سيڪشن؛  شاعري

ڪتاب: ڪليات حمل

باب --

صفحو :15

[فصل-4]

(1)

سرتيون سڀيئي، مون کي دليؤن دعا ڪريو:

اسين پَرچي پاڻ ۾، ٻِٽ ٿِيُون ٻيئي

پَڻِي پِرين جي پير جي، جي مٿي مون پيئي

تان حمل! هَنڌيئي، وڃن سُور سَنڌا ڪيو.

(2)

سرتيون! سنجهه صبوح، ٿي دعا گهريم جنهين دوست لئي

اِجهو آيو مون پرين، رَڳنِ پِيڙو روح

وري ٿِيم وروه، حمل! هوتَ حبيب سان.

(3)

آيا ڙي آيا، محب منهنجا سپرين

سوال هِن سڪايل جا، کڻي آگي اَگهاما

اُهي نيڻن نار ٺري پيا جي ڏُکن ڏُکايا

مولي ملايا، حمل! هاڻ حبيب مون.

(4)

آيم اڄ اورڻ، ساجن سنهڙيون ڳالهڙيون

اچي ويڍا وَٽِ ۾، درد ڪُلئي ڪورڻ

سُڻدي سُکَ سَرير مون، ٿيا مَهل تَنهين مورڻ

گهور ڪَيو گهورَڻ، حمل سِرُ حبيب تون.

داستان يارهون

[يار ۽ ياراني]

(1)

ياراني يارن مؤن، ويئي ڙي ويئي
گڏيل هئي گمان ۾، سا پڌر ٿي پيئي،

ڪُوڙي لوت لباس جي لائن ٿا ليئي

ڪم پئي ڪاغذ جان، اُکڙي اڳيئي،

محبت لڏي ملڪ مؤن ڏُکَ ويئي ڏيئي

دوست ڦِري دشمن ٿيا، جانِب ها جيئي

سڄَڻ مِٺا ساهه کئون، سامهان ٿيا سيئي،

سِڪ، صحبت، ساءُ مِٺو، ٽِڙي ويا ٽيئي

حمل! هيءُ نيئي، ڪنهن کي سُورو سڻائيان.

(2)

هئي هئي! هئي هئي! هاءِ! جو محبت ويئي ملڪ مؤن

جِتي قرب ڪمال هو تِتي لاءِ نه ساءِ

حمل چئي، هِن ڳالهه جو ڪونهي سُڌ سَماءِ

ڪو جو وَريو واءِ، ماڻهو سڀ مَٽِجي ويا.

(3)

جَنِ چيو ٿي ”جيءُ“، سي اڄ ”ٻوڏ“ نه چَوَن ٻاجهه مُؤن!

جَن کاراي ٿي خوشيءَ مون، سي پاڻي چوَنَ نه پيءُ

هوڏهن هُونءَ حمل چئي، هِتِ حال منهنجو هيءُ

رَحم ٻيورب ري، ڪوجهَنِ تي ڪير ڪري.

(4)

حمل چئي هن ڳالهه جو ويهي ڪيم ويچار:

ته دل لڳي دوستيءَ جو ڇا ملهه آهي مقدار؟

تان اندر مان عقل چيو، نقطو هيءُ نروار:

”وڃي لڳي ته لک هزار، ٽُٽي ته ٽڪو ئي نه لهي.“

داستان ٻارهون

متفرقات

ڏنگو يار

زُلف ڏِنگا، اَبروءِ ڏنگا، گفتار ڏنگي، رفتار ڏنگي

جنهن جاءِ هوندا اهي چار ڏنگا، لاچار هوندي هَرڪارَ ڏنگي.

ڪيئن آچي تنهن جاءِ جميعت، شهر سڄو پُرشور شَرر

جِت يارُ ڏنگو، اَغيار ڏنگو، دِهدار ڏنگو، بازار ڏنگي.1

ڪير ڪنهن جو فرياد سُڻي، ۽ ڪير ڪنهن جو ڪو داد ڪري!

جِتِ سُوار ڏنگو، سالار ڏنگو، دستار ڏنگي، تلوار ڏنگي.

ڪيئن اچي ڪم راس تنهين جاءِ، سمجهه سُخن، ڪر هوش حمل!2

ڪوٽار ڏنگو، ڪمدار ڏنگو، مختيار ڏنگو، سرڪار ڏنگي.

البيلا اڙٻنگ

البيلا اڙٻنگ، خيال وڏي سان خانَ هئا:

جن ٿي ڪؤنت ڪُڏائيا، تازي تيز تُرنگ،3

ماري جن ٿي مُلڪ مڃايا، ويرن پايو وَنگ،4

سَهسين ساز سُرود سندس هئا راڳ رهاڻيون رنَگَ،

تن جا هاڻِ، حمل چئي، قبرن منجهه ڪَرنگ،5

اُهي لالَ لَلنگَ، کائي خاڪ ڦِٽا ڪيا.6

بيت سينگار: فن ڏهسنامه +

1.       رڌان  رَجنِي جيهون، ڇَم ڇيهل کَئُون وَڌ

2.      انف  اُننگَ کَئُون آڳرو، رُوءِ رَڀَنَ ڪيو رد

3.     ڪيَسر،  ڪَسنب، ڪنگوءَ ويتر خوب پريان جا خد

4.      دَڇَن دلبر جا پَسي، وڃي دُر پيا منجهه دڌ

5.              چهرو  چمڪيو، چيءَ ڇَپي، ڪيو زيب ذهب کي زد

6.      جُوزا  جانِب کي پَسي، ٿيو عشق مَنجهارئون اڌ

7.      کِيو  مِنجهه خُمار سدائين، مُحب پِرِين ريءَ مَد

8.      ٽور  پَسڻ کي مور هليا، ٻيو سَنکَرَ کي ٿي سَڌ

9.      حمل چئي هِتِ حَد، بيشڪ ناهه بيان کي

سنڌي غزل

هِن بِرهه جي بيمار جي سا ڪَل ڪيهي بيگانگان

ڪو سڄڻ نيئي چئي سڄڻ کي، تا ڪرن درمان مان

1. لعل لب لالن سدا، لَک لعل تنهن مون لعل ٿيا

سا ڏسي لالي لبن، قربان ڪئين مَرجان جانَ

2. تِيرَ مِڙگَنِ جا تِکا نِتِ نينِ تَنِ جا ناز سان

ٿا هَڻن هر لحظه ترڪش تير جان ترڪان ڪان

3. ڪير ڪو جَنگَ جاءِ ۾ ميدان محبت جي اچي

سي اچي سورهه ڏيندا سِرَ، جي هوندا ميدان دان

4. سِرَ وَٽُون ساقي ڏئي هڪ سُرڪ سَوَ احسان ساڻ

هر ڪَهين جي ناهه حاجت، ڪي پُڇن ميخان خان

1.             وڃ حمل! هٿ ٻئي ٻڌي پير- مغان جي پيش پوءِ

تا نَوازنءِ يڪ نظر، ايهو آهي اُوشان شان

مُعما

عجب ڏٺوسون آدمي دل جو ڌيان ڌري

ته رزق خاطر راتيان ڏينهان ٿو پيرين پنڌ ڪري

توڙي هلي تڪڙو، توڙي هلي هَري

تان، حمل چئي [نَه چُري]، رهي بيٺو انهيءَ  هنڌ تي.(1)


(4) آيم اڄ اورڻ- الخ= اڄ پرين، راز و نياز جون ڳالهيون ڳڙهڻ آيا. وٽ ۾= ڀر ۾. درد ڪُلئي ڪورڻ= سڀئي سور ڪاٽڻ (خاطر اچي ڀر ۾ ويٺا). ٿيا مهل تنهين مورڻ= انهيءَ وقت (سُک سرير منجهان) نئين سِر نِسرڻ (مورڻ) لڳا. گهورڻ= قربان ڪرڻ.

(1) لوت لباس= ظاهرداري- ڏيکاءُ. ڪوڙي لوت لباس جي- الخ= وقتي ۽ ظاهري دوستيءَ جي جُڙتو بناوت جو ذڪر ڪندي شاعر چوي ٿو ته: هيءَ دوستي هڪ ڪاغذ جي رانديڪي مثل آهي جنهن کي اڄوڪا يار ٻاهرينءَ طرح سان ڪوڙي سوڙي ليئي (اٽي جي) لايو، اٽڪايو ويٺا آهن (پر ڪم وقت ٿورڙيءَ ڇڪ تي اها ڪاغذي دوستي فوراً اکڙي پوي ٿي). ساءُ مٺو= محبت جو مٺو مزو. ٽِڙي ويا ٽيئي= اهي ٽيئي غالب ٿي ويا.

+ ”ڏهسنامه“ سنڌي سگهڙپائي جي فنون مان هڪ فن آهي، جنهن ۾ سگهڙ شاعر مختلف ٻولين جا انوکا الفاظ استعمال ڪري پنهنجي ڪلام کي ڳوڙهي بنائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. معنيٰ جي اصليت مطابق ”ڏهسنامه“ معنيٰ ڏهن ٻولين جي لفظن جو شعر ۾ استعمال. عموماً ”ڏهسنامه“ جي بيتن ۾ هڪ کان وڌيڪ ٻولين جا انوکا الفاظ استعمال ٿيل هوندا آهن. حمل هن بيت ۾ ”سينگار“ (سڄڻ جي سونهن جو بيان) ۽ ”ڏهسنامه“ جي ٻن فنن کي يڪجاءِ جمع ڪيو آهي.

3. ڪيسر= هڪ ٻوٽي جي گلن جا خوشبودار ڳاڙها وار. ڪَسنب(هندي)= کنهبو. ڪنگو= هڪ ٻوٽي جو ڳاڙهو رنگ. خَد (فارسي)= رخسار- ڳل. ويتر خوب پريان جا خد= سڄڻ جا رخسار انهن مڙني کان وڌيڪ لعل آهن.

5. چيءَ= چيهه (هندي)= وڄ. کنوڻ. زيب (فارسي)= سونهن. ذهب (عربي)= سُون. زد ڪرڻ= جهڪو ڪرڻ. گهٽ ڪرڻ.

(1) هي معما يا ڳوڙهي ڏِٺَ مُشاهدي تي ٻڌل آهي: جتي ٻني جي سطح کان ڪَسي يا ڪڙيي ۾ پاڻيءَ جي سطح ٿورڙو هيٺ هوندي آهي، اتي هاري بنا چَڪر جي هڪ خاص قسم جي چرخي چاڙهيندا آهن جنهن کي ”پيراڻي“ چئبو آهي، ڇاڪاڻ ته هاري ان چرخي کي پاڻ پيرن سان هلائيندو آهي. ماڻهو جي بار سبب چرخي پئي ڦرندي ۽ هاري هر قدم وڌائي ٻئي اوڀاري تي پيو رکندو پر هاري باوجود قدمن کڻڻ جي ساڳي ماڳ تي بيٺو هوندو. هيءَ معمان بياض ۾ ڏنل ڪانهي.

ڀاڱو ٻيو

ڪلام: زبان سرائڪي

داستان پهريون

[مرشد جي مدح ۽ نصيحت ناما]

مدح مرشد حقيقي، راه نما تحقيقي، حضرت غوث اعظم، صاحب لعل لؤاري رحه“ +

(1) وَه  محبوب مڪمل مرشد، ڪامل قُطب رباني

لائق لعل لؤاري دا، شہ نقشبندي نوراني

دين دنيا موجود مُهيا، شَرطن شان شَهاني

مَسند منصب مسلم تيڪون، جيسين جوڙ جهاني

سڻ فرياد فِراق ميڏي دي، اي محبوب حقاني!

(2) هادي، مهدي، مرشد، مالڪ، خالق خَلقيُون خاصا

تيڏا تَڪيا تاي دل ڪون، ڀَر نه بيا ڀر واسا

بَر سِر بار بَديان دي چاتُم، نال نه نيڪي ماسا

حرص هوا دي وچ وڃايم، جوڀن جملي جواني

سڻ فرياد فِراق ميڏي دي، اي محبوب حقاني!

(3) خاص  خليفا حق دا هيئين تون، نيڪ نبي دا نائب

شوڪ شان شرع دا صاحب، غوث غياث غَرائب

بخت بليغ بلاغت برڪت، عَظمت عِلم عجائب

بخش بِشارت، بيشڪ تون تي سايه هي سبحاني

سڻ فرياد فراق ميڏي دي، اي محبوب حقاني!

(4) تَون تي نازل نور خدا دا، تون تي رحمت رب دي

تون تي رحمت ملڪين دي، تين رحمت نبي عرب دي

تيڏي سِڪ سدائين  منگدا، ڏي توفيق طلب دي

جو دم جِيندا هووان ڏيکان تيڏي پاڪ پيشاني

سڻ فرياد فِراق ميڏي دي، اي محبوب حقاني!

(5) تون سردار سخا دا صاحب، تون درياءُ ڪَرم دا

بخش اَمان ايمان سلامت، بَهرا  ڀيم ڀَرم دا

سخت صدي دا وقت لڳا هي، رَکين شان شرم دا

دامن هيٺ ڍڪين ڪُل ميڏي عيب اُگهڙ عُرياني

سڻ فرياد فِراق ميڏي دي، اي محبوب حقاني!

(6) تون مقصد تون مطلوب اساڏا، ڪعبا قبلا دِلدا

اين ڪعبي اون ڪعبي وچون، نهين تفاوت تِلدا

رب جِنهان تي راضي تنڪون اينجها مرشد ملدا

پُشت پناه مُريدان دا، تون حامي هردو جهاني

سڻ فرياد فِراق ميڏي دي، اي محبوب حقاني!

(7) صبر، سخاوت، علم، امانت، دين ديانت ڌر دي

بخت، عقل، اقبال سڀي هن تيڏي در دي بردي

دشمن دعويدار دورنگي، دهشت ڪنون ڏردي

هيبت، حشمت اعليٰ عظمت، صولُت هيئي سُلطاني

سڻ فرياد فِراق ميڏي دي، اي محبوب حقاني!

(8) ڏوهه گُناهين  ڪيتا ميڏا قلب اندر ڪُل ڪالا

نال نگاهه  نوازش ڪر تون ميڏا اندر اُجالا

هال ميڏي تي ڀال ڪرو، في الحال ڪَرو ڏُک ٽالا

مئن مُجرم مسڪين اُتي، ڪر فائق! فيض رَساني

سڻ فرياد فِراق ميڏي دي، اي محبوب حقاني!

(9) واهه، وَسيلا، وارث هئين تون ميڏي سر دا سائين

آپ ڀلائين سائين تون، سڀ ميڏي عيب ڇپائين

دوزخ دي هِن دڙڪي ڏاڍي، ڪَنون باهه بچائين

نال جماعت جنت دي وچ، ڏيوين جاءِ جِنانِي

سڻ فرياد فِراق ميڏي دي، اي محبوب حقاني!

(10) ڪَر ڪَر ياد گناهان ڪون مئن غم وچ غوطي کؤندا

ڪيا پرواهه تنهانڪون، جن تي نظر تُساڏا پوندا

سوالي خالي ڪونه ڳِيا، جو تيڏي در تي آئوندا

مئن ڀي سوالي تيڏي در دا، لاهه حُزن  حيراني

سڻ فرياد فِراق ميڏي دي، اي محبوب حقاني!

(11) ڪم سڀي مئن ڪيتي ڪوجهي، اونجهي ڪَنهين نه ڪيتي

نفس ميڪون نُنهن چوٽي توڙي وچ گُناهين  نيتي

دست تُساڏي دامن وچ، مئن روز ازل دي سيتي

دامن دا ننگ تيڪون هي، نا ڏيک ميڏي ناداني

سڻ فرياد فِراق ميڏي دي، اي محبوب حقاني!

(12) نفس اَتين  شيطان ڏنهاندي لالچ لار لَڳس

راه ڪنون گمراهه ڪيتو ني، ٺڳ ڏُناهين ٺڳس

اوڙي پاڙي نال اَجايا ويريان وانگر وڳيس

حق سڃاڻ ڪيتم ڪم سڀئي ناحق دي نفساني

سڻ فرياد فِراق ميڏي دي، اي محبوب حقاني!

(13) دِل ميڏي دلگير دمودم، غم وچ کوندي غوطي

هرهڪ هي جو وال ميڏا سڀ نال گناهين پوتي

نال رحم تئون راحم دي اوهه ڏوهه ٿيون سڀ ڌوتي

هم اميد ڪريسينميڏي مشڪل ڪل آساني

سڻ فرياد فِراق ميڏي دي، اي محبوب حقاني!


 


(2) خالق خلقيون خاصا= خالق توکي خاصو ۽ چڱو يا خاص ڪري خلقيو. تيڏا تڪيا- الخ= تنهنجو ئي آسرو ۽ دلاسو دل کي آهي؛ ان کان سواءِ ٻيو ڪوبه ڀرجهلو يا ڀروسو ڪونهي.

(3) غوث غياث غرائب= (تون ئي) غريبن جو مددگار ۽ ولي آهين.

(7) ڌر دي= ڌر دي هيئو= رکو ٿا، اوهان وٽ آهي. بردي= غلام، ٻانها. صولت= طاقت. حشمت.

(12) اتين= ۽ لاري لڳس= ڌتارڻ تي لڳس. وڳيس= آءٌ وڙهيس.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23  24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org