سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: بابا فريد گنج شڪر جا دوها

صفحو :7

 

گرنٿ ۾ شامل سنڌي دوها

 

دوهو 109

صبر ايهه سآؤجي تون بندا دڙ کره،
ودهه تهيوه درياؤ ڻڻ نه تهيوه واهڙا.

 

صاف پڙهڻي:

صبرُ اي سآءُ، جي تون بندا دِڙِ ڪرين،
وِڌ ٿي وهُ درياهُ، ٽُٽُ نه ٿي وَهُ واهڙُ.

 

دوهو 107

صَبُرُ منجهه کهان اي صبر کانيهنو،
صَبُرُ سدا بان خالق خطانه کري.

 

صاف پڙهڻي:

صبر منجهه ڪمان، صبر ڪانيئڙو،
صبر سندا ٻاڻ، خالق خطا نه ڪري.

 

دوهو 85

فريدا گلين س سجن ويهه، اک ڊهونڍيندي نه لهان،
دکهان جيو مانليهه، کارن تنهان ما پري.

 

 صاف پڙهڻي:

فريدا، ڳلئين سُجهن ويهه، هڪ ڍونڍيندي نه لهان،
ڏکان جئن ماليهه، ڪارڻ تهان مان پرين.

 

دوهو 52

فريدا رتي رت نه نکري، جي تن چيري کوه،
جو تن رتي رب سيو، تن تن رت نه هوءِ.

 

صاف پڙهڻي:

رتي رَتُ نه نڪري، جي تَنُ چيري ڪوءِ،
جي تَنَ رتا رب سين، تِنِ تَنِ رتُ نه هوءِ.

 

دوهو 116

اک پهکا نه ڳالهاءِ سبهنا مين سچا دهني،
هينئون کيهي ڻهاه، مانک سبهه امولوي.

 

صاف پڙهڻي:

هڪ ڦڪو نه ڳالهاءِ، سڀني ۾ سچو ڌڻي،
هينئون ڪهين ٺاهه، ماڻڪ سڀ امولوين.

 

دوهو 111

تن تپي تنور جيو، بالن هڏ بلن،
پيرين تهکان سر جلان، جي مون پري ملن.

 

صاف پڙهڻي:

تَنُ تپي تنور جئن، ٻارڻ هَڏ ٻَرنِ،
پيرين ٿڪان، سر ڄُلان، جي مون پرين ملن.
 

 

سرائڪي گاڏڙ سنڌي دوها

 

دوهو 55

فريدا، ننڊهي کنت نه راويو، وڊي تهي مئي آس،
دهن کوکيندي گور مين، تي سهه نا ملياس.

 

صاف پڙهڻي:

ننڍي ڪنت نه راويو، وڏي ٿي مئياس،
ڌڻ ڪوڪيندي گور ۾، توسان نه ملياس.

 

دوهو 100

فريدا رت پهري ويڌن کنبيا، پت جهڙين جهڙ پاه،
چاري کنڊا ڊهونڊيان، رهن کتهاؤ ناه.

 

صاف پڙهڻي:

رتُ ڦري، وَڻ ڪنبيا، پت جهڙين جهڙ پاءِ،
چارئي ڪُنڊا ڏيکيان، رهڻ ڪٿائين ناه.

 

دوهو 112

سرور پنکهي هيکڙو، پهاهيوال پچاس،
ايهه تن لهرين گڏ تهيا، سچا تيري آس.

 

صاف پڙهڻي:

سرور پکي هيڪڙو، ڦاهيوال پچاس،
اي تن لهرين گڏ ٿيا، سچا تيري آس.

 

دوهو 78

فريدا بري دا بهلا کر، غصه من نه هنڊهاءِ،
ديهي روگ نه لگ اي، پلي سبهه ڪچ پاءِ.

 

صاف پڙهڻي:

فريدا بري دا ڀلا ڪر، غصه مَنِ نه هنڊاءِ،
ديهي روڳ نه لڳئي، پلئهِ سڀ ڪجهه پاءِ.

 

دوهو 105

پهلي پهري پهلڙا پهل بهي پچها رات،
جو جاڳنهه لهن سي، سائي ڪنون ڏات.

 

صاف پڙهڻي:

پهرين پهرين ڦلڙا، پهل ڀي پڇا رات،
جو جاڳن لهن سي، سائينءَ ڪنون ڏات.

 

دوهو 26

فريدا گلئي چڪڙ دور گهر نال پياري نيهه،
چلات ڀجي کملي، رهان ته ڻُڻي نيهه.

 

صاف پڙهڻي:

ڳلئين چڪڙ، ڏور گهر، نال پياري نيهن،
چلان ته ڀڄي ڪملي، رهان ته ٽٽي نيهن.

 

دوهو 27

بهجو سجو کملي، الهه ورسو ميهه،
جاءِ ملا تنها سجنا، تڻو ناهي نيهه.

 

صاف پڙهڻي:

ڀڄي سڄي ڪملي، الهه ورسايو مينهن،
جاءِ ملان تنهان سڄڻان، ٽٽو ناهي نينهن.

 

- آغا سليم

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org