سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: گيتانجلي

ٽئگور

صفحو :10

 

 (54)

 

مان تھ توکان ڪجھھ بھ گھريو ئي ڪونھ؛

مان تھ پنھنجو نانءُ بھ توکي ڪن ۾ ڪونھ ٻڌايو؛

مان چپ چاپ بيٺي رھيس، جڏھن تون موڪلايو؛

مان ان کوھھ تي ھيڪلي ئي رھيس،

جتي وڻ جي ڇانو پاسيري پوندي آھي

۽ ناريون پنھنجا ٺڪر جا ڀورا ناسي گھڙا ڪنن تار ڀري،

پنھنجي گھرن ڏانھن وڃي چڪيون ھيون.

انھن مون کي ڏاڍو سڏيو ۽ وڏا واڪا ڪيا،

”صبح لڙي منجھند ٿيندي ٿي وڃي، ھاڻي اسان سان ھل بھ کڻي.“

پر مان اڻ لکا پور پچائيندي، ڍري پوندي، رھجي ئي ويس.

جڏھن تون آئين تھ مان تنھنجي قدمن جو آواز بھ ٻڌي ڪونھ سگھيس.

جڏھن تنھنجون اکيون مون تي پيون تھ اھي دکي ھيون؛

جڏھن تون مون سان ڳالھايو تھ تنھنجو آواز بھ جھيڻو ھو.

”اف، مان ھڪ اڃايل مسافر آھيان.“

مان پنھنجي ڏينھن ڏٺي جي خوابن مان جاڳي پيس

۽ پنھنجي گھاگھر مان، تنھنجي ٻڪ ۾ پاڻي پيٽيو.

سڪل پن مٿان کڙڪيا، ڪوئل لڪل اوندھھ مان آلاپيو.

۽ دڳ جي موڙ وتان ٻٻر جي گلن جي خوشبوءِ ڊڪي آئي.

مان تھ لڄ وچان گونگي بڻجي بيٺي رھيس،

جڏھن تون مون کان، منھنجو نانءُ پڇيو.

سچ پچ تھ مان تنھنجي لاءِ ڀلا ڪيوئي ڇا ھيو

تھ توکي منھنجي ياد رھي؟

پر اھا ياد تھ توکي تنھنجي اڃ اجھائڻ لاءِ مون پاڻي ڏنو ھو

منھنجي دل سان چھٽيل رھندي

۽ ان کي مڌرتا سان ويڙھي رکندي،

صبح جو پھر گذري چڪو آھي،

پکي ٿڪل سرن ۾ آلاپي رھيو آھي

نم جا پن مٿان، سر سرڪن ٿا پيا

۽ مان ويٺي سوچيان ٿي پئي،

سوچيان ٿي پئي.

±

 

 (55)

 

تنھنجي دل تي اڃا مايوسي ۽ موڳائي طاري آھي

۽ تنھنجي اکين تي اڃا تائين ننڊ جا خمار آھن.

ڇا اڃا تائين توکي اھو نياپو ڪونھ مليو آھي

تھ ڪنڊن جي وچ ۾ ويھي، گل پوري شان مان ۽ جلون سان،

راڄ ڪري رھيو آھي؟

جاڳ، اڙي سجاڳ ٿي!

متان وقت ائين ئي، اجايو گذري وڃئي!

پٿرائين رستي جي پڇڙي وٽ، ڪنواري اڪيلائي واري ديس ۾

ويٺو آ منھنجي دوست ھيڪلو نويڪلو،

ان سان ڊوھھ ڪونھ ڪجان.

جاڳ، اڙي سجاڳ ٿي!

جيڪڏھن آڪاس، ڌر تتيءَ جي سج جي تاءَ سان

سھڪي ۽ ڏڪي رھيو آ تھ ڇا ٿي پيو-

جيڪڏھن تتل واري، اڃ جي چادر

وڇائي ويٺي آھي تھ ڇا ٿي پيو-

ڇا تنھنجي من اونھائي ۾ ڪوئي آنند ڪائي خوشي ڪونھي؟

ڇا تنھنجي رکجندڙ ھر قدم سان، راھھ جي سرندي مان،

پيڙا جا مڌر سنگيت ڦٽي ڪونھ نڪرندا؟

±

 

 (56)

 

ڳالھھ ھيئن آھي تھ مون ۾ تنھنجي خوشي ڀرپور سمايل آھي

ڳالھھ ھيئن آھي تھ ائين ئي تون مون تائين لھي پھتو آھين.

اي سمورن آسمانن جا خدا، ڪيڏانھن وڃي ھا تنھنجو پيار،

جيڪڏھن مان ئي ڪونھ ھجان ھا؟

تون تھ مون کي ھن سموري مال ملڪيت ۾ پنھنجو ڀائيوار بڻايو آھي

۽ منھنجي دل ۾ تنھنجي خوشيءَ جو بي انت ناٽڪ جاري آھي.

۽ منھنجي جيون ۾ تنھنجي رضا سدا پوري ٿيندي رھي ٿي.

۽ انھيءَ جي لاءِ ئي تون، جيڪو شاھن جو شاھھ آھين،

منھنجي دل کي قيد ڪرڻ لاءِ سورنھن سينگار ڪيا اٿئي.

۽ تنھنڪري ئي تنھنجو پيار،

پنھنجي پيار ڪندڙ جي پيار ۾ وڃائجي وڃي ٿو

۽ اتي ئي تون ٻن جي مڪمل ميلاپ ۾ نظر اچين ٿو.

±

 

 (57)

 

روشني، منھنجي روشني،

ڪائنات کي منور ڪري ڇڏڻ واري روشني،

نيڻن کي چمي وٺڻ واري روشني،

دل ۾ ميٺاج وجھڻ واري روشني!

آه، منھنجي محبوبا روشني،

منھنجي جيون جي مرڪز تي رقص ڪري رھي آھي.

منھنجي محبوبا روشني،

منھنجي ساز محبت جي تارن کي ڇيڙي ٿي.

آسمان صاف ٿي وڃي ٿو، ھوا بي اختيار گھلڻ لڳي ٿي

۽ کل ۽ ٽھڪ ڌرتي تي وڇائجي وڃن ٿا.

پوپٽ پنھنجي پرن جا سڙھھ

روشني جي سمنڊ تي پکيڙي ڇڏين ٿا.

چمپا ۽ چمبيليءَ گل

روشنيءَ جي ڇولين تي اڀري نروار ٿين ٿا.

منھنجي محبوبا روشني ھر بادل تي سون بڻجي وکري ٿي

۽ ڪثرت سان ھيرا جواھر ڇٽي ٿي.

کل خوشي ھڪڙي پن کان ٻي پن پکڙجي وڃي ٿي

۽ اڻ مئي سرھائي پڻ.

آسماني نديءَ پنھنجائي ڪنارا ٻوڙي ڇڏيا آھن

۽ خوشيءَ جي ٻوڏ ھر پاسي پکڙجي وئي آھي.

±

 

 (58)

 

شل خوشيءَ جا سمورا سر، منھنجي آخري راڳ ۾ رلجي وڃن-

اھا خوشي جيڪا ڌرتيءَ تي ساوڪ جي سمنڊ جي،

اٿل آڻي وجھندي آھي-

اھا خوشي جيڪا، ٻن جاڙن ڀائرن، زندگيءَ ۽ موت کي،

ھن وشال ڪائنات ۾ گڏ گڏ رقص ڪرائي ٿي.

اھا خوشي جيڪا طوفان سان گڏ اچي نڪري ٿي،

۽ ساري جيوت کي ٽھڪن سان، لوڏائي ۽ جاڳائي ٿي،

اھا خوشي جيڪا پيڙا جي ٽڙيل سرخ ڪنول مٿان،

ڳوڙھا وھائيندي پنڊپاھڻ بڻي ويٺي آھي،

۽ اھا خوشي جيڪا پنھنجو سڀ ڪجھھ مٽيءَ ۾ اڇلائي ڇڏي

۽ ٻي ڪا ٻولي ڄاڻي ئي نھ ٿي.

±

 

 (59)

 

ھائو، منھنجي من جا محبوب،

ڄاڻان ٿو مان تھ اھو سڀ ڪجھھ

سواءِ تنھنجي محبت جي،

ٻيو ڪجھھ بھ تھ ناھي-

ھي سنھري روشني، جا پن پن تي جھومي رھي آھي،

ھي بي فڪر آزاد بادل، جيڪي آسمان جي آرپار ترندا رھن ٿا،

ھي گلھندڙ ھير جيڪا منھنجي پيشانيءَ تي،

پنھنجي ٿڌاڻ ڇڏيندي وڃي ٿي

صبح جي روشنيءَ، منھنجي اکين ۾ پنھنجي ٻوڏ آڻي ڇڏي آھي-

منھنجي من جي لاءِ، اوھان جو اھوئي نياپو آھي.

اوھانجو چھرو منھنجي مٿان نوڙيل آھي،

اوھانجون اکيون منھنجي اکين کي گھورن ٿيون

۽ منھنجي دل اوھانجا پير ڇھي ورتا آھن.

±

 

(60)

 

بي انت سنسارن جي سمنڊ ڪناري تي ٻارڙا ملن ٿا.

انھن مٿان لامحدود آسمان سواءِ چرپر جي چپ بيٺو آھي

۽ بي قرار پاڻيءَ ھل مچايو آھي.

بي انت سنسارن جي سمنڊ جي ڪناري تي

ٻارڙا رڙيون ڪوڪون ڪندي ۽ نچندي ٽپندي، ھڪ ٻئي سان ملن ٿا.

ھو واريءَ گھرڙا ٺاھين ٿا ۽ خالي ڪوڏين سان کيڏن ٿا،

سڪل پنن کي وٽي سٽي پنھنجيون ٻيڙيون ٺاھين ٿا.

۽ گھري ويڪري سمنڊ تي، کلندي کلندي تارن ٿا.

سنسارن جي سمنڊ ڪناري، ٻارڙا پنھنجي راند روند ڪن ٿا.

ھنن کي ترڻ اچيئي ڪونھ، کين ڄار وجھڻ جو ڏانءُ بھ ڪونھي.

موتي ڪڍڻ وارا ٽوٻا، سپن خاطر غوطا ھڻن ٿا.

وڻجارا واپار لاءِ ٻيڙا تاري ھلن ٿا.

۽ ٻارڙا پٿريون ميڙي وري اھي وکيرن ٿا.

اھي مدفن خزانا ڪونھ ڳولھين ٿا،

ھو اھو بھ ڪونھ ڄاڻن تھ ڄار ڪيئن اڇلائجي.

سمنڊ ٽھڪن جون ڇوليون بڻجي ڇلڪي ٿو،

۽ ڪنارو پنھنجي مرڪ جا پيلا تِرورا پسائي ٿو.

موتمار ويرون ٻارن کي بي معنيٰ گيت ٻڌائي رھيون آھن

جيئن ڪا ماءُ ٻار جو ھندورو لوڏڻ مھل جھونگاريندي آھي.

سمنڊ ٻارڙن سان کيڏي ٿو

۽ ڪنارو پنھنجي مرڪ جا پيلا تِرورا پسائي ٿو.

بي انت سنسارن جي سمنڊ ڪناري تي ٻارڙا ملن ٿا.

آنڌاري آسمان جي بي گس وسعتن ۾ رلي ٿي.

ٻيڙا بي واٽي سمونڊ ۾ ڀٽڪي ڀڄي ڀورا ٿين ٿا.

ھر طرف موت ئي موت آ ۽ ٻارڙا کيڏي رھيا آھن.

بي انت سنسارن جي سمنڊ ڪناري تي ٻارڙن جو وڏو ميلو آھي.

±

 

 (61)

 

جيڪا ننڊ ٻالڪ جي اکين ۾ اچي ٿي،

ڇا ڪوئي ڄاڻي ٿو تھ اھا ڪٿان اچي ٿي؟

ھا، ھڪڙو افواھھ آ تھ ان جو آستانو

ٽانڊاڻن جي ھلڪي جھڪي روشنيءَ سان روشن،

جھنگل جي ڇانورن ۾، پرين جي ڳوٺ ۾ آ.

جتي جادوءَ جون ٻھ لڄاريون مکڙيون لڙڪي رھيون آھن.

ٻالڪ جون اکڙيون چمڻ لاءِ، ننڊ اتان کان اچي ٿي.

جيڪا مرڪ ٻالڪ جي چپڙن تي ننڊ ۾ چمڪي ٿي-

ڇا ڪنھن کي خبر آ تھ اھا ڪٿان پيدا ٿي؟

ھا، ھڪڙو افواھھ آ

تھ نئين چنڊ جي نئين ڄاول ھڪڙي پيلي ڪرڻي،

سرءُ جي ھڪ آخري گم ٿيندڙ ڪڪر جي ڪناري،

ڇھي ورتي ھئي.

۽ اتي ئي اھا مرڪ، ماڪ سان ونھتل،

صبح جي ھڪ سپني ۾، پھريون پھريون پيدا ٿي ھئي-

اھا مرڪ جيڪا ٻالڪ جي چپڙن تي ننڊ ۾ چمڪي ٿي.

ھڪ ٻالڪ جي انگڙن تي،

جيڪا ڪومل، نرم ۽ نازڪ تازگي ھوندي آ-

ڇا ڪوئي ڄاڻي ٿو تھ اھا اڄ ڏينھن تائين ڪاٿي لڪل ھئي؟

ھائو، ان جي ماءُ جڏھن ھڪ جوان ڇوڪري ھئي

تھ ڪومل پيار جو خاموش راز ان جي دل ۾ رچيل ھو-

اتان ئي اھا ڪومل، نرم ۽ نازڪ تازگي،

ٻالڪ جي انگڙن تي ٽڙي پئي آھي.

±

 

 (62)

 

منھنجا ٻچڙا جڏھن مان تولاءِ، رنگبرنگي رانديڪا آڻيان ٿو

تڏھن ٿو مون کي سمجھھ ۾ اچي تھ ڪڪرن تي ۽ پاڻيءَ تي،

ايڏا رنگ ڇو چمڪن ٿا ۽ گلن تي رنگن جي چٽسالي ڇو آھي،

منھنجا ٻچڙا جڏھن مان توکي رنگبرنگي رانديڪا ڏيان ٿو.

جڏھن مان توکي جھومائڻ لاءِ جھونگاريان ٿو،

تڏھن ٿو مون کي پتو پوي تھ پنن ۾ موسيقي ڇو ھوندي آ،

۽ ڇو ڇوليون گڏجي ڳاتل سنگيت کي، ڪن لائي ٻڌندڙ

ڌرتيءَ جي دل ڏانھن، اماڻينديون آھن-

جڏھن مان توکي جھومائڻ لاءِ جھونگاريان ٿو.

جڏھن بھ مان تنھنجي ھٻڇ وارن ھٿن ۾ مٺيون شيون ڏيان ٿو

تڏھن ٿو مون کي سمجھھ ۾ اچي، تھ گل جي ڳڀ ۾،

ماکي ڇو ھوندي آھي

۽ ڪيئن ميوا مخفي طور، مٺيءَ رس سان ڀرجي ويندا آھن-

جڏھن مان تنھنجي ھٻڇ وارن ھٿن ۾ مٺيون شيون ڏيان ٿو.

منھنجي جگر جا ٽڪر،

جڏھن مان تنھنجي مکڙي کي چمان ٿو تھ جيئن تون مسڪرائين،

تڏھن مان يقينا سمجھي وڃان ٿو تھ پرھھ ڦٽيءَ جي سوجھري ۾

آسمان مان اھا خوشي ڪيئن نھر بڻجي نڪرندي آھي

۽ آرھڙ جي ڏينھن جي ھوا منھنجي جسم لاءِ راحت ڪيئن بڻبي آھي.

جڏھن مان توکي کلائڻ لاءِ چمندو آھيان.

±

 

 (63)

 

تون مون کي واقف ڪرايو اھڙن دوستن سان،

جن کي اڳ ۾ آءٌ سڃاڻان ئي ڪونھ،

تون مون کي جاءِ وٺي ڏني اھڙن گھرن ۾،

جيڪي منھنجا پنھنجا ھيا ئي ڪونھ،

تون دوري کي ويجھو آندو ۽ اجنبي کي ڀاءُ بڻايو.

جڏھن مان پنھنجو ھريل اجھو ۽ ٿاڪ ڇڏيندو آھيان

تڏھن منھنجو من، وياڪل ٿي ويندو آھي.

۽ مان وساري ويھندو آھيان

تھ نئين ۾ پراڻو سمايل ھوندو آھي

۽ اھو تھ اتي بھ تون ئي وسندو رسندو آھين.

موت توڙي ڄم ۾، ھن دنيا يا ٻين دنيائن ۾،

جتي جتي منھنجا سونھان ٿيا آھيو تھ اھي اوھان ئي آھيو،

ساڳيوئي تون، منھنجي بي انت حياتيءَ جو واحد ساٿي،

جيڪو سدائين منھنجي دل کي، خوشيءَ جي ٻنڌڻن جي

اڻواقفيت سان مسلسل ملائيندو رھي ٿو.

جڏھن ڪو توکي پروڙي وٺي ٿو

تھ پوءِ ڪو اجنبي ڪونھ رھي ٿو

پوءِ ڪوبھ دروازو بند نھ آھھ، آه!

منھنجا دعا اگھاءِ!

تھ گھڻن ڄڻن جي راند مان،

ھڪ جي ڇھاءَ جو مزو مورؤن نھ وڃايان.

±

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org