سيڪشن؛  شاعري

ڪتاب: ڪليات حمل

باب --

صفحو :23

ڀاڱو ٽيون

ڪلام ريخته هندي

ڪلام ريخته هندي

”بيت هندي تصنيف حمل فقير لغاري“

1. زُلف  ڪي نانگ، ڏنگن بي سانگ، موهيا مَن مانگ

تَهان بُربانگ، ته مرگان تِير تُمهارا

2. رَڀَن  ڪي روءِ، سَدا خوشخوءِ، مَلي خوشبوءِ

هَمَہ هَرسوءِ، هويا هُٻڪارا

3. تجلي  تاب، موهيا مهتاب، ڪنگور ڪباب،

آگن ڪُون آب، دِيا انوارا

4. جَبِين  ڪي چِينِ، ديکي غمگين، موهي مسڪين،

وساري دين، دُنيا عُقبيٰ را

5. ادگر  عين، سَجَن دِن رَينِ، چَلاوي چَين،

سُناوي سين، دَري پرَ دارا

6. ڪيل  ڪي ناس، گهڻي خوش واس، سياوي ساس،

ڪري [نا] قياس، بلوچ بچارا

7. جواهر دند، لَب، گُلقند دهان خوش خند

ڪَريگا بَند، همہ هوشيارا

8. زَنَخ ڪا زيب، سُهاوي سيب، سَجن بي عيب،

اُپايا غيب، غمين غَمخوارا

9. ٽُرن ڪا طور، ديکا هي مور، ڳيا ڇپ ڇور،

جِيُون چَل چور، گهڻي ڪو چارا

10. صَدَرَ  دِل صاف، لَطِيفي لاف، نِهان تَنگ ناف

ترا ڪوه ڪاف، پَڙا پَڙلارا

11. ڪَنيرَ ڪي ڪَٽ، گهِڻي دِل جهَت، ڀِنگي منهن مٽ،

مِٽي مين لَٽ، هوئي گمگارا

12. رُخَش  گُلفام، نبوت نام، ٽُري ٺَمٺام،

گَنيرَ گَتَ گامَ، چَلي گُنيارا

13. نبي ڪا نُور، هويا مشهور، ٿِيا دُک دُور،

ڪِيا مَسرُور مُلڪ مختارا

14. شَفيع ڪي شان، اُبر فُرقان، مُڪا رحمان،

ٿِيا قربان جمله جَڳ سارا

15. حمل! دِن رات، نَبي ڪي نعَت، پَڙهو صلواة،

ڪَلمه بات ٿِيسِي ڇُٽڪارا.

”غزل حمل فقير نوساخته“

جسکو هي داغ جِگر، اسکو نهين آرام دل

عشق ۾ پکا نهين،وه بيخبر هي خام دل.

1. جس کي دل کا يار کي زلفون مين هردم تها گذر

اسکا مشڪل چهوٽنا هي، جا پڙا در دام دل

2. جو سجن دل لوٽ لي گيا وه کبهي آتا نهين

رات دن وه ڊهونڊتا هي گلبدن گلفام دل

3. ايک پل مجهه سون جدا هووي نهين او ماه رو

ديکهه دل کي درد کاڻون يهه ميرا هي کام دل

4. هر گهڙي هر وقت مجکو ياد هي وه دلربا

دمبدم کرکي ليا هي وِرد اسکا نام دل.

5. دين دنيا، عيش عشرت، اسکي دل سون اترئي

جس سخي ساقي کي هاتهون پُر پيا هي جام دل

6. اور حمل کي نهين کچهه ارزو اُس يار بِن

اسکا مِلنا مانگي هي هر صبح و شام دل.

”غزل ريخته هندي“

دلا رام جو آوي، تو دل آرام بهي آوي

جو دلا رام نه آوي، تو دل آرام نه آوي.

1. جس وقت مجهي يار ملي، وقت اس رقيب

بدنام وه خرخام سيِہ فام نه آوي

2. يار ميري عزم کيا شام- سفر کا

يا رب! به تلک قيام  بهي وه شام نه آوي

3. شام نهين، قيام هي وه شام- وداع کي

وه قيام بهت بهتر، به قيام نه آوي.

4. مرغ و مئي مُطرب گر هووي حمل! حاضر

بي دوست دلارام کسي کام نه آوي.

”بيت هندي“ +

کيا ديوون کيا دلائون، کچهه بهي نهين ميرا

سيس کاٽ قربان کرون، توئي صاحب تيرا

[ڪلام سرائڪي- هندي ريخته]

بَعد وَ فاتَم سُود سجن ڪيا، خاڪ ميري پر قدم گذاري

جان ڪران قربان تسان تون، جي جُسا جند ساري

1. ڪڏان نه جاني! جام پِلايُئي،

ڪڏان نه دل دا درد وِڃايُئي

ڪڏان نه کُڙڪي کِلِ اَلايُئي،

ڪڏان نه پُڇيُئي: ”ڪرين ڪيون زاري.“

2. ڪَنُون فِراقت ڪَڍان صَدا آهان،

ڪَنُون بي رحمي ڪَران مئن دانهان

ڀڄڻ وڃڻ ديان ٻُڌوني ٻانهان

نِمِهين ڪڏاهان اميد ياري

3. جڏان ته قاصد! مِليئِي جاني،

اَکِين نه چاکِين، پَسِين پيشاني

متان سِگها سَڙ ٿِيوين تون فاني،

خبر زباني چِسان سُپاري.

4. حمل نه حالت ڪَهي ڪَهِين ڪون،

آکيين تُساڏيين ڦَٽيا جَهِين ڪُون

رَفُومَلَم ڪِيا ٿيوي تَنهين ڪُون،

قَسم مَهين ڪُون، زَخَم هي ڪاري

Y

ضميمہ اول

حمل جا ڪي پسنديده ۽ چونڊيل فارسي، سنڌي ۽ هندي اشعار جي پنهنجي هٿ اکرين بياض جي پوئين حصه ۾ جا بجا قلمبند ڪيا اٿس

(الف) فارسي رد، مثنوي وغيره ابيات

بيت

کمر بستم بهمت شاه مردان- مرا محتاج نامردان مگردان

فرد

خدا هردم نگهبان دوستان باد- محمد تا قيامت يار شان باد

فرد

مرد دانا گر پريشان حال باشد عيب نيست

قدرِ مصحف کم نگردد گر بجلد اَبتراست

بيت

باور مکن که صورت او عقل ميبرد

عقل آن کسي ببرد که صورت نگار اوست

بيت پارسي از کتاب نان حلويٰ

از برون طعنه پر بايزيد- و از درونت ننگ مي دارد يزيد

رو بسوز اين جُبهءِ ناپاک را- و اين عصا و شانه و مسواک را

ظاهرت گر هست با باطن يکي- خواستي نافاش گردد اند کي

و از مخالف شد درولت بابرون- رفته باشي در جهنم سرنگون

جَد تو آدم بهتش جائي بود- قدسيان کردند پيش او سجود

يک گنہ کرد و بگفتندش تمام- مذنبي مذنب برو بيرون خرام

تو طمع داري که با چندين گناه- داخل جنت شوي اي روسياه

بيت

کفر کافر را و دين ديندار را- ذرهء درد، دل، عطار را

بيت

هر که او پي مرشدي در راه باشد

او ز غولان گُمره و در چاه باشد

پيش يوسف نازش، خوبي  مکن

جز  نياز  و  آه  يعقوبي مکن.

ــــــ

بانگ مي آيد که اي سائل بيا- جود محتاجِ گدايان چو گدا

فرد

درين ره حاصلي چون يکدلي نيست

دو دل بودن بجز پي حاصلي نيست

فرد

قلم بر قلم قطمزن اي پسر- يکي عمر کوته دگر درد سر

ابيات

چو گردد نا خدائي فضل  رهبر

شود چون خضر رحمت يارو و ياور

بدريا در شود  کـشتي  نهنگت

بصحرا  در  شود   مرکب   پلنگت

فرد

سواري کشتي و باد موافق- کم از تخت سليماني نباشد

فرد

سواري کشتي و باد مخالف- کم از ريگ بياباني نباشد

بيت

بهره نيست ز افعال پدر بهر سپر

مرد آنست که از خود هنري پيدا کرد

بيت

گيرم که پدر تو بود فاضل- کز پدر فضل ترا چه حاصل

بيت

نا خوس بود آن عروس در بر- کو ناز کند بحسن مادر

بيت

وعدهء وصل چون شود نزديک- آتش، عشق تيز تر گردد

بيت

توئي مقصود گر مشعول غيرم-  توئي معبود گر نزديک ديرم

بيت

بلبل ز ادب پا نه نهد در صف گلزار

تا گل بطلبگاريءَ او، لب نکشايد

بيت

آنرا که در سرائي نگاريست فارغ است،

از باغ بوستان تماشائي لاله زار

مثنوي

گفت پيغمبر که جنت از الٰہ- گر همي خواهي ز کس چيزي مخواه

چون نخواهي من کفليم مر ترا- جنت العماوائي ديدار خدا

فرد

سرو از باد خزان ماند بحال- راستي را نبود بيم زوال

ابيات از سڪندر بحري

شکسته شد آن مرغ را پر وبال- لان زوي در جهان ماه سال

ز قارورهء و نبض جستند راز- نيامد بکف عمر گم گشته باز

طبيب ارچه داند مداوا نمود- چو مدت نماند مداوا چه سود

همان ميوهء کو بود دردناک- هم از جنبش خويش افتد بخاک

...... از جدا گشتن، جان تن- ديده بگريست بر خويش تن

که کشتي در آمد بگرداب تنگ- دهن باز کرده دويده نهنگ

فرد

مشکل نيست که آسان نشود- مرد بايد که هراسان نشود

فرد

کس بنا کس چون نشنيد فتنه پيدا ميشود

ز اختلاط سنگ و آهن آتش(؟) پيدا مي ميشود

صائب

دلي که محرم، اسرار، غيب شد صائب

نسيم، هر نفس جبرئيل مي باشد

مثنوي

صد هزاران موسيٰ اندر جوف خر،

صد هزاران جبرئيل اندر بشر

ربائي

شيري که شکاري نکند زان روبه به

عمري که به تلخي گذرد آن کو ته به

شخصي که ازو نفع کسي را نرسد

گر  يوسف  ثاني  بود  اندر چه   به

بيت

تازي ستار نيست که بازش کني درست

که اين تار دوستي است که بسيار نازک است

فرد

معرفت مولي چو شد، مولي شُدي(1)  

معرفت موليٰ چو شد مولي  شدي(2)

معرفـت  در  سينه   مي   بايد  مرا

معرفت  درسي   نمي  بايد   مرا(3)

(ب) سنڌي: ”بيت شاهه ڀٽائي“

(1)

اُپٽيان تا انڌيون، پوريون پرين پسن

وڃيو روز رسن، حبيباڻي حجري.

(2)

هي جي ڪن ڪپار جا سوڌو سي نه سڻين

اندر جي آهين، سڻ سنيها تن سان.

 ”هندي بيت“

جس سانچي ني سورٺ گهڙي، اري گهڙيو راءِ کنگهار

او سانچي ئي گُل گئي، او لڏ گئي لوهار

ضميمہ ٻيو

ڪليات جي مقدمه ۽ متن ۾ اڳ مذڪور شاعرن کانسواءِ باقي شاعرن جو ڪلام جو حمل پنهنجي هٿ اکرين بياض ۾ قلمبند ڪيو آهي

(الف) ”نصيحت نامہ حسين فقير ديدڙ“

1. ڏيک خدا دي رنگ رباني

قيامت دي هي ايهه نشاني

حاڪم ظالم، جهِل، گِراني

بس ڪر بارش ڳَئي باراني

هلدي چَلدي ڳالهه زناني

يارو! ڳَئي مُڪلاءِ ياراني

دانا هووي دِل نِهاد

يا رب صاحب سُڻ فرياد!

2. سخت صدي دا لَڳا واءِ

محبت ڪُون ڳيا مَلَڪ اُٺاءِ

سَڱ سَڱاوت ڇوڙِيا ساءِ

وڏا ويري پِيو دا وِياءِ

ڪونهين پُڇدا ڪَنهن ڪُون آءِ

توڙي هووي پِير استاد

يا رب صاحب! سُڻ فرياد!

3. عِلم ڳِيا تين ٿِيا انَڌارا

سَچ سِڌايا مار نغارا

حَق حَيا دا چَل ڳِيا چارا

ڪُوڙ گِلا دا آيا وارا

چَپ وَهي سَڀ چَرخا سارا

هويا پورا پيش مِيعاد

يا رب صاحب! سُڻ فرياد!

4. لائي ڪِيتا جَنهِين لَبارا

عُمِر کاڌُسِ گهن اُڌارا

بَخت ڏِتا ول تَنهنڪون وارا

مُول نقه اَگهي حمد  هَچارا

اَحمق ڪُون ٿِيا ڏِينهن انڌارا

نال غَريِبان ڪَري خَسارا

گذري مول نه رکدا ياد

يار رب صاحب! سُڻ فرياد!

5. دنيا والا دشمن  توڙي

جنهن ڪون هوسَن پَنج ست جوڙي

مُنهن نا ڪوئي آس ٿُون موڙي

نال قَريبان ڏِنگي ڏوڙي

سِڪدي وَتَنِ سَڳي سوڙي

مار بُکان چا ڪِيتي ماد

يا رب صاحب! سُڻ فرياد!

6. ڏيوي رَب جَنهِين ڪُون روٽي

گَردَنِ ڦير ڪَريندي موٽي

رَهزَنَ رَکدي نيتَ کوٽي

سَڃَنِ  سِر غَريبان سوٽي

ڳالهه نه سمجهن واڌي ڇوٽي

هووي جَنهندا بدَ بُنياد

يا رب صاحب! سُڻ فرياد!

7. رئيس وڏيري جاءِ بَجائي

هڪ ٻئي سيتي ڳالهيين ڀائي

ٻيٺي پَرپُٺ ڳالهه پَڪائي

ڪَڍ دي  دانهين لوڌ لنگهائي

آکن: ”تيڏي ڪُوڪ اَجائي

وَڃ ڪر تون ناني ڪون ياد“

يا رب صاحب! سُڻ فرياد!

8. جي وَت وڃن ووچ سرڪار

جهَل چَماٽان هَنجهون هار

اڳون اَڳِهن مُنصف وار

ٻاهر ٻيٺي زميندار

ڏيوَن ڪُوڙِيان مُهران مار

دانهه تِنهادي ڳَئي افَراد

يا رب صاحب! سُڻ فرياد!

9. پَلئه جَنهنڪُون پيسي چار

مُنشي صاحب تُنهِندا يار

توڙي ڪوڙي چور چَڪار

وَتَنِ گهُمدي ٻانهان مار

ماڻهون وَڃَن ڪِهڙي پار

ڪَلَٽَر  ڪولون هي بغداد

يا رب صاحب! سُڻ فرياد!

10. ڪَرَن غريب نِماڻي ڪيوين،

رب ڪُون  ڀاڻي آ جو اِينوين

مول حسين! نه ماندا ٿيوين

جام صبر دا پَر ڪر پيوين

ياد خدا ڪر جو دم جيوين

اڄ صُباحين ٿِيسَئي داد

يا رب صاحب! سُڻ فرياد!

11- واهه کَٽيوسي  موري والا

ڪَر مَشقت زور ڪِشالا

شاهد جَنهِندا هي حق تعاليٰ

هڻ جو هِڪ مَٽِيا مُنہ ڪالا

ٽوٽ تَنهِين وِچ گهَتي ٽالها

مار خدا! سِر تَنهِندي ڀالا

پَٽِ پِٽِيي دا بيخ بُنياد

يا رب صاحب! سُڻ فرياد!

12. خَس  نِماڻياندا جو کَسي

لهر خدا دا تَنهِن تي وَسي

داور تنهنڪون تنهن دم دَسي

مارَسِ رَب ته مُوذي  نَسي

حُڪم علي دا هي اِرشاد

يا رب صاحب! سُڻ فرياد!

13. ظالم دا جو حامي هوسي

روز مره سو رَهزن روسي

صاحب دي دل تنهن تي ڪوسي

مُلان پُڇسِي  توڙي جوسي

غَم نه اَسدا ڪوئي روسي

ڪنهن ڪَر پسي اُسڪون شاد

يا رب صاحب! سُڻ فرياد!

14. اَحمق دُزد مُنافِق  ڪُوڙا

جَنهنڪُون دَست دُورنگي چُوڙا

هردم هوسي مُونجها مُوڙها

پَٽ پيغمبر! تَنهِندا ٻُوڙا

وَتي سِر  تي چائي مُوڙا

نيٺ نَه لَهسي نيڪ مراد

يا رب صاحب! سُڻ فرياد!

15. واهه پَرائي  وِچُون وَهسي

سَنجهه صُباحِين مُنهن ڀَر ڊَهسي

دَر دَر  ڏاڙهي گانڊو گهَسي

ڪونه تنهيندا پِڇُون رَهسي

ٻال ٻَچا تين اَهل اولاد

يا رب صاحب! سُڻ فرياد!

16. ڪري جَنهِنڪُون دِلِ دُعائين

نال  فَقِيران اُسدي آئِين

خوش ڪَريسسَ صاحب سائِين

روز قِيامت توڙي تائِين

دائم هوسي اوه دِل شاد

يا رب صاحب! سُڻ فرياد!

17. فتح محمد مَرد لاهوري

خَط لِکيوسي تَنهن ڏنہ چوري

وکَ وَڌا تَنهِن سالڪ سوري

نال اَمانت زابر زوري

واهه ڇُڙايُس مُنَڍئون موري

اَلبت هويا مُلڪ آباد

يا رب صاحب! سُڻ فرياد!

18. اَبتر چولِيا چَرخ زماني

مَچ ڳَئي لُنڊي لُچ بيگاني

آڙ ڳَئي سالڪ سُخن سچاني

نيڪ بَدان ڪُون خود وڃ خاني

نِوِڙ ڪَريندي مُجري جاني

پيش دُزاندي ساڌُو ساڌ

يا رب صاحب! سُڻ فرياد!

19. دنِيا ڌوڙ دُورنگي بازي

ياد نه ڪِيجي گُذري ماضي

اَفضل نياز تَواضع آزي

جَنهن وِچ يار هووي وَت راضي

يڪ جا ويسن موذي غازي

ڪِيا ڪُجهه ڪيجي قِصا ياد

يا رب صاحب! سُڻ فرياد!

(ب) ”ڪافي عثمان فقير سانگي از روپ بلاول“

اَکيُنِ سَيف سيني ۾ ساري لڳي

ڪجل ريهه ڪاري ڪَٽاري لڳي

1. چلڻ چال محبن موچاري لڳي

هي پاٻوهه پِرِين پِياري لڳي

2. نظاري ڏسڻ وير واري لڳي

جُسي جان ۾ جنگ جاري لڳي

3. چَلي چوٽ چشمن چؤڌاري لڳي

ڏاڍي زخم سان زور زاري لڳي

4. عثمان! اهڙي اوٻهاري لڳي

جگر جان ۾ ”لا“ جي لاري لڳي.

ضميمه ٽيون

طب جي ڪا نسخا جي حمل پنهنجي هٿ اکرين بياض جي آخر ۾ جا بجا قلمبند ڪيا آهن

هوالشافي

نسخه درد مفاصل مجرب است

برک سنا 4 دکه، پوست هليله ڪلان 2 دکه، تربد صاف 1 دکه، نمک سياه نيم توله، شکر سفيد 2 دکه، روغن کاوي 2 دکه: همه ادويه رابدون شکر سفيد کوفته بيخته با روغن کاوي چرب نموده انداز نيم توله بوقت شب ميل نمايد و غذا ناموافق مثل ماهي و گوشت گوسفند و شير و جُغراتِ گاؤميش وغيره اشياءِ خورش که ضرر نمايد ازان احتراز فرمايد. سه روز ادويه انداز مذکور قدري کم زياده موافق مزاج خود ميل نمايد. باز سه روز موقوف دارد. بعد سه روز بخوردن ادويه مذکور ميل نمايد باز سه روز موقوف دارد. همين ترتيب ميخورده باشد، نافع آيد. اين نسخه از ڪتاب مير صاحب مير ميان نصير خان ٽالپر حيدراباد مجرب و آزموده شد که سهل الوجود است.

هوالشافي

سفوف عرق النسا يعني ”ڪن رُڳ“

از سيد محمد شجاع عفي عنه

سورنجان سه توله، سنا مکي دو توله، تريد صاف دو توله، گلسرخ يک توله، پوست هليله ڪلان دو توله، زنجيل دو ماسه، مغز بادام سوا توله، شکر تري نيم پاءِ: کوفته پخته باشکر تري آميخته بدارند هر صباح قدر نهه ماسه به آب سرد کف زند بادي ترسي پرهيز- مجرب است.

هو الشافي

ادويه يرقان

فودنه، زيره، باديان، اجوان، تخم شمليت، فلفل سياه، الاچي، سير خشک: هر يک توله جدا جدا کوفته پخته نيم آثار شکر تري آميخته هفت وزن کرده نِکاه دارند. هفت روز خورد شفا يابد. از حافظ فقير محمد ڏاهري.

هوالشافي

ترڪيب جلاب

از شاهه صاحب سيد ميان علي اڪبر شاهه عفي عنه

دهاتوره سياه يک توله، پوست هليله ڪلان يک توله، شکر تري يک توله: کوفته با سکر تري آميخه وقت صبح به آب فروبرد.

هوالشافي

نسخه جلاب شاهي

از سيد ميان احمد علي شاهه عفي عنه

پوست تربد صاف يکه آنه، مصري سنگ يک آنه، پوست بشب در سه آثار بجوشانند، چون نيم آثار باقي ماند از آتش فرود آورده بدارند صبحي نقوع آن گرفته مصري مذکور کوفته دران مکرر صاف نموده بنوشند. از بادي ترشي سه روز پرهيز.

هوالشافي

ترڪيب مرهم ڪافور

مردارسنگ 6 ماسه، ”مٽي ڪٿ“ 6 ماسه، دهوب خالص 6 ماسه، ڪافور 6 ماسه، موم سفيد 6 ماسه، مسکه گاؤ يڪنيم آنه: هر يڪ ادويه مذڪور جدا جدا ڪوفته نگاه دارند. مسڪه را روغن ڪرده در ”ڪڻچهي“ انداخته اولا موم درو گذارند بعد مردارسنگ بيندازد. بعده ”ڪڻچهي“ زير آورده ”مٽي ڪٿ“ اندازد. بعده ”ڪڻچهي“ بر آتش داشته دهوب اندازد. پش زير آورده ڪافور بيندازد. با چوب يعني يا کتکه (ڪذا) خورد مخلوط ساخته بماند. بعده مرهم مذکور نگاه دارند. قطعه پارچه را ماليده بر جرح بچسپاند تا چهار، پاس- بعده جرح را با پارچه صاف کرده بازهمان طور مرهم بر پارچه ماليده بچسپاند تا چهار پاس چسپيده باشد. بدين ترتيب مداونت نمايند انشاء الله شفا يابد فقط. از سيد ميان مظفر علي شاهه شکارپور نويساينده شد.

هوالشافي

ادويه گرمي و زڪام

باديان 3 دکه: سه دکه تمام ماليده، دو دُکه مصري  آميخته در يکپائي آب از پارچه کشيده سه چهار روز بنوشد، نافع باد. از سيد ميان غلام شاهه.

هوالشافي

ادويه گرمي

از دين محمد سهته که از مکان شريف (لواري) شنيده بود

کاسئي نيم دکه، انگبين دو نيمد که: اول کاسئي در دوره ماليده از پارچه کشيده پس انگبين صدر اول در قدري آب تر کرده به آب کاسني آميخته چنانچه يکپائي آب شود پس چهل و يکبار از پارچه کشيده چند روز بنوشد.

هوالشافي

ترتيب حب عصاره برائي دفع سر نؤ و گهنه

از سيد محمد شجاع عفي عنه

شحم حنظل 8 ماسه، پوست هليله زرد 2 ماسه، ريول رس 8 ماسه، هليله سياه 2 ماسه، آمله 2 ماسه، پوست بليله 2 ماسه، کتيره سفيد 2 ماسه، اسطو خدوس 4 ماسه، مقل ”سندي گگر“ 6 ماسه، روغن بادام 6 ماسه: هليله و بليله و آمله بروغن بادام چرب نموده، گگر در قدري آب حل کرد: ادويه ها مذڪور بدان برشتمند. حبها قدر نخود بسته نگاه دارند قدر جلاب مرد قوي را بيست و پنج حب و مرد ميانه را پانزده حب به اب نيم کرده بوقت صبح نخوردو بعد فراغت طبع لعاب سپغول با پتاشه بنوشد تا وقت فراغت خواب نکند- در هر ماه سه بار بخورد شفا يابد.

هوالشافي

بجهت دفع وائي دارد

از جهان خان لغاري

فودنه يک دکه، باديان يک دکه، کسنب کهنه يک دکه: در ڪونڊه سخت تمام ماليده قدري اندک يعني يکپائي آب انداخته از پارچه کشيده بوقت صبح بنوشد- دوسه روز کند. ان شاءِ الله تعاليٰ شفا يابد- بدون مسکه و بي نمک نان گندم چيزي نخورد.

ضميمه چوٿون

محمد رحيم+  ولد حمل فقير لغاري

(سوانح حيات ۽ ڪلام)

سوانح حيات

محمد رحيم جي  ولادت جي تاريخ معلوم ناهي مگر شادي جي تاريخ سندس والد حمل فقير پنهنجي بياض ۾ هن طرح قلمبند ڪئي آهي. ”شادي کد خدائي پسرم نورجان رحيم خان لغاري بتاريخ يازدهم ماه ذي حجه 1286 در شب دو شنبه کرديم.“ جيڪڏهن محمد رحيم جي شادي اٽڪل پنجويهن سالن جي عمر ۾ تسليم ڪجي ته انهيءَ لحاظ سان شايد هو تقريباً 1260 جي لڳ ڀڳ ڄائو. حاجي ميان جمال خان چيو ته ”وفات وقت مامي محمد رحيم جي عمر تقريباً سٺ کن سال يا ڪجهه گهٽ هئي.“ جئن ته سنه 1316هه ۾ وفات ڪيائين ته انهيءَ حساب سان به سندس ولادت تقريباً 1360هه کان ڪجهه اڳ قرار ڏيئي سگهجي ٿي.

محمد رحيم کي تعليم سندس والد ڏني. حاجي جمال خان چيو ته: اسان جو مامو ميان رحيم خان فارسي تمام سهڻي لکندو هو. هڪ دفعي مون کانئس پڇيو ته اوهان فارسي ڪنهن وٽان پڙهيو. جنهن تي چيائين ته فارسي مون کي پنهنجي والد (حمل خان) پڙهائي ا. هه.

محمد رحيم کي پنهنجي والد جي زير نظر تمام چڱي تعليم ۽ تربيت ملي هئي جنهن ڪري تعليم ختم ڪرڻ بعد کيس هر جڳهه چڱي نوڪري ٿي ملي ۽ هرجاءِ تي هو نهايت مقبول پيو. اول اول ميان محمد رحيم؛ ڀاڻوٽ جي سيد ميان نورمحمد شاه وٽ وڃي منشي ٿيو ۽ سندس ڪاروبار سنڀاليائين. ان بعد (برٽش) گورنمينٽ ۾ ”اسلحه- دار“ (گهوڙي سوار) مقرر ٿيو، مگر سندس والد چيس ته ”ابا سرڪاري نوڪري چڱي ڪانهي.“ انهيءَ تي محمد رحيم ”اسلحه داري“ ڇڏي وڃي خيرپور رياست جي والي مير عليمراد خان جي ڀائٽي ۽ ناٺي (بيبي ڌاڻو جو مڙس) مير ميان غلام حيدر وٽ نوڪري ڪئي. اتي هن نوجوان پنهنجي قابليت ۽ ايمانداري سبب ايترو ته نالو ڪڍيو جو خود مير عليمراد خان، کيس پاڻ وٽ آڻڻ جو خيال ڪيو ۽ هڪ دفعي مير غلام حيدر کي اشارتاً چيائين ته: اسانجي هڪ گهر آهي جا قبول ڪندين؟ مير غلام حيدر ڳالهه جو سر صحيح ڪري جواب ڏنو ته: مون کي اوهان جو هر حڪم منظور آهي مگر لاڙ جو لغاري (يعني محمد رحيم) جو منهنجي ڪم ۾ آهي، اهو ڏيئي نه سگهندس. انهيءَ تي وڏي مير صاحب کڻي ماٺ ڪئي. مير ميان غلام حيدر جي وفات بعد، ميان محمد رحيم، سندس پٽ ميان مير محمد خان وٽ رهيو. هن مير صاحب جي طرفان ميان محمد رحيم کي عام مختارنامه مليل هو ۽ هو سڄو جاگيري ڪم سنڀاليندو هو. مير صاحب پوءِ خوش محمد ناريجه کي ڪاردار مقرر ڪيو جو بالڪل جاهل ۽ بيڪار هو. شايد انهن حالتن سبب ميان محمد رحيم هي آخرين نوڪري ڇڏي، حياتي جا باقي ڏينهن اچي پير صاحب پاڳاري جي ڳوٺ ۾ گذارڻ لڳو.

محمد رحيم جي شادي ڳوٺ پير صاحب پاڳاره تعلقه روهڙي مان پنهنجي رشته دارن مان ٿي. سندس ڀيڻ مائي مريم به اتي ئي پرڻايل هئي، جنهنڪري محمد رحيم به پنهنجي والد جي وفات بعد اتي ئي سڪونت اختيار ڪئي. شادي کان اٽڪل 16- سال پوءِ ۽ سندس والد جي وفات کان اٽڪل ڇهه سال پوءِ، ميان محمد رحيم کي سنه 1302هه ۾ هڪ فرزند ڄائو، جنهن جو نالو حمل خان رکيائين ۽ سندس ولادت جي تاريخ پنهنجي هٿ اکرين هن طرح قلمبند ڪيائين: ”تولد شد فرزند ارجمند حمل خان ولد محمد رحيم لغاري تاريخ 4- ماه شعبان سنه 1302 بروز چهارشنبه در شهر جناب پير صاحب تعلقه روهڙي“. هيءُ ڇوڪرڙو تقريباً ستن سالن بعد گذاري ويو. ”پسر مذکور بمقضائي رباني تاريخ نهم ماه محرم سنه 1310 بشب چهارشنبه بوقت عشا رحلت نموده در شهر و تعلقه صدر [يعني ساڳيو مٿيون شهر ۽ تعلقه] انا الله وانا اليه راجعون.“ ميان محمد رحيم کي ٻيو ڪوبه اولاد ڪونه ٿيو تان جو تقريباً 60- سالن جي ڄمار ۾ سنه 1316هه ۾ وفات ڪيائين. سندس تاريخ وفات سندس ڀاڻيجي ميان حاجي جمال خان هن طره قلمبند ڪئي آهي: ”وفات يافت خالو صاحبم مرحوم مغفور محمد رحيم خان ولد حمل فقير لغاري بتاريخ 13 ماه صفر سنه 1316هه بوقت صبح بروز شنبه، از دار فاني بطرف عالم جاوداني رحلت نمود. انا الله وانا اليہ راجعون.“


5. ادگر= هرڻ. ادگرعين= هرڻ جي اک مثل. چلاوي چين= آرام کسي وڃي. سناوي سين- الخ= دارا جهڙو بادشاهه به دروازي تي پيو صدائون ڪري.

10. صدر سينو. لطيفي= سنهي، نازڪ پاڪيزه. لاف= پيٽ. نهان تنگ ناف= دن سوڙهو ۽ اڻ لکو. ترا ڪوه پڙا پڙلارا= تنهنجي (حسن جي) هاڪ (پڙلاءِ) ڪوه ڪاف جبل ۾ پئجي وئي.

+ هي بيت بياض جي صفحي 129 تي حمل جي هٿ اکرين لکيل آهي ۽ ان بعد صفحي 130 تي وري پنهنجو ”غزل هندي“ قلمبند ڪيو اٿس. تسلسل مان ڀانئجي ٿو ته هي بيت به شايد حمل جو پنهنجو آهي.

ڪلٽر ڪولون هي بغداد= ظلم ئي ڪليڪٽر طرفان آهي.

13. ملان پڇسي توڙي جوسي= ملان خواه جو تشي وڃي پچائيندو.

16. نال فقيران اس دي آئين= ان جي فقيرن ساڻ جيءُ واٽ آهي.

+ حمل فقير پنهنجي هٿ لکيل شجره ۾ پنهنجي فرزند جو نالو اسلامي ۽ علمي نقطه نگاه کان ”عبدالرحيم“ لکيو آهي مگر بياض ۾ ٻيءَ جاءِ تي سندس شادي جي تاريخ قلمبند ڪندي سندس نالو ”رحيم خان“ ڄاڻايو آهي جو هن صالح فرزند جو گهرو ۽ خانداني نالو سمجهڻ گهرجي. پنهنجي قبيلي کان ٻاهر عام و خاص ۾ هو صاحب ”محمد رحيم“ جي نالي سان سڏجڻ لڳو ۽ هن پاڻ پنهنجي والد جي بياض جي آخر ۾ ٻن ٽن جاين تي پنهنجو نالو پنهنجي هٿ اکرين ”محمد رحيم“ لکيو آهي ۽ پنهنجي صحيح ۾ به ساڳي طرح ”محمد رحيم“ ڪري دستخط ڪيو اٿس.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23  24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org