سيڪشن؛  سياسيات

ڪتاب: قائدِاعظم جون تقريرون

باب: --

صفحو : 16

عورتن کي خطاب

 خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته اڄ ڪلهه مسلمان عورتن ۾ به انقلابي تبديلي اچي وئي آهي. اها تبديلي ڏاڍي اهميت واري آهي.

دنيا ۾ ڪا به قوم ان وقت تائين ڪا به ترقي ڪري نه ٿي سگهي جيستائين ان قوم جي مردن سان گڏ عورتون به اڳتي نه وڌن.

مسلم ڪنوينشن دهلي

17 - اپريل 1946ع

- اوهان وٽ ان کان به وڌيڪ اهم ڪاميابيءَ جي ڪنجي آهي، اها ڪنجي آهي، اوهان جو ايندڙ نسل. اوهان پنهنجي ٻارن جي اهڙي ته چڱي تربيت ڪريو، جو هو پاڪستان جي لاءِ قابل فخر شهري ۽ بهترين سپاهي بڻجي سگهن.

اوهان پاڪستان لاءِ تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن. ان پاڪستان لاءِ جنهن کي اڄ سڄي دنيا هڪ مسلمه حقيقت سمجهي تسليم ڪري چڪي آهي. بس هڪ قدم اڃا اڳتي وڌائڻو آهي، اهو وقت پري ناهي جڏهن سڄي دنيا جون قومون پاڪستان جي تعريف ۽ توصيف ڪنديون رهنديون.

مسلم ليگ جي شعبه خواتين کي خطاب - ڪراچي

6 - فيبروري 1948ع

- قوم جي تعمير ۽ ان جي استحڪام واري ڏکئي ڪم جي سلسلي ۾ عورتن کي نهايت اهم ڪردار ادا ڪرڻو آهي. عورتون قوم جي نوجوانن جي ڪردار جون معمار ٿين ٿيون، جن جي مملڪت جي نظام ۾ اهم حيثيت رهي ٿي.

مان چڱيءَ  طرح سان ڄاڻان ٿو ته پاڪستان جي حاصل ڪرڻ واري ڊگهي جدوجهد ۾ مسلمان عورتون پنهنجن مردن جي پويان واري صف ۾ فولاد وانگر قائم رهيون.

تعمير پاڪستان جي ان کان به سخت ۽ اهم جدوجهد ۾ جا اسان جي اڳيان آهي، اهو نه چيو وڃي ته پاڪستان جون عورتون پوئتي رهجي ويون يا پنهنجي فرض ادائيءَ کان قاصر ۽ عاجز رهجي ويون.

ريڊيو پاڪستان - ڊاڪا - 28 - مارچ 1948ع

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org