَڻِي؛

رَعيت جي رَنجڻ جِي، ٿيس گُهر گَهڻِي؛

هاڻ بَرسَر هِيءَ بَڻِي، سنگهارن تي سومرا.

 

(18)

پَلَڪ نه ٿيان پاسي، شَل عمر اَباڻَن کَؤن!

گڏُ گَڏين ها سي، سڀن سان سي سمورا.

 

(19)

ڪاڏي اَڄ رهي، آءٌ ڪاڏي اَباڻان؟

هاڻي نه ڄاڻان، ته ڪا موٽي مِلندس مارئين.

 

(20)

اَڃا نه آيا، سنگهارا ساڻيهه جا؛

ڏينهن جَهجها لايا، پانورَ پنهوارن پاڻ ۾.

 

(21)

جيڪس نه آيا، سنگهارا ساڻيهه تي!

نه ته کيتن خابرو، تَڏڙهئين هَلايا؛

تن ڏينهن وڏا لايا، وڃِي پانورَ ڪنڌئين.

 

(22)

وڃن تا مَ پري، شل اَباڻَن اوڏي هُئان!

جو سُڌِ لَهَن مون سِگهڙي، ذري منجهه ذري؛

اکيون آب ڀَري، ٿي ويجهائيءَ لئه وجُهلان.

 

(23)

بيوسِي آهيان، هِن ماڙن ۾، مارو!

وِساري ويهي رهيؤ، ڄڻ منجهانئِوَ ناهِيان؛

لالچ نه لاهه، پَسَڻ پَنهوارَن جِي.

 

(24)

موٽِي شال اَچن، ماروئڙا ته مَليرَ ۾!

اَچڻ سندي تا ان جي، ڪَر پوي مون ڪن؛

تا سڀيئي سُک ٿين، گوندر وڃن گُذري.

 

 

(25)

ڏوراپا ڏيئي، ڪنهن هَٿ مُنجان مارُئين؟

ته وساري ويهي رهيو، حال ٻڌي هيئي؛

مِڙي اَچو مون گهرين، آهيو جهانگيڙا جيئي؛

جي آهيو اتي ئِي، تا لهو سُڌِ سنگهار جِي.

 

(26)

موٽي ماروئڙن، سُڌ نه لڌي ساهَ جي؛

لاهي ڇڏيو دل کؤن، اَديون اَباڻن؛

ڪنهن گُڻؤن سنگهارن، جيڪُسِ ويڙسِ وِسري.

 

(27)

ڪي ڏينهن هُيس قرار، مارُن گڏ ملير ۾؛

درد نه هو ڪو دِل کي، هُيسِ مِٽَن ۾ مختيار؛

رِيءَ اَباڻن آرِ، هاڻي ڪنديَس ڪَن سان.

 

(28)

اَڄ ساريم سنگهاري، جَنَم لنگهايَم جَن سان؛

هيءَ وڇوڙي تَن جي، ميان هِت ماري؛

عمر سڀا مون سانگئين، ٿِي گَڏجي گذاري؛

منهنجي پار پنهوارَ جي، آهي تاڪون تياري؛

هاڻ لکي منجان مارئين، هيءَ حقيقت ساري؛

ڏِينهن هيترا ڏوٿيو، ڪِيئن اوهان وِساري؟

جيڪُس ڌُرئون هُئِي ڌاري، تيلهان ويَڙَوَ وِسري!

 

(29)

منهنجي مَن ميان، هِن ڳالهيون ماروئڙن جون؛

ڏُٿ ڏاڏاڻي ڏَيهه جو، وڃي خوشِئون هُت کِيان؛

ڪائِي ساعت سومرا، جهانگِن ري نه جِيان؛

وڃي ٿر ٿِيان، شَلَ سَنگت سنگهارن جي.

 

(30)

ويجها جڏهن هُئام، ماروئَڙا ته ملير ۾؛

تڏهن ڳالهه احوال جي، تَن ڪَنين ڪين وڌام.

هاڻ وڃِي ٿرِ ٿيام، اُهي سڌ لهندڙ سومرا.

 

(31)

ٿيا پنهوار پَري، آءٌ ڏيان ڏوراپا ڪن کي؟

وَهندو شالَ وصالَ جو، ڪو پڻ واءُ وري،

نَئي گڏ ڪري، سو مون کي ماروئڙن سان.

 

ڪافي 1

مارن ڏي آءٌ وڃان وڃان! هادِي اَلله، الو ڀلو!

لاوان لهنديس کيت پنهنجي سان،

سرتيون ٿينديون مون ڄَڃان ڄَڃان.

ڪَڍ بندياڻي بند مؤن، ڪُرف ڪڙا ٿِي ڀَڃان ڀَڃان.

واٽَ جنهين کؤن سانگِي ايندا، سائِي واٽ مان وڃان وڃان.

”سچو“ سائِل آهي اوهان جو، سِرُ سائينءَ اڳيون سَڃان سَڃان.

 

 

ڪافي 2

لَڄايان نه لوئِي، وو، عمر آنديم جا اوڏانهون!

جا تا ملڪَ ملير ڏنهن، قاصِد اَچي ڪوئِي، وو.

سارو سنگهارنَ ڏي، حال منجان روئِي، وو.

وجهان ٻَرنديءَ باه ۾، شالون پَٽ سڀوئِي، وو.

کٿِي کَنيَم کِيئن جي، اَڌوٻَنڌ جا هوئِي، وو.

آنديم کڻِي کوهَ تؤن، آب ڀَري اوئِي، وو.

پِيَڻ ڪاڻ پنهوار جي، کَلي مُون تان ڍوئِي، وو.

اهڙي اڳي ڪنهن نه ڪئي، جهڙي ڪِيڙي توئِي، وو.

مون سان مدد ني ڪندو، ”سَچو“ صاحب سوئِي، وو.

 

ڪافي 3

غم ۾ ڪِيئن نه گذاريان، اَديون، تن وچؤن مون کي ڏينهن پيا!

ميان مُلڪَ ملير ڏي، کنيو نيڻ نِهاريان.

پَکا پنهوارن جا، ساعِت ساعِت سنڀاريان.

راتيان ڏينهان روح ۾، ساهيڙين کي ساريان.

وَسُ جي هو ڪو منهنجو، گڏ هُنِ پاڻ قطاريان.

پَت پنهنجِي پاڻهين، پنهوارن سان پاڙيان.

ياد ڪيو سي ڳالهيون، پنهنجو پاڻ ٿي ڳاريان.

موڪل ڏينم مٽين مِڙان، گهڙي هِت نه گهاريان.

ٻَڪَر ٻاٻاڻن جا، چَهرائِيءَ سان چاريان.

جي مون روحَ رڳن ۾، ويڙهيچا نه وساريان.

جا لوئِي آنديَم لوءِ ڏنهن، عمر شال اُجاريان.

حال پَسي هيءُ پانهنجو، ماروئڙن لڳ ماريان.

پَٽَ پَٽيهَرَ گُهوريا، طولَ ڀايان تلواريان.

ڪَر لَهَڻ لَئه ڪانگَڙا، اوڏنهن روز اڏاريان.

”سچو“ سنگهارن کَؤن، هِي سِر هڏ نه واريان.

 

ڪافي 4

ويٺا منهنجيون ڳالهيون ڪن، هُت ماروئَڙا به ملير ۾!

عمر آنديئي مارئِي، تاسف ڏيئي تَن.

سَدا آهِن سومرا، مارو منهنجي مَن.

مون جيڏيون ملير ۾، چانگن پاسِ چَڙن.

ڇڏي پانور ڪنڌيون، مَنَهيون اوري اَڏن.

”سچوءَ“ جي سَريرَ ۾، ويڙهيچا ٿا وسن.

 

ڪافي 5

شالَ نه وِسارين، مارو مون کي، شالَ نه وِسارين،

ـــــ درد جنين جو آهي دل کي!

اَٺئِي پَهر اوڏهون، نيڻَ ٿا نهارين.

پَهون پنوهَرَ پانهنجا ويجها وهارين.

جوڙُ اسان جا جهوپڙا، ماڙيون ٿيون مارين.

هر دم طلب جون تن ۾ تارون تنوارين.

سنگهارن طلب جون ساه کي ڳالهيون ٿيون ڳارين.

”سچو“ سارين جن کي، سي ڀِي تو سارين.

 

———————

 

مارئي

داستان ٽيون

(1)

جهانِگيڙن لَئه جِيءُ، هِت عمر آهه اُٻاڻڪو؛

نَئِي گَڏائج اُن سان، حال پنهنجو تا هيءٌ؛

سانگيڙن ۾ سيءُ، آهه اَڃا توڻِي تانهنجو.

 

(2)

ڪونه وري آيو، ماڻهو مُلڪَ ملير جو؛

جو کِيئن جون ڏئي خبران، ساٿِي سَوايو؛

ڏورائيءَ ڏوٿِن جي، هيءَ مون کي مُنجهايو؛

ميان ماروئڙن جي، هِت طعنن تپايو؛

ڪر سومرا سايو، ته وڃان ويڙهيچن ڏي.

 

(3)

قاصد آيو ڪونڪو، ۽ ڪونه لکيائون خط؛

جيڪُس هُيس ڪينڪي، ريگستانِن رَتُ؛

پنهوارن پاهَتُ، تيلهان مون سان نه رکيو.

(4)

قاصِد آيو ڪونه، ريگستاني راڄَ ڏهُون؛

جو تو مون کي تارِ ڪيو، سومرا ۾ سونَ -

ليهه پتو روحَ کي، هُت هَي هَي  جيڪس هو نه!

ڇيهون هِتي ڇو نه، ٿيان اَهڙن عتابن سان.

 

(5)

پنهوارن پيغامَ، اَڄ ڏئِي مُڪا مُون مَڻين؛

”ڪڏهن آيا ڪينڪِي، تو ڏنهن هِت سلام؛

”کائِي اتي محفوظُ ٿئين، طرحين طرحين طعامَ؛

”پيرُون چونڊيئي پَٽَ جا، ٿي ڪڏهِن لاڙيو لامَ“؛

”ڏسي عيش انعام، اڄ اُهي ويلان ويڙهي وسري!“

 

(6)

پَري ٿين نه شالَ، هُئن اوڏائِي اَجَڙِي!

اُٿي ويٺي اُن جا، اَٿم خَواب خيالَ؛

سدا سانگيڙن جِي، مون کي ساه سنڀال؛

هِت مون ههڙا حال، هُت عَتاب اُنهن جا.

 

(7)

عمر مون ڏي آئيا، اَباڻئون عتابَ:

”ٿيئن اتي تون مارُئي، کائِي خوش ڪبابَ“؛

هِت مون اکيون پنهنجيون، جهيلون روئِي آب“؛

جهوريَس هِن جواب، ويڙهيچن وساريو.

 

(8)

مُنجن هِيئَن چَيون، مون ڏي مارو سومرا:

”وڃي عمر ساڻ تو، ڳالهيون ڪالهه ڪيون؛

”سي پُڻ پنهوارن ۾، پَڌر هِت پيون؛

”اِهي پَچارون تانهنجون، ويڙهيچؤن نه ويون؛

”کيتن هاڻ کنيون، پکيُون ملڪ ملير مَون.“

 

(9)

ڪو نئين نِياپو، منهنجو ماروئڙن ڏي؛

”مون ڏي اَوهان موڪليو، ڏيئي ڏوراپو؛

”ته لوئِي لاهِي سِر ڪَيُئي سونَ رُپي ڇاپو؛

”مون کؤن وسري ڪين ويو،

آهي جهڻ اُهو جهاپو؛

”اِينديَس سِگهي ايڏهين، لاهي لاڳاپو؛

”موليٰ ميلاپو، ڪندو سِگهڙو سنگهارن سان.“

 

(10)

آءٌ پُڻ ڇا ته چوان، موٽِي ماروئڙن کي!

”هَي هُئي هِن جي حال جِي، ناهي ڪَلّ اَوهان“:

هِت اُنهن ري سومرا، نِتُ نِتُ سورَ نوان؛

پَکي شالَ پهان، مان وڃي پنهوارن جي.

 

(11)

کڻي ساڻ کٿِي، جا آنديم مُلڪَ ملير ڏنهن؛

سا اَڄ توڻي تا سِر تؤن، لَحظو ڪين لٿِي؛

لوئِيءَ سنديءَ لڄَ کَؤن، مون ڍڪيا پٽَ نه ٿي؛

هِت سُورن آهه سَٿي، اَئين ٿيون ڏوراپا ڏيو!

 

(12)

ايڏانهين اِيندياس، ڪنهن مهل موچاريءَ ماروئا!

جا لوئِي آنديَم لوءِ ڏنهن، سا ڇن نه ڇڏيندياسِ؛

توڙي تَهباران ٿِئي، ته بِه مور نه مٽيندياسِ؛

اَچي ڏوٿيڙن کي، اَڃا ڏوراپا ڏيندياسِ؛

ته ڪيئن وساري ويهي رهيو، ٿوراهِين ٿيندياسِ؛

مَنَهيون مَنَهن سان اِتي، آڻي اَڏيندياسِ؛

ڳالهيون ڳرهِيندياس، سرتن سان ساڻيهه ۾.

 

(13)

الله اَباڻن سان، مون کي گڏُ ڪرئين!

جي ويا ٿَر پَرئين، سي موٽي آڻ ملير ۾.

 

(14)

عمر اَباڻن ري، آءٌ تان ڪوجِهي آهيان؛

هيءَ لوئِي نه لاهيان، جا آهه نِشانِي اُن جِي.

 

(15)

جا اَباڻن ڏني، سا لوئِي هَڏ نه لاهيان،

ڪنديِس ڪين ڪِني، وٺي وينديس ويڙهه ڏي.

 

 

(16)

عمر ڏيهه اَباڻي، مون چڱا ڏينهن گُذاريا؛

هِت اَچِي هاڻي، پيو هِنيڙو هَلاڪَت ۾.

 

(17)

عمر اَباڻؤن وِڇڙي، ڪنهن اعراضي آندياس؛

وڃي خوشيؤن کائيندياس، پَڪا پيرون پانهنجا.

 

(18)

ڪائِي پَلَڪ پَري، شال عمر اَباڻؤن نه ٿيان!

ذري منجهه ذري، هُئَن پڇندڙ حال جا.

 

(19)

جڏهن هُيس اَباڻين، محل نه ماڙيُون مون ڏٺا؛

لَئي ۽ لاڻين، هيون پيهيون پنهوارن جون.

 

(20)

ڦَٽِي ڦوڙائي، آءٌ مِيان ماروئڙن جي؛

ڏنيون مون کي تو هتي، آهن ماڙيون جوڙائي؛

ويهان وچ نه اُنهين، ٻُڙو ٻوڙائي؛

هِن هنڌن ۾ سومرا، ٿو لکيو لوڙائي،

جنهن آندم ٽوڙائي ، پکن مَؤن ته پنهوار جي.

 

 

 

(21)

ريگستاني راڄَ جِي، آءٌ ڳالهه ڪريان ڪيهِي!

ڪَن پَچارون پاڻ ۾، سي واريءَ تي ويهي

ته ”ايندي ماروئين مارئِي، شل پَکن ۾ پيهي“؛

اُڪنڊَ مون ميلاپ جِي، آهه جهانگن کي جيهي؛

منهنجي تن تيهِي، آهي سِڪ سنگهارن جِي.

 

(22)

مان اُنهن کي ساريان، هو بِي سارن مون؛

جي راضي ٿئين تُون، ڏي موڪل ماروئڙن ڏي!

 

(23)

مان اَباڻن ساريان ، هُت اَباڻا سارين،

واٽان نِهارين، منهنجي اَچڻ سنديون

 

ڪافي 1

پَلپَل پونمَ پُور، عمر تن ماروئڙن جا.

دمدم منهنجي دل ۾، مارُن جا مذڪُور:

ـــــ سرتيون سورن جا.

سانگيڙن کي سدا مان سارايان، هنِيڙي هرنم هُور،

ـــــ پل پل پنهوارن جا.

منِ مَچائي ”سچو“ ويو سانگِي، دونهن جا دستور،

ـــــــ خاصَن کورن جا.

 

 

ڪافي 2

پاڙيچون نِي پِرين جو، مون کي پُور اڄ نِي پيو.

انتر جنتر مَون ٿي هَي نيهڙي نيو.

جيڪي چيو نجوميءَ، سو تا صحيح ٿيو.

چرخو ڀَڃي چيهاڙيون، مون ٿي ڪاڪيون ڪَيو.

هِن جان ٿئي جميعت، لالَن جي پائي لِيو.

ڪو ڏس اچي پريئن جو، هِن ڏاهه کي ڏيو.

جي در اچي سو دلبر، تا جِيءُ ”سچوءَ“ جو جيو.

 

ڪافي 3

مارو مون کي نه وسارين، آهيان اُنهن جي! ميان.

درد جنين جو دل کي، ڪَرم سين اُڪارين.

اَٺ ئي پَهر اوڏهين، ٿا نيڻ نهارين.

هردم طَلب جون تَن اندر تارون تنوارين.

”سچو“ سارين جن کي، سي ڀِي تو سارين.

 

ڪافي 4

هلي ههڙي حال، ميان، وڃي ڏوٿن کي ڏسان!

پيڪَن مون پهچائين، ڀلا پنهنجي ڀالِ.

منهنجو ماروئڙن ريءَ، جِيڻ آهي جنجال.

ههڙي وڇوڙي جي ڪنهن سان ڳرهيان ڳالهه.

هُئن سدا خوش سومرا، مارو پنهنجي مالِ.

”سچوءَ“ جي ته سَرير ۾، مارن جِي آهي قالِ.

 

 

ڪافي 5

ڏوٿن کؤن نه ڏور، آهيان جيڏيون آءٌ اوڏي ان کي! سائين الا.

ناهيان ٻاهر تن کؤن، ميان، هڪڙو ئِي دم دور.

”اَلاِنسانُ سِري وَاَنَا سِرّ ُه“، دوسن جو دستور.

هِي مڙيوئِي آهي تا، ميان، مارن جو مذڪور.

”سچو“ سا پُڇ ڳالهڙي، ميان مارن جِي مَستور.

 

 

مارئي

داستان چوٿون

 

(1)

تون حمير هٺِي، آءٌ ٿورياڻِين آهيان،

جا لوئي آندم لوءِ ڏنهن، وينديس ساڻ وٺي؛

ڪڏهن ٿيندي ڪانڪا، مانهؤن شال مَٺِي؛

ڪتابن قولن جي، مون ڏي پنهوارن پَٺِي؛

هيءُ بندُ بندياڻِيءَ کي، هو لکيو رات ڇَٺِي؛

اُن سانگِن ڪاڻ سَٺِي، مو مِڙيائِي سومرا.

 

(2)

ڪو بِي خيال نه هومِ، هُيس مارن ساڻ ملير ۾؛

جان وڇوڙو سومرا، کؤن ٿريچن ٿيوم؛

قسمت قيدالماء جي. ڏَسي ڏور وڌوم؛

تڏهن وڏو قدر پيوم، هَي ”سچو“ هيڪاندِ جو.

 

(3)

ويٺا ڳالهيون ڪَن، ماروئڙا ملير ۾

ته ”اِجها اِيندي مارئِي، وري هن وطن!“

ايڏي اُڪنڍ آهي، مُنهنجِي جا پُڻ جَن؛

آءٌ سگهي سان تَن، وڃي گڏ گذاريان!

(4)

قَرابتي ڪاٿي ٿيا، آءٌ ڪا ٿي آئِي!

قسمت قيد ڪٿي ڪيو، آءٌ ڪٿي ڄائِي!

آهي منهنجي روح کي، ريءَ مارُن موڳائِي؛

اَٺئي پهرَ اُنهن جِي، وات اَٿم وائِي؛

گهڻي مدتَ مونجهه ۾، مون پڻ لنگهائِي؛

مَنَ سِگهڙي سنگهارن جي، ڪل پوي ڪائِي!

ته ڪي آهِن آرامي اُتهين، جهانگيڙا جائِي؛

ڪِي ويا مُلڪ ملير مَون، ڪري اَجائِي؛

وڃي پانوَر ڪنڌئين، ويٺا وهڻائِي؛

اُتي تازا توانا ٿيا، ڏُٿ ڏنؤرا کائي؛

ڪر سومرا سائِي، جئن ٿِيَن آسودا آجَڙي.

(5)

جن گڏ گذاريوم، سڀ ڄَماندر سومرا؛

اَچي پَري پَيَس اُن کؤن، مُونجهه اِنهيءَ ماريوم؛

ساريو سنگهار جي، ڳالِهن هِت ڳاريوم؛

جو مارو محرم حال جو، سو پڻ سنڀاريوم؛

ڏيہُ ڏاڏاڻو ڪَڏهين، وار نه وساريوم؛

نِتُ نِتُ نِهاريوم، پَنهوارن جي پارَ ڏي.

(6)

اَڄ پڻ ٿِيمُ اُداسُ، هِي مَن ماروئَڙن ڏي؛

ڪر بندياڻي بند مَو، خاوَند لڳ خلاصُ؛

جو مَٽي کيتَ ڌنارَ کي، ڪا پلنگين ڏينديَس پاسُ؟

ڪو وجهُه صاحبَ سومرا، اُنهن سان اِخلاصُ؛

جو هو ويچارا واهَڻِين، تون ڪري ڏس قياسُ؛

زور تنين تا ناهِ ڪو، لوئِي جن لباسُ؛

اَٺئِي پَهر اُنهن کي، آهي حَمِيرن هِراسُ؛

تاڪُون تُنهنجي تابَ کَؤن، سُهمِيون اَٿن ساسُ؛

چاڙهيو لِڱين ڪِين تَنين، ماسي قَدر ماسُ؛

تعديون تَنين تي ڪَرين، جن تو هَؤن ٿئي مَواسُ؛

ويڙهِيچا وڻراهَ ۾، هُتِ وڻِ وڻِ وٺن واسُ؛

پاءِ پنهوارَ پياسُ، آهي راجا منهنجي روح کي.

(7)

چَئَي مُڪائون، هِيئَن ڏاڏاڻي ڏيهَه ڏنهن،

ته ”جيڪس“ اِهي تو هُيون، مَنَ جون مُدعائون -

”تان وڃي پَلنگين پَٿَرڻِيئن، شَلَ چڙهان آءٌ -

تو پُڻ تيلهائون، هاڻ ويا ويڙهيچا وِسري!“

(8)

چڱيءَ طرح چَئي، ٿي مُنجان ماروئڙن ڏي

ته ”سُکين سانگيڙن کَؤن، پري آءٌ پَئِي؛

”قسمت قيدالماء جي، مون سان هِيئن ڪَئِي؛

وسري ڪينَ وئِي، سَنگت سَنگهارن جِي.“

(9)

ماروئڙا ماندي، آءٌ اوهان ريءَ آهيان!

سُکيا ائين ساڻِيهه ۾، هِت بَند رهي باندِي؛

هِت قسمت قيدالماء جي، هِيءَ اَچانَڪ آندي؛

آهيان اوهان جي ڳالهه کؤن، ويل نه ڪنهن واندي؛

چڱِي ٿِي چاندي، اِينديَس لوئِي وٺِي لوءِ ڏي.

(10)

قاصِدُ اَڄُ ڪوئِي، مَنَ اَچي ماروئڙَن ڏنهن!

تنهن تا چَوان حالَڙو، سارو سڀوئِي،

ايڏنهُن آندي آهِه مون، لاکيڻي لوئِي؛

سا وٺي وينديَس پاڻ سان، اَٿم عهد اِهوئي؛

سَرتِن سان روئِي، سِڪون لاهينديَس لوءِ ۾.

(11)

هِيءَ اُميد نه هُئي، مون کي ماروئڙن ڏنهُن،

جو ڪونه مُجندا مُون مڻيين، پُڇَڻ ڪاڻ پَهي!

ڏٺم هڏنهِن ڏيهه ۾، نَڪو ڳوٺَ ڳَهِي؛

هاڻي وائِي وائندي، اها سُيَم اَڄُ صَحِي

ته ”اُٺا مِينهن ملير ۾، وِيڙا راڄ رهِي؛

”ڇڏي پانوَر ڪنڌيون، آيا هيٺ لهِي؛

”جهجهو جهانگين کي ٿيو، ڏهِيان ڏٿ ڏَهي؛

”ڪڍَيو پِيَن پاڻ ۾، وڏيءَ مَهَلَ مَهِي“؛

ويدين ڪوڏِ ڪَهِي آءٌ پکي پنهوارن جي.

(12)

سَنگهارن جي سِڪ، آهي منهنجي مَن؛

شال سِگهوئِي سومرا، ڏسان ڏوٿيڙن؛

راتو ڏينهان ڪاڻ ٿِي، جهڄان جَهانگِيڙن؛

پاڻهي پَنهوارن، اَڄ تا مون کي ياد ڪيو.

(13)

جهانگي جهڻ پِياڪ، ناهِن شَربت هيروان؛

ڳاڙهيون ڪاريون لوئيون، پَهرڻُ تَن پوشاڪَ؛

لاهيج لوئيَڙن تان، الله لڳِ اولاڪَ؛

جو رکن هَڏنهن ڪانڪا، عُمر ٻِي اِملاڪ؛

ڪارڻ پرورَ پاڪَ، مون کي ميڙيين مارئين!

(14)

ڪيا کِوڻن کيجَ، اَڄ ڏاڏاڻي ڏيهه ۾؛

پر ماڻهو ماروئڙن ڏنهن، هَڏِ نه آيو هيجَ؛

ڪالهه ڏٺا هُئم اُڀ ۾، اَڻِڪ ۽ اَٽيجَ؛

اُٺا مينهن ملير ۾، ٿيا رڻَ سارائِي ريجَ؛

ڇانگن سان ڇِڙي ڪري، ڪَن ڇَنن ۾ ڇيجَ؛

آءٌ پُڻ ڀِنيءَ ڀيجَ، ملنديَس ماروئڙن کي!

(15)

هي وٺي حالُ وڃان، ميان ماروئڙن ڏي؛

آهي اُميد اَڃان، جو خوشِي ڪنديَس کيتَ سان.

(16)

مينهن وسندي مان، ويڙهيچن ويندياسِ؛

لوئِي ساڳين لوءِ جِي، نال وٺِي نيندياس؛

وڃِي ٿر ٿيندياسِ، ڏکَ سُکَ پائي سومرا.

(17)

ڌنارن کؤن ڌار، جي مون ڏينهن گذاريا؛

سي هئا قيامت جيهڙا، ميان سومرا سردارَ؛

الله ڪري اوڏڙا، ”سچو“ مَنَ سنگهارَ؛

ته ڪريون ويهي ڳالهڙيون، هنيڙي جون هِڪوارَ؛

پَر پري ٿيم پنهوار، ڏيان ڏوراپا ڪَن کي!

(18)

جيڪي هُتِ هونديون، ساهيڙيون ساڻيهه ۾؛

سي پيرون چونڊن پاڻ ۾، گَڏ ڪيون گُونديون؛

ساريو مون کي سومرا، رات ڏينهان رونديون؛

ٻيون ڀِي ڇا چونديون، اَڃا عُمر الاجي آجڙيون!

(19)

ريگستانِن رنگُ، جي تون پسين سومرا؛

ته ميان ماروئڙن تَؤن، ظالِم لاهين زنگَ؛

جو تاڪون تنهنجي تابَ کؤن، جهانگِي واسِن جَهنگُ؛

نامِيا هي تون ننگُ، نيئي رساڻين راڄ ۾.

(20)

جي ريگستان رهيا، تَن سخت نه وٺج سومرا؛

جو تاڪون تنهنجي تابَ کؤن، ڇَنن مَنجهه ڇَپيا؛

سي ڪي پَرئين وسِ وهيا، وسَ سچائيتا واهَڻين!

(21)

ڪري ياد قلبُ، ٿو منهنجو ماروئڙن کي؛

جو ٿيان هيڪاندي تَن سان، ٿئي سائينءَ ڏنهُن سَبب!

ڪڍ بندياڻي بند مَؤن، ته راضي هُئي ربُّ؛

غازي لاهه غَضَبُ، ڪَر مِهر ماروئڙن تي.

(22)

رڃُون ريگستانُ، جِت وطن ويڙهيچَن جو؛

راحِم ٿي رکيج تون، تَن ماروئڙن جو مانُ؛

جهونن جهانگيڙن تي، ڪَر عمر تون اِحسانُ؛

ته سارو جڳ جَهانُ، مَرُ تعريفان تنهنجيون ڪري.

(23)

هيءَ خبر هاڻي، آئي ريگستاني راڄ ڏنهُن،

ته ”اُٺا مينهن ملير ۾، ٿيو پٽَنَ ۾ پاڻِي؛

”گُلَ ڦُلَ گلزاريون ٿيا، رِڻَ سڀ ريجاڻِي“:

تون ڀِي صاحب سُڃاڻي، موڪل ڏينم مِڙي مَران.

(24)

مِينهن وسندي مون ڏٺا، هي پکا پنهوارن؛

ڳاڙهيون اَڇيون لوئيون، ڪيا سَهَج سَنگهارن؛

اُهي عام خلق کؤن، گوشي گذارن؛

منهنجي اَچَڻ سنديون، ٿا واٽان نهارن؛

سانگيڙا ساڻيهه ۾، پيا نِت نِت سَنڀارن؛

هي ڳالهِيون ٿيون ڳارِن، مون کي ماروئَڙن جون.

(25)

مِينهن وسندي سومرا، اَڄ پُڻ پورَ پيا؛

پَکا پَنهوارن جا، سي مون ياد ڪيا؛

ڏٺي گهڻا ڏينهڙا، مون ٿَريچن ٿيا؛

وسِري تا نه ويا، ڪا ساعت منهنجي ساهَ کؤن.

(26)

هِت ڏيهي ڏسان ڪونَه ڪو، جو ڏئي کيتَ خَبَر ؛

هِيءَ قابُو رهي ڪوٽَ ۾، اُنهن ريءَ عُمَر؛

مَليران مَحضَرَ، ايندم آجائِيءَ جا.

 

(27)

مِينهن وسندي ياد مون، اَڄ ماروئڙا آيا؛

قيدالماءَ جا ڏينهڙا، سي مون لنگهايا؛

موٽي اَچڻ جا ٿِيَم، ڏي سنگهارن سايا؛

اُهي موليٰ ملايا، جي پنهوار پَري ٿيا.

 

 

(28)

ڪو جو وريو واءُ، اَڄ پڻ مُلڪ مَلير ڏنهن؛

ڄَڻُ آيم اَباڻاءُ ، ماڻهو موٽائِڻ جو.

(29)

مون کي رات رسيون، ڏيهه ڏاڏاڻؤن خَبران

ته ”ساڻيهه سَڀ سَرهو ٿيو، وڄون واهَ وَسيون؛

”اچي ياد اَلله ٿو، ڦوڳُ ڦُلار پَسيون؛

”برابر بادل ڪَيون، مُئِي لوءِ لَسيون؛

”ساول کائِي سبزيون، ٿيون سَجِيہ سَسِيون؛

”ڳاڙهيون اَڇيون ڪاريون، لاهن غم گَسِيون؛

”وُڙهيون ڪَسَ ڪَسِيُون، پُڻ آهِن تارِ تَرائِيون.“

 

(30)

رات وري آيا، ماروئڙا ته ملير ۾؛

جو لڌم خوابُ خوشيءَ مُون، ڄَڻ موليٰ مِلايا؛

وري وسايا، ڀلي ڀاڻَ ڀِٽُن جا.

(31)

وَس چَري آيام، ماروئَڙا مَلير ۾؛

ڇڏي پانورَ ڪَنڌيون، ويڙهيچا وريامِ؛

عُمر اُميدَ ٿيامِ، پَسَڻَ پنهوارن جِي.

(32)

جي ڏوٿي هُيَم ڏورِ، سي والِيءَ ڪَيَم ويجهڙا؛

هُئي جا پورن پُور، سا تا اڄ مُون تَون لَنگهِي.

(33)

موٽِيا پارِ مَلير، سانگيڙا سانگُ ڪَري؛

جَن جِي سِڪَ سَرير، سي ئي عُمرَ آئيا.

(34)

لَٿو ڦوڙائو، وريو ورق وصالَ جو؛

وري وطَن آئيا، ريگَ لنگهي رائو؛

”سَچُو“ چَوي سائو، ٿيو موٽِي مُلڪ مَلير جو.

———

ڪافي 1

مارو ٿر ٿيام، ڀلو ميان، وو، ڏيان ڏوراپا آءٌ ڪَن کي!

سي پارينديَس پانهنجا، ميان، جي هُتِ قولَ ڪيام.

ڇڏي مُلڪ مَلير جو، پَرينءَ وس ويامِ.

گهوريا پَري ڏينهڙا، جي پنوهارؤن پيامِ.

سنگهارن جي اَچڻ جا، ميان ”سَچو“ سِنيها سُيام.

 

ڪافي 2

روئان زارو زار، يار، مانَ مارُن کي ملان آءٌ!

ڏيان ڏوراپا ڪن کي، پَري ٿِيَم پنوهارَ، يارَ.

وٺِي ويڙا پاڻ سان، منهنجو ساهُ سَنگهار، يارَ.

اهو اٿم آسرو، ايندم، اَجڙوار، يار.

ڪَندا مُهڙ ملَير ڏي، رڻ ڇڏي ريڍار، يار.

سو دم گوندر گذري، جو دم اُن ريءَ ڌارَ، يار.

روئي رات اکين جا، جهونا ٿيا جهالار، يار.

وڃي ٻُڌنديس اُتَهين، سندي پنهوارن پُڪار، يار.

رکي ويڙهيچا ويا، مونهين سر ميارَ، يار.

پيڪن مُون پَهُچائيين، سومرا سردار، يار.

راتو ڏينهان اوڏهين، ”سچوءَ“ ساهَ سنڀار، يار.

 

ڪافي 3

ساريان آءٌ تا لوءِ پنهنجي جون لويون،

عُمر گهوريا هِي پَٽَ پٽيهرَ، ميان!

هُت ويڙهيچا، وو، ويٺا ورهائن ڏيهاڙيون.

سي ڏونرن سنديون ڏويون.

سنگهارن ڏي سوز سنيها،

آءٌ ٿي روزُ مُنجان رويون.

ڪنڍيون ڪوڪَڙ سَنديون، ميان،

ڳچيءَ پائن ٿا هِت پيڪا پويون.

صبحَ سانجهيءَ کَڻَن خوشيءَ سان،

اُهي سي تا آب ڀَريون اويون.

پاندين پائِن پُسيون ساڳن سِڱر سَنگهارَ،

”سچو“ سي سويون.

ڪافي 4

گهوري هِيءَ جدائِي، اڙي ميان، پنوهارن ٻاجهُون پُو رَپيا!

صبح ويلي ميان سومرا، الا سائين، خبر اها مون آئِي.

لنگهي مُلڪ مَلير جو، ويَڙئي ويڙه سَڀائِي.

پانور ڪنڌئين ڪِينڪي، و هند اساعَت سائِي.

ڪَنين ٻُڌايان ڪِينڪِي، وري اِها شَلَ وائِي.

ڏوٿِي پنهنجي ڏَيهه مَون، ڪَندا ڪيئن نِوائِي.

عمر اَباڻا ڏيهه ۾، سَرها هُونِ سَدائين.

موٽِي نه وڃَن اُوڏهِين، جن جِي سِڪَ سَمائِي.

هوءِ هوءِ هِن جي حالَ تي، ڀاڳيا ڪرن ڀَلائِي.

”سَچو“ سندن ساٿَ ۾، ڪَري مَرُ ته گدائِي.

 

 

مارئي

داستان پنجون

(1)

جوڙي پَکا جُوءِ، اَچي ويٺا عُمرَ آجڙي؛

سَدا سَنگهارن جِي، ٿي مَٿي حوضَن هوءِ؛

ٿيون گلزاريون گاهَن جيون، ٻِي خوب کُلِي خوشبوءِ؛

نَئيِن رونق روءِ، ٿيو موٽِي مُلڪ مَلير جو.

(2)

سدا هئن سُکيا، ماروئَڙا ته ملير ۾؛

شل نه ڏينهن ڏکيا، اَچن آجَڙين تي!

(3)

سدا سَرها هونِ، ماروئَڙا ته ملير ۾؛

مٿي پنهوارن پون، مِهَر جا شَل مِينهڙا!

(4)

مِيان ماروئَڙن تي، مَهران وَسن مِينهَن؛

شَل نه ڏکِيا ڏينهن، اَچن آجڙين تي!

 

(5)

سدا سي ساڻيهه ۾، سُکيا هُئن سَنگهارَ؛

پکي مَنجهه پنهوارَ، شَل هُئن هميشہ سَرها!

(6)

سائين سَنگهارن جو، رکج پَن پکي؛

ڪوئِي تا نه لَکي، هُئَن سَدائين سَرها!

(7)

سنگهاري ساڻيهه، شَل هُئن سَدائين سَرها؛

وڃن نَه پَرڏيهه، خوش گذارن اُتَهين!

(8)

ساڻيهه سنگهاري، سَرها آهِن سومَرا؛

ويڙهيون ۽ واري، مَحلا ماروئَڙن جا.

(9)

جاتِي واريءَ ڊنو، تاتي اَڏن پکَڙا؛

ڀاڳِين لَٿَا ڀَوَ، سدا رهن او سَرها.

(10)

نِوڙن ۽ نُونڌيُن، مارو چارنِ مالَڙا؛

گوڙين ۽ کِونديَن، سَرها ٿِيَن ساهَ ۾.

(11)

جڏهن کِنونِ کِنوڻِيون، وَسَن مينهن مَلير ۾.

نونديون ۽ نِوڙيون، تاتا سوئِن ٽاريُون.

 

 

(12)

ڀاڳِين ڀَوَ لَٿَا، جي ويٺا پانورَ ڪَنڌئين؛

اُٺن مِينهن مَٿا، آجڙين عِيدان ڪيون.

(13)

وري وَسايو، مالِڪَ مُلڪ ملير جو؛

سو اڳي کَون اُجرو ٿِيو، سائو سَوايو؛

آگي اَگهايو، ”سچوءَ“ جو سوالُ ڪيو.

(14)

آهي سارَ  سنڀالَ، ميان ماروئَڙن جي؛

هِتِ هِهڙا حالَ، هُت عِتابَ اُنهن جا!

(15)

الله اوري آڻ، ماروئَڙا مَلير جا؛

يا مُون کي ڪڍي ڪوٽ مَون، نئين مُلڪ رَساڻ؛

ڀَڄَندي وڃي ڀاڻ، پِهان پنهوارن جي!

(16)

آڻ الله اوري، ماروئَڙا مَلير جا؛

مون کي آندو اوچتو، هِت ظُلمَ جي زوري؛

آءٌ تَنهن گَهڙيءَ تَؤن گهوري، جنهن هيڪاندي هِڪُ ٿِيان.

(17)

جي ريگِستان رهن، تن کي سخَت نه وٺج سومرا؛

جو تنهنجو زور ظلمَ جو، سانگِي ڪِيَن سَهَن؛

مَتان پَرينءَ وَسِ وِهَن، هو ويچارا واهڻي.

 

 

(18)

جڏهن ويجها هُئامِ، ماروئَڙا مَلير ۾؛

تڏهن ڳالهه اَحوال جي، ٿي تنهين ڪَن وِڌامِ؛

هاڻي وَڃِي ٿَر ٿِيام، اُهي سُڌِ لَهَندڙ سُومرا.

(19)

ٿيا پنهوارَ پري، آءٌ ڪَنهن کي ڏوراپا ڏيان؛

وهَندو شالَ وِصالَ جو، وارو ڪو وري؛

سو نيئِي گَڏُ ڪري، مُئِيءَ کي ماروئَڙن سان.

(20)

هُيَم جَن سان حالَ، سي اَڄ سنگهاري سِجڪاڻ ٿيا؛

عُمَر اُنهي پارَ جي، اَٿم سارَ سَنڀالَ؛

جو صبح اُٿِي ساجُهرين، مارو ڇيڙن مالَ؛

پِيَسَ پَري پنوهارن کَون، هَي جي ٿِيَم حالَ؛

آهي اُنهي ڪوٽَ ۾، جِيَڻ مَنجهه جَنجالَ؛

سِگهڙي وڃِي شالَ، پهان پکي پنهوارن جي.

———

ڪافي 1

هو جي ماروئَڙا ٻيهر مانَ مِلن،

شالَ الله اوراهون ڪَندن، سانگي سانگ سَندن.

ويٺي آهِيان واٽ تي مَنَ اَچو حال پُڇَن.

پَکَا پَکَنِ سامهون، واري آڻي اَڏنِ

انهن ڪارڻ جيڏيون، منهنجيون اکيون رتُ رُئَن

اَصل لاڪون آهي، ”سَچو“ سَگ سَندن.

 

ڪافي 2

مارو اُهي مِليام، عُمَر ڄامَ، وو،

طَلبَ جَنِين جِي آهي تَن کي.

ڪَرم َ ڪَيائون ڪيترا، ڏوٿِي هِت ڏٺامِ.

هِت جَنهين کي، هُت ڀي تن کي پيو آرام.

پاڙيائون سي پانهنجا، ميان، ڪَيئون جي انجام.

طالع وارا تن جي گولن جا به غلام.

ڪاڏهن ”سَچو“ سالڪان، ميان، ٿئي طَلَب تمام.

 

ڪافي 3

ڏوراپا ڏيِئي، ڪنهن هَٿ مُنجهان، وو، ماروئين!

وساري ويهي رهيؤ، حال ٻُڌي هِيئِي.

مِڙي اَچو مون ڳَري، آهِيو جهانگِيڙا جيئِي.

لَهو سُڌِ سنگهار جِي، جي آهيو اُتيئِي.

”سچو“ ساريَؤن ڪِين سا، جا ويڙهيچؤن ويئي.

 

ڪافي 4

راتِ مُڪَم روئِي، ساري سلامَ سنگهارن ڏي.

اکيون اباڻي پار ڏي، بيٺيون جُهڙ جهوئِي.

اَباڻَن جي آسري، ليڙون ٿِيَم لوئِي.

ونڊِن وِرڇن پاڻ سين، ڏؤنرن جِي ڏوئِي.

لِکِي ڪاغذ مُون وڌو، پَکيءَ کي پوئِي.

ڪي ڏينهن ڍويَم کيت سان، آبَ ڀَري اوئِي.

اَوهان ٻاجهؤن ڪونَڪو، ڪَل لَهي ڪوئِي.

مارو ملندو مارئِي، ”سَچَل“ کي سوئِي.

 

 

مارئي

داستان ڇهون

(1)

ڄَڱَرَ  ڄارڙيون، ٻيا ڪِرڙيُون ڦوڳَ ڦُلاريا؛

سي سنگهاريون ساڻيهه ۾، وِهَن وارڙيون؛

ٽامان ٽارڙيون، لاڙيون ڇِنن لاکڙان.

(2)

وَروٽا ويڙهيچن جا، اِهي موتئين مالهڙيون؛

رَس نه اَچن روح کي، ٿالهه ۽ ٿالَهڙيون؛

سَنگهارنِ جون سومرا، چَڱيون چالَڙيون؛

جو فَجُر ڦوڪي سَنديون ڪن دانَهَه دالَڙيون؛

وَرُ سي لويون لاکَ جون، ٻَن شالان شالڙيون،

اَٺئي پَهر آهن اکيون، منهنجيون عُمر آلڙيون؛

ڪامل تنهنجي ڪوٽ ۾، وجهان فَلَڪين فالَڙيون؛

شال سڻندو سو ڌڻي، مون نِڌر نالڙيون؛

وڃي ڳجهيون ڳالهڙيون، ڪنديَس سَرتن سان ساڻيهه ۾!

(3)

هِت ڏسان ڏوٿِيڙن جيُون، ويٺي واٽَڙيون؛

هُتِ پَون پنوهارن تي، مِٺِيون ماٺَڙيون؛

ياد اتي جون مون پيون، ڇوهُون ڇاٽَڙيون؛

توڙي چار ڪنڊان لوئيِءَ جون، هِت ڦاڪين ڦاٽَڙيون؛

نان ڀِي وڃان اوڏهين، جتي کَنوڻِيون کاٽَڙيون؛

مون کي لُوهِن لاٽَڙيون، تَن لالن سَنديون سومرا.

(4)

ٻُور پُڄاڻَون ٻَير ڪَن، ٻَهون ٻيرڙيون؛

ڇاڻِن چونڊن سي چڙهيو، ڏئِي ڦيرڙيون؛

پانَوَ پيرڙيون، ڪن تماشا تِکُن جا.

(5)

هُت گُهمَن ڏوٿِي ڏٿَ لئه، ڪَيون ٽولا ٽولڙئين

ڇاڻِن لنب اَئُون مَکڻِي، جَهلي جهولَڙئين؛

پيِهَن پَچائن مانيُون، ڦوڪي ڦولَڙئين؛

تون عمر اولَڙئين، ڪَري هُت ڇَڏيج مون.

(6)

هُت ريت ته اَڌوٻَنڌِ، ڪَن لويون لاکَڙيون؛

مَشَر مارُئَڙن جِيون، سَچيون ساکَڙيون؛

وَٽين تورنِ ڪينڪِي، مَکَڻ ماکَڙيون؛

اَڃان ڦُٽَن باکَڙيون، ته کڙا آهن کوهَ تي.

(7)

اَڃان کَنونِ کِنوِڻِيُون، ته سانِگيُن ساهه پوي؛

وَسِي تَر تارِ ڪَن، نَيون ۽ نُوڻِيون؛

جاتي هُئن جوڻِيون، تا تِي آجَڙي آرام ٿيا.

(8)

اَڄ جوڙي ويٺا جَهنگَ ۾، جهانگِي جهوپڙيُون،

ڏي نه ڏوٿيڙن کي، لائِقَ لوپَڙيُون،

راجا روپڙيُون، گَهرين رکنِ ڪِينڪِي.

(9)

هُت ڏِينَ مارو ڏاجَ ۾، ڄاڻِي ڄارَڙيُون؛

پَيون آهِن سڀ کي، اُهي ويڙهيون وارَڙيُون؛

سي چُونڊنِ پيون پِرهه جو، نائي ڏارَڙيُون؛

وِجَهن گوندنِ سَنديون، ڳچيءَ ڳارڙيُون؛

وِجَهن کَنيو کارَڙيُون، وَڃَن لوئَڙِياريون لوءِ ڏي.

(10)

مون کَون وِسَرن ڪِينڪِي، اُهي عُسرَ ويلڙيُون؛

چاريَم وڏي چاهه مَون، ٿي ڇيلا ۽ ڇيلڙيُون؛

ٿي کيڏيَمِ کيلَڙيُون، سَرتِن سان ساڻيهه ۾.

(11)

اَوس اَڏن سومرا، چوڌاري چَؤنرا؛

تَن ۾ سانڀي رکَن سامهان، ڏُٿ ٻَهون ڏؤنرا؛

ڌَڳَ رکي ڌؤنرا، صبح کائِن خوش ٿِي.

(12)

ڪَرين ڇو کِلان، سانگِيڙن تي سومرا!

سارَهِه سوتِن تي، لاهه ٽوڪان آئُون ٽَهلان؛

هي جي مَوتَن جون مَهلان، ٿِي مَحلن مَنجهه گُذاريان.

———

ڪافي 1

ڪاڏي ويَڙا ، وو ، پِرين پاڙيچا!

جاڏي هَليا، تَهدِل تاڏي، هَلُ تون هِنيڙا، وو.

محبن مون سين عَجَب جيها، ڪيئي ڳُڻ ڪيڙا، وو.

گوندر گاڏائون ڏينهڙا، هت جالڻ جيئڙا، وو.

هِن اَجايا اُنهن ٻاجهون، جي پلڪ پيڙا، وو.

”سَچوءَ“ سَندا سانوَل ٻاجهون، هي حال هَي ٿيڙا، وو.

 

ڪافي 2

آئين هَلِي هِن جاءِ، وي،

هِڪ ساعت ڪارڻ تون سانگِيڙا!

ڪا گَهڙي نيباهُ نه ڄاڻج، پيچ نه تَنهن سان پاءِ، وي.

”الدّنيَا سَاعَةُ“ اِهو نُڪتو دل سان تون لاء، وي.

جاڏنهن آئين تون وڻجارا، وري وڃَڻ اوڏنهن آءِ، وي.

دنيا ۾ دَمَ ڪيئي گذاريئي، ”سچو“ سڄڻ جي ساءِ، وي.

 

ڪافي 3

اوڏاهُون آيا، مون ڏي عتابَ اَباڻن جا.

هي ڏيهُه وِيَڙُءِ وِسري، اِتي ڏينهن وڃي تو لايا.

ياد اسان کي ڪِين ڪيڙئي، مُنجهائينءَ مايا.

ڏينهن اسان ريءَ گذري، ويَڙئي سڀ اَجايا.

گهڻا مِينهن مَليرَ ڏي، والِيءَ وري وَسايا.

تُنهنجي ڏسڻ لئه، هِت سانگِي سِڪايا.

سائينءَ ”سَچو“ سِگهڙا، مون کي مارو مِلايا.

 

 

مارئي

داستان ستون

 

(1)

مون جاليو سان جَن، موٽِي تَن نه پُڇيو؛

حال هن جون خَبران، پَيون هو ندين ڪَنِ؛

تان ڀِي مارو مَن، وارُ نه ڪَڏنهن وِسريا!

 

(2)

توڙي هو نه پُڇن، آءٌ گهڻو پُڇان تَن کي؛

عُمَر آءٌ مَڇُڻِ، تَن کَؤن وڃان وِسري!

 

(3)

ٿي پُڻ وَسايامِ، ڪَڏهن مارُئين مِينهڙَا،

سي ڏينهن ڏاڏاڻي ڏيهَه جا، اَڄ ياد عُمر آيامِ؛

هِت پنهوارن ريءَ پاڻ کي، ڪيها لَقبَ لايام؛

هِن لحظي لَنگهايامِ، شال اِهي اَوَسر ڏينهڙا.

 

(4)

اِهي اَوسر ڏينهڙا، هِت جالڻ آيم جال؛

کَٿيرا خوش حالَ، هُت ميان هون ملير ۾!

 

(5)

اَڄ سنگهاري ساريا، مون مِينهَن وَسندي سومرا؛

ڳوڙها ڳاڻاٽي بنا، هِن هَنجُنِ مَون هاريا؛

ياد ڪَريندي تن کي، ٻارڻَ ڳَڻُ ٻاريا؛

هِتِ ”سَچوءَ“ سنڀاريا، هُت سنڀارَ ”سَچوءَ“ جِي!

 

(6)

ساريم اَڄُ سَنگهارَ، مِينهن وسندي سومَرا؛

جيڪي ڏينهن هُئاسي گَڏُ ۾، دَم نه ٿياسي ڌارَ؛

ڪاٿي اَڄُ اَسين ٿيا، ڪاٿي آجَڙوارَ؛

وِڌو قِسمت قيدالماءَ جي، پَري کان پَنوهارَ؛

تيلهان مون اَڄُ آئِيو، روئَڻ زارو زارَ؛

پَلپَل هِت پَچارَ، هُتِ به سانگيڙن جِي!

 

(7)

ڪَڏهن سانگِن ساڻُ، ٿي گَڏُ وسايَم مِينهڙا؛

اَڄُ قِسمت قيدالماءِ جي، پيو هِيءُ پَرياڻُ؛

هِت ڪَريان پُرزا پاڻُ، پَر ٿي لوئِيءَ جي لَڄَ مران.

 

(8)

وِسري ڪِينَ وڃان، ميان ماروئڙن کَون؛

وسِرڻ سَنديون ڳالَهڙيون، مُورؤن تا نه مَڃان؛

آهي اميد اَڃان، پَکي مَنجهه پَنهوار جي.

 

(9)

شالَ نه وِسارينِ، هُئان يادِ انهن کي؛

عُمر اَباڻن جِيون، ڳالهيون ٿِيون ڳارينِ؛

ساهه رڳون سارين، مَن پَهنچان پنهوارن کي.

 

(10)

لويون رنگارنگِ، ڪَن ساهيڙيُون ساڻيهه ۾؛

سي آساوريُون اَڳريون، عُمَر پَهرِن اَنگِ؛

تاڪون تنهنجي تابَ کَون، جهانگِي پيٺا جهنگِ؛

هِن ويچارا واهَڻِي، تن کي وٺُ نه تنگِ؛

سي ڪِيئن ڏيَن پيرُ پلنگَ، حال جني جا هِهڙا!

 

(11)

پَئي جيءُ جَنجال ۾، ساڻيهه سنڀاريُون؛

وسِرن اُهي ڪين ڪي جي مَهلان موچاريُون؛

پَر قسمت قيدالماءِ جي، ڪَيون هي ڪاريُون؛

ڪاٿي اَڄُ آءٌ ٿيس، ڪاٿي سَنگهاريُون؛

اوڏنهن نِهاريُون، وڃان سا وهلُور ٿِي!

 

 

(12)

عُمَر شالَ نه لائِيان، لَقَب لوئَڙئين؛

پاڻِي پِيَن پَٽَ ۾، آيُون اوئَڙئين؛

ڏؤنرا ڏؤنرئين، ونڊن ورهائِن پاڻ ۾.

 

(13)

شالَ نه لَقَب سومرا، لوئَڙئين لايان؛

پَٽ مٿَي هِيءَ لوئِي، مُور نه مَٽايان؛

جا کَٿِي کيٽَ ڌنارَ جِي، ڀلِي سا ڀايان؛

مَري مَلهايان، سارو مُلڪُ مَليرَ جو.

 

(14)

عُمَر اَڇا ڪَپڙا ڪاڻياريُون ڪَن ڪِيئَن؟

جِهڙي آيَسِ جِيئَن، شل تِهڙي مارُن ڏي وڃان!

 

(15)

ڪيِئن ڪاڻياريون ڪَن، ڪَپڙا اَڇا عُمر ڄام؟

ٿِين پَنهواريون پَٽ ۾، مِهڻي هابُ مُدامَ؛

آهيان سومرا تو سامَ، ته لوئِيءَ جِي لَڄَ رهي.

 

(16)

هِن لوئيءَ جِي لاڄَ، شالَ رهجِي اَچي سومرا،

ته مَرُ ٻُڌي خوش ٿِين، ريگستانِي راڄَ؛

سا نِه کائي کاڄ، جا قيد ڪَئِي تو ڪوٽَ ۾.

 

(17)

توڙي لوئِي هِت ڇِڄي، وڃِي تَهباران ٿئي،

ته ڀِي پِهنديَس پَنهوارن جي، عُمَر ڀاڻِ ڀِڄِي؛

جَهانگِنِ لاءِ جهِڄِي، مان اَڌ مُئِي ٿِي آهِيان.

 

(18)

توڙي هوءِ ڇِنِي، تا ڀي لوءِ لوئِيءَ سان وڃان؛

اَچِي عُمَرڪوٽ ۾، ڪَنديَس ڪِين ڪِنِي؛

سائِي سانڍيَم ساهه  سان، جا ڏاڏاڻَن ڏنِي؛

اُها نينديَس ڀاڻ ڀِنِي، مِينهن وَسندي سومَرا.

 

(19)

اَبَر ٿِيا ۾ اُڀَ، ۽ واءُ لڳو اوڀارَ جو؛

”سَچو“ چوي ٿيا سومرا، چَڱا سانگِن سُڀَ؛

پَر چِت اَندرَ ۾ چُڀَ، اَٿن تنهنجي زورَ ظُلم جا!

———

 

ڪافي 1

اِهي نِياپا ڪو نيئِي، منهنجا مارُن ڏئي!

اَچڻ اَوهان جي جا وَس وڏائِي، ڪوڙين سي ڪِيَڙم ڪيئي.

ڏکَ ڏوراپا ٿا منجو اسان ڏي، حالَ اَسان هِت هيئِي.

قِسمت ڪو جو قَلَم  وَهايو، پَري اوهان کؤن پيئِي.

لوءِ اوهان جي ڏنهُن لوئِي جا آنديم، لِيڙان هِت ٿِي ويئِي.

ڳالهيون سنَگهارن جون سُڻ ”سچو“ ري، ساهَ سيِباڻيُم سيئِي.

 

ڪافي 2

ڪانگڙا قَريبَن جا، توکي ڪالهَه اُڏايو ڪَن،

وَٽئُون ويڙهيچن!

آسَروندي آهيان، مَن ڪو ڀيرو ڪَن،

وَٽئُون ويڙهيچن!

پَکا پَکَن سامُهون، اوڏا مانَ اَڏنِ،

وَٽَئُون ويڙهيچن!

”سَچوءَ“ جي به سَريَر ۾، دونهان روز دکَن،

وَٽَئُون ويڙهيچن!

 

ڪافي 3

اِهي اولانبا آيا، مون ڏي مارُن جا، ميان!

ڏيهَه ڏاڏاڻو ڪِيئَن وِساريُئِي، ڏينهَن، مُنهن اتي تولايا.

ڪَهڙين ڳالهين ويڙهِيچن ڏنُهن، مُنهن ڦيريئِي مايا.

پَهَر پنهوارن ريءَ ڪيئَن ٿِي گهارين، عُمَر ساڻُ اَجايا.

تُنهنجي ڪارڻ راتو ڏينهان، سانگِي سي هِت سِڪايا.

وَسُ نه مُنهنجو سُڻِ ”سَچو“ ري، ڏکيا مون ڏينهن لَنگهايا.

 

ڪافي 4

آيَم راتِ، عتابَ ڏاڍا سَخت سَنگهارن ڏنهَن!

مون کي عُمَر ماريو، جهانگِيڙن جي جوابَ.

”ويٺينءَ اِتي مارُئِي، کائِي خوب ڪَباب“.

هِت سارو ڏيهُه ڏَڪائِيو، عُمَر جي تِکَ تابَ.

موليٰ تا معافِي ڪيا، ”سَچو“ سَڀ حِسابَ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org