سيڪشن؛  سياسيات

ڪتاب: قائدِاعظم جون تقريرون

باب: --

صفحو : 13

سرڪاري ملازمن کي خطاب

 حڪومت جو پهريون فرض اهو آهي ته هو سڀ کان اول ملڪ ۾ امن ۽ امان کي برقرار رکي، جيئن مملڪت جي طرفان عوام کي سندن زندگي، جائداد ۽ مذهبي اعتقادات جي حفاظت جي پوري پوري ضمانت حاصل رهي.

دستورساز اسيمبليءَ کي خطاب

11 - آگسٽ 1947ع

- جڏهين ته حڪومت جي پاليسيءَ کي عملي نموني ۾ نافذ ڪرڻ جي ذميداري سرڪاري ملازمن تي لاڳو  ٿئي ٿي، ان ڪري سندن اهو فرض آهي ته هو وقت به وقت ڏسندا رهن ته حڪومت جي پاليسيءَ تي عمل ٿي رهيو آهي يا نه؟ جيئن حڪومت تي ڪو الزام نه اچي سگهي ته حڪومت، جو ڪجهه به چوي ٿي ان تي عمل نه ٿو ٿئي.

اوهان ئي آهيو جي پنهنجي ڪارڪردگيءَ سان، عوام کي حڪومت جي نيڪ نيتيءَ جو يقين ڏياري سگهو ٿا.

مون کي ڪامل يقين آهي ته سرڪاري ملازم ان سلسلي ۾ مايوس نه ڪندا.

حڪومت جي آفيسرن کي خطاب

11 - آڪٽوبر 1947ع

- اڄ اسان هتي اعليٰ ۽ ادنيٰ جي امتياز کان سواءِ محض مملڪت جي خادمن جي حيثيت سان، هن لاءِ گڏ ٿيا آهيون جيئن اسان عوام ۽ پنهنجي ملڪ جي فلاح ۽ بهبود لاءِ غور ۽ فڪر ڪري سگهون، ان سلسلي ۾ طريقا سوچي سگهون.

اسان وڏي ۾ وڏا توڙي ننڍن ۾ ننڍا، سڀ جا سڀ پاڪستان جا ملازم ۽ خادم آهيون.

حڪومت جي آفيسرن کي خطاب - سبي

14 - فيبروري 1947ع

- مان ائين چئي نه ٿو سگهان ته اوهان جي انتظاميه بلڪل بي عيب ۽ هر لحاظ سان مڪمل آهي. مان اهو به چئي نه ٿو سگهان ته اصلاح جي ڪا گنجائش ناهي. مان ائين به نه چوندس ته سچن ۽ سمجهه وارن پاڪستانين جي طرف کان ٿيل تنقيد ڪا بري ڳالهه آهي، اهڙي  تنقيد هميشه قابل احترام تصور ڪرڻ گهرجي.

پر جڏهن مان اهو ڏسي رهيو آهيان ته ڪن طبقن ۾ رڳو شڪوه ۽ شڪايت، الزام ۽ عيب جوئيءَ کان سواءِ ٻي ڪا شيءِ ڪانه آهي، انهن وٽ هن عظيم ڪم جي سلسلي ۾ تعريف ۽ تحسين جو ڪو هڪ لفظ به ڪونه آهي. جو اوهان جي حڪومت ۽ اوهان جي وفا شعار آفيسرن طرفان انجام ڏنو پيو وڃي. جي رات ڏينهن اوهان جي خدمت لاءِ مصروف رهن ٿا. اها حالت ڏسي قدرتي  طرح سان مون کي سخت رنج پهچي ٿو. خدارا چڱي ڪم لاءِ ڪي چڱا لفظ به استعمال ڪريو. پوءِ شڪايت به ڪيو ۽ عيب جوئي به ڀلي ڪيو. هڪ وسيع انتظاميه ۾ غلطيون به ٿي سگهن ٿيون. دنيا ۾ ڪو اهڙو ملڪ ٿي سگهي ٿو، جنهن جي انتظاميه غلطين کان پاڪ هجي.

جلسه عام - ڊاڪا

21 - مارچ 1948ع

- مان چاهيان ٿو ته اوهان پاڻ ۾ هن انقلابي تبديليءَ جي اثرن ۽ نتيجن جو پورو پورو احساس پيدا ڪيو. اوهان ڀلي ته ڪهڙي به فرقي، ذات يا نسل سان تعلق رکندڙ هجو، بهرحال اوهان هن وقت پاڪستان جا خادم آهيو.

خادم پنهنجي فرض ۽ ذميداريءَ کي پورو ڪري ئي دلي خوشي محسوس ڪري سگهي ٿو.

اهي ڏينهن ويا، جو اسان جي ملڪ تي، نوڪر شاهيءَ جو راڄ قائم ٿيل هو. اڄ ڪلهه عوام جي حڪومت آهي، ۽ حڪومت عوام وٽ جوابدار آهي، گهٽ ۾ گهٽ جمهوري خيال ۽ پارليماني روايتن مطابق.

آفيسرن کي خطاب

25 - مارچ 1948ع

- مون وٽ مختلف ماڻهن وٽان شڪايتن تي مشتمل ڪيئي درخواستون پهچنديون رهن ٿيون، ممڪن آهي ته انهن درخواستن جو ڪو خاص جواز نه هجي، ممڪن آهي ته انهن جو بنياد به نه هجي، ممڪن آهي ته شڪايت ڪندڙ ڪنهن غلط فهميءَ ۾ مبتلا هجن. ممڪن آهي ته انهن کي چوري گمراهه ڪيو ويو هجي، اهڙين سڀني صورتن ۾ مان ڪافي وقت کان هڪ خاص طريقي تي عمل ڪندو آيو آهيان. منهنجو طريقو اهو آهي ته مان ڪنهن سان اتفاق ڪريان يا نه ڪريان، خواه مون کي اهو خيال هجي ته شڪايتون غلط ۽ خيالي آهن. خواه مون کي پڪو يقين هجي ته هو غلط فهميءَ ۾ آهن، پر مان هميشه صبر ۽ تحمل کان ڪم وٺندو آيو آهيان.

اوهان کي صلاح ڏيندس ته اوهان به ڪنهن شخص، ڪنهن اداري يا تنظيم سان معاملا طئي ڪندي صبر ۽ تحمل کان ڪم وٺندا رهو. ان حالت ۾ بهرحال فائدو، اوهان کي ئي پهچندو.  ماڻهو جڏهن اوهان سان ملاقات ڪري واپس ورن تڏهن کين اهو احساس نه رهي ته اوهان کانئن نفرت ٿي ڪئي يا اوهان سندن توهين ڪئي آهي. اوهان انهن سان بي دليءَ سان مليا آهيو ۽ خوش اخلاقيءَ سان پيش نه آيا آهيو.

جي اوهان منهنجن ٻڌايل طريقن تي عمل ڪندا ته پوءِ يقين رکو ته اوهان ماڻهن کان عزت ۽ احترام حاصل ڪري سگهندا.

آفيسرن کي خطاب - چٽگانگ

25 - مارچ 1948ع

- اوهان خواه ڪهڙي به کاتي ۾ هجو، ماڻهن سان اوهان جو ورتاءُ ۽ سلوڪ خوش اخلاقيءَ وارو هئڻ گهرجي. ماضيءَ جي بدنام روايتن کي هاڻي ڇڏي ڏيڻ گهرجي. هاڻي اوهان حاڪم نه رهيا آهيو، اوهان هن وقت برسراقتدار طبقي يا جماعت ۾ به نه رهيا آهيو. اوهان هن وقت ملازم ۽ خادم آهيو. ماڻهن کي اهو محسوس ڪرايو ته اوهان سندن ملازم ۽ دوست آهيو. اوهان عزت ۽ احترام، انصاف ۽ غير جانبداريءَ جو اعليٰ ترين معيار قائم ڪيو. جي اوهان ائين ڪيو ته پوءِ لازمي طرح سان ماڻهو اوهان تي اعتماد ڪندا ۽ اوهان کي پنهنجو دوست ۽ همدرد سمجهندا. مان ماضيءَ جي هر شيءِ کي رد ڪرڻ نه ٿو چاهيان. اسان وٽ اهڙا ماڻهو موجود هئا جن پنهنجا فرض نهايت خوش اسلوبيءَ ۽ ديانتداريءَ سان ادا ڪيا آهن، انهن حاڪم هوندي انصاف کان ڪم ورتو آهي. پر ماڻهن کي اهو محسوس نه ٿيندو هو. ته اسان سان انصاف ان ڪري ٿيو آهي جو انصاف ٿيڻو ئي هو، بلڪ ماڻهو اهو محسوس ڪندا هئا ته حاڪمن اسان تي عنايت جي نظر ڪئي آهي. انهن کي محبت جي گرمي محسوس نه ٿيندي  هئي، بلڪ کين آفيسرن جي سرد مهري ۽ رعب ڏسڻو پوندو هو. هاڻي اها روش ختم ٿيڻ گهرجي ۽ حاڪميت جو رعب ۽ تاثر ختم ڪرڻ گهرجي. صبر ۽ تحمل سان ڪم ڪرڻ گهرجي ۽ هر ڪنهن سان انصاف سان هلڻ گهرجي.

آفيسرن کي خطاب - چٽگانگ

25 - مارچ 1948ع

اوهان کي هڪ ادنيٰ خادم جي حيثيت سان پنهنجو فرض بجا آڻڻ گهرجي. اوهان جو نه هـِـن سياسي جماعت سان ۽ نه ڪو هـُـن سياسي جماعت سان ڪو تعلق هئڻ گهرجي. اهو اوهان جو ڪم ناهي، اهو سياستدانن جو ڪم آهي، ته هو پنهنجي موقف جي حمايت ۽ موجوده آئين يا آئينده تيار ٿيندڙ آئين جي ماتحت ٻين سان وڙهن ۽ اختلاف ڪن ۽ هڪ ٻئي کي قائل ڪن. اوهان محض سوِل ملازم آهيو. جا به جماعت اڪثريت حاصل ڪندي، اها حڪومت ڪندي، ان ڪري اوهان جو فرض آهي ته اوهان ان حڪومت جي خدمت ڪندا رهو، سياستدانن جي حيثيت ۾ نه پر هڪ خادم جي حيثيت ۾.

ان سلسلي ۾ برسراقتدار آيل حڪومت کي به پنهنجين ذميدارين جو چڱيءَ طرح سان احساس ڪرڻ گهرجي، جيئن هو اوهان کي ڪنهن به سياسي جماعت لاءِ استعمال نه ڪري سگهي.

مون کي معلوم آهي ته قديم روايت، قديم ذهنيت ۽ قديم نفسيات اسان جي عادت بڻجي چڪي آهي ۽ اهڙي عادت کان جند ڇڏائڻ ڪو سولو ڪم ناهي. پر اهو اوهان جو فرض آهي ته ڪنهن وزير جي ڪاوڙ کي برداشت ڪري به پنهنجو فرض ادا ڪندا رهو. ڪنهن جي خواهه مخواهه رڪاوٽ کي نظرانداز ڪري عوام جا سچا خادم ٿي رهو.

ملازمن کي خطاب - چٽگانگ

25 - مارچ 1948ع

- حڪومتون بڻجن ٿيون ۽ ڊهن ٿيون، وڏا وزير اچن ٿا ۽ وڃن ٿا، ننڍا وزير ڪڏهن آهن ته ڪڏهن ناهن، پر ٻيا ماڻهو ته اتي جو اتي رهن ٿا.

اوهان تي تمام وڏو بار پيل آهي، اوهان جو ڪنهن به سياسي جماعت يا سياسي ليڊر سان ڪو به تعلق نه هئڻ گهرجي.

ائين به آهي ته شايد وزيرن جي ناز برداريءَ کان الڳ رهندي، اوهان کي وزيرن جي رنج جو شڪار ٿيڻو پوي.

اوهان کي ان ڪري به تڪليف پهچي سگهي ٿي ته اوهان وڏن ماڻهن جي چيل غلط ڪم کي نظر انداز ڪري، درست ڪم ڇو ٿا ڪريو. بهرحال اوهان کي قرباني ڏيڻي پوندي. خواه اوهان کي بليڪ لسٽ تي آندو وڃي يا تڪليف ۽ پريشانيءَ ۾ مبتلا ڪيو وڃي. ياد رهي ته اوهان جي پرخلوص قربانين سان ئي ملڪ جي حالت بدلجي سگهي ٿي.

افسران حڪومت کي خطاب - پشاور

14 - اپريل 1948ع

- ياد رکڻ گهرجي ته اوهان جي حڪومت، اوهان جي ذاتي باغ وانگر آهي. اوهان جي باغ جي  آبادي ۽ شادابيءَ جو مدار ان تي آهي ته اوهان سندس ڪيتري قدر سنڀال ڪري رهيا آهيو. باغ جي ٻارين ٺاهڻ، ٽارين جي گهٽ وڌائي، اس ملڻ ۽ مناسب پاڻي پهچڻ لاءِ اوهان ڪيتري محنت سان ڪم ڪري رهيا آهيو.

ان طرح اوهان جي حڪومت به صرف اوهان جي وطن پرستاڻا، مخلصاڻا ۽ تعميري ڪوششن جي بنياد تي ترقي ڪري سگهي ٿي. حڪومت ۾ اصلاح جو واحد ذريعو فقط اوهان جي بي لوث محنت ئي ٿي سگهي ٿي.

اسلاميه ڪاليج پشاور

12 - اپريل 1948ع

- مون کي اميد آهي ته اوهان مان هرڪو پنهنجي پنهنجي دائره عمل ۾ پنهنجي فرض کان واقف آهي.

مون کي صرف اهو چوڻو آهي ته پاڻ ۾ مڪمل تعاون ۽ هم آهنگيءَ سان ڪم ڪندا رهو. ذهن ۾ اها ڳالهه رکڻ گهرجي ته اسان کي فقط پنهنجي پنهنجي محدود دائري ۾ رهي ڪم ڪرڻو آهي. جيڪڏهن اوهان پنهنجي پنهنجي جاءِ تي مضبوط ارادي ۽ خوش وخروش سان ڪم جو آغاز ڪندا ته پوءِ مون کي اميد آهي ته سياستدانن کي به احساس ٿيندو ته هو محڪمن ۽ آفيسرن تي پنهنجو اثر رسوخ وجهي، هڪ بري عمارت بنائي رهيا آهن ۽ سرڪاري ملازمن جو اخلاق خراب ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن اوهان پنهنجيءَ جاءِ تي مضبوط ارادي سان قائم رهي سگهندا ته پوءِ ياد رهي ته اوهان پنهنجي قوم جي زبردست خدمت ڪري سگهندا.

مون کي ڄاڻ آهي ته سرڪاري ملازمن تي، سياسي جماعتن ۽ ليڊرن پاران دٻاءُ وجهڻ سندن عام بيماري آهي، پر مون کي اميد آهي ته اوهان منهنجي عاجزاڻي درخواست تي قائم رهي ڪم ڪندا رهندا.

آفيسرن کي خطاب - پشاور

14- اپريل 1948ع

- پهرين ۽ مکيه ڳالهه، جا مان اوهان کي ٻڌائڻ ٿو گهران، سا اها آهي، ته اوهان کي ڪنهن به سياسي دٻاءُ ۾ اچڻ نه گهرجي. اوهان ڪنهن به سياسي جماعت يا سياستدانن جي اثر ۽ رسوخ کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه رهو  جي اوهان واقعي پاڪستان  جي وقار کي بلند ڪرڻ گهرو ٿا ته پوءِ اوهان کي ڪنهن به قسم جي دٻاءُ جو شڪار ٿيڻ نه گهرجي بلڪ عوام ۽ مملڪت جي سچي خادم جي حيثيت سان، پنهنجو فرض بلڪل بيخوفيءَ ۽ بيغرضيءَ سان ادا ڪندا رهو. مملڪت لاءِ اوهان جي خدمت ائين آهي، جيئن جسم لاءِ روح!

آفيسرن کي خطاب - پشاور

14 - اپريل 1948ع

- هاڻي اها ضرورت نه رهي آهي ته اوهان اسان ڏانهن درخواستون موڪليندا رهو. هيءَ حڪومت اوهان جي ئي آهي. اوهان کي معلوم هئڻ گهرجي ته هر حڪومت پنهنجي پاليسيءَ ۽ پروگرام کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ سست  رفتار هوندي آهي. انتظاميه پنهنجي مخصوص رفتار جي ڪري آهستي آهستي هلندي رهندي آهي ۽ ان حقيقت جو تعلق هر آزاد ۽ خودمختيار انتظاميه سان آهي. مان ائين نه ٿو چوان ته اسان جي انتظاميه ڪا مثالي شيءِ آهي. ائين بلڪل نه ٿو ٿي سگهي. مان ائين به نه ٿو چئي سگهان ته اسان جي حڪومت، پنهنجي وجود ۽ اقتدار وارن چند مهينن ۾ هميشه صحيح ڪم ڪندي آئي آهي. بلڪل نه! اسان جي انتظاميه ۾ به اصلاح جي اڃا گنجائش آهي. ۽ جن ماڻهن جي هٿ ۾ حڪومت آهي، انهن جي اصلاح جي به ضرورت آهي. مرڪز توڙي صوبن جي وزيرن، توڙي منهنجي ذات جي به اصلاح جي ضرورت آهي. هر نئين ڏينهن تي نوان نوان سبق  ۽ تجربا حاصل ٿي رهيا آهن. مان چاهيان ٿو ته هڪ آزاد ۽ خودمختار مملڪت جي حيثيت سان اوهان سربلند رهو. هر وقت وزارتن تي تنقيد نه ڪيو. مان صحتمند ۽ تعميري تنقيد جو خير مقدم ڪندس.

ايڊورڊ ڪاليج پشاور

18-  اپريل 1948ع

- ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته اسان جي بدقسمتيءَ جي ڪري، ڪجهه ماڻهو اهڙا به آهن، جي خود غرض آهن. مون کي چڱيءَ طرح سان معلوم آهي ته ڪجهه ماڻهو اهڙا به آهن جي رشوت ستانيءَ ۽ اقربا نوازيءَ ۾ وڪوڙيل آهن. مون کي اهو سڀ ڪجهه معلوم آهي ۽ جو ڪجهه ٿي رهيو آهي، ان تائين اسان جي نگاهه آهي. ان ۾ ڪو به شڪ رکڻ نه گهرجي ته اسان تمام جلدي پنهنجين غلطين ۽ براين جو ايڪسري ڪنداسون ۽ پنهنجي سياسي نظام مان زهريلو مادو ڪڍي ڇڏينداسون، پر اوهان کي ڪجهه صبر سان ڪم ڪرڻو پوندو.

اسان جي لاءِ موقعو پيدا ڪرڻ ڏيو ۽ مناسب وقت.

جلسه عام پشاور

20-  اپريل 1948ع

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org