سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪلام بلبل

صفحو :1

ڪلام بلبل

غلام محمد گرامي

 ناشر طرفان ٻه اکر

       مرحوم شمس الدين ”بلبل“ جي ڪلام جو ٻيو مجموعو ”ڪلام بلبل“ پڙهندڙن جي خدمت ۾ پيش ڪجي ٿو، مجموعي تي مولانا غلام محمد ”گرامي“ کان علاوه مرحوم ضياءُ الدين” بلبل ۽ مرحوم حافظ عبدالله” بسمل“، ”بلبل“ متعلق ڪافي معلومات افزا مواد پيش ڪيو آهي.

       ”ڪلام بلبل“ ۾ ’بلبل‘ جي نعتيه ڪلام کان سواءِ اهو ڪلام به آندو ويو آهي، جنهن ۾ هن پنهنجي مخصوص مزاحيه ۽ طنزيه انداز ۾ زندگيءَ جو هرشعبي ۾

شوخيءَ جو مقصد فقط تفريح طبع يا اجائي ياوه گوئي ڪونهي، بلڪ قوم جي معاشي ۽ معاشرتي زندگي کي بهترين روش تي هلائڻ جي هڪ سهڻي ڪوشش آهي.

 جيئن اڳي عرض ڪري چڪا آهيون ته ”بلبل“ پنهنجي فن جو امام آهي ۽ سندس پايي جو انهي مخصوص فن ۾ اڃا  ڪو شاعر پيدا ڪونه ٿيو آهي، افسوس آهي جو سندس ڪيترو ڪلام هٿ نه اچي سگهيو آهي، جيڪي ڪجهه ملي سگهيو آهي، اهو بهر حال ”بلبل“ جي فن ۽ فڪر کي سمجهڻ لاءِ ڪافي آهي. ” ڪلام بلبل“ اسان جي پڙهندڙن لاءِ نئون نياپو پيش ڪري ٿو ۽ اميد ته ان جو مطالعو مفيد ثابت ٿيندو.

حيدرآباد، سنڌ                    (ڊاڪٽر اسد الله شاهه حسيني)

23 جولاٰءِ 1969ع                       اعزاز سيڪريٽري

       سنڌي ادبي بورڊ 

ٻه لفظ

         ”ديوان بلبل“ جي اصلاح ۽ ترتيب کان پوءِ ”ڪلام بلبل“ جي ترتيب جو ڪم هٿ ۾ کنيو ويو، ان سلسلي ۾ مرحوم رئيس ضياءُ الدين صاحب ايس” بلبل“ هن ”ڪلام بلبل“ جي تڪميل  تي مسرت ۽ اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ”ديوان بلبل“ وانگر ديباچو لکيو، جو نهايت معلومات افزا آهي.

          ”ديوان بلبل“ جي پراڻي ڇاپي ۾ ”ڪريمان نيچرل“ آيل آهي، جا مون اتاهون ڌار ڪري ”ڪلام بلبل“ ۾ آندي آهي، ان طرح ”ديوان بلبل“ مان حضرت خسرو رحه جي غزل تي تضمين به هن مجموعي ۾ آندي وئي آهي، ڇالاءِ ته  خسرو جو ”نعتيه غزل“ آهي، جنهن کي هٿ تضمين سميت شان رسالت جي عنوان هيٺ درج ڪيو ويو آهي، ان تصرف کي مرحوم رئيس ضياءُ الدين ايس ”بلبل“ به قبول ڪيو آهي.

    ان طرح ”پليگي ڪريما“ جي بوسيده ورقن تان فقط

هڪ غزل ۽ ٻه چار شعر 1905ع جي مطبوعه نسخي، جو ڪرم خورده هو، تان اتاري سگهيا آهيون، افسوس اهو اهي جو ڪوشش جي باوجود ”پليگي ڪريما“ جو ڪو صحيح ۽ سالم نسخو نه ملي سگهيو آهي، اميد ته ملڻ تي ٻئي ڇاپي ۾ اضافو ڪيو ويندو.

  ان طرح ”رحيمان“ ۽ ”ڪريما نيچرل“  مڪمل ۽ ”پليگي ڪريما“ مان انتخاب هڪ هنڌ آيل آهن.

    ان کانپوءِ ”بلبل“ مرحوم جي اخلاقي، اصلاحي، قومي ۽ ديني ڪلام جو انتخاب پيش ڪيل آهي، جن ۾ ڪجهه مزاحيه اشعار به اچي وڃن ٿا. جيئن حمد و مناجات، نعت سرور، ڪائنات(سنڌي اردو، فارسي، عربي) خاتون جنت، (سرائڪي)

ان طرح ا صلاحي شاعريءَ ۾ جذبات عرفاني، سيرو سياحت،آفتاب عالمتاب، تجارت، جماعت بندي، احساس ملت، فنا، رات، مسلمان، منتخب ڪلام آهي.

  مزاحيه ڪلام ۾، نئون زمانو، نئين تعليم، حال زار زميندارن، گشت جي مصيبت، ڪارن جي ڪار گذاري، نئون سال پوليس جي تلبيس مزاحيه ۽ اصلاحي چيزون آهن.

قصيدن ۾ فارسي، اردو ۽ سنڌي قصيدا ڏنل آهن، جي ان وقت جي مشاهير لاءِ چيل آهن، هونءَ ته قصيدا تمام گهڻا آهن، پر ان هن مجموعي جي ضخامت جي لحاظ سان چند منتخب قصيدا ڏنا ويا آهن، آخر ۾ تاريخي مادا ۽ قطعا آهن، جي بزرگن جي وفات ۽ مسجدن جي تعميرات تي آهن.

 ”ڪلام بلبل“ کي پوري غور مان درست ڪرڻ جي حتي المقدور ڪوشش ڪيل آهي، اميد ته ڪلام ۾ ڪي به فني معائب نظر نه ايندا،  جي ڪتابن جي دست درازيءَ ۾ تساهل جي پيداوار هئا.

      جڏهن ته مرحوم رئيس ضياءُ الدين ايس بلبل جو ڪلام ”بلبل“ تي لکيل ديباچو به  نهايت جامع نظر آيو، ۽ ان سان گڏ سنڌ جي مشهور شاعر حافظ عبدالله ”بسمل“ ٽکڙائي جي مختصر تقريظ پڻ ڏنل آهي، تنهن ڪري مون مختصر مقدمي لکڻ تي اڪتفا ڪئي آهي، اميد آهي ته اهل ذوق حضرات ”ڪلام بلبل“ کي قبوليت جو شرف بخشيدا، ان طرح جن بزرگن وٽ مطبوع يا غير مطبوع ڪلام هجي، سي مهرباني ڪري اسان ڏانهن موڪليندا، جيئن ”ڪلام بلبل“ جي ٻئي حصي ۾ آڻي سگهجي.    

والسلام

غلام محمد ”گرامي

حيدرآباد

 

ديباچو

از قلم؛  رئيس ضياءُ الدين ”ضيا“ بن مرحوم رئيس شمس الدين ”بلبل“

         ”ديوان بلبل“ جي مقدمي ۾ بلبل جي سيرت ۽ سوانح سان گڏ سندس فن تي به ڪافي بحث ڪيو اٿم، اميد ته ان جو مطالعو، ”بلبل“ جي فن کي سمجهڻ جي سلسلي ۾ ڪافي ثابت ٿيندو.

”ديوان بلبل“ کان علاوه ”بلبل“ جي باقي ڪالم جي تيار ڪرڻ جي سلسلي ۾ جيڪي به ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل چيزون دستياب ٿي سگهيون، اهي  نقل ڪرايون ويون، افسوس اهو آهي ته سنڌ مان تمام ٿورن دوستن ”بلبل“ جي مواد متعلق امداد ڪئي آهي، ان مان ڪجهه حصي مان ڪجهه چيزون مختصر طرح سان ڇپائڻ جي ڪوشش به ڪيل آهي، پر سارو ڪالم اڃا يڪجا نه ٿيو آهي.

  ان سلسلي ۾ جناب ”گرامي“ صاحب جي صلاح ۽ ترتيب تي آخرڪار اتفاق ڪرڻو پيو، جو پاڻ رحيما، ڪريما نيچرل، پليگي ڪريما جو انتخاب ۽ باقي اخلاقي  اصلاحي ۽ قومي ڪلام، ”ڪلام بلبل“ جي عنوان تي جمع ڪيو اٿس، خيال هو ته هر هڪ حصو جدا نموني ۾ آڻجي ها پر باقي ڪلام جي ناياب هجڻ ۽ قلت محسوس ٿيڻ تي جو ڪجهه به موجود ٿي سگهيو ان کي” ڪلام بلبل“ ۾ آندو ويو آهي.

مرحوم ”بلبل“ جي فن ۽ سندس ظريفانه، تنقيد ۽ تخريبي پهلوءَ لاءِ هن کان اڳ سمجهاڻي ڏئي چڪو آهيان، ته” بلبل“ جديد فيشن جي مضر اثرات جي ازالي لاءِ ان قسم جو اسلوب پيدا ڪيو، جو سنڌي ادب ۾ جديد هو، جنهن جو اعتراف سڀني محقق اديبن ڪيو.

”ڪلام بلبل“ ۾ آيل سارو ڪلام، مفرقات کان سواءِ ان تخريبي ۽ تنقيدي پهلوءَ تي آهي، ڪريما پليگي ڪريما وغيره.

ان حصي کي مطالع ڪرڻ سان ”بلبل“ جي فن ۽ ان جي افاديت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، جنهن سان مرحوم جو ڪلام معمور آهي، ٻئي حصي ۾ اخلاقي ۽ اصلاحي ڪلام آهي، جنهن ۾ توحيد رسالت، تصوف ۽ اخلاق کانسواءِ وقت جي قومي اڳوڻن لاءِ قصيدا ڏنل آهن، انهن قصيدن ۾ قوم ۽ اڳوڻن جي وچ ۾ باهمي تعاون ۽ محبت پيدا ڪرڻ مقصد آهي، اها قوم جا پنهنجن محسنن ۽ خادمن جا رڳا عيب جاچيندي رهندي، سا ترقي ڪري نه سگهندي، اهي قصيدا پڻ ساراهيا ويا آهن، انهن جي افاديت

مطالعي کانپوءِ محسوس ٿي سگهندي.

         البت ڪلام ۾ موجود جديد شاعريءَ جي مقابلي ۾ چند فني ۽ لغوي  خاميون رهيل نظر اينديون، يا بحر ۽ وزن ۾ ڪٿي ڪٿي شڪستگي ۽ ناپختگي نظر ايندي، يا ٽه_ حرفا لفظ ختم،فهم، وهم،صبر، قبر وغيره غلط ٻڌل نظر ايندا، جن کي به گهڻي ڀاڱي محترم گرامي صاحب درست ڪيو آهي، ان کاسواءِ ڪتابن جي لغزش به اصل عبادت کي بگيڙيو هو، جنهن کي به جناب گرامي صاحب درست ڪيو آهي، سندس اها اصلاح قدر جي لائق آهي، ٻيو ته اهي ٿوريون گهڻيون خاميون ان زماني ۾ نظرانداز ڪندا آيا آهن، جيئن موجوده شاعري پنهنجي شاعريءَ کي باڪمال چئي رهيا آهن، تيئن آئينده ايندڙ شعراءَ جي نظر ۾ سندن ڪالم ائين ئي نظر ايندو، جيئن اسان جي نظر ۾ اسان جي وڏن جو ڪلام آهي، جنهن ۾ لغت، قافيه، بحر، وزن، حرڪات، سڪنات، وغيره جون خاميون نظر اچي رهيون آهن.

ان سلسلي ۾ هڪ جدا بحث لکڻ جو ارادو آهي، ان جي روشنيءَ ۾ ”ڪلام بلبل“ جي علمي ادبي خوبين جو اندازو بخوبي لڳائي سگهندا.

  قصيدن جي اهميت متعلق مون هن کان اڳ ”ديوان بلبل“ ۾ ڪافي لکيو آهي، منهنجو مطلب هي آهي ته ”بلبل“ پنهنجي زماني جي بزرگن ۽ بابرڪت هستين جي چونڊ ڪري انهن جي مدح ڪئي آهي ۽ انهن جي علم، خدمت ۽ ڪمال فضيلت کان قوم کي آگاهه ڪري سندس، دل ۾ عزت ۽ محبت جو بي پناهه جذبو پيدا ڪيو آهي، ان طرح سان ڪارلائل جي ”هيرو ورشپ“ جو بنياد سنڌي ادب ۾ ”بلبل“ مرحوم ئي وڌو آهي، جو افسوس جو اڄڪلهه نه رهيو آهي

اهو به عرض آهي ته ڪنهن ٻئي جي تعريف ڪرڻ وڏو فن آهي، انسان جي ڪمزوري هميشه خامين ۽ غلطين کي ڳولڻ لاءِ آماده رهندي آئي آهي ۽ نڪته چيني ڪرڻ آسان ڪم آهي، پر عيبن کي ڇڏي، هنر ۽ خوبيءَ جي ساراهه ڪرڻ لاءِ دل جي وسعت ۽ دماغ جي طراوت گهرجي، ان طرح مدح ۽ لنڊي خوشامد ۾ به فرق آهي، ”بلبل“ ڪنهن جي به اجائي خوشامد نه ڪئي آهي، نڪو مالي منفعت لاءِ قصيدا لکيا اٿس، ”بلبل“ جي فن جي افاديت جو اعتراف، هڪ طرف سندس همعصر عالمن ۽ فاضلن ڪيو آهي، ته ٻئي طرف شاعرن ۽ اديبن پڻ تسليم ڪئي آهي، ان طرح سندس سوانح نگارن پڻ مفصل طرح سان  تبصرا ۽ جائزا پيش ڪيا آهن، جي مظالع جي قابل آهي.

  سنڌ جي مشهور عالم ۽ بزرگ خاندان جي هڪ رڪن

مخدوم ميان محمد انور صاحب پاٽائي، (مرحوم) قاضي نور الدين صديقيءَ ميمبر سنڌ سروس ڪميشن جي والد، مرحوم ”بلبل“ جي ڪلام ۽ فن تي هڪ مفصل جائزو، آفتاب 25 اپريل 1908ع ۾ شايع ڪرايو هو، ان جو هڪ مختصر اقتباس پيش ڪجي ٿو، فرمائي ٿو:

  ”جيئن ناليري فيلسوف جانسن، اسڪاٽ ۽ ٻين يورپ جي مشهور شخصيتن پنهنجن ناولن ۾ فلسفي ۽ حڪمت کي جاءِ ڏيئي پنهنجي قوم ۾ جا فيشن جي دلداده ٿي چڪي هئي، هڪ وڏو انقلاب ۽ سڌارو آندو، تيئن ”بلبل“ جي ظرافتي مقالن، تضنيفن ۽ مزاحيه شعرن، جيڪو اخلاقي اثر پيدا ڪيو.  سو قوم جي سڌارڻ ۾ اسان جي ڊگهين تقريرن، تحريرن ۽ مضمونن ڪڏهن نه ڪيو آهي، جيستائين مصنف عوام جي دلين جي لاڙي کي جاچي انهن جي مزاج مطابق نه کلندا تيستائين سندن تضنيفون گهربل اثر پيدا نه ڪنديون، مشهور شاعر شيڪسپيئر جي سر جو سهرو، جيڪڏهن سنڌ ۾ ڪنهن تي سونهي ٿو ته اهو اسان جي فخر قوم،” بلبل“  جي سر تي سونهي ٿو“

”بلبل جي فن ۽ ڪلام جا شائق اڄ تائين ”بلبل“ جي تاليفات کي ساهه سان سانڍيو ٿا اچن، ڪيترا اهڙا اهل ذوق به موجود آهن، جن کي ”بلبل جي نظم ۽ نثر جا ڪيئي ڪتاب اصل بر زبان ياد آهن، جن  مان ڪافي مشهور ڪتاب، جناب گرامي، صاحب پنهنجي نوٽن سان ايڊٽ ڪيا آهن.

مون هت ”بلبل جي فن لاءِ چند اشارا ڏنا آهن، اميد آهي ته نظر وارا پارکو،  ان مان ئي اندازو لڳائي سگهندا ته ”بلبل جي فن جي اڄ به ڪيتري نه ضرورت آهي.

 هن سلسلي ۾ ٻين عالمن جا مختصر رايا پيش ڪرڻ ڪافي ٿو سمجهان، جن مان مرحوم، خان بهادر محمد صديق ميمڻ، مرحوم واصف صاحب، مرحوم حاجي محمود خادم، صاحب مرحوم حافظ ”بسمل“ ٽکڙائي، جناب پير حسام الدين راشدي صاحب، محترم مولائي، شيدائي، جناب سيد علي اڪبر شاهه صاحب، ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم، صاحب خليل مرحوم مولانا حڪيم فتح محمد صاحب، سيوهاڻي، مرحوم ”مخلص“ صاحب، مرحوم مرتضائي ٺٽوي، مرحوم حڪيم نور محمد نظاماڻي، ”نورل ۽ مرحوم جمعو خان ”غريب“ قابل ذڪر آهن.

مرحوم ”بلبل“ جي فن کي هر ڪنهن نقاد ۽ صاحب فن تسليم ڪيو آهي ۽ داد ۽ تحسين ڏيڻ کانسواءِ رهي نه سگهيو آهي. مرحوم خان بهادر محمد صديق ميمڻ لکيو آهي.

ظرافت ۽ مذاقيه ڪلام جي ڪري ”بلبل“ پنهنجي

همعصر، خواهه پيشين شاعرن کان گوءِ کڻي چڪو آهي، سارو مذاقيه ڪلام ناصحانو ڪلام  آهي (تاريخ سنڌي ادبي جلد 515 )

 مرحوم ”واصف“ صاحب رقمطراز آهي:

 ”سرزمين سنڌ جي هڪ مشهور اديب، شاعر ۽ اهل زبان مرحوم شمس الدين”بلبل جنهن جي اڳيان بلبل هزار داستان به گنگي ۽ طوطي خوش گفتار کي به عجز جو اقرار هجي... مرحوم ”بلبل“ کي قسام ازل کان ڪيتريون خوبيون قسمت ۾ آيون هيون، جيئن شعر و شاعري، فصاحت ۽ بلاغت، نثر نويسيءَ جي نزاڪت، ان سان گڏ ظرافت جي ضيافت فن صحافت جي قابل قدر لياقت ۽ قابليت، انهن مڙني خوبين ۾ مرحوم ”بلبل“ پنهنجو مٽ پاڻ هو“

”شعر و شاعري ۾ مرحوم ”بلبل“ پنهنجي همعصر شاعرن جي نقش قدم تي هليو آهي، جيئن ته دور جديد جي شاعرن وٽ جيڪا عروض وغيره جي پختگي ۽ پابندي آهي، اها مرحوم ”بلبل“ ۽ ان جي همعصر شاعرن ۾ ذرا گهٽ آهي، جنهن جا مثال ڳولبا ته گهڻي تعداد ۾ لڀي پوندا.

”در حقيقت هن ۾ مرحوم ”بلبل“ جو ڪوبه قصور ڪونهي، ڇو ته سندس دور ۾ شاعرن جو اهو دستور ۽ طريقو منظور هو، تنهن هوندي به سندس ڪلام جي رواني، موج، دريا جي نشاني آهي، چوندي چوندي بحر پلٽيو وجهي!

نظم جي عزم کي ڇڏي، سندس نثر نويسيءَ کي وٺبو ته اتي به حيرت تي حيرت آهي، نثر جي نفاست توڙي ان جي نزاڪت لا جواب آهي، جنهن جي حد نڪو حساب آهي. وري ظرافت جي چاشني چکجي، ته اهڙي لذت ٿي وٺجي جو گويا شيخ ڪباب کي بلا حجاب هضم ڪيو ويو....! ظرافت جي لياقت، ”بلبل“ جي فطرت ۾ بلڪل ڪثرت سان ٿي ڏسجي، فقري فقري ۾ اهڙو رنگ رچايو اٿس ۽ جملي جملي ۾  انهيءَ ڍنگ جو مچ مچايو اٿس. خليل صاحب جو هي قول بلڪل صحيح آهي ته ”بلبل“ کان پوءِ اهڙي ظرافت ڪنهن کي نصيب نه ٿي....“ باقي رهيون فن صحافت ان جي حڪايت به ڪهڙي ڪجي! پنهنجي وقت جي اخبار نويسن ۾ ”بلبل“ پنهنجي نوع جو پاڻ مالڪ هو، حضرت خليل جيڪي مثال ڏنا آهن، انهن ۾ هن بيمثال اخبار نويس جو شان بلڪل بلند ۽ بالا آهي، رب تعالى ان کي اها وڏي ڏات ڏني هئي، جنهن جي ڪهڙي بات ڪجي...“  (بلبل جي سنڌ ص... مولف ڊاڪٽر خليل  ص؛  هه،   و، ز)

مرحوم ”بلبل لاءِ مخلص“ مرحوم فرمائي ٿو:

”بلبل مرحوم سنڌ جي مسلمانن ۾ پهريون اخبار نويس هو ۽ پهريون شخص هو، جنهن ظرافت جي ميدان ۾ شاعري ڪئي ۽ اهو ئي هڪ هو، جنهن پهريان پهريان صحيح معنى ۾ ايڊيٽري ڪري ڏيکاري ۽ موجوده سليس پر اثر ۽ رنگين مضمون نويسيءَ جو  سڪو ڄمايو“

                           (ڪشڪول رسالو، از مخلص مرحوم)

سنڌ جي مشهور عالم دين، محقق ۽ مورخ، مولانا دين محمد صاحب وفائي مرحوم لکيو آهي؛ ”بلبل“ جي لکڻي ظرافت آميز ۽ پر مذاق هوندي هئي. جنهن ڪري هر هڪ ماڻهو، سندس مضمونن کي ڏاڍي شوق ۽ لطف سان پڙهندو هو.هن سنڌي زبان ۾ تمام چڱو سڌارو ڪيو ۽ نئين رنگ ۾ سنڌي لٽريچر ۾ اضافو ڪيائين، نظم توڙي نثر ۾ گهڻائي ڪتاب لکيائين، ديني تعليم لاءِ به ڪتابن جو سلسلو لکيو اٿس، سندس مطالعو تمام وسيع هو.

1908ع آل انڊيا ايجوڪيشنل ڪانفرنس ۾ فارسي زبان ۽ تعليم تي جا بلبل تقرير ڪرڻ فرمائي، سا فصاحت ۽ بلاغت جو بهترين نمونو هئي، جنهن جو هندستان جي وڏن وڏن اڪابرن، نواب وقار الملڪ پاران داد ڏنو.

                    (الوحيد،”سنڌ آزاد“ نمبر ص   ص 146_165)

سنڌ جي مشهور اهل قلم ۽ عالم دين، حڪيم مولانا فتح محمد سيوهاڻي مرحوم”بلبل جي فن جي تحسين هنن لفظن ۾ ڪئي آهي:

”اهو محترم شخص، سنڌ جو مشهور شاعر ۽ اهل قلم، رئيس شمس الدين ”بلبل“ هو جنهن جي شعر جو شهرو سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهتل هو، سندس قلم جو زور ضرب المثل هو، مرحوم ”بلبل“ ”پرگو ۽ بديد گو“ ظريف ۽ صاحب ذوق سليم شاعر هو، سندس  قلم جون للڪارون، ”آفتاب“، جي صفحن تي ڏسڻ جهڙيون هونديون هيون، ظرافت نگاريءَ جو ته استاد هو، سندس ڪلام دلچسپ ۽ دلڪش هو“

                   (خود نوشت حيات، از حڪيم مرحو هڪ قطعي ۾ هن طرح ٿا فرمائين؛

شمس الدين ”بلبل جو هي شيرين مقال،

سنده مين، شاعر هي، عالي مرتبه،

پرچهءِ الحق هوا هي، اور بهي،

حضرت”بلبل ڪي اب زير”صغير“

روشن ”الحق“ آفتاب، دين سي وه!

 

مرحوم حاجي محمود خادم لاڙڪاڻوي لکي ٿو؛

 ”منهنجي خيال موجب هڪ اعلى مفڪر کي پرکڻ جون ٽي نشانيون آهن، هڪ ته هن ڪا جدت آفريني ڪئي هجي، ٻيو ته هن سوسائٽي ۾ نئون روح ڦوڪيو هجي ۽ نوان جذبا پيدا ڪري نيڪ اثر وڌو هجي، حقيقت جي ترجماني ڪري ٻين جي شڪن ۽ شبهن کي دور ڪيو هجي، ٽيون ته هن ۾ پيشنگوئي جو مادو هجي ۽ قوم خواهه وقت جو پورو نبض شناس ثابت ٿيو هجي.

هنن سڀني پرکائن تي ”بلبل“ بلڪل پورو اتري ٿو.

 هو پهريون آهي، جنهن ظرافتي نظم لکيو...هو پهريو آهي جنهن ظرافت جي رستي انگريزي تهذيب جي عيبن کان مسلمانن کي آگاهه ڪيو، هو پهريون آهي، جنهن ظرافت جي رستي حڪومت جي راشي آفيسرن، علماءَ ڪرام ۽ پيران  عظام جي مخرب قوم ۽ اخلاق جي رياڪارانه ڪاررواين تي تنقيد ڪئي. هو پهريون آهي، جنهن يورپ جي مخرب اخلاق فيشن جي تقليد ۽ براين جي اصلاح بابت انگريزي خوانده نوجوانن تي طنز ڪري کين ملڪي ۽ اسلامي تهذيب ڏي متوجهه  ڪيو. هو پهريون آهي، جنهن ظرافت جي پردي ۾ ”ڪريما“ تي ”تضمين“ لکي پنهنجا اسلامي اصلاحي خيالات ظاهر ڪيا، هو پهريون آهي، جنهن ڪريما سعديءَ جي طرز تي رحيما مثنوي، مذاقيه ۽ اصلاحي رنگ ۾ نظم ڪئي، هو پهريون آهي، جنهن موجوده سليس نثر نويسيءَ جو رنگ اختيار ڪيو، جو خاص طرح اخباري دنيا لاءِ بلڪل ڪارائتو ثابت ٿيو...”بلبل“ جو اهو احسان ڪڏهن به نه وسرندو، جنهن نه رڳو اهو نمونو ايجاد ڪيو، بلڪه ان کي پنهنجي خداداد ذهانت ۽ قلمي طاقت سان نهايت بلند مرتبي تي پهچايائين، هن پوئين راءِ ۾ ”بسمل“ مرحوم سان مخلص به شامل آهن.

” نوان استعارا، نيون تشبيهون، نيون تمثيلون، نيون ترڪيبون، نوان نڪتا، چست بندش، شوخ ادا، فصاحت، بلاغت ۽ نون مضمونن وغيره جهڙيون خالص فني خوبيون، سنڌي ادب ۾ اضافو ڪيائين ۽ ٻوليءَ جو ادبي پهلو روشن ڪيائين.“

              (اپريل 1951ع ڪراچي ريڊيو تان نشر ڪيل)

مرحوم حافظ عبدالله صاحب ”بسمل“ ٽکڙائي مرحوم لکيو آهي:

 ”بلبل مرحوم پهريون ئي اديب آهي، جنهن موجوده سليس نثر نويسيءَ جي طرز ايجاد ڪئي، در حقيقت مرحوم شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ صاحب هن طرز ۾ مرحوم ”بلبل“ جوئي مقلد آهي، سندس ايڊيٽريءَ ۾ جيڪي اخبارون شايع

ٿيون، انهن ۾ سندس پر زور ۽ فصيح ۽ بليغ نثر نويسيءَ جو بي اختيار داد ڏيڻو پوي ٿو. هن کانپوءِ سنڌ ۾ جيڪي به پرزور اخبار نويس ٿي گذريا آهن، جهڙو مسٽر عبدالوهاب ايڊيٽر ”مسافر“ يا مرحوم شيخ محمد سليمان يا مرحوم”مخلص“ سي سڀئي ” بلبل“ جا خوشه چين ۽ مقلد آهن.

هن ڳالهه کان ته هرگز انڪار ڪري نٿوسگهجي ته سنڌ ۾ ظريفانه شاعري جو  پهريون پهريون موجد،مرحوم بلبل آهي، هن جو مخترع دماغ قومي اصلاح بابت جرات ۽ طاقت سان عجيب عجيب مضمون پيدا ڪرڻ لڳو.

 ........ سندس ظريفانه ڪلام مطالع ڪيو ته ......واضح ٿيندو ته هن طرز ۾ سنڌ جا سڀيئي ظريف شاعر، ويندي مخلص تائين ” بلبل“ جا متبع ۾ خوشه چين آهن.

مرحوم ”بلبل جو ظريفانه رنگ ۽ سنڌي نثر خواهه نظر ۾ ڪوئي ثاني نه آهي.......زبان جي صفائيءَ ۽ فصاحت ۽ بلاغت ۽ اداءِ مطلب ۾ ”بلبل“ مرحوم جو مت ڪو وري پيدا ٿيندو.

..... البت ڪلام جي موزونيت جو گهڻو خيال نه رکيو اٿس، جو ان وقت جي هر شاعر ۾ اها ڪمزوري نظر آئي ٿي......... ظرافي نثر نويسيءَ جي ايجاد به سنڌ ۾ پهريائين ”بلبل“ مرحوم ڪئي.“

(بلبل جا ادبي اوليات، بلبل نمبر، نئين زندگي 1965ع)

پير حسام الدين صاحب راشدي، سنڌي ادبي ۾ رقمطراز آهي:

 مرحوم ”بلبل پهريون شاعر شيرين بيان آهي، جنهن مولانا حاليءَ ۽ اڪبر الله آباديءَ جي اصلاحي ۾ ظريفانه رنگ ۾  شاعري ڪئي“                            (سنڌي ادب، اردو)

 محترم مولائي شيدائي آفتاب اخبار جي تاريخ لکندي هڪ هنڌ لکيو آهي:

 مرحوم شمس الدين”بلبل آفتاب جو ايڊيٽر ٿيو، جو وقت جو جيد عالم ۽ نظم ۽ نثر ۾ يد طولى رکندڙ اديب هو“

                  (آفتاب،سکر_ نئين زندگي 1965ع)

جناب سيد حاجي علي اڪبر شاهه صاحب، (سابق ايم.ايل.اي سنڌ) لکي ٿو:

”بلبل“ پنهنجي پر زور ۽ رنگين مضمونن سان ساريءَ سنڌ ۾ غلغلو پيدا ڪيو، جيڪي ماڻهو سندس سنڌيءَ جي رنگينيءَ کان غير مانوس هئا، سي نهايت عجب ۽ حيرت ۾ پيا، هن اهڙي فصاحت ۽ بلاغت سان صنعتون ۽ استعارا ڪم ۾ آندا، جنهن جي مطالع سان خود اهل قلم به دنگ

رهجي ويندا هئا. سنڌي زبان ۾ هن پنهنجي رنگينيءَ ۽ ظرافت نگاريءَ سان جيڪا جدت پيدا ڪئي سان ان ۾ اڳ نه هئي گويا ان فن ۾ کيس سنڌي انشاءَ جو موجد چئي سگهجي ٿو.

         رسالو علمي دنيا، ڪراچي_ا پريل 1930)

ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم”خليل“ لکي ٿو:

”بلبل“ مرحوم جي سخن سازيءَ تي غائر نظر ڪبي ته پڌري طرح معلوم ٿيندو ته جڏهن بلبل شعر ۽ ادب جي ڪوچي ۾ گامزن ٿيو، ته نه رڳو سنڌي شاعري بلڪه اسان جو ادب هڪ مضحڪه انگيز نقالي بنجي رهجي ويو هو، ان ۾ نڪو لطف هو ۽ نه زندگيءَ جا آثار هئا. ان جي رنگيني ڪاغذ جي گلن جي رنگينيءَ وانگر هئي. ”بلبل“ کان اڳ جي شاعري، بي لطف، ڦڪي ۽ سنئين سنواٽي، سنڌيءَ ۾ لکيل هئي. سندس ڪلام ناصحانه ۽ ظريفانه رنگ ۾ ڀريل آهي. ان جو مطالعو ڪبو ته ”بلبل“ جي خداداد قابليت ۽ شاعرانه  قوت جو پورو پورو ثبوت ملي سگهندو ۽ واضح ٿيندو ته هن طرز ۾ سنڌ جا سڀئي ظريف شاعر ويندي مخلص تائين بلبل جا منبع ۽ خوشه چين آهن“   (بلبل سنڌ ص 63 ۽ 89)

مولوي حڪيم نور محمد نظاماڻي، ايڊيٽر مرغ فلڪ، هن طرح  بلبل جي فن تي تحسين ڪئي آهي.

 سخن جي ملڪ جو سردار بلبل،

بهارالحق سندو سينگار بلبل.

سخن جا سور، نرگس لاله، چندين،

وليڪن، غيرت گلزار بلبل.

به شهر شعر، ڪن شريعت فروشي،

گهڻا تاجر، مگر عطار بلبل.

 سخندالي سندا، درياءِ چندين،

مگر هي بحر آ، ذخار بلبل.

منور جئن ڪ، شمس الدين، اسمش،

بلاشڪ، تئن پر از انوار بلبل.

خوشامد جي نه ورتي، راهه ”نورل“،

مگر شيدائي، بر گفتار بلبل.

(مختصر از مرغ فلڪ )

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org