سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: گيتانجلي

ٽئگور

صفحو :2

 

تعارف (01)

 ڊاڪٽر گل بليدي جيترو سٺو تخليقي ادب سرجيندڙ آھي ان کان وڌيڪ سٺو ترجمو ڪندڙ آھي. سنڌي ٻولي سندس ٿورائتي آھي جو ھن افلاطون جي DIALOGUES مان ٻن مڪالمن جو ترجمو ”ڏاھيون ڏک ڏسن“ ۽ سندس ٻين ٻن مڪالمن جو ”دوستي“ جي نالي سان ترجمو ڪري شايع ڪرايا آھن. انھن فلسفي جي ٻنھي اھم ڪتابن جي آجيان سنڌ وارن وڏي دل سان ڪئي آھي.

سندس ھي ٽيون ڪتاب جڳ مشھور بينگالي اديب ٽئگور جي عالمي شھرت حاصل ڪيل ڪتاب ”گيتانجلي“ جو ترجمو آھي. ان ڪتاب تي کيس 1913ع ۾ ادب جو نوبل انعام مليو ھو.

گل بليدي جي ترجمن پڙھڻ سان سندس ترجمي جي واکاڻ ڪرڻ کان رھي نھ ٿو سگھجي. گل جا پھريان ٻھ ترجما بھ پنھنجو مٽ پاڻ، پر گيتانجلي جو ترجمو انھن کان وڌيڪ سرس ۽ سوايو، سٺو ۽ سھڻو آھي. جيئن تھ گيتانجلي نظمن جو ڪتاب آھي، ترجمي ۾ ساڳيو شاعراڻو رنگ ۽ ڪشش پيدا ٿي وئي آھي. وڏي ڳالھھ اھا آھي تھ ترجمي ۾ اھڙي سولي ۽ سھنجي ٻولي ڪم آندي وئي آھي جو اصلوڪا خيال آسانيءَ سان اندر ۾ سمائجي وڃن ٿا.

اميد آھي تھ گل بليدي ترجمي جي ڪم ۾ وڌيڪ دلچسپي وٺي بھتر کان بھتر ڪتاب سنڌ وارن کي پڙھڻ لاءِ ڏيندو.

ڊاڪٽر اياز قادري

 

 

 

 

تعارف (02)

ھر ان ٻوليءَ ۾ جيڪا ترقيءَ جي راھھ ۾ وک وڌائيندڙ آھي، تخليقي ادب سان گڏ دنيا جي برک اديبن، شاعرن ۽ عالمن جي مکيھ شھپارن جي ترجمي جي ضرورت ۽ اھميت آھي. اھڙيءَ ريت ان ٻوليءَ تي دنيا جي علم ۽ عقل، ڄاڻ ۽ سڃاڻ جا دروازا کلي پون ٿا ۽ دنيا جي مختلف ديسن ۽ ماڻھن جي شعور، سمجھھ، سياڻپ ۽ زندگيءَ جا مختلف وھڪرا وڌندا ان تائين پھچي وڃن ٿا ۽ انھن جي دلين ۽ دماغن ۾ نئين روشني ۽ نئون سرور پيدا ڪن ٿا.

ڊاڪٽر گل بليدي جيترو سٺو تخليقي ادب سرجيندڙ آھي ان کان وڌيڪ سٺو ترجمو ڪندڙ آھي. سنڌي ٻولي سندس ٿورائتي آھي جو ھن افلاطون جي Dialogues مان ٻن مڪالمن (1) Apology ۽ (2) SYMPOSIUM جو ترجمو ”ڏاھيون ڏک ڏسن“ ۽ سندس ٻين مڪالمن (1) FRIENDSHIP ۽ (2) CRITO جو ”دوستي“ جي نالي سان ترجمو ڪري شايع ڪرايا آھن. انھن فلسفي جي ٻنھي اھم ڪتابن جي آجيان سنڌ وارن وڏي دل سان ڪئي آھي. يقين آھي تھ افلاطون جا اھي مڪالما جيڪي گل بليدي معرفت سنڌ وارن کي مليا آھن، سندن ذھنن ۾ نئين سوچ ۽ نئين سمجھھ پيدا ڪندا.

سندس ھي ٽيون ڪتاب جڳ مشھور بنگالي اديب ٽئگور جي عالمي شھرت حاصل ڪيل ڪتاب ”گيتانجلي“ جو ترجمو آھي. ان ڪتاب تي کيس 1913ع ۾ ادب جو نوبل انعام مليو ھو. ان ڪتاب جو مھاڳ مشھور شاعر W.B.Yeats لکيو ھو.

گل بليدي جي ترجمن پڙھڻ سان سندس ترجمي جي واکاڻ

ڪرڻ کان رھي نھ ٿو سگھجي. گل جا پھريان ٻھ ترجما بھ پنھنجو مٽ پاڻ، پر گيتانجلي جو ترجمو انھن کان وڌيڪ سرس ۽ سوايو، سٺو ۽سھڻو آھي. جيئن تھ گيتانجلي نظمن جو ڪتاب آھي، ترجمي ۾ ساڳيو شاعراڻو رنگ ۽ ڪشش پيدا ٿي وئي آھي. وڏي ڳالھھ اھا آھي تھ ترجمي ۾ اھڙي سولي ۽ سھنجي ٻولي ڪم آندي وئي آھي جو اصلوڪا خيال آسانيءَ سان اندر ۾ سمائجي وڃن ٿا.

سندس ٻھ ٻيا ڪتاب، ھرمن ھيس جو نوبل انعام حاصل ڪيل ڪتاب ”سڌارٿ“ جو مڪمل ترجمو ۽ افلاطون جي مڪالمي PHEDO جو ترجمو ڇپائيءَ ھيٺ آھي. جن جي اھميت انھن ڪتابن جي نالي مان ظاھر آھي.انھن ڪتابن جو ترجمو بھ پڪ سان ساراھھ جوڳو ھوندو ۽ اھي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ مٿانھون مقام حاصل ڪندا. اميد آھي تھ گل بليدي ترجمي جي ڪم ۾ وڌيڪ دلچسپي وٺي بھتر کان بھتر ڪتاب سنڌ وارن کي پڙھڻ لاءِ ڏيندو.

8-8-1994                                 ڊاڪٽر اياز قادري

  ڪراچي

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org