سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪلاسيڪي شاعري

صفحو :1

ڪلاسيڪي شاعري

پروفيسر عطا محمد ”حامي“

بسم الله الرحمٰن الرحيم

 

قاضِي قادن

قاضي قادن ولد قاضي ابو سعيد بکري: (ولادت 868هه مطابق 1463ع – وفات 958هه مطابق 1551ع). هو پنهنجي وقت جو عالم ۽ فاضل شخص ٿي گذريو آهي. ميران محمد جونپوري جو مريد هو. شاهه بيگ ارغون سندس پير ڀائي هو، تنهنڪري کيس گهڻي عزت ڏيندو هو. شاهه بيگ کان پوءِ شاهه حسن ارغون هن کي بکر جو وڏو قاضي مقرر ڪيو. ويهه سال کن انهيءَ عهدي تي رهي، مديني پاڪ ڏانهن هليو ويو. هو ڪيترن ئي علمن جو ماهر هو. هن جو ڪلام سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جو بنيادي پٿر آهي. سندس بيت ۾ تصوف جا نڪتا بيان ٿيل آهن.

 

بيت

جوڳي جاڳايوس، ستو هوس ننڊ ۾

تهان پوءِ ٿيوس، سندي پريان پيچري

_______

ڪنز قدوري قافيا جي پڙهين پروڙين سڀ

ته ڪر منڊي ماڪوڙي کوهه ۾ پيئي ڪڇي اُڀ

_______

ڪنز قدوري فاقيا ڪو ڪونه پڙهيوم

او پارئي ٻيو جِيان پرين لڌوم

_______

سيئي سيلهه ٿيام پڙهيام جي پاڻ ئي

اکر اڳيان اڀري واڳو ٿي وريام

 

سائر ڏيئي لت اوچي نيچي ٻوڙئي

هڪائي هيڪ ٿيو وڃي سڀ جِهَت

______

لوڪان نحو صرف مون مطالع سپرين

سوئي پڙهيو سو پڙهان سوئي سو حرف

_______

سڄڻ منجهه هئام  مون ويٺي واڪ ٿيا

هيڏانهن هوڏانهن هٿڙا هئين جاڙ وڌام

 

_______


 

شاهه عبدالڪريم رحه

سيد عبدالڪريم شاهه ولد سيد لعل محمد شاه متعلوي؛

(ولادت 944 هه -- وفات 1032 هه) پنهنجي وقت جو وڏو عابد، زاهد، صوفي درويش هو. شاهه عبداللطيف رحه  ڀٽائي جو پڙڏاڏو هو. پنهنجي هٿن سان پوک ڪري گذران ڪندو هو.

پنهنجي مريدن کي سلوڪ جي واٽ سمجهائيندي شعر  چوندو هو. سندس ڪلام سريلو ۽ هر ڪنهن لاءِ دلپسند آهي. سندس بيتن ۾ معرفت جا موتي پوتل آهن.

 

بيت

تون چئو الله هيڪڙو  وائي ٻي مَ سک

سچو اکر من ۾ سوئي لکيو لک

_______

اٿي چل چرين جئن سڱ سڀئي ڇن

جي ڀانئين پرين مڙان ته مَت منهنجي ڳنهه

_______

جي جاڳيندي من ۾ ستي پڻ سيئي

من پريان نيئي پڳهيو پاڻ ڳري

_______

مٺ ڀيڙائي ڀلي جو اپٽي ته واءُ

جو پڌر وڌي ڳالهڙي تو ڇڏي  وڃي ساءُ

_______

ورَ سا سڃي ويڙهه جتي سڄڻ هيڪڙو

سو ماڳوئي ڦير جتي ڪوڙ ڪُماڻهوئين

_______

ڀنڀوران ٻه ٿوڪ ڪنين نه نئا پاڻ سين

سڪڻ سپڙين کي ۽ لاڳاپوسين لوڪ

_______

نينهن نياپي نه ٿئي سڌين سيڻ نه هون

ڪارئين راتين رت ڦڙا جان نيڻ نه رُون

_______

پاڻي اتي جهوپڙا مورک اڃ مرن

دانهون ڪن مَٺن جيئن دم نه سڃاڻن

_______

مورک مور نه ٻجهڻا هيڏان هوڏان ڪن

ڪٽر جن اکين ۾  سي ڪيئن پرين پسن

_______

اسين سڪون جن کي تان سي اسين پاڻ

هاڻي وڃي گُمان صحيح سڃاتا سپرين

_______

هوت نه ڏٺائون ڏوهه نه ڏيان جيڏئين

مٿي ڪري هٿڙا هوند مون جيئن رُنائون

_______

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org