سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: گلدستهء قليچ

صفحو :1

گلدستهء قليچ

غزل ۽ ڪافيون (سنڌي- سرائڪي ۽ اردو)

اعجاز علي ميرزا

 

ڇپائيندڙ پاران

شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ جي علمي مرتبي ۽ مقام جي تشريح ڪرڻ سج کي آرسي ڏيکارڻ جي برابر ٿيندو. هو صحيح معنيٰ ۾ مڃيل ’عالمن جو آفتاب‘ هو، محنت سندس زندگيءَ جو مولِ متو هو ۽ فرض شناسيءَ جي سلسلي ۾ سندس شخصيت اسان جي نئين نسل لاءِ ڄڻ مشعل راهه آهي. سندس حياتي جا سڀئي روشن پهلو اسان لاءِ سبق جي حيثيت رکن ٿا.

ڪنهن به قوم جو ڪردار، پنهنجي افضل ۽ صالح مشاهيرن جي ڪارنامن جي حاصل ڪرڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ سان جڙندو آهي. مرزا صاحب بلاشبه، اسان لاءِ اخلاق ۽ ڪردار جو اهڙو روشن مينار آهي، جنهن جي جوت سان اسان پنهنجي لاءِ سڌي واٽ لهي سگهون ٿا.

سنڌي ادبي بورڊ کي بجا طور تي اهو فخر حاصل آهي ته مرزا قليچ بيگ صاحب جا لکيل ڪتاب گهڻي کان گهڻا بورڊ ئي ڇپايا آهن.

زير نظر شاعريءَ جو ڪتاب ’گلدسته قليچ‘ جنهن ۾ مرزا قليچ بيگ صاحب مختلف صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي. جنهن ۾ 16 سنڌي غزل، 17 سنڌي ڪافيون، 4 سرائڪي قافيون ۽ 4 اردو غزل به شامل آهن، مرزا صاحب جي مختلف صنفن تي ڪيل شاعريءَ جو هي ننڍڙو ’گل دستو‘ بورڊ پاران شايع ڪندي نهايت سرهائي محسوس ڪري رهيا آهيون.

هيءُ ڪتاب ڇپائيءَ جي جن جن مرحلن مان گذري ڪتابي صورت ۾ اوهان پڙهندڙن تائين پهتو آهي، ادارو انهن مرحلن ۾ ساٿ ڏيندڙ بورڊ جي ڪارڪنن، سڀني گهڻ گهرن ۽ دوستن جو ٿورائتو آهي، اسان اميد ٿا ڪريون، ته اسان جي پڙهندڙن وٽ اسان جي محنت قبول پوندي.

اسان جي لائق پڙهندڙن جون صلاحون ۽ مشورا اسان لاءِ هميشه رهنمائي ۽ رهبري جو سبب بڻجندا رهندا.

 

 

ڄام شورو سنڌ                                                سيد زوار نقوي

اربع 5- رجب المرجب 1429 هه                               سيڪريٽري

بمطابق 9- جولاءِ 2008ع                                    سنڌي ادبي بورڊ

 

 

 

بيادگار قبله محترم جناب آغا زوار

رئيس ميرزا علي حسين بيگ صاحب مرحوم

انتساب ڪتاب

هي گلدسته قليچ پنهنجي پياري مرحوم مغفور مامي صاحب جناب آغا زوار محب اهلبيت اطهار صوفي يگانه رئيس ميرزا علي حسين بيگ صاحب جي خوشنودي روح لاءِ لکيو ويو آهي. محترم قبله ماما صاحب مرحوم جن اسان جي جامع الڪمالات علمي و عملي اديب اعظم شمس العلما ميرزا صاحب رحه جي هر ادا جا عاشق ۽ معتقد هئا. شال اعليٰ عليين ۾ سندن جاءِ هجي.

آمين ثم آمين.

دارالخطيب

ٽنڊو ٺوڙهو حيدرآباد سنڌ م – پ

8- اپريل 1963ع

العارض العبد

ابوالمشتاق محمد الفضل بيگ ميرزا عفي عنه

ابن

حضرت اديب اعظم شمس العلما ميرزا

قليچ بيگ صاحب رحمة الله تعاليٰ عليه

 

 

 

ٻه اکر

        محب قديم عمدةالحڪماء مڪرم حڪيم محمد عبدالحق صاحب جڏهن به سکر کان مون وٽ اچي ته گلدسته قليچ جي باري ۾ ضرور چوي ته حضرت قبله و ڪعبه اديب اعظم شمس العلماء المعظم رئيس ميرزا صاحب رحه جو انتخاب ڪلام جو تيار ڪري ڏيو ته ڇپايان. جنهن ۾ سندن جهونا غزل ۽ ڪافيون وغيره هجن. آخر سوچي سوچي مون هيءُ ڪم پنهنجي ڀائٽي عزيزم ميرزا اعجاز علي بيگ تي رکيو. خوش قسمتي سان حضرت ميرزا صاحب رحه جن جو شاگرد رشيد ٽنڊي قيصر وارو خاموش ۽ ساده مزاج شاعر جناب حاجي ”حقير“ ابن منڱڻ خان يوم قليچ تي اچي ويو. منهنجي مشورت تي ٻٽي ڄڻا ڪتب خانه قليچ ۾ ويهي رهيا ۽ ڪتابن مان انتخاب ڪڍي هي ”گلدسته قليچ“ تيار ڪيئون. هن ريت حڪيم صاحب ميان محمد عبدالحق سکر واري جي تمنا پوري ٿي. الحمدلله اُميد ته شائقين کي هي گلدسته نهايت پسند ايندو.

ديباچو

منهنجي جد امجد جناب مرحوم و مغفور شمس العلماء ميرزا قليچ بيگ صاحب عليه الرحمت جي اسم گراميءَ کان سنڌ جو هر اهل علم واقف آهي. سنڌي علم و ادب جي جا خدمت ڪئي اٿن سان اهل سنڌ حضرات کان ڳجهي نه آهي. سندن شعر تمام گهڻو آهي. هيٺيان ڪتاب شعر جا ڇپيل آهن ۽ ڪي قلمي صورت ۾ آهن. 1. ديوان قليچ 2. سودائے خام ٻه حصا 3.رباعيات عمر خيام 4. موتين جي دٻلي ٻه حصا 5. طب مطبوع مخزن منظوم 6. مثنوي جام – جم 7. مثنوي تحفته الاحرار 8. لاله رخ 9. چندن هار ٻه حصا 10. املهه ماڻڪ ٻه حصا 11. عجيب جواهر – نه رڳو سنڌيءَ ۾، پر عربي، فارسي، انگريزي، ترڪي، گجراتي وغيره ٻولين ۾ به شعر چيو اٿن.

        ڪن صاحبن جي فرمائش تي چند غزل، ڪافيون ۽ بيت چونڊي، هن ڪتاب ۾ رکيا اٿم. جيڪڏهن ماڻهن چاهه ڏيکاريو ته ٻيا ننڍڙا ڪتاب به شايع ڪرايا ويندا.

 

حيدرآباد سنڌ               اعجاز علي بيگ

7- اپريل 1963ع              اسد علي بيگ ميرزا

 

 

 

گلدسته قليچ

غزل (1)

سورة الحمّد جو ترجمون

جڳائي ٿي تعريف الله جي

جو پالي سنڀالي ٿو عالم سڀئي

 

سو رحمان آهي ۽ بيحد رحيم

آهي جڳ تي نت تنهنجي رحمت عظيم

 

سو مالڪ قيامت سندي ڏينهن جو

جزا سڀ کي عملن جي ڏيندو اهو

 

تنهين جي ڪريون ٿا اسين بندگي

تنهين جي مدد پڻ گهرون ٿا سڀئي

 

سنئون رستو يا ربّ اسان کي ڏيکار

تون رک راه حق جيءَ تي پروردگار

 

انهن صالحن جي ڏيکارج تون راه

جني تي ڪئي فضل جي تو نگاه

 

نه تن جي، جي گمراه ٿيا، منهنجا ربّ

نه تن جي، ڪيئي جن تي نازل غضب

 

اسان جي دعا ڪر قبول اي خدا

ٻڌي ڪير تو ري اسان جي صدا

*

 

غزل (2)

حضرت ﷺ جن جي نعت

 

عزيزو! حشر ۾ ڏوهن جو بخشيندڙ خدا آهي،

شفيع المذنبين ليڪن محمد مصطفيٰ آهي.

 

جي رحمان ۽ رحيم آهي خدا سڀ خلق جو خالق،

ته يارو رحمةاللعالمين سرور سدا آهي.

 

احد، احمد جي وچ ۾ فرق آهي ميم هڪڙي جو،

حديث – من رآنيءَ مان، اهو ثابت صفا آهي.

 

نبي ٿيو نور مان پيدا، سو هو آدم کان اڳ موجود،

اهو لولاڪ جو صاحب، دو جڳ جو مقتدا آهي.

 

چڙهي بُراق تي، معراج، ڪيو، تنهن عرشِ اعليٰ تي،

لنگهي کان قاب قوسين اُن، ڏٺو حق جو لقا آهي.

 

پڙهن جِنَّ ۽ ملائڪ ٿا، محمد ﷺ مير تي صلوات،

پڙهڻ انسان تي هر وقت، واجب ۽ روا آهي.

 

”قليچ“ آهي مٺي ماکيءَ کان وڌ صفت ۽ ثنا اُنجي،

سا مرضن جي شفا آهي، سا دردن جي دوا آهي.

 

 

 

 

 

غزل (3)

حضرت ﷺ جن جي نعت

 

توکي ڪريان ٿو ياد مان ڏينهن رات يا نبي!

سهسين پڙهان سلام ۽ صلوات يا نبي!

 

تون آهين نورِ حق، تون هدي الله، تون رسول،

تون مصطفيٰ، تون سيد، سادات يا نبي!

 

تنهنجا مَلَڪَ سلامي ۽ تنهنجا فلَڪَ غلام،

نِت عَرش ڪرسي، ارض و سماوات يا نبي!

 

خالِق جو تون حبيب ۽ اُمت جو تُون شفيع،

تون ابرِ رحم، بحرِ ڪرامات يا نبي!

 

تو آئي هاشِمي! ٿيو روشن زمين، زمن،

ٿي ڏور جَڳَ مان ظُلم جي ظلمات يا نبي!

 

عاصي ۽ عيبدار آهن تنهنجي آسري،

ڏيارين تنهين کي عَدنَ جا جنات يا نبي!

 

هِتِ، هُتُ تون مومنن کي رکين سرخرو سدا،

ماري منافقن کي ڪرين مات يا نبي!

 

آهيم تنهنجو نانءُ، صبح، شام وات ۾،

ليل و نهار تنهنجي اٿم تاتِ يا نبي!

 

آهي سدائين تو سندو دامَن لڳو ”قليچ“،

ڏاتر کان تنهن کي ڏيار وَٺي ڏات يا نبي!

*

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org