سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سَمُنڊ سمايو بُوند ۾

صفحو :3

 

گيت

 

 

هي تنهنجو سنسار؟

 

بي ڏوهي ڏوهاري بڻجي  پاپي قهر ڪمائي،

اشرافن جو  پيٽ پٺيءَ سان  ڪَپَٽِي ڀوڄن کائي.

اهڙو اَتياچار! مالڪ! هيءُ تنهنجو سنسار؟

 

هڪڙا هليا وڃن دنيا مان ۾ آس دٻائي،

ٻين جي پاڻيءَ جي ترشنا تي شربت پياس ٻجهائي،

واهه بڻيو وهنوار! مالڪ! هيءءُ تنهنجو سنسار؟

 

هڪڙو کيت پچائڻ لئه ٿو پل پل پاڻ پچائي،

ساري محنت کڻي وڃن ٻيا هو ويٺو واجهائي،

ڀينگ ٿين ڀنڊار! مالڪ! هيءُ تنهنجو سنسار!

 

هڪڙا در در جا بيکاري هڪڙو راڄ ڪمائي،

هڪڙو ڪشٽ سهي سر تي هڪڙو عيش اڏائي

اوندهه يا  اسرار! مالڪ! هيءَ  تنهنجو سنسار؟

 

ڪُتي جي بيماريءَ تي ڪو ڊاڪٽر کي آڻائي.

چُڙي چُڙي ڪي ڇڏن دوا بن مانکه جان گنوائي،

لوڙ ڪين لاچار! مالڪ! هيءُ تنهنجو سنسار؟

 

ڪي جيوت کي جوئا سمجهي ويٺا داءءُ لڳائي،

گهاون تي ڪو گهاءُ سهي ۽ چوٽ تي چوٽون کائي،

جيئڻ ٿين جنجار! مالڪ! هيءُ تنهنجو سنسار!‎؟

هڪڙن جي رودن راڙي تي پيو ٿو ساز وڄائي،

هڪڙو سيٺ بڻيو آ”فاني“ سئو ڪنگال بڻائي،

عجب بڻيو آچار! مالڪ! هي تنهنجو سنسار؟

 

اڄ جو آواز

انقلاب ڳلو ڦاڙي ٿو ڪٺا ڪري سر باز،

ڀڳل ڀونگين ڇنل ڇنن مان اُٿي هليا  آواز:

بنگلن جا بنياد هِلايو،

ڀتيون ڀتين سان نه ملايو

ويريءَ تي ڪر وار – نه ڇڏ ڪو زوراور زردار.

 

صدين کان جو بڻيو آيو تنهن کي هاڻ بگاڙ،

بگڙي پئه پنهنجي بگڙيءَ جو عيوض پاڻ اڳاڙ،

حق پلئه آ تنهنجي باقي،

باغي! ٻي ڇا جي غمناڪي،

دور ڪرين آزار- نه ڇڏ ڪو زوراور زردار.

 

پيٽ پٺيءَ ۾ پيٺل تنهنجو سرندي مثل سرير،

تنهنجي قوت کي ڪير بڻائي ياقوتي اڪسير،

هت اَن جي آ بي پرواهي،

تنهنجي مک ۾ ڪانه گراهي،

ايڏو اتياچار! نه ڇڏ ڪو زوراور زردار.

 

کلندو آيو نرڌن توتي! صدين کان ڌنوان،

ناحق ڳڻ - چورن سان توتي ڏيکاريو ڳڻوان،

جيڪي تنهنجي سک جا ويري،

ڊاهي ڪرسي هڪدم ڍيري،

شر آ شاهوڪار – نه ڇڏ ڪو زوراور زردار.

پراڌينتا آهه بڻايو چاڪر بي آرام،

دنيادارن جي در تي ڇا نادران جو دام،

انساني ورتاءُ نه ڪن جي،

ڀائن کي ٿا ڀاءُ نه ڪن جي،

تن سان ڪر تڪرار – نه ڇڏ ڪو  زوراور زردار.

 

دنيا ۾ تبديل نه آئي تو ۾ ڪا تبديل،

دم دم دک پنهنجي جا دل سان دانهه نه ڪر دليل،

جيسين تو ۾ ناهه سجاڳي،

توکي ڪندي رهي درڀاڳي،

ناداني، نادار – نه ڇڏ ڪو زوراور زردار.

 

دنيادار سڏيندا توکي رهزن ۽ بدمعاش،

تنهنجي اشرافت جو ليڪن ڦهلي ويو پرڪاش،

گذر بڻايو جنهن کي باغي،

تنهنجو چرتر آهه نه داغي،

نا ڏوهي نروار- نه ڇڏ ڪو زوراور زردار

 

 

 

 

 

سورهيائي جو سبق

جڏهن غلامي ساهه گهٽيندي،

غيرت تن مان اڀري ايندي،

ڪهڙي دل قربان نه ٿيندي،

ويڻ وڄڻ جي وير آ؟

دل تان غم ڪر دور دلير!

 

مشڪل ۾ منجهي ڪيئن مانجهي،

پختي دل وهمن کان وانجهي،

صبح سڏي ٿو سورهه سانجهي،

دير نه ڀانءِ اوير؟

دل تان غم ڪر دور دلير.

 

جاڳڻ جو جڳ ناد وڄايو،

سڀڪو سڏ تي ڪڏندو آيو،

توکي ڪنهن اڊڪي نه اٿاريو،

هي سانجهي نه سوير؟

دل تان غم ڪر دور دلير!

 

ڪيتر پاڻ غلام سڏيندين،

ڪشٽ ڪشالن سان نه ڪٽيندين،

ڇرڪ ڀري بزدل نه ڇڏيندين،

هياڻيءَ جي هير؟

دل تان غم ڪر دور دلير!

 

ستيءَ جو جيئن ضعف ڍرو ٿئي،

همت جو هڏ پاڻ - ڀرو ٿئي،

ڪوشش ضايع ڪين ذرو ٿئي،

پانڌيئڙا کڻ پير؟

دل تان غم ڪر دور دلير!

 

ڪاميابي خود پير چميندي،

فتح مبارڪبادي ڏيندي،

قرباني ڪل وير وڍيندي،

نحس غلاميءَ نير،

دل تان غم ڪر دور دلير!

 

اَهه اهناس ويس ۾ آزي،

صلح رکي هنسا سان سازي،

بي هٿيارن جي ڇا بازي،

شير ڪري شمشير،

دل تان غم ڪر دور دلير!

 

 

سورهه سيڱ سنباهي هل تون،

ٻانهن جو ڏيکارج ٻل تون،

دهشت سان ڌڌڪائج دل تون،

شان رکي وٺ شير،

دل تان غم ڪر دور دلير!

 

ڪونڌر ڪنڌ ڪپائڻ سک تون،

نيزي نوڪ نوائڻ سک تون،

رڻ ۾ ريج وهائڻ سک تون،

ڇڏ ڀڄندن جا ڀير،

دل تان غم ڪر دور دلير!

 

قوم نه سا قسمت کي روئي،

دشمن جو جا خون نچوئي،

مستڪ جا لوهُو سان ڌوئي،

ڍونڍن لائي ڍير،

دل تان غم ڪر دور دلير!

 

قومي گيت

اُٿو جاڳو وير جوانو،

غفلت جو ناهه زمانو،

غفلت جو هان، فرحت جو هان، عشرتِ جو ناه زمانو... اُٿو.

 

ديس ڇڏي ڌاريا ورسائي،

پنهنجن تي ڪو ترس نه آيو،

ملڪ بڻيو ويرانو،

هيءَ هيءَ ملڪ بڻيو، هاءِ ديس بڻيو، هاءِ وطن بڻيو ويرانو... اُٿو.

 

بکن ڪيو بيحال بکين کي،

انگ اگهاڙن دين دکين کي،

درد ڪيو ديوانو،

هاءِ درد ڪيو، هاءِ دکن ڪيو، هاءِ درد ڪيو ديوانو.... اُٿو.

 

دل آ ولايتي ويسن وڳن سان،

ڌن ڌارين ڏي پنهنجي هٿن سان،

روز ڪيو ٿا روانو،

هاءِ روز ڪيو، شب روز ڪيو، هر روز ڪيو ٿا روانو.... اُٿو.

 

ٻين ملڪن آزادي ماڻي،

منهنجي ڀومي آهي ويڳاڻي،

گوندر جو گذرانو،

هاءِ گوندر جو، هاءِ سورن جو، هاءِ دردن جو گذرانو... اُٿو.

 

 

”فاني“ ويٺين فرض وساري،

منهنجي ماتا پيئي پڪاري،

راهه تڪي روزانو،

هاءِ راهه تڪي، هيءِ هي واٽ تڪي، هيءِ هي راهه تڪي روزانو... اُٿو.

 

 

 

 

 

اڌما ۽ امنگ

(منهنجي جيجل)

او منهنجي ٻهڳڻ ٻولي تون جيجل لک مائن جي ماءُ،

تنهنجي ٻولن جو ٻنڌڻن ۾ پهتو پيار ڀريو پرلاءُ.

تنهنجي ٻوليءَ جي لفظن ۾ پهريون پيار پڪاريو،

هڪ هڪ حرف هلي هردي جي تارن کي والاريو،

توسان منهنجو موهه جڏهن کان سالم هو نه سماءُ... جيجل.

 

سون اديبن عام عقل سان تنهنجي گود سينگاري،

هر دم تنهنجي گلشن ۾ آ قائم بوءِ بهاري،

تنهنجي گل غنچه ۾ ڦهليو هر هنڌ آهه  هڳاءُ.... جيجل.

 

جنهن ڀوميءَ تي جنم لهي تو جنم ڏنو جذبن کي،

تن جذبن ۾ جاءِ ڪٿي هئي فتنن يا فرقن کي،

جيءَ ۾ جاءَ ڏيئي ڌارين سان سڪ جو ڪيئه ورتاءُ... جيجل.

 

سور ڀريل سسئيءَ جا تو ۾ مومل جو مرجهائڻ،

سهڻيءَ جي سڪ، مارن جي ڇڪ ليلان جو ليلائڻ،

نوريءَ جي نئڙت، نڪتن سان تو ريجهايو راءُ.... جيجل.

 

طوفانن جي ضد ۾ مون هت تنهنجي جوت جاڳائي،

رام، شيام، دلگير، دکايل، تنهنجي مهما ڳائي،

شاهه، سچل، سامي جو ڦهليو هت شهرت جو شعاءُ.... جيجل.

 

جيجل تنهنجي جيوت هت آ سڀ کي ساهه سمان،

تنهنجي آهه زبان اسان لئه واليءَ جو وردان،

”فاني“ تنهنجي پيار ۾ پوندو ڪيئن گهاريءِ گهاءُ... جيجل.

 

 

ڪنهن جي منهن ۾ آهه زبان؟

ڪير هتي منهن کولي سگهندو؟

ڪوءڙو سچ ڪو ٻولي سگهندو؟

ڪنهن جي منهن ۾ آهه زبان؟

بند نه هوندي بند ۾ آهيون، ڪوٽ هجي جي ڪوٽ به ڊاهيون،

ذهن جو ڪيئن ٽٽي زندان؟، ڪنهن جي منهن ۾ آهه زبان؟

هر هڪ هڪ ٻئي ڏي واجهائي، همت ويٺا سڀ هارائي،

ڪو به نه جاڳي جبرو جوان، ڪنهن جي منهن ۾ آهه زبان؟

ڪم عقلن کي ٿو ڪڍ لائي، ڀورا لوڪ وجهي ڀنڀلائي،

اڳ ۾ اڳرو ٿي اڳوان،  ڪنن جي منهن ۾ آهه زبان؟

ڀل ڪو سير سڏائي ماسو، پنهنجو قائم ڪنڊ ۽ پاسو،

ڪير ڪڏي ماري ميدان؟، ڪنهن جي منهن ۾ آهه زبان؟

ساقي اهڙو جام پياريو، سڀ ڪنهن پنهنجو پاڻ وساريو،

هوش وڃائي ٿيا حيوان، ڪنهن جي منهن ۾ آهه زبان!

 

ياد فرياد

 

گذري جو ويو، سو زمانو ياد ٿو اچي،
وسري جو ويو، سو فسانو ياد ٿو اچي.

 

دل ٿي چوي ته باهه لڳايان بهار کي،

گلڙن جي بجاءَ آءٌ چُمان خار خار کي،

برباد جڏهن، آشيانو ياد ٿو اچي.

 

تحقيق غلامي ۾ مون آزاد گذاريو،

آزاد ٿي پڃري مان مون پڃرو نه وساريو.

لٽجي جو ويو، سو خزانو ياد ٿو اچي.

 

پنهنجي وطن جا گيت مون ڳايا ٿي وطن ۾،

بلبل ٿي ڪئي چاهه مان چونگار چمن  ۾ ،
”فاني“ کي اهو اڄ، ترانو ياد ٿو اچي.

 

 

 

 

 

(1)

اڄ سو وارو وري وري آيو،

پاڻي پنبڙين تي تري آيو،

پل ڇا! سال سڄو سري آيو،

ٻجهي نه من جي پياس،

دل ۾ آهه دلاسو آس.

(2)

مند ماڳ تي موٽي آئي،

مٺڙي تو ڇو دير لڳائي،

واٽ تي لاشڪ واٽ وڃائي،

نيڻ نه ٿين نراس،

دل ۾ آهه دلاسو آس.

(3)

رنج ڀريا سڀ روز روان ٿيا،

گلشن جا ڪل ساز سنوان ٿيا،

گلڙن جا گل پوش نوان ٿيا،

ڪونج اچي  وٺ واس،

دل ۾ آهه دلاسو آس.

(4)

هُن ڀر هوا اندر جا گُهو گُهو،

هن ڀر کڄي اچي ٿي هُو هُو،

ڪونج اها سڀ تنهنجي ڪوڪو،

کينچي هوش حواس،

دل ۾ آهه دلاسو آس.

(5)

ڏکندي ڏکندي ڏينهن نڀايان،

روز ڏکن جو ڏيل ڏکايان،

سوزن- ساٿين کي سمجهايان،

”ڪيو نه آس اُداس“،

دل ۾ آهه دلاسو آس.

(6)

لڙڪ اکين جا ٻاڦ بڻائي،

هوا کڻي توڏي پهچائي،

ٻار جيان ٿو من ٻاڏائي،

هردي ناهه هلاس،

دل ۾ آهه دلاسو آس.

(7)

تو بن گل، لالاڻ چڀي ٿي،

ساوڪ ۽ سرهاڻ چڀي ٿي،

چانڊوڪي چانڊاڻ ڇپي ٿي،

اوندهه آهه اُماس،

دل ۾ آهه دلاسو آس.

(8)

”فاني“ ڪئن ٿو ڪونج وساري،

جنهن جو سٻنڌ سنباري،

تن منهنجو تو طرف تنواري،

لوڪ سان آهه لباس،

دل ۾ آهه دلاسو آس.

 

مان ڪوڏ ڪچو، تون لال امل.

تون ڪڇ به هجين، مان تڇ نه هجان.

تون ڪٿ به هجين، مان جت به هجان.

مان توکي ڀلان، تو مون کي نه ڀل.

هيءَ منهنجي حجت، آزيءَ جي علت،

رهڻي نه رهت، صورت نه صفت.

مان خار مثل، تون گل ئي گل.

مان روئان روئي، ڳل ڌوئان ڌوئي.

ڪري ڀال ڪوئي، ونڊي حال ڪوئي.

کپين تون نه فقط، کپي تنهنجو وصل.

ڏسي شخص شهر، ڏسي پلڪ پهر.

جئن ڳولي بحر، حيران لهر.

وسمئه ۾ جزو، ڪل لئه وياڪل.

تون منهنجو اصل، مان تنهنجو نقل.

”تون“ ”مان“ ۾ اچي، ٿئي چرخ عقل.

تون منهنجي صدا، مان تنهنجوئي هل.

مان ڪوڏ ڪچو، تون لال امل.

 

 

 

جنم جنم جو توسان ناتو، پريتم مون کي پاڻ سڃاڻ،

ساجن تو مون کي نه سڃاتو، ڄاڻي ٿو بڻجين اڻ ڄاڻ.

 

مالڪ تون مون منجهه رهين ٿو، دک سک پنهنجو پاڻ سهين ٿو،

مان ڀوڳيان يا تون ڀوڳين ٿو، چت ۾ هيءَ ڇا جي ڇڪتاڻ.

 

تون ۽ مان هڪڙي رنگ آهيون، هڪ ٻئي سان ساٿي سنگ آهيون،

ساز ۾ جيئن آواز لڪل آهه، گل سان گڏ جئن آ لالاڻ.

 

تون ٿئين کير مان ڇاڇ بڻيس، تون مون کي مان توکي وڻيس،

هڪ ئي شيءِ جا روپ نرالا، ڏڌ مکڻ يا کير سنباڻ.

 

لهر مان تنهنجي تو ۾ سمايل، ته به تولئه مان آهيان اڃايل،

منهنجي پل پل جي پيڙا مان، موج مچي تو ۾ مهراڻ.

 

منهنجي من ۾ تنهنجو واسو، دم دم تون مون لاءِ دلاسو،

”فاني“ فرق مٽي تون من جو، راضي ٿي ڪري روح رهاڻ.

 

 

 

 

سازيندڙ سو ساز وڄاءِ

سازيندڙ سو ساز وڄاءِ

تن جي تاس ٻجهاءِ:

ڪير ڳنڍي سازيندڙ توريءَ، تو جا تار اکيلي،

منهنجي هٿ ۾ ناهه هٿوڙو، هاتڪ هٿ، نه هٿيلي،

حڪمت پاڻ هلاءِ،

سازيندڙ سوساز وڄاءِ.

تو وٽ ڀڃ گهڙ، جوڙ جڙت لاءِ، ڍڳ سازن جا ڍيري،

ٺاهيو ڊاهين، ڊاهيو ٺاهين، کل ۾ کيڏ پٿيري،

ڀورن کي نه ڀنواءِ،

سازيندڙ سو ساز وڄاءِ.

مون کي ڏيئي وري وٺين جي، وٺ ڀل، ڏي موٽائي،

تنهنجو ساز جو مون وٽ آيو، مون ڪو رکيو ڦٻائي،

ناتو توڙ نڀاءِ،

سازيندڙ سو ساز وڄاءِ.

وڄندي ويڻان تي تون جڏهين، قهر جا هٿڙا ڦيرين،

ڇاتيءَ سان لاتل کي ڇيتيون، ڪيو هٿن سان ڪيرين،

راز اهو سمجهاءِ،

سازيندڙ سو ساز وڄاءِ.

ان حرڪت مان شايد توکي، فرحت عين اچي ٿي،

جيون جي لاشڪ حسرت تي، تنهنجي موج مچي ٿي،

کلندن کي نه رئاءِ،

سازيندڙ سو ساز وڄاءِ.

ساز اندر آواز ڀرين ٿو ٺاٺ سٽا سان ٺاهي،

ٻڌڻ ٻڌائڻ کان اڳ ۾ ئي ڊول ڇڏين ٿو ڊاهي،

ڇوڪراڻي ڇا لاءِ،

سازيندڙ سو ساز وڄاءِ.

”فاني“ جڙت گهڙت ۽ ڀڃ ڊهه بيشڪ راز ڀري آهه،

درد ڀري دل تان نه مگر ڪاٿي فڪرات ڍري آهه،

روئندن کي پرچاءِ،

سازيندڙ سو ساز وڄاءِ.

 

پريتم تولئه من مستان

 

دور افق جي سرحد تي ٿو چنڊ ڪري چمڪاٽ،

سڪ جو ساٿ وٺي مان نڪتس گهوريندي گهرگهاٽ،

لوڪ لڄا ٿي ڏيل ڏڪائي سڪ ساجن جي ڀرم ۾ ڀلائي،

وک وک وڌندي دلبر جي در اوکي ٿي آسان،

پريتم تولئه من مستان.

 

اڀري چنڊ لهي ويو پل ۾ ڇيڙي سڪ جو ساز،

ڪيئن اچي آرام ڪنن ۾ گونجي ٿو آواز،

دل جو ديپ جلائي هلندس پير پير ۾ پائي هلندس،

ڏيئو نه ڍرڪڻ ڏيندس توڙي تيز لڳي طوفان،

پريتم تولئه من مستان.

 

رئندي رئندي نير سڪي ويو روئڻ آ درڪار،

بادل! آءُ سڪل نيڻن کي ڏيئي نير رئار،

جيسين اکيون آليون ناهن پريتم جو ڪئن من پرڀائن،

درد ڀري دل جو ڪئن ظاهر اکيون ڪن ارمان،

پريتم تولئه من مستان.

 

آشائن جي تارن سان آهه گود ڀري آڪاس،

منهنجي جهول ڀري ٽانڊن سان جلي جسم جو ماس،

سواس بڻيو آ دل جو دونهون سور بڻيو ڪيئن دل جو سونهون،

دل جي درد مٽائڻ جو آ دلبر وٽ درمان.

پريتم تولئه من مستان.

 

هلندي هلندي ختم نه ٿيندو پربت جو پنڌ اجهاڳ،

جاڳڻ ۽ جاڳائڻ سان ٿو ٿئي نه ڀاڳ سجاڳ،

هن ماڳ جو پنڌ ”پڇائڻ ”فاني“ پنهنجي جان گنوائڻ،

آشائن جو مرگهه ڊڪائي رڃ اندر انسان،

پريتم تولئه من مستان.

 

منهنجا گيت اڌورا آهن

بند اڌورا چنڊ اڌورا قافته پڻ اڻپورا آهن،

منهنجا گيت اڌورا آهن.

اڌ جيوت آلس ۾ گذري اڌ گذري اڌمن ۾،

پر ٽهڪن کان سو سو ڀيرا سرس ڀني سڏڪن ۾.

عيد جو هڪ اڌ ڏينهن هوندو پر ٻيا سڀ ڏينهن عاشورا آهن.

منهنجا گيت اڌورا آهن.

ساقي اڌ پوريل اکين سان مستيءَ ۾ متوالو،

سڀ جي ڀر ۾ ڀريل بوتل منهنجو اڌ به نه پيالو،

لنءَ لنءَ مان لرزش غائب ٿي ساڻا انگ سمورا آهن،

منهنجا گيت اڌورا آهن.

سوز ڀريو ٿو راڳ رڳن مان دم دم درد سڻائي،

پنهنجي ئي پورن کان ويٺس پنهنجي جان جلائي،

نغمه نغمان ناهن پر ڪي غم جون کاڻيون کورا آهن،

منهنجا گيت اڌورا آهن.

ڪيئن ڪنهن کي مخمور بڻايان مون وٽ ڪابه نه مئه آهه،

آلاپيان يا ورلاپيان ٿو گيتن ۾ ڪا تار نه لئه آهه،

تان سريلي ناهه رسيلي سڀ بي تار تنبورا آهه،

منهنجا گيت اڌورا آهن.

رات اڌوري چنڊ اڌوو محب سان ميلو آهه اڌورو،

آس اڌوري پياس اڌوري پراڻ اچي ٿيا پورا آهن،

منهنجا گيت اڌورا آهن.

 

 

 

بسنت بهار

او هلي آئي ڪٿان آ بهار،

مٽڪ مٿي تي پائي گلن جا خار بڻيا گلزار.

 

قدرت ڪهڙا رنگ رچائي اڀ مان ڪئنسر واءَُ وسائي،

هيٺ لٿي آ سرڳ منجهان ڪا هير مٺي هٻڪار،

هلي آئي ڪٿان آ بهار.

وڻ ويٺا سرتال ملائي گيت ملڻ جا ڳيرو  ڳائي،

بلبل کان وڌ مست ڀنور جي گلن مٿان گونجار،

هلي آئي ڪٿان آ بهار.

موسم ويٺي ميندي لائي هار بهار بسنت کي پائي،

جوڙن ۾ جشنن جوجاڳيو آهه امنگ اپار،

هلي آئي ڪٿان آ بهار.

برج سمورو برندا بن آهه چهه چهه سان ڀرپور چمن آهه،

”فاني“ سڀڪو ٿو، ساراهي سرشٽيءَ جو سينگار.

هلي آئي ڪٿان آ بهار.

 

 

يگ جو آواز

مان آهيان يگ جو آواز،

هر هڪ يگ ۾ رهندو آيس هر دل جو همزار.

 

ڪيئن مٽندا بک بيروزگاري نعرن سان ته ڀڃي بيماري،

ناممڪن، ممڪن ٿي پوندو مان جيئن سوريان ساز.

 

ست ئي جي ڪا آفت ايندي حق جي جي نه حفاظت ٿيندي،

منهنجي نس نس ڀري آڻي بي رحميءَ کي باز.

 

مشڪل کي مشڪل نه مڃان مان منزل جي حد پاڻ ڀڃان مان،

اڳتي اڳتي هلئي هلڻ جو مون وٽ آ انداز.

 

گهري ساگر منجهه رهان ٿو اڀ کان دور مٿي اڏران ٿو،

طوفانن سان پر ٽڪرائي آءٌ ڪريان پرواز.

 

وقت جي ڦيٿي کي ڦيرايا ڌرتيءَ سان آڪاس ملايان،

ڪنڊي کي ساراهي گل جو آءٌ نهوڙيان ناز.

 

انڌڪار ۾ جوت جڳائي گمراهن کي راهه لڳائي،

عاجز کي بيخوف بڻائي آءٌ ڪريان اعجاز.

 

 

 

اخلاق – املاڪ

مان ٿو من کي من سان توريان،

دنيا پيئي دولت کي پوڄي، مان ڌن کي من تان ٿو گهوريان،

مان ٿو من کي من سان توريان.

 

دنيا کي املاڪ وڻي ٿي، ڌرتي جي دز خاڪ وڻي ٿي،

مون کي ماڻڪ موتين عيوض، موتين جهڙي ماڪ وڻي ٿي،

مر نه هٿن جي ميڙڻ لائق، مان ڏک ڇا لاءِ ڏوريان،

مان ٿو من کي من سان توريان.

 

مان قارون ڌريان قدمن ۾، ريجهي روح نٿو رتنن ۾،

دور ڀڄي دنياداريءَ کان، مان سک ماڻيان ٿو سپنن ۾،

رڃ جي پوئتان اڃ کڻي مان، جيءُ نه هرگز جهوريان،

مان ٿو من کي من سان توريان.

 

مان جنهن گل لکي هٿ لاٿو آ، ڪنڊن اڀري چڪ پاتو آهه،

من جن ناتن لئه آ تو هو، اڄ نه انهن جي لئه آتو آهه،

اهڙي ”فاني“ دنيا کان مان، پاند ڇڏايان هوريان هوريان،

مان ٿو من کي من سان توريان.

 

 

سهڻو سڪ وارو سنسار،

پيار جي ڪٿ آهه پڪار.

ڪڻ ڪڻ تي آ ڳاڙهو رنگ،

جئنڳاڙهي جوئر جو سنگ،

پريم سندرتا جي پيهي تي چڙهي ٿو هڪي جهار سهڻو......

 

ڀيڄ ڀنيءَ جو آيو ويلو،

رات رٺل سان سج جو ميلو،

ملندي وڇڙي نيڻ ٽمائي نئين نويلي نار سهڻو......

 

قاصد ڪانگ اڏامي آيو،

ڪوڙي ”ڪان“ ”ڪان“ من ڀرمايو،

ڀت تي ويئي ڏئي دلاسا پر نه وڃي ٿو پار سهڻو....

 

هاءِ! حجاب ڪري ڪيئن واڪو،

پيار جو ڪونه وڄي جئن ڏاڪو،

”فاني“ دل جا پور پڄن شل تند بنا ڪنهن تار سهڻو......

 

 

سک- درس

 

او مورک انسان!

سک جي ڳولا ۾ دک ڀوڳي هر هر ٿئين حيران ڙي.

 

1- تون گل کي کلندو ته ڏسين ٿو، مٽيءَ ۾ ملندو ته ڏسين ٿو،

مشڪل ملي هزارن ڳوڙهن پوئتان هڪ مسڪان.....

او مورک انسان!

 

2-  هن دنيا جون هيٺ مٿاهيون، چڙهون، لهون پيا چاڙهيون لاهيون،

هلندي هلندي ساهه پٽيون ڪٿ، منزل ناهه مڪان......

او مورک انسان!

 

3- ”فاني“ جڳ جا کيل تماشا، پل ۾ آشا پل ۾ نراشا،

مرگهه مثل پاڻيءَ جو دوکو، رڃ ڏئي ريگستان......

او مورک انسان!

 

 

 

 


 

سک سينو ڀانءِ، دک ڀائنج مهمان،

ٻنهي جي ميلاپ مان، جڙيو هيءُ جهان،

دک سُک ڀانءِ سمان، ته مونجهارو مٽجي وڃي.

 

 

ٻه پريمي

او پروانا! تنهنجو منهنجو ساڳيو رستو ساڳي راهه،

آءٌ چڪور ۽ تون پروانو چت ۾ ساڳي ساڳي چاهه،

 

1- چنڊ تي آءٌ چريو آهيان تون شمع مٿان مستان،

تون پيو چاهين مان پيو چاهيان جان ڪريون قربان،

محب ملڻ جي ٻن دلين ۾ آهه اڪير اٿاهه، او پروانا!...

 

2- پر پروانا تنهنجي پرن ۾ آهه جلڻ جو جوش،

مون کان وڌ بيشڪ تون آهين متوالو مدهوش،

جان جلائڻ ڌاران توکي ڪانه وڻي ڪا واهه، او پروانا!....

 

3- تنهنجو پريتم هت آهي، پر منهنجو آ پرديس،

ٻئي اڃايل ٻيئي اجهايل پياسو پياسو ويس،

تنهنجو سڙي سڏي ٿو توکي منهنجو بيپرواهه، او پروانا!.....

 

4- پروانا تون امر ٿئين ٿو پل ۾ جان جلائي،

پر منهنجي چت کي چانڊوڪي پل پل پيئي پڄرائي،

”فاني“ تو جيئن ڪيئن جلي مان پورا ڪيان پساهه،

او پروانا تنهنجو منهنجوساڳيو رستو ساڳي راهه، او پروانا!........

 

مان جي توسان ساڻ هجان ها،

ڇو مان پنهنجو پاڻ هجان ها.

 

1- ساگر شانت رهڻ جي چاهي،

پوي ڪنارن ڏي ڇو ڪاهي،

مان ڇولي ڇاڪاڻ هجان ها، مان جي......

 

2- سڀ ڪجهه مان ڪڇ بڻي پيس،

تنڪو تڏڙو تڇ بڻجي پيس.

بوند نه مان مهراڻ هجان ها، مان جي ......

 

3- اُس انڊلٺ سج چنڊ ستارا،

شفق افق جا سرخ نظارا،

مان نڀ جي نيلاڻ هجان ها، مان جي......

 

4- مان جي تو ۾ هجان سمايل،

تون جئن ساري جڳ تي ڇانيل،

مان پراڻن جو پراڻ هجان ها، مان جي......

 

5- منهنجي صحبت مان ڪڪ ٿي پئي،

مون مان شايد تون ٿڪجي پئين،

تون گل مان سرهاڻ هجان ها، مان جي .......

 

6- مان تن تنهنجو تون منهنجو من،

بڻجي سارو سک سک مئه جيون،

ڇو اک جي آلاڻ هجان ها، مان جي......

 

 

سرتيون سانوڻ ڪيئن ملهايان!

مند موٽي پر محب نه موٽيو،

ڪنهن سان روح ريجهايان، سرتيون سانوڻ.....

 

1- جئن جئن اُڀ ۾ بجلي ڀڙڪي،

تئن تئن وياڪل دل ٿي ڌڙڪي،

البيي جي اوسيئڙي ۾،

پل پل سر سريءَ تي لڙڪي،

ڪڪرن کي جهولي ڦهلايان، سرتيون سانوڻ.....

 

2- اکڙيون! آليون ٿيون نه اڳ ۾،

روڃ ونڊي روڪيو رڳ رڳ ۾،

ڪڪرن جو جئن هيانءُ نه ڦاٽي،

دلبر روڪي ڇڏن نه دڳ ۾،

پاڻ کي پاڻ پئي پرچايان، سرتيون سانوڻ.....

 

3- پر موسم تي جوڀن آيو،

ڪڪرن عرض حال نه اگهايو،

منهن ڪارا دل جا ڪارا ٿي،

گجگوڙن کان ڪين گهٽايو،

اڊڪن ۾ ٿي ڏيل ڏڪايان، سرتيون سانوڻ .....

 

4- ڇت جا ڇن  ڦونهارا ٿي پيا،

گهر جون ڀتيون گهارا ٿي پيا،

برهه جو اهڙو بند ڀڄي پيو،

نيڻ ڀڄي نيسارا ٿي پيا،

جل ۾ جوڀن پيئي جلايان، سرتيون سانوڻ.....

 

5- غم غربت جو ڪونه ستائي،

پير پرين جي گهر ۾ پائي،

هڪ غربت ٻي ”فاني“ فرقت،

سور ۾ سور ٿر سرس ستائي،

رئندي رئندي حال وڃايان،

سرتيون سانوڻ ڪيئن ملهايان.

 

لنئه  نه اجايو لات پکيئڙا! لنئه نه اجايو لات،

تنهنجي لات مان ساجن سمجهي ڪانه برهه جي بات.

 

1- نيڻ نراشا جا اگهندي مان ويٺس پاند پسائي،

هوا گهلي منهنجي اکين جا ڳوڙها ڪيئن سڪائي،

هڪ ڏينهن ناهي روز اکين ۾ بادل ۽ برسات، پکيئڙا.......

 

2- جيئن جيئن پرين وسارڻ چاهيان تئن تئن ياد اچي ٿو،

جئن جئن حال ونڊڻ ڪو چاهي تئن تئن درد مچي ٿو،

ڏينهن ڏکن جا چپ ۾ گهاريان رئندي گهاريان رات، پکيئڙا.....

 

3- مونکي ساجن جون تن من ۾ آهن روز تنوارون،

ويٺو آهه وساري تنهن ڏي ڪهڙيون منجان ميارون،

آهه اصل کان سڪ وارن وٽ سورن جي سوغات، پکيئڙا......

 

4- پوري طرح نٿو پَرَ کولين شايد پار پڄڻ لاءِ،

قرب قريب ڪري ڪيئن ايندي مون وٽ محب ملڻ لاءِ،

”فاني“ ناحق لات لنوين ٿو جاڳائين جذبات، پکيئڙا......

 

 

ماروئڙا، سانگيئڙا، جهانگيئڙا،

پرين منهنجا پري، دل دانهون ڪري،  ماروئڙا.....

1- دم هڪڙو جي ڌار نه ٿئي ٿيا،

تن کي ڏسندي سال لنگهي ويا،

ٿڪي آهون ڀري، دل دانهون ڪري،

ماروئڙا.......

 

2- سانگين جي سڪ ساهه سڪايو،

ڪونه پرين جو قاصد آيو،

من ماندو مري، دل دانهون ڪري

ماروئڙا.......

 

3- ”فاني“ قيد ۾ قابو آهيان،

ويڳاڻي ٿي پئي واجهايان،

لکيو ڪين ٽري، دل دانهون ڪري،

ماروئڙا.......

 

 

 

 

اکين مان ڳوڙها وهندا ڪيسين دل جو دک سهندا،

درد دٻائي دل جو دل ۾، چاڪ به ڪيسين چپ رهندا.

دنيا ڪنهن کي ڇا ڏيندي،

ڪنهن جي دل پوري ٿيندي.

 

واريءَ جي بنياد مٿان، ڪيئن اميدن جا گهر ٺهندا.

ٻولڻ جي لئه دل خواهان،

مک ۾ ته به آ بند زبان.

 

اندر جا آواز اظهار جو در ڳولي لهندا.

آس نه دل مان ٿئي نراس،

آس ”فاني“ رک وشواس.

تريءَ مٿان تقدير جا ليڪا، ڊاهڻ سان ويندا ڊهندا.

 

 

 

 

 

 

 

 

 

توکي ڪيئن پرچايان، پريتم، توکي ڪيئن پرچايان.

 

1- کير گانءِ جو گابڙو پي ويو، ڏهڻ کان اڳ ئي جوٺو ٿي ويو،

ڀنور گلن مان واس وٺي ويو، ڪهڙي ڀيٽ چڙهايان، پريتم.......

 

2- ڀوڳ لڳائڻ توکي اجايو، ڄمڻ کان اڳ تو قوت بڻايو،

جو ساري جڳ کي کارائي، تنهن کي  ڪيئن کارايان، پريتم.......

 

3- تنهنجا سج چنڊ جڳ جرڪائن، جت ڪٿ ٿا پرڪاش پڄائن.

تنهن تجلي تيج اڳيان، مان ڪهڙي جوت جڳايان، پريتم.......

 

4- جل جا مچ ڪڇه جل ۾ گهارن، تنهنجو گنگا جل ٿا لٻاڙن.

تنهنجي شد اشنان جي خاطر، نيڻين نير وهايان......

توکي ڪيئن پرچايان پريتم، توکي ڪيئن پرچايان پريتم.

 

وسي ٿي ڪرڻن جي برسات، اڃان اڌ رات،

پرهه جي پيرن تي پرڀات، اڃان اڌ رات.

 

رات جي چادر ۾ آ چنڊ،

محبت جو آ وچ ۾ منڊ،

تڪڻ جي تارن کي آ تات، اڃان اڌ رات.

 

لڳي ٿي ٿڌڙي مٺڙي هير،

ڪري ٿي سڻاڻا ساهه سڌير،

اچي ٿي جنبش ۾ جذبات، اڃان اڌ رات.

 

اڃان پکين جي چهه پهه بند،

اڃان مکڙين جي بند سڳنڌ،

لنوي ڪوئل نه ڪٿي ڪا لات، اڃان اڌ رات.

 

ڇڻي ٿو شبنم جو رس رنگ،

ڀري ٿي هر شيءِ منجهه امنگ،

لهي ٿي سرڳ منجهان سوغات، اڃان اڌ رات.

 

نشا جو ڄاڻ نشو ٿيو دور،

شفق جي سينڌ ڀري سندور،

نه رهندي رات جي ڪا فڪرات، اڃان اڌ رات.

 

 

دنيا ۾ گذاري لئه غم ۾ ڇو گذارين ٿو،

دم دم ۾ دکي دانهون پل پل ڇو پڪارين ٿو.

 

1- ڪيڏي نه ڪشش آهي نوراني نظارن ۾،

سج چنڊ هوا ڌرتي تارن ۽ ستارن ۾،

ڪلهن مان ڪڍي ڪنڌ تون مٿتي نه نهارين ٿو.

 

2- تولاءِ اچڻ کان اڳ سواگت هو سرشٽيءَ ۾،

توکي نه نظر آيا درشيه ٿي درشٽي ۾،

تن من جا اندر تحفا سڪ جا نه سنڀارين ٿو.

 

3- گلشن مان سحر تو لئه هٻڪار کڻي آئي،

ديدن ۾ دو- پهري پڻ ديدار کڻي آئي،

ڇو شام ٿيڻ کان اڳ سپنن کي سمهارين ٿو.

 

4- جهرڻن جي ڌني جهيڻي شبنم تي نشو گل جو،

پڙلاءَ پنن تي آهه بي ساخته بلبل جو،

ڇو نار جي نغمن سان نس نس نه تون ٺارين ٿو.

 

5- جيوت جي گلستان ۾ گل خار گڏيل آهن،

ڏينهن رات مثل لاشڪ سک دک نه مليل آهن،

فرحت ڇڏي ”فاني“ گهايل ٿي ڇو گهارين ٿو.

 

 

 

 

دنيا ڪنهن جون واهون وٺندي،

ڪنهنجون روڪي راهون وٺندي.

 

جيئن جيئن وجهندي روڪ رڪاوٽ،

تيئن تيئن سڪ جي سرس سجاوٽ،

پيار ڀريون ڪئن ڳلي لڳڻ کان،

ڪنهن جون پڪڙي ٻانهون وٺندي، دنيا ڪنهن جون.....

 

دنيا جي لڄ ڇا ٿيندي آهه،

دنيا ڪنهن کي ڇا ڏيندي آهه،

ڏيئي وڇوڙو سوز سڪايل،

دل جون آهون دانهون وٺندي، دنيا ڪنهن جون.....

 

سوجهاري کي روڪي رکندي،

اونڌاري جي بجلي بکندي،

ڪنهن جا ڪنهن جا جاڳڻ وارا،

ٻوٽي نيڻ نگاهون وٺندي، دنيا ڪنهن جون.....

 

دنيا اهڙي نردئي ٿيندي،

واٽون واهون وجهه جهليندي،

پريت نماڻي جهول جهلي، دڳ،

داتا جي درگاهون وٺندي،

دنيا ڪنهن جون واهون وٺندي

ڪنهن جون  روڪي راهون وٺندي، دنيا ڪنهن جون....

 

 

 

 

مان ڳاوان ٿو ڳائڻ لاءِ

 

 

مان ڳاوان ٿو ڳائڻ لاءِ،

من جي مونجهه مٽائڻ لاءِ.

 

ڳائڻ منهنجي جان جياپو،

جنم جو جنهن سان لڳ لاڳاپو،

ناتو نينهن نڀائڻ لاءِ،

مان ڳاوان ٿو ڳائڻ لاءِ.

 

ديو لوڪ مان دات ملي،

سرگرم جي سوغات ملي،

سرسان تار ملائڻ لاءِ،

مان ڳاوان ٿو ڳائڻ لاءِ.

تار ۾ آ داتا جو واسو

دل ۾ دل جو آ آهه دلاسو،

ڌرتي سرڳ بنائڻ لاءِ

مان ڳاوان ٿو ڳائڻ لاءِ

 

اڄ جو ڏينهن لڳي ٿي رات

آسمان ۾ ڪونه ڏسون ٿا بادل يا برسات،

اڄ جو ڏينهن لڳي ٿي رات.

 

ڏينهن جو ڌنڌ جڏهن آ جاري، رات جي ٿيندي ڇا ظلمات،

مڙس مهانڊو ويڙهي ويٺا، ڪنهن جي ڪير سڃاڻي ذات،

اڄ جو ڏينهن لڳي ٿي رات.

 

ٽانڊاڻو دوکي کان آيو، ڪوئل ڪانه لنوي ٿي لات،

صدين کان ساڻا سمهيل، ڪئن جاتيءَ جا جاڳن جذبات،

اڄ جو ڏينهن لڳي ٿي رات.

 

ڪالهه کي حال سان ڇو نٿا ڀيٽيو، ڪالهه جي ڪيڏي آهه اوقات،

اڄ جو ڏينهن لڳي ٿي رات.

 

 

منهنجي دل گهاون جو گهر

 

منهنجي دل گهاون جو گهر، گهر منهنجي کان ڪيو گذر،

گهمندي گهمندي گهاو ٿڪي پيا ڀٽڪيا ٿي دردر،

آخر اچي اسان وٽ لاٿو سورن ساٿ سمر،

هوريان هويان هڪ هڪ گهڙندو ويڙهي ويو ولر،

گهاو آهي جي گهڙي نه گهٽجن جن جو پل به پهر،

مون ٿي سمجهيو مون سان ئي ڪيو قسمت آهه قهر،

جن گهاون کي مون ٿي ڀانيو درد ڀريو ڌمچر،

سچ ته اهي ئي ثابت ٿي پيا آٿت ۽ آڌر،

سورن جي سڪرات سحر ڏي سولو ڪيو سفر،

خود به ڏکن کان ڏکجي ڏک جو ڌري پيو ڏونگر،

درد ودندن لئه همدردي جو جاڳيو جوهر،

منهنجي ڳوڙهن خشڪ پنن جو تازو ڪيو ترور،

منهنجي دل گهاون جو گهر.

 

 

او درد ڀري دل جي دنيا، تو ۾ غم هردم وسندو ئي رهيو،

جيئن جيئن ٿي بهار جي رت آئي، تئن تئن ٿي چمن سڙندو ئي رهيو،

او درد ڀري دل جي دنيا......

 

1- طوفان تکو گهلندو ئي رهيو، ڍرڪي به ڏيئو ٻرندو ئي رهيو،

اوندهه کان انڌاري ايندي رهي، ڪارنهن ۾ ڪٽڪ هلندو ئي رهيو،

او درد ڀري دل جي دنيا......

 

3- گذريءَ جو ذڪر اينديءَ جو فڪر، سورن جو سمر قدرت جو ڏهر،

سڀ ساڻ سڻائو هو نه سفر، منزل ڏي قدم وڌندو ئي رهيو،

او درد ڀري دل جي دنيا......

 

4- دل واري ڪا دنيا دور هئي، تصويرن سان ڀرپور هئي،

بيشڪ سا نظر جو نور هئي، ڪيئن چترقام ڪنڍو ئي رهيو،

او درد ڀري دل جي دنيا......

 

5- همدرد ٿي ڳوڙهو وهاءِ قضا، ڏس ڪيڏي ملي آ وفا کي سزا،

سک ۾ آ دکي ”فاني“ جي فضا، برسات ۾ گهر جلندو ئي رهيو،

او درد ڀري دل جي دنيا......

 

 

 

منهنجا گيت

(1)

تون ٿئين رهبر مگر رهبر نه چئه،

پاڻ کي مون کان ڪڏهن بهتر نه چئه،

مون کي هن گهر ۾ ڇڏي بي گهر نه چئه،

در ڇڏيم تنهنجو ته تنهن کي در نه چئه،

مان نه شل تنهنجي سهاري تي تڳان،

شل نه تنهنجي آسري جي لڙهه لڳان.

(2)

ڊاهه گمراهيءَ جا سڀ رستا ۽ رند،

جنهن کي ڪرپا ٿو سڏين سي ٿيا ڪمند،

ناز وارا تو ڪيا نياز وند!

تو رچيا رهبر ٿي ڪيڏا ڦير ڦند!!

منهنجي خود داري اجهو ڀڙڪي آُٿي،

منهنجي رڳ رڳ چوٽ مان ڦڙڪي اُٿي.

(3)

تو هڻي آڻي جي مون کي ڏک ڏنا،

تنهن کان تون خود پاڻ آهين آشنا،

بند ڪر اڄ کان تون منهنجي پالنا،

ڇو، نه هلندس تنهنجي محتاجيءَ بنا؟

مون سان آهي ٻيلهه ٻن ٻن جو جٿو،

مان ٻه، پيرو آهيان ۽ ٻه هٿو.

 

 

(4)

 

مان ته بيشڪ گيت ڳائيندو رهان،

چوٽ تي چوٽون ٿو کائيندو رهان.

۽ ڪڏهن ڳوڙها وهائيندو رهان،

ڀروسو آنسن کي ڀائيندو رهان،

گهيت غم وارو مڌر منٺار آهه،

اشڪ گيتن جو سدا سينگار آهه.

(5)

چوٽ، پيڙا، اشڪ جو ميلو مچي،

رنگ ٿو اهڙو عجب تن جو رچي،

گيت ڳائڻ لاءِ اٿي نس نس نچي،

مڌرتا ٿي ڪنٺ ۾ ڇلڪي اچي،

مان ٿو ڳايان دل کي ڍائڻ واسطي،

تنهنجو ڍو هستي لڄائڻ واسطي.

6-

مرحبا اي منهنجا غم، منهنجي خوشي!

تنهنجي ڍايل آهه گوندر سان گجي،

روڳ هوندي راڳ سان تنهنجي رچي،

ساٿ ”فاني“ جو رڳو توسان رهي،

تنهنجو ساٿي شل سدا صدما سهي.

 

 

 

 

 

ڍڪي منهن رئندا رهنداسين، اسان جي نيڻن ۾ آ نير،

سکن جو نانءُ نه وٺنداسين، رهي دل دردن لئه دلگير.

 

1- جڏهن محبوب اڱڻ ايندو، ڏيئو ڏسنديئي جلي ويندو،

وسائي ديپڪ رکنداسين، اسان لئه اوندهه آ اڪسير.

 

2- اسان جو ڪهڙو آ قصور، چمن پيو ڇڏڻو ٿي مجبور،

پسيا تن تنندا رهنداسين، هنيو جو تير تکو تقدير.

 

3- جسم جئن جنبش ۾ ايندو، تخيل تيز تکو ٿيندو،

اسان سيخن ۾ سڙنداسين، اسان جو روح نه آهه اسير.

 

4- اسان خود غرضيءَ کان خالي، چمن جي چاهيون خوشحالي،

سهي بدزيب نه سگهنداسين، وطن جي ترقي جي تصوير.

 

 

مون ۾ ڪائي جان نه آهي، تون ئي جاني منهنجي جان،

تنهنجي ناز نهاريو مون ڏانهن، منهنجي دل ٿي پيئي جوان.

 

من ۾ توکي محب وهاريم، من ڪو برپٽ باغ ٿئي،

تنهنجي وڻ ويڙهيءَ جي واسي، وسندو باغ ڪيو ويران.

 

غم وارن کي پنهنجائي غم، بي غم غم مان ڇا ڄاڻين،

ڪنهن دل جا داغ پسايان، تنهنجي نيشن جا نشان.

 

مانتيڪي ساگر جي من جي، بي آرامي ڪير ڏسي،

اندر غم جي ڌارا تن ڏي، ڪير ڌريندو آهه ڌيان.

 

مان ڏوهن تي ڏوهه ڪريان پر، تون زاهد ٿو پاڪ رهين،

منهنجو بخشيندڙ ۾ ويسهه، تنهنجو ان ۾ آهه گمان.،

 

 

پهريدار

[اڃان نه پهريدار! ٿئين تون پهري مان بيزار]

(1)

نيڻ نکنڊ جئن رات سڄيءَ ۾ ڍرڪي ڪين ڍڪين ٿو،
”هي ها“ جي هوڪن هڪلن سان نڙي به چست رکن ٿو،

پنهنجي گهر جو خاوند واهي، گهر گهوري ٿين پَر َ ڏي  راهي

 

لوڙ ڪئيه لاچار،

رات ڇپر جي، جيءَ جو جوکو، ڏاڍن جو ڏهڪار.

 

(2)

تون جاڳين، پر سيٺ ستل آ بي فڪرو بنگلن ۾،
تنهنجي جان خريدي روپين ويهن يا ٽيهن ۾،
سيٺ سمهيو سڀ چنتا لاهي، تو وٽ ڦر جو ڦرنو آهي،

واهه! تنهنجو ويچار،

مال پرائي تي ٿو بڻجين سر سهسائڻ هار.

(3)

مورک پهريدار! جي هيڪر پنهنجو قدر سڃاڻين،
ڪوڙي نانو شرافت ۾ جي سچ ڪا حرفت ڄاڻين،
چاڪر مان تون مالڪ بڻبين ماڻهن ۾ تون ماڻهو ڳڻبين،

عمر ه سهه آزار،

توڙي ٽچوڙي ڪر تون هٿ کي ڀاڳ ڀريو هٿيار.

 

(4)

عمر ويئه اوجاڳا ڪاٽي ڀاڳ نه تو جاڳايو،

ڀاڳ ڀلو خود ٿيندو جي تو ٻانهن، ٻل ڏيکاريو،

همت تو وٽ هستي و وٽ مڙسائي سڀ مستي تو وٽ،

ڪڍ پوريل ڪلدار!

تنهنجي زور اڳيان ڇا بيهندو بي زورو زردار.

 

 

 

فخر سنڌ شهيدالله بخش سومري جي ياد ۾

[ افسوس ويو سنڌ جو سرتاج گذاري- دنيا کي روئاري]

 

1- حاسد تون ڏئي ڦُڪ، ڏيئو گل نه ڪرين ها،

هيئن ملڪ مٿان قهر مصيبت نه ڌرين ها،

ڇو ميڙ اسان جي مان وئين مڙس اٿاري.

 

2- ڇا لاش ڏسي ٿي رنا سڀ مرد ۽ ناريون،

افسوس کان هر هنڌ ٿيون بند بزاريون،

ٿي چيرو وڌا هاءِ جنازي جي نظاري.

 

3- قربان ڪيئه ملڪ تان شاهي ۽ وزيري،

لقبن کي ڇڏي تو ڪئي عبادت ۾ فقيري،

عهدا ۽ اميري نه سگهيئه دل کي ڌتاري.

 

4- تون ڪانگريس لئه فخر جو نشان هئين،

”آزاد هند“ لاءِ ڄڻ روح روان هئين،

اڄ مادر وطن ٿي سندءِ واٽ نهاري.

 

5- تو قوم جي قدمن تان ڪيو جان کي قربان،

زندهه ٿيو ”فخر سنڌ“ سندءِ نالو ۽ نشان،

دنيا نه سگهي اهڙي شهيدي کي وساري.

 

6- ٻوڏن جي مصيبت ۾ جا خدمت تو ڪئي هئي،

سا ديس ۽ پرديس وڄي هاڪ وئي هئي،

اڄ توکي ڏکي وقت ۾ سنڌڙي ٿي سنڀاري.

 

7- تاريخ 14 مئي نه ڪنهن ماڻهو کان وسرندي،

دشمن جي لاءِ دل مان سدا آهه نڪرندي،

جنهن پل ۾ ڇڏيو شير بهادر کي سمهاري.

 

8- ”فاني“ هي دنيا آهه مسافر ٿي رهڻ لاءِ،

ڄايو هو الله بخش انهيءَ سور سهڻ لاءِ،

شل پاڪ پيغمبر توکي محفل ۾ ويهاري.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org