سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪليات ناز

صفحو :12

نظم 2

جذبه بيخبر وحشت دلبر

اي حسن ڪجهه ته ڪڇ، دل منهنجي کئون حال پڇ

سخت چپ جي ڏنئي سزا، واهه معشوق ڇا ايڏو ظلم مون تي روا

چپ چپ تڙڦي دل ڪجهه، نه پڇ نه ڪائي ڳالهه پڇ

وقت جدائي مثل، مرڻ ڪيئن چپ آيو توکي رهڻ

حيران ٿي ارمان آيو لڱڻ، ڏاڍ هي دل جو ڏٺو سهڻ

وقت جدائي بخير، ملڻ ڪيئن دل تنهنجي سَٺو عاشق پنهنجو ڪيئن ڪٺو

موت سر آيو جهلي، ڇا چوان ڏاڍي ڀلي

هاڻي پڇ نه ڪجهه، ڪجهه نه ڪڇ وڃي پنهنجي دل کئون پڇ

ويٺو دلبر روبرو، لکين دل ۾ آرزو

ٻئي نظرون ٿيون دوبدو، رڳي چپ ئي چپ نه تو نه تو

هئي دل دردمند هي، زبان تنهنجي بند هي

تقدير جو هي حڪم هو، قسمت جو لکيو قلم هيو

نه ڳالهاءِ نه ٻولهاءِ نه هٿ پير هلاءِ

درد دل ۾ ايترا، محافظ توتي ڪيترا

جتن ڪيم جيترا ڪم نه آيا هت ذرا

نه ڪڇ نه پڇ وڃي پنهنجي دل کئون حال پڇ

هائي چپ- اڄ چپ- ڪير چپ- ڇو چپ- ڇاکئون چپ

ڪجهه ته چئو- ڇا چوان ڪنهن کي چوان- ڀلا ڪجهه ته ڳالهاءِ ڇا ڳالهايان ڪنهن سان ڳالهايان، ڪجهه ته ڪڇ- ڇا ڪڇان ڀلا ڪجهه ته پڇ- ڇا پڇان- حال منهنجو ڪجهه نه پڇ- وڃي پنهنجي دل کئون پڇ

يار مون وٽ رات ڀر، خوف جدائي هجي قهر

هن وقت چپ لڳي زهر، ديد عبرت ديد حسرت اچي نظر

لاچاري سر تي چارئي پهر، دل نماڻي ڪيئن سهي

ڏوهه ڪنهن جو ڪنهن تي ٿئي، تقدير وجهي ڪنهن جي مٿي

هي يار مون سان نا ملي، وڃڻ ويل گلي نه لڳي

هٿ افسوس ويٺو ملي بيتاب دل کي ڪيئن جهلي

ڪجهه نه ڪڇ نه حال پڇ، وڃي پنهنجي دل کئون پڇ

اي دل تون ضبط ڪر، مگر ضبط صبر اهنجو آ

ڪم نه سهڻ ڪنهن جو آ، ڌنڌو غم سان منهنجو آ

ڪير سهي توکئون سوا بخدا، پر ڏٺئي دلبر سخت سزا

پهريئون ڇو نه ائي قضا، اسان قبول ڪئي هيءَ رضا

ماڻهن ماڻيا پنهنجا مزا، انصاف جو هت خون آ

نه رو هي نئون مضمون آ، حال دل ڪجهه نه پڇ ڇا ڏسيان؟

پڇ نه پڇ وڃي پنهنجي دل کئون پڇ

ڏج واهه ڏج ڏنيون، ڪيئن ڏنيون، ڇو ڏنيون، ڪنهن کئون ڏنيون

ڇا کئون ڏنيون، ڏجي ڏجي وقت ويو، تڙڦي تڙڦي دل نه رهيو

کائڻ پيئڻ زهر ٿيو، آخر گڏجي کاڌو زهر مگر شرم جي هئي زبان تي مهر

چپ ٻاهر تڙڦ اندر ڪاتي جدائي گلي منهنجي خون وهي دل تي پوي

سڙي سڙي باهه ٻري دود دکي مچ مچي

توڙي ڪجهه نه ڪڇ ڇپ نوئک لد يجنهنپ يڃو مت

ڇو حسرتون تمنائون دل ۾ رهن، سڪي سڪي ساهه سڙن

همتون پنهنجيون پست ٿين، رکي رکي جوش اچي

ڇاکئون يار مدهوش ٿئي، ارمان دل جا دل ۾ رهيا

جدا آخر هڪ ٻئي کئون ٿيا، نه ملي سگهيا نه روئي سگهيا

نه گلي لڳي سگهيا، مفت ۾ بدنام ٿيا

خيال دل ۾ ڪهڙا پيا، حال دل جو ڪجهه نه پڇ

ماٺ ڀلي ڪجهه نه پڇ، وڃي پنهنجي دل کئون پڇ

سيج سهاڳڻ سٺي لڳي، شهزادي شب ويٺي ٺهي

گهرجي مالڪ عيد نظر اچي، نقصان ڪنهن کي ڪهڙو ٿئي

محبت ويٺي دل ۾ پچي، شرم حيا توکي ڇو اچي

شل ڀاڳ بخت نه پٺي ڏئي، ڪجهه سوچ سمجهه يار ڪر

پنهنجي تي نه اعتبار ڪر، افسوس عجب هي چال آ

ارمان جي هي ڳالهه آ، ڪجهه نه ڪڇ نه حال دل ماکئون پڇ

وڃي پنهنجي دل کئون پڇ

دل چوي چئي ڏيان، رنج چوي وڙهي وٺان

محبت چوي گڏ ٿي ويهان، نصيحت توکي ڪهڙي ڪيان

دل دل ۾ ويٺو سڙان، ايڏي دوري ڪيئن سهان

رنج بک ڪيئن لهي، ڪير ماري ڪير مري

بيقدرن جي پئي پلي، نادان دوست بس ڀلي

دل اسان جي ڪٿي رکي، ڪجهه نه ڪڇ وڃي پنهنجي دل کئون پڇ

دوست ٿي ڏنئي جفا، دشمن جي رنگ ڏنئي دغا

وفا جي بدلي هردم خفا، واهه پاتا توکئون نفعا

شايد قسمت آهي مون سان خفا، ورهه راتيون رهيم جدا

ضبط صبر خدا ڏٺا، وصل وصال رڳي جدائي

تقدير ۾ هردم برائي، پر توکي به شرم ڪڏهن نه آئي

ڇو منهنجي وفا جو ڪوئي نه خيال ٿيو احسان ڪوئي نه ياد پيو

ڇو ڇاکئون ڪهڙو ڏوهه ٿيو، درد غم جو حال نه پڇ

ماٺ ڪر ڪجهه نه پڇ، وڃي پنهنجي دل کئون حال پڇ

عشق ۾ آ ڏر ڪهڙو، جيءَ اندر سان آهي جهيڙو

نه ڪو ڪم هي آ برو اهڙو همت سان آهي غم ڪهڙو

صفائي سان ڇاهي سچو ميڙو، مان ۾ تو ۾ آ ڪوڙو ڪهڙو

جلي جلي اچي خار، ماڻهن ڏنو ناحق آزار

عشق ڪيو آخر بيمار، ڇڏايو ظلم سان ماڻهن لاچار

الله ٻيلي يار، نادان خوش ڪيئو

هاڻي ڪوڙو جهان، بس بس هاڻي سهڻا يار

ڏٺا ڪيئي ڪوڙا اقرار، جيئري مشڪل وري ديدار

هاڻي ڪجهه نه پڇ، وڃي پنهنجي دل کئون پڇ

ڪجهه ڪجهه شڪ پوي مان کي، ڪيئن دل دلبر دوري سهي

دل ڏي ڇڪيان ٻاهر پهچي، جدائي وقت ڪيئن دل سهي

ڪيئن پهچي پري ٿئي، بيوس هو نظر اچي

ماڻهن جو ڪيئن ڀلو ٿئي، ايري غيري کئون هردم ڊڄي

يا هڪ فريب عياري آ، ڪوڙي ڏٺي ياري آ

رئندي عمر گذاري آ، پڇ نه پڇ ڪجهه نه ڪڇ وڃي پنهنجي دل کئون پڇ

سانگا ساٿ سڀ ڇٽي ويا، آسرا سڀ ٽٽي ويا

پورهيا سڀ اجايا ٿيا، بي چتن کئون ڀڄ پري ناحق ”ناز“ جي ۾ ڳري

بي اثرن کي ڪجهه اثر نه ٿئي، روز جي بيپرواهي نه ٺهي

اڄ ڪيئن هي دل چوي، ڏٺي ڏٺي دل جي ڪشش

خون جي ڇڪ آ بي ڪشش، ٻن جو جدا ٿيڻ موڪلائڻ

قدرت ڏيکاريو ملڻ ملائڻ، صدما دل کنيا ڪن جا

امتحان دل ورتا ڪن جا، اين ڪجا وَ آن ڪُجا

پر حيف محبت کي آ منهنجي، پر حيف شناس کي آ منهنجي

نقش دل تئون ڪيئن لهي، داغ دل تئون ڪيئن وڃي

خيال دماغ تئون ڪيئن مٽجي، قلم بند ٿئي، ڪيئن ڇو ٿيو؟

ڇا کئون ٿيو؟- ڪجهه- نه- ڪڇ- نه- حال- پڇ

وڃي پنهنجي دل کئون پڇ

ڪوئي معشوق ڪم نه اچي، عاشق کي معشوق ڪجي

بي شناسي مرض آ، پورو نه ٿيڻو هي فرض آ

عشق بي وقار ٿئي، عقل بيڪار ٿئي

زندگي دشوار ٿئي، جيئڻ ڏسڻ ڪهڙو ٿئي

موت اچي مون کي اتي، نه پنهنجو پرايو هجي اتي

ڏک ڏوراپو ڏي نه هتي، جو ڏٺم عجب ڏٺم

جو ٿيو سو عجب ٿيو، هميشه جو دل تي صدمو ٿيو

حيران دل دماغ، ٿيو ديوانو توکي دلبر ڪيو

جو ڪجهه ڪيو چڱو ڪيو، دل نه هن جي چيو ڪيو

”ناز“ بند بڪواس ڪيو، روئڻ رت جو تو ڏٺو

جدا ڪيئن جگر ڪيو، پنهنجي پرائي جو حال ڏٺو

جدائي جو فرق اتفاق ٿيو، هائي هائي ڪندا وتو

هاٿي اتي رهيو قطرو وڃي ايران پڳو

فيل درانجا بماند قطره به ايران رسد

محبت پيار جي آ پڌري ديد، مرض سودا ٿيو شديد

درد دل جو حال نه پڇ، ”ناز“ ماٺ ماٺ نه ڪڇ نه پڇ

وڃي حال پنهنجي دل کئون پڇ

نظم 3

حال زار

دل ته بدنام ٿي تون شاد ٿي

عبث تنهنجي گلا چوندي چوندي اچي ٿي حيا

هي اميدون هي تمنائون جن کي ورهه پاليم دل ۾

ڪڏهن ٿينديون پنهنجون ڀلا

اي حسن تنهنجي معزوري، بيوفائي ڪينه وري

دلبري عشوه گري ڪير غش کائي سر راهه

ڪريو ڪير مئو اک ڦيري پٺتي ڏس ته ذرا

بيشڪ ماريو اکين

جنهن ڏي ڦيري ڪيئي نگاهه، نه ملي دل کي پناهه

يار جو قهر ڏسڻ تنهنجو جادو آ سحر

لک دفعا روڪيم دل کي، پر نه رڪيو بَخدا

رات ڦري ساڙي سڙي ويٺي جگر کي مل جليا غنچا ڦول ۽ ڦل

اجڙيو ”ناز“ جو دل نه ڦوليا نه ڦليا رهيا سڪا ۽ سڙيا

ڪاريون ڪاريون گهٽائون ڪارا ڪارا بادل

پپيهن جي پڪار ڌيمي ڌيمي ڦهار

هي سال سانوڻ مفت ورئڻ ۾ ئي ويو

ڇا چئون هن کئون سوا

ملڻ يار جو منهنجي خاڪ کي، ارمان نه کٽي

دل تاب توان اي صنم بهر خدا

ڪجهه نه ڪڇ پنهنجي دامن کي جهڪاء

رس ڀري محبت واريون، اکيون تنهنجون ڪاريون

سوا پيئڻ جي متواليون، گندمي رنگ نمڪين نقشا، ڏين ٿا جفا

اف ڪٿي ۽ ڪاڏي ڌيان ويا، ڏسڻ تنهنجو هڪ تکي بڙڇي

نوڪ جنهنجي دل نه سٺي، دل کي ڪيو اٿس ڇلڻي

ڦري پٺتي ڏس ته ذرا، اکيون رنل آواز ڀريل، ڳالهيون گهٻرايل

هن ڳالهه کئون ته لڳن ٿا پتا، ”ناز“ تون قسم نه کاء

نظم 4

تلاش دل

مان پنهنجي ڳجهه ۾ ڳوليو، مگر تنهنجي جاءِ هڪ خوبصورت زهر ڀريل

پٿر پاتم- حيران ششدر رهيم- جگر کي تنهنجي لاءِ بيچين پاتم

باغ جي گلن ۾ ڏٺم- انهن جي حالت صاف ڏسي غم ۾ پتو پتو

چاڪ گريبان هيو- باغبان کئون پڇيم- هو منهنجي ديوانگي تي کليو

صبح جي وقت سونهري شعائن کان پڇيم

مگر چمڪي ڪري انهن منهنجون اکيون بند ڪيون

رات جو ستارن کئون پڇيم

هو ڀي غمگين ٿي ڇڏي ۽ ڀڄي ويا-

صبح جو شبنم جي موتي نما قطرن کئون پڇيم

مگر هو ڀي شايد ڊڄي غبار ٿي ويا

تنهنجي متعلق پروانن کئون پڇيم

مگر بغير جواب ڏيڻ جي غيرت ۾ جلي خاڪ ساهه ٿيا

چشم گريان شمع بريان روشن کئون پڇيم

هو ڀي شرم جي ماري پگهري ختم ٿي وئي

آخر رلي ٿڪي نااميد هر ڪنهن کئون ٿي زبان مئون اچانڪ نڪتو

ڇا مان توسان نه ملندس؟

۽ مان بادلن کئون روئي پڇيو

هو ڀي منهنجي حالت ڏسي وسي پيا

مان مايوس ٿي آسمان ڏي ڏٺو

هو ڀي ماتمي لباس ۾ هو

مان بجليءَ کئون پڇيو هن ساڙي خاڪ ڪيو

مان واري ريت کئون پڇيو جو هو ڀي مٺ مان وهي وئي

مان سائي گاهه کان پڇيو جو هو ڀي سڙي سڪي ويو

مان چنڊ ڏي اشارو ڪيو جنهن پنهنجو داغ ڏيکاريو

منهنجي فلڪ سوز آهن کئون آسمان ڊڄي جهڙ جي

نقاب هيٺئون لڪڻ لڳو

مان شفق ڏي ڏٺو- هو ڀي غصي ۾ سرخ آتش رنگ

مون تي چڙيل نظر آيو

آخر لاچار بي يار بي مددگار نه همدم نه مونس نه همراز

بي وطن مصيبت زده مايوس نا اميد روئندو روئندو

دلبر دلبر ڪندو ڳوليندو پنهنجي زندگي کئون بيزار

۽ تنگ ٿي ڪري آخر بستر مرگ تي ستم ته توکي

هڪ ٻي دل سان خواب ۾ ڳنڍيل ڏٺم- اها دل

اهڙي بت جي هئي جو منهنجي دل ۽ هر دل هن

جي پوڄا پئي ڪئي- خواب کئون بيدار ٿيم- اها

مايوسي نا اميدي جدائي جان جي مصيبت درد غم

جي سامهون مان هيس- دانهن ڪري پنهنجو

سر پٽي رهجي ويس- پوءِ هي چيم- توکي نه ملڻو هو

نه مليم آخر نه مليم- الله ٻيلي يا قسمت يا نصيب- نه ملڻو هو نه مليم

نظم 5

بيڪس فرياد

تنهنجي انديش کئون، ارادن کي شڪست آ

هي تنهنجي بي همتي ۽ پستي، جنهن ڪيو مجبور آ

تون اهين ديوانو جو، ڪوشش جلوه ۾ گم ٿئين

ورنه دل تنهنجي جو ذرو ذرو، خود سراپا نور آ

هر نفس کي ڏئين ها، پيغام لذت ذوق عمل

جيڪر توکي پنهنجي مراد جو، حاصل ڪرڻ منظور آ

عشق کي ڏسي ڪري، فريب حسن آواره نه ڪر

عشق خود تنهنجي گهر جي هڪ زيبائش مستور آ

تنهنجي هڪ تڙڦ ڪافي آ، مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ

اهو احمق آ جو سمجهي ڪِ، منزل هي دور آ

افسوس تو نه ڄاتو، سردل جي ساز جو

اڄ ڀي اها باهه، اهو ڪوههِ طور آ

تون پاڻ لاچار ٿي ڪري، قوتون ڪيون ضعيف

ورنه ساري دريا جي سطح کي، وڃائي هڪ لهر لطيف

جيڪر خوف رسوائي هجي ته، فرياد ناله نه ڪر

رنج ۽ ناڪامي کئون ڊڄ آ ته، تمنا ڀي نه ڪر

يا نظر ۽ دل کي مضبوط بنا، خوف نه ڪر

يا نگاهه شوق کي خالي، محو تماشائي نه ڪر

يا تون پنهنجي مصيبت زندگي ۾ رهه

يا تون پنهنجي زندگي ۾ غم مصيبت جي پرواهه نه ڪر

يا تون پنهنجي دل جي تمنائن کي ڪامياب بڻاءِ

يا ته پوءِ ڪائي خواهش ئي نه دل ۾ پيدا ڪر

زندگي کي يا تون پوڄا سجدي جي اصول تي گذار

يا ڪنهين جاءِ تي پنهنجي سر جهڪائڻ جي خواهش نه ڪر

جيڪر پيشاني مٿي ڪرڻي ٿي تون پير دوست جا سر تي کڻ

يا نه ڪهين دوست جي پيرن تي سر نه رک

يا ته اهڙي پي جو راز لڪيل کلن توتي

يا خالي نشي جو دل ۾، خيال ئي نه ڪر

يا نه نظارا فطرت انساني جا سک ۽ ڏس

يا ڪڏهن بي ڪهين رونق جلسه ۾ نه ويٺو ڪر

اک کي تيار ڪر ڳوڙها وهائڻ لاءِ

آتش عشق جا شعلا وسائڻ لاءِ

خانه بربادي جو غم آ، ته هيئن اظهار ڪر

چئو بجلي کي ڪک آڻي تنهنجي گهر ٺهائڻ لاءِ

چيري سينو ڏيکار دل جي زخمن جي بهار

آرزوئي شوق کي حاصل ڪرائڻ لاءِ

خواهش ديدار ۾بڻجي وڃ تون سراپا انتظار

حسن خود بيتاب آ، جلوه ڏيکارڻ لاءِ

جذبو پاڻ ڪندو پيدا نگاههِ شوق تيار

ڪجهه اشارو گهرجي پردي کلائڻ لاءِ

دوهڙو

جي خوش نصيب ٿيوان ها ته، نال تساڏي هووان ها

بڻ محبت دل اندر وچ، گڏ هميشه رهان ها

ٿي پسينا جسم تيڏي دا، وچ بدن دي رهان ها

يا ساڙ دل اپڻي ڪون ڪجل بناوان، جو اک سهڻي دي وچ پووان ها

يا رو رو ڳوڙهي گڏ ڪران جو، موتي هار گل وچ پوان ها

يا ننڊ ٿيوان ها يار دلبر دي جو، گڏ سيج سهڻي تي سمهان ها

يا جتي پير سهڻي دي ٿيوان ها جو، نال قدمان هردم رهان ها

”ناز“ سلام اسا ڏي سر اکيان تي، پرنال محبت دي خط خبردا لکان هل

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org