سيڪشن؛  سياسيات

ڪتاب: عظيم سانحو

باب: --

صفحو : 5

قومي اسيمبليءَ جو اجلاس ملتوي ڪرڻ تي پھرين مارچ جي اعلان کان پوءِ جيڪو ڌماڪي خيز ردعمل پڌرو ٿيو، ان کي ڪنھن بھ مقصدي نڪتي نگاھ کان مانسب ڪوٺي نٿو سگھجي. مجيب الرحامن پاران ان حد تائين انتھا پسنداڻي ردعمل جي اظھار جو سبب ڪو ٻيو ھو. مجيب الرحمان اھو ڏسندي تھ آئيني طور علحدگي اختيار ڪرڻ جي واٽ رڪجي وئي آھي، تھ ھن پنھنجا کيڏ بدلائي ڇڏيا ۽ تشدد جي پاليسيءَ جو سھارو وٺڻ جو فيصلو ڪيو. ٻئي طرف اولھھ پاڪستان جي ڪيترين ئي ھارايل جماعتن سندس پٺڀرائي ڪئي ۽ جيئن تھ ھٿياربند فوج بھ مؤثر طور مداخلت نھ ڪئي ھئي، تنھنڪري شيخ مجيب الرحمان سمجھيو، تھ انھن کي سندن مطالبا قبول آھن. حالتون اوستائين خراب ٿي چڪيون ھيون، جو صدر يحييٰ خان جي اوڀر پاڪستان واري دؤري جي اعلان تي شيخ مجيب الرحمان ٺٺوليءَ مان چيو تھ، ”صدر جو آڌرڀاءُ ’بنگلاديش‘ جي مھمان طور ڪيو ويندو.“ صورتحال جي ان پس منظر ۾ صدر 15 مارچ تي ڪراچيءَ کان ڍاڪا روانو ٿيو.

16 مارچ جي رات جو صدر منھنجي نالي ھڪ نياپو موڪليو، جنھن ۾ مونکي 19 مارچ تي ڍاڪا پھچڻ لاءِ چيو ويو ھو. ٻئي ڏينھن مون صدر جي نياپي جو جواب ڏيندي، کيس پڪ ڏياري، تھ جيڪڏھن شيخ مجيب الرحمان ڳالھين ۾ حصو وٺي، تھ آئون ڍاڪا اچڻ لاءِ تيار آھيان. جيئن تھ صدر اڳ ئي منھنجي ويچار کان واقف ھو، تنھنڪري اسان سمجھيو پئي، تھ اسان جي ڍاڪا وڃڻ ۽ ھن سان ڳالھين جو ٻيو دؤر شروع ٿيڻ مان ڪوبھ فائدو نھ ٿيندو. گھرج انھيءَ ڳالھھ جي ھئي ۽ جيڪا ڳالھھ اھم بھ ھئي، سا اھا ھئي تھ عوامي ليگ ۽ پيپلز پارٽيءَ وچ ۾ ڳالھيون شروع ٿين. اسان اھو ڄاڻڻ چاھيو ٿي،تھ اھي ڳالھيون ٿينديون يا نھ- ان لا٣ مون ان نڪتي بابت چِٽائي گھري ھئي- جنھن جو حوالو مون 18 مارچ تي ڪراچيءَ واريءَ پريس ڪانفرنس ۾ ڏنو ھو. انھيءَ وچ ۾17 مارچ تي صدر جي پرنسپل اسٽاف آفيسر مونکي ھڪ ٻيو نياپو موڪليو ۽درخواست ڪئي، تھ آئون ڍاڪا پھچان ۽ صدر سان ڳالھايان. ھن جي نياپي مطابق صدر يحييٰ خان ۽ شيخ مجيب الرحمان وچ ۾ ٿيندڙ ڪچھري جي نتيجي طور صدر سان منھنجون ڳالھيون بھ ضروري ھيون. جڏھن اسان کي اھو معلوم ٿيو، تھ اسان کي شيخ مجيب الرحمان سان نھ، پر رڳو صدر سان ڳالھين لاءِ ڍاڪا وڃڻو آھي، تڏھن اسان انتھائي نرميءَ سان اھا دعوت قبولڻ کان لاچاري ڏيکاري.

شيخ مجيب الرحمان طرفان صدر يحييٰ خان سان ڪيترا ڀيرا ملاقاتون ۽ ڍاڪا ۾ اولھھ پاڪستان جي ڪجھھ اڳواڻن جي سرگرمين سببان مختلف قسم جي ڳالھين جنم پئي ورتو. اخبارون ڌڪن ۽ افواھن سان ڀريل ھونديون ھيون. ڪڏھن رپورٽ ملندي ھئي، تھ ڳالھيون ٺيڪ طريقي سان اڳتي نھ ٿيون وڌن، ٻئي موقعي تي ٻڌايو ويندو ھو، تھ ڳالھيون ڪاميابيءَ سان ختم ٿي ويون. پيپلز پارٽيءَ کي ڌار ڪري ھڪ عارضي حڪومت جوڙڻ جو مسئلو نبيريو ويو. انھن ڳالھين ۾ سچائيءَ جو ڪجھھ رنگ تنھن وقت جھلڪڻ لڳو، جڏھن صدر جا قانوني مشير ڍاڪا روانا ٿيا. ڍاڪا ۾ ھنن جي موجودگيءَ سان اندازو ٿيو، تھ ھڪ عارضي دستور جوڙيو ويو آھي. غيريقيني حالتون ۽ مفاد پرست عنصرن جي گھري سازش سبب 18 مارچ تي مون صدر يحييٰ خان کي ھڪ تار موڪلي. ان ٽيليگرام ۾ مون واضح طور لکيو ھو، تھ اسان گھرين نظرن سان ڍاڪا جي ڦرندڙ گھرندڙ حالتن جو اڀياس پيا ڪريون. اولھھ پاڪستان جي اڪثريتي پارٽيءَ طور اھو ڏسڻ اسان جي ذميداري آھي، تھ عوام جي صحيح نمائندگي ٿئي پئي يا نھ- ڪنھن بھ عارضي يا مستقل ٺاھ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي ڌار رکڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، تھ اسان ان جي مزاحمت ڪنداسين. اولھھ پاڪستان جي عوام جي مفاد جو خيال رکڻ کانسواءِ ڪوبھ ٺاھ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ لاءِ قبوليت جوڳو نھ ھوندو ۽ جيڪڏھن ڪو اھرو ٺاھ ٿيو، تھ اھو قائم نھ رھي سگھندو ۽ اسان ان کي ھرگز نھ مڃينداسين.

19 مارچ جي شام جو مونکي صدر جي تار ملي، جنھن ۾ مون کي پنھنجن مشيرن سميت ڍاڪا گھرايو ويو ھو. تار ۾ اھو بھ ٻڌايو ويو ھو، تھ شيخ مجيب الرحمان صدر يحييٰ ۽ مون سان ڳالھين لاءِ تيار ٿي ويو آھي.

اسان جو شرط پورو ٿي چڪو ھو، جنھن ڪري صدر جي دعوت قبولي وئي ۽ 20 مارچ تي صبح جو مون ڪراچيءَ ۾ مرڪزي ڪميٽيءَ جي ميمبرن جي ھڪ ھنگامي گڏجاڻي گھرائي، تھ جيئن ھاڻوڪي صورتحال جو جائزو ورتو وڃي. 21 مارچ تي آئون پنھنجن ساٿين ۽ ڪجھھ آئيني ماھرن سان ڍاڪا روانو ٿيس. اسان جي روانگيءَ سان گڏ قوم جون نظرون ڍاڪا طرف منتقل ٿي ويون. ھڪ عام ماڻھو بھ ان ڳالھھ کان چڱيءَ ريت باخبر ھو، تھ فيصلي جو آخري وقت پھچي چڪو آھي. ڍاڪا جا ڪجھھ ڏينھن پاڪستان جي مستقبل لاءِ فيصلائتا ثابت ٿيندا.

ڍاڪا: مھا پڄاڻي

اسان ساڍي چئين وڳي ڍاڪا پھتاسون. ھي ھڪ ھنگامي اڏام ھئي. سفر دؤران بوئنگ جھاز جي چئن انجڻين مان ٻھ خراب ٿي چڪيون ھيون. آئون ڍاڪا مٿان اڏامندي اٿاھ ڳڻتيءَ ۾ ھئس. منھنجو ذھن ان ڳالھھ کي مڃڻ لاءِ تيار نھ ھو، تھ اسان جي ملڪ جي ھن ڌرتيءَ سان ڪو لاڳاپو رکندڙ اسان جا عوام، جن پاڪستان ٺاھڻ ۽ اڏڻ لاءِ تاريخي ڪردار نڀايو ھو، ڌار ٿيڻ چاھين ٿا. آئون اھا ڳالھھ مڃڻ لاءِ بھ تيار نھ ھوس، تھ ست ڪروڙ ويھھ لک عوام، پاڪستان کي ٽوڙڻ چاھين ٿا. مون کي ان جو ويساھ نھ ٿي آيو، تھ گذريل ڪجھھ ورھين ۾ ھتي ايتري بيزاري وڌي چڪي آھي، جو اسان جا ڀائر ۽ ڀينرون پاڻ پنھنجي ملڪ خلاف بغاوت جو اعلان ڪندا، جنھن لاءِ لکين ماڻھن پنھنجون جانيون قربان ڪيون ھيون. ورھاڱي وقت پاڪستان، اوڀر پنجاب، اولھھ بنگال ۽ آسام کي وڃايو ويو. رياست ڄمون ۽ ڪشمير، انڊيا جي ھٿن ۾ ھلي وئي ۽ ھاڻ رڳو ويھن ورھين بعد ملڪ جي اڪثريتي آبادي واري حصي جي قسمت ڊانواڊول پئي ٿي.

جھاز مان لھندي ئي فوجي عملي اسان کي گھيري ورتو. فوجي جوان ھوائي اڏي جي نگراني پئي ڪئي. انھن سان اھي پناھگير بھ ھئا، جيڪي اجھي وٺڻ لاءِ ڪئنٽونمينٽ ۾ آيا ھئا. انھن اڀاڳن پناھگيرن جون ھنيانءُ ڏاريندڙ ڪھاڻيون شايد ڪڏھن بھ وساري نھ سگھجن. وي. آءِ. پي روم ۾ برگيڊيئر ارباب خان اسان کي ٻڌايو، تھ اسان جي رھائش جو انتظام فوج بجاءِ عوامي ليگ ڪندي. شيخ مجيب الرحمان انھيءَ تي زور ڀريو ھو، تھ اسان جي رھائش ۽ سار سنڀال سندس پارٽي ڪندي. عوامي ليگ جا ڪارڪن ڪيترين ٽيڪسين سان ھوائي اڏي تي موجود ھئا. منھنجا ڪجھھ ساٿي انھن انتظامن کان ڪجھھ بددل ھئا، پر مون ان تي رضامندي ڏيکاري. بھرحال، ھڪ ڪرنل تجويز ڏني، تھ احتياط خاطر فوجي عملو اسان جو بچاءُ ڪندو. اسان ترت سمجھيو، تھ اھو مشورو ڪنھن حد تائين لڀائتو ثابت ٿيو. رستي ۾ ھڪ مخالفاڻي مظاھري کي منھن ڏيڻو پيو، جيڪو پڪ سان اڳ رٿيل رٿابندي ھيٺ ڪرايو ويو ھو. ھوٽل جي لابيءَ ۾ عوامي ليگ جي ورڪرن غنڊي گردي جو مظاھرو ڪيو ۽ وڏي آواز سان اسان کي گاريون ڏنيون ويون. ڪجھھ وقت لاءِ لفٽ کي روڪيو ويو. جڏھن اسان ڪمرن ۾ پھتاسين، تھ برگيڊيئر ارباب خان پنھنجي ھيڊ ڪوارٽر کي عوامي ليگ طرفان ڏنل آجيان جو اطلاع ڏنو. مجيب الرحمان کي ٻڌايو ويو، تھ سندس ڪارڪن اسان جي رھائش ۽ سارسنڀال ۾ ناڪام رھيا ھئا، ان لاءِ ھاڻ اسان جي ڍاڪا ۾ رھائش جو انتظام فوج پئي سنڀالي.

انھيءَ ڏينھن ساڍي ستين وڳي شام جو مون ايوان صدر ۾ صدر يحييٰ خان سان ملاقات ڪئي. صدر 16 مارچ کان 20 مارچ تائين شيخ مجيب الرحمان سان ٿيل ملاقاتن بابت ٻڌايو، تھ 18 مارچ تي شيخ مجيب الرحمان ھڪ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ھو، تھ ڳالھيون اڳتي وڌيون آھن. ان جي نتيجي ۾ عوامي ليگ جي آئيني ماھرن ۽ صدر وچ ۾ رٿيل آئيني انتظامن تي ڳالھيون ٿيون. صدر مون کي عوامي ليگ جي اڳواڻن جي ڏنل تجويزون ٻڌايون.

انھن تجويزن جون خاص ڳالھيون ھي ھيون: مارشل لاءِ ھڪدم ھٽايو ويندو ۽ مرڪز ۾ اقتدار جي منتقليءَ عملي ۾ آڻڻ بغير، پنجن ئي صوبن ۾ اقتدار منتقل ڪيو ويندو. ان تجويز مطابق مرڪز ۾ اقتدار صدر پاڻ سنڀاليندو، ۽ جيڪڏھن ھو مناسب سمجھندو تھ پنھنجي لاءِ مشير بھ چونڊيندو، جيڪي عوام جي چونڊيل نمائندن مان نھ ھوندا. ھيءَ بھ تجويز ڏني وئي، تھ قومي اسيمبليءَ کي ابتدائي طور ٻن ڪميٽين ۾ ورھايو ويندو- ھڪ اولھھ پاڪستان لاءِ، جنھن ۾ اولھھ پاڪستان جا نمائندا شامل ھوندا ۽ ٻي بنگلاديش لاءِ، جنھن ۾ اوڀر پاڪستان جا نمائندا شامل ھوندا. اولھھ پاڪستان جي ڪميٽي اسلام آباد ۾ اجلاس ڪوٺائيندي، جڏھن تھ بنگلاديش جي ڪميٽي پنھنجو اجلاس ڍاڪا ۾ ڪوٺائيندي. ٻئي ڪميٽيون مقرر وقت اندر، جدا جدا رپورٽون جوڙينديون ۽ پنھنجون تجويزون قومي اسيمبليءَ کي ڏينديون. اھو ڪم قومي اسيمبليءَ جو ھوندو، تھ اھا ٻنھي ڪميٽين جي رپورٽن تي بحث ڪري، اھڙا ذريعا ۽ رستا ڳوليندي، جنھن ھيٺ ٻئي حصا گڏجي رھي سگھن. عارضي انتظامن ھيٺ 1962ع جي آئين ۾ ڦيرڦار ڪئي ويندي ۽ ڇھن نڪتن آڌار اوڀر پاڪستان يک خودمختياري ڏني ويندي. اولھھ پاڪستان وارن صوبن کي 1962ع جي آئين مطابق صوبائي خودمختياري ڏني ويندي. اولھھ پاڪستان جا صوبا، صدر جي منظوريءَ سان پنھنجي لاءِ جيڪو طريقيڪار مناسب سمجھندا اھو اختيار ڪندا ۽ پورو منصوبو صدر جي اعلان جي روپ ۾ پڌرو ڪيو ويندو.

صدر يحييٰ مٿيون تجويزون ٻڌائڻ بعد مون کي چيو، تھ ھن مجيب الرحمان کي ڄاڻايو آھي، تھ ھي تجويزون تڏھن قبولي سگھجن ٿيون، جڏھن آئون (ڀٽو) ان تي راضي ٿيان ۽ کيس (صدر کي) وڌيڪ اطمينان تڏھن ٿيندو، جڏھن اولھھ پاڪستان جا باقي نمائندا بھ ان جي پٺڀرائي ڪندا. صدر وڌيڪ ٻڌايو، تھ سندس ارادو آھي، تھ ھو انھن تجويزن جي پٺڀرائي ڪندڙ اڳواڻن کان لکيت ۾ لکرائي وٺندو. ھن جو ويچار ھو، تھ اھي لکيتون انھن تجويزن جي عمل ۾ مددگار ٿينديون.

انھيءَ تجويز جا سٺا نتيجا نڪرن ھا، پر اوڀر پاڪستان جون حالتون سڌارڻ لاءِ تِر جيتري بھ ڪا اميد نھ ھئي، ڪابھ تجويز، جنھن سان گھوٽالو نبيرڻ جو امڪان ٿي سگھيو ٿي، ذھن ۾ آڻڻ لازمي ھئي. مون صدر يحييٰ خان کي ابتدائي ڳالھين بعد ڄاڻايو، تھ آئون ان تجويز تي حتمي راءِ سوچي سمجھي پوءِ ڏيندس. آئون پنھنجن ساٿين سان صلاح مشورا ڪرڻ گھران ٿو. منھنجي رواني ٿيڻ کان اڳ صدر مون کي سڌ ڏني، تھ ورندڙ صبح جو يارھين وڳي آئون ۽ شيخ مجيب ساڻس ايوان صدر ۾ ملاقات ڪنداسين.

ان تجويز ۾ وڏا جوکا سمايل ھئا. آئون اڃا تازو ڍاڪا پھتو ھوس، ۽ حالتن جو ابتدائي رخ ڏٺو ھئم. مون کي ان جائزي لاءِ ٿوري گھڻي وقت جي گھرج ھئي. ھوتل پھچي مون پنھنجن ساٿين آڏو ’ٻن آئيني ڪميٽين بابت تجويز‘ رکي. ھنن ان تي ڳالھايو. انھن جي راءِ ھئي، تھ ان کي نھ قبوليو وڃي، ڇوتھ ان جو مقصد ٻھ پاڪستان ٺاھڻ ھو. اھو ٻڌي مون کي ڪجھھ سڪون مليو، تھ منھنجي ساٿين جي راءِ بھ اھا ئي آھي، جيڪا منھنجي ھئي. اسان جي راءِ ھئي، تھ ايترو اھم مسئلو نجي طور نھ نبيربو ۽ نھ ئي ان سطح تي لکيتون ان کي سلجھائي سگھنديون. ان جي منظوريءَ لاءِ نئين اسيمبليءَ کي عوام جو اعتماد وٺڻو پوندو. ٻھ يا ان کان وڌيڪ سياسي اڳواڻ اسيمبليءَ کان لنوائي نٿي سگھيا، جيڪا آئيني ۽ قانوني اختيارن جي مالڪ ھئي.

22 تاريخ تي آئون رٿيل وقت کان ڪجھھ منٽ اڳي ايوان صدر پھتس. مجيب الرحمان ٺيڪ يارھين وڳي پھتو. اسان ھڪٻئي جو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ ڪجھھ لفظ کيڪار واسطي چيا. پوءِ صدر وٽ پھتاسين. اتي وري رسمي کيڪار ڪئي وئي. شيخ مجيب الرحمان انھيءَ واقعي تي ڏک ڏيکاريو، جيڪو مون سان ھوائي اڏي کان ھوٽل تائين ۽ ھوٽل ۾ ٿيو ھو. ھن چيو تھ ھن عوام کي ضابطي ۾ رکڻ جي گھڻي ڪوشش ڪئي آھي، پر جڏھن جذبا ڀڙڪن ٿا، تھ پوءِ ھر ماڻھوءَ کي ضابطي ۾ نٿو رکي سگھجي. مون جواب ڏنو، تھ آئون انھن ڳالھين کان پريشان نٿو ٿيان، جو منھنجو مقصد آٿت ڀريي نبيري تائين پھچڻ آھي، ۽ ان کانسواءِ ٻيو ڪجھھ بھ نھ. پوءِ شيخ مجيب، صدر سان ڳالھائيندي کانئس پڇيو، تھ ڇا اوھان عوامي ليگ جي تجويزن جي حتمي منظوري ڏني آھي؟ صدر کيس ياد ڏياريو، تھ ان لاءِ منھنجو رضامند ٿيڻ ضروري ھو ۽ انھيءَ تي بحث لاءِ ئي آئون اتي موجود آھيان. انھيءَ تي مجيب الرحمان چيو تھ ھن پنھنجون تجويزون صدر کي سونپيون ھيون. ھاڻي اھو ڪم صدر جو ھو، تھ مون کي قائل ڪري. ھن وڌيڪ ڳالھائيندي چيو تھ ھڪ ڀيرو ڀٽو تجويزن کي بنيادي طور مڃي، تھ ان تي وڌيڪ ڳالھيون ٿي سگھنديون. ان کان اڳ ڪچھري غيررسمي ٿيندي ۽ ھو صدارتي ايوان کان ٻاھر نڪرڻ بعد صحافين کي ٻڌائيندو، تھ ھن جي صدر يحييٰ سان ملاقات ٿي، جتي محترم ڀٽو بھ موجود ھو. صدر جواب ڏنو تھ اھو ڪافي نھ آھي، پر شيخ مجيب الرحمان پنھنجي ضد تي اٽل رھيو. انھيءَ ملاقات دؤران مجيب الرحمان جو رويو نرم پر کھرو رھيو. صدر ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ لاءِ ڪافي ۽ ريفريشمينٽ آڻڻ جو حڪم ڏنو. ڪافي پيئندي ئي شيخ مجيب الرحمان چيو تھ کيس تڪڙ آھي، ڇوتھ اڄ صبح سويل، سندس ھڪ ساٿي گذاري ويو آھي، ان سان گڏ ئي ھو اٿي کڙو ٿيو. ھن صدر کان اجازت گھري ۽ آئون کيس ڪار تائين اماڻڻ لاءِ گڏ ويس.

جيئن ئي اسان ٻاھر نڪرڻ لاءِ مليٽري سيڪريٽريءَ جي ڪمري ۾ پھتاسين، تھ شيخ مجيب الرحمان اتي ويٺل جنرل محمد عمر، جنرل اسحاق، صدر جي ملٽري سيڪريتري ۽ صدر جي نيول اي. ڊي. سي کيچيو، تھ اھي ڪمري کان ٻاھر ھليا وڃن، ڇوتھ کيس مون سان ڪجھھ ڳالھيون ڪرڻيون آھن. آئون سندس اھڙي اوچتي تبديليءَ تي ڪجھھ اڇرج ۾ پئجي ويس. ھن منھنجو ھٿ مضبوطيءَ سان جھليو ۽ مون کي ڀرسان ويھڻ لاءِ چيائين. ھن مون کي چيو، تھ حالتون گھڻيون بگڙي چڪيون آھن، ۽ انھن کي منھن ڏيڻ لاءِ کيس منھنجي مدد گھرجي. انھيءَ موقعي تي اسان ڀانئيو، تھ متان ڪٿي ڪمري جي ڀِتين کي ڪن نھ ھجن، تنھنڪري اتان اٿياسين ۽ اڱڻ مان ٿيندا ھڪ جاءِ تي وڃي ويٺاسين، جيڪا صدر جي سيلون جي پٺ ۾ ھئي.

اتي شيخ مجيب الرحمان وري ساڳي ڳالھھ ورجائي، جيڪا ھن ملٽري سيڪريٽريءَ جي ڪمري ۾چئي ھئي. ھن وڌيڪ چيو، تھ ھاڻي حالتون ايتريون تھ بگڙي چڪيون آھن، جو کين معمول تي آڻي نٿو سگھجي. ھن جو چوڻ ھو، تھ آئون سندس تجويزون مڃان، تڏھن ئي حالتون سڌري سگھن ٿيون. ھن انھيءَ تي زور ڏنو، تھ ان کانسواءِ ڪوبھ متبادل رستو نھ آھي. ھن چيو، تھ ھن ھاڻي سمجھيو آھي، تھ اولھھ پاڪستان جي نمائندھ جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي آھي ۽ باقي اولھھ پاڪستاني اڳواڻ سندس وقت پيا وڃائين. ھن اھو بھ پاڻمرادو انڪشاف ڪيو، تھ ھن خان عبدالولي خان کانسواءِ باقي اڳواڻن کي ڇنڊي ڇڏيو ھو، ڇوتھ ھن جي ويچار موجب خان ولي خان گھٽ ۾ گھٽ ھڪ صوبي جي نمائنده جماعت جو تھ اڳواڻ ھو. ھن چيو تھ ھاڻي کيس يقين ٿي چڪو آھي، تھ اسان ٻنھي جو اتفاق ھئڻ ضروري آھي. ھن ايئن بھ چيو، تھ آئون اولھھ پاڪستان لاءِ جيڪي ڪجھھ چاھيندس، ھو ان جي مڪمل پٺڀرائي ڪندو. ان جي عيوض آئون اوڀر پاڪستان بابت عوامي ليگ جي تجويزن کي عمل ۾ آڻڻ ۾ سھڪار ڪريان. اھڙيءَ طرح ھن مون کي اولھھ پاڪستان جو وزيراعظم بنجڻ جي رٿ ڏني ۽ اوڀر پاڪستان کيس سونپڻ تي زور ڏنو. ھو اٽل ھو، تھ گھوٽالي جو خاتمو ايئن ممڪن آھي، ۽ ٻيو ڪوبھ رستو نھ آھي. ھن مون کي فوج کان خبردار ڪيو ۽ چيو تھ ان تي ڀروسو نھ ڪريان. جيڪڏھن ھنن پھريائين کيس تباھ ڪيو، تھ پوءِ اھي مون کي بھ تباھھ ڪندا. منھنجو جواب ھو، تھ آئون تاريخ جي مقابلي ۾ فوج ھٿان تباھ ٿيڻ وڌيڪ پسند ڪندس. تنھن ھوندي بھ ھن زور پئي ڀريو، تھ آئون ابتدائي طور ٻن آئيني ڪميٽين واري تجويز قبول ڪيان. ھن وڌيڪ ايئن بھ چيو، تھ ھن وقت اسيمبليءَ جو گڏيل اجلاس ٿيڻ ناممڪن ٿي چڪو آھي. ان کي غير معين مدي لاءِ ملتوي ٿيڻو پوندو. ھن جي اھا بھ خواھش ھئي، تھ منھنجي ۽ سندس وچ ۾ ٻي ملاقات ٿيڻ گھرجي ۽ ان ڳجھي ملاقات لاءِ ھو پاڻ انتطام ڪندو. ان وچ ۾ آئون غلام مصطفيٰ کر کي ھدايت ڪريان، ھو ساڻس رابطو رکي. ورندر ڏينھن ھو پنھنجو ھڪ ماڻھو موڪليندو، تھ جيئن ھو غلام مصطفيٰ کر کي سندس گھر تائين پھچائي.

مون شيخ مجيب الرحمان تي پڌرو ڪيو، تھ قومي اسيمبليءَ جي التوا لاءِ منھنجي گذارش نيڪ نيتيءَ تي ٻڌل ھئي، ۽ ان متعلق ھن جو ردعمل ھروڀرو چيڙاڪ ھو. ھاني، ان کان رڳو ڪجھھ ڏينھن پوءِ، ھن جي مرضي ھئي، تھ اسيمبليءَ جو اجلاس مورڳو ڪوٺايو ئي نھ وڃي. صدر سان ۽ مون سان ھلايل ڳالھين دؤران، انھيءَ گھرج جي تصديق ٿي وئي، تھ اسيمبليءَ جي اجلاس کان اڳ اسان جو صلاح مشورو ڪيتري قدر نھ ضروري ھو. مون کيس ٻڌايو، تھ انھيءَ سبب مون ٻنھي اڪثريتي جماعتن جي اڳواٽ ڳالھين تي زور پئي ڏنو. پر ھن ان سلسلي ۾ اسان جي ھر ڪوشش کي ڇنڊي ڇڏيو ھو. انھيءَ ڪري، جيتوڻيڪ ھن اسيمبليءَ جو اجلاس ملتوي ڪرڻ متعلق منھنجي معقول مطالبي کي غلط سمجھيو ۽ غلط نموني ۾ استعمال ڪيو، تنھن ھوندي بھ بعد وارا واقعا منھنجي پھرئين مؤقف جي حمايت پئي ڪئي. مون کيس ٻڌايو، تھ آئون لازمي طور سندس تجويز تي پورو پورو ڌيان ڏيندس ۽ ڪنھن مناسب سرچاءُ تي پھچڻ لاءِ ھر ممڪن ڪوشش ڪندس. بھرحال، ان تجويز جي جيڪا بھ آخري صورت بيٺي، اھا قومي اسيمبليءَ کان بحال ڪرائي ويندي ۽ جيڪڏھن ضروري سمجھيو ويو، تھ ھڪ قرارداد جي روپ ۾ صدر کي اختيار ڏنو ويندو، تھ ھو ان بابت صدارتي اعلان ڪري. مون کيس انھيءَ کان بھ آگاھھ ڪيو، تھ اسيمبليءَ کان ٻاھر جيڪا بھ تجويز طئي ٿي، ان بابت آئون ڪابھ شيءِ لکيت ۾ ڏيڻ لاءِ تيار نھ ھوس. جڏھن تھ اسيمبليءَ ۾ عوام جا نمائندا چونڊجي چڪا آھن، ۽ اھي پنھنجي حق طور، اھا جوابداري نڀائڻ جي اوسيئڙي ۾ بھ آھن، تڏھن انفرادي طور يا پنھنجي پارٽيءَ پارنا، آئون ڪابھ اھڙي جوابداري کڻڻ لاءِ تيار نھ آھيان. شيخ مجيب الرحمان اھا ڳالھھ ھڪدم سمجھي ورتي. ھن پنھنجي جواب ۾ چيو تھ، ”توھان صحيح آھيو. آئون بھ ڪابھ شيءِ لکيت طور نھ ڏيندس. پر پھرين توھان ائين ڪرڻ کان انڪار ڪريو ۽ پوءِ آئون توھان جي پوئواري ڪندس.“

شيخ مجيب الرحمان، اسيمبليءَ جي مختصر اجلاس تائين واريءَ تجويز بھ رد ڪري ڇڏي. ڪھڙا بھ انتظام ڪيا وڃن، پر ھو فيصلو ڪري چڪو ھو، تھ ھاڻي ھو قومي اسيمبليءَ جي اجلاس کانسواءِ سڀ ڳالھيون مڃرائيندو. اھو تاثر ڏيڻ بعد ھو وڃڻ لاءِ اٿي کڙو ٿيو. آئون سندس موٽر تائين آيس ۽ اسان ھڪ ٻئي کي الله توھار چيو. عوامي ليگي اڳواڻ سان منھنجي ھيءَ آخري ملاقات ھئي.

ايوان صدر مان نڪرڻ بعد شيخ مجيب الرحمان صحافين کي ٻڌايو، تھ ھن صدر سان ملاقات ڪئي ۽ آئون اتي ملاقات دؤران موجود ھئس. ھن اسان جي الڳ ڳالھھ ٻولھھ جو ذڪر نھ ڪيو، جيڪا سندس مرضيءَ موجب ٿي ھئي. جڏھن آئون ھوٽل واپس پھتس، تھ صحافين مون کان سوال ڪيو، تھ ڇا منھنجي ۽ شيخ مجيب الرحمان جي ڪا ڌار ملاقات بھ ٿي آھي؟ مون چيو تھ شيخ مجيب الرحمان ايوان صدر مان نڪري جيڪو تاثر ڏنو آھي، آئون ان کي رد ڪرڻ نٿو گھران.

شيخ مجيب الرحمان کان موڪلائڻ بعد آئون صدر يحييٰ خان سان مليس، جيڪو پنھنجي سيلون مان اسان جي ملاقات جو منظر ڏسي چڪو ھو. صدر جڏھن ائين اچرج ظاھر ڪيو تھ، ”اوھان ٻنھي ھني مون ملھايو،“ تڏھن مون کيس ٻڌايو تھ اھو سڀ ڪجھھ سياست جو حصو آھي. مون صدر کي پنھنجين ڳالھين جي انھن حصن کان آگاھ ڪيو، جيڪي گھوٽالي متعلق ھئا ۽ انھن ڳالھين کان لنوايو، جيڪي ڀروسي ۾ وٺندي ٿيون ھيون. مون صدر آڏو عوامي ليگ جي اڳواڻ جي تجويزن متعلق پنھنجي راءِ بھ پڌري ڪئي.

مون صدر کي ٻڌايو، تھ آئون اھڙي تجويز جي ڌر بنجي نھ سگھندس، جيڪا ٻن پاڪستانن جي روپ ۾ پڌري ٿيندي ھجي. ان تجويز تي منھنجو مک اعتراض اھو ئي ھو، جيتوڻيڪ ان ۾ ٻيون بھ ڪيتريون ڪوتاھيون ھيون. اولھھ پاڪستان جي صوبن جي خودمختياريءَ لاءِ عبوري عرصي دؤران مختلف طريقيڪار پڌرو ڪيو ويو ھو، جيڪو قبولڻ جوڳو نھ ھئڻ سميت قومي اسيمبليءَ جي منظوري کانسواءِ عمل ٿيڻ جھڙو بھ نھ ھو. ملڪ تي حڪمرانيءَ جو اڪيلو ذريعو مارشل لا ھو. ان سان ئي صدر جا اختيار ۽ مرڪزي حڪومت جو وجود ھو. مارشل لا کڻڻ بعد ٻنھي جي قانوني حيثيت ختم ٿي وڃي ھا. ان بعد قومي سطح تي پڻ ھڪ اھڙو خلا پيدا ٿي وڃي ھا، جنھن کي ڀرڻ لاءِ قومي اسيمبليءَ مختيار ھئي، جيڪا قومي سطح تي ڪل اختيار جو ھڪ نئون ذريعو جوڙي ھا. اھڙي ڪنھن بھ قومي ذريعي کانسواءِ، جيئن رٿيو ويو ھو، تھ اختيار صوبن کي منتقل ڪري ڏنا ويندا، ھر صوبي جي حڪومت کي حقيقي ۽ آئيني خودمختيار حيثيت ملي وڃي ھا. انھن حالتن ۾ صوبائي حڪومتون ٺھڻ، قانوين ڏکيائين سواءِ ڪيترن ٻين مسئلن کي بھ جنم ڏئي ھا. شيخ مجيب الرحمان جو مقصد بھ اھو ھو. ھن چاھيو پئي، تھ ھو اوڀر پاڪستان تي قانوني ۽ حقيقي ضابطو ماڻي، ۽ پوءِ اھڙي صورتحال ۾ اوڀر پاڪستان کي ڌار ٿيڻ کان روڪي ئي نھ سگھجي ھا. ان حالت ۾ الھندي حصي جا صوبا بھ آزاديءَ جو اعلان ڪري سگھيا ٿي. ٻن آئيني ڪميٽين جي ابتدائي طور الڳ الڳ گڏجاڻين سبب ٻنھي حصن جي علحدگيءَ کي سگھھ ملي ھا. قومي اسيمبليءَ جي اھڙي ورڇ کانپوءِ، اڪيلي اسيمبليءَ جي ھالت ۾ ان جي اجلاس جي ڪابھ اميد نھ ھئڻ سبب، ملڪ کي ورھائجڻ کان بچائي نھ سگھجي ھا. انھن اعتراضن ۽ سبب جي روشنيءَ ۾ مون ھن تجويز کي اکيون ٻوٽي مڃڻ کان انڪار ڪيو.

تنھن ھوندي بھ حالتن جي گھرج ھئي، تھ اسان ملڪ کي بچائڻ لاءِ ڪنھن ٺاھ تي پھچون. مون چيو تھ اسان عبوري انتظامن متعلق صدر جي رٿيل اعلان تي رڳو تڏھن راضي ٿينداسين، جڏھن قومي اسيمبليءَ ان جي منظوري ڏئي. اسان اھو بھ سمجھيو پئي، تھ پھرين اسيمبليءَ جو گڏيل اجلاس ٿيڻ ضروري آھي، تھ جيئن ان ۾ مرڪز جي حيثيت جو نبيرو ٿئي، ۽ پوءِ ان جي ڪم جو دائرو مقرر ڪيو وڃي. ھڪ ڀيرو مرڪزي اختيارن جو فيصلو ٿي وڃي ھا، تھ بعد ۾ ڪميٽيون ان جي قومي ڍڪ ھيٺان ٻين ڪمن لاءِ پنھنجو دائرو مقرر ڪري سگھن ھا، پر ان جي ھرگز گنجائش نھ ھئي، تھ شروع ۾ ٻھ ڪميٽيون ڌار ڌار اجلاس ڪوٺائين.

مون صدر کي مشورو ڏنو، تھ شيخ مجيب الرحمان کي ان قسم جي ٺاھ تي راضي ڪرڻ لاءِ ھو پنھنجا اختيار ۽ اثر ڪم آڻي. اسيمبليءَ جو اجلاس ٿورن ڏينھن کان پوءِ ڪوٺائي سگھجي ٿو ۽ اھي سڀ معاملا ھڪ ھفتي ۾ طئي ٿي سگھن ٿا. پڪ سان شيخ مجيب الرحمان کان مناسب حد تائين سرچاءُ جي اميد رکي پئي وئي، تھ جيئن قومي اتحاد جو بچاءُ بھ ٿي سگھي ۽ ھو پنھنجا ڪجھھ مطالبا مڃائي سگھي. صدر يحييٰ مون کي درخواست ڪئي، تھ آئون اھي سڀ ڳالھيون شام جو ساڍي چئين وڳي سندس ماھرن آڏو تفصيلي طور ڄاڻايان. ان ريت مون پنھنجي آئيني ۽ سياسي مشيرن سان گڏ صدر جي مشيرن سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي اسان عوامي ليگ جي تجويزن جو تفصيلي جائزو ورتو ۽ سرچاءُ جي طريقي متعلق پنھنجو مؤقف ورجايو.

23 مارچ تي صدر يحييٰ خان اولھھ پاڪستان جي ٻين اڳواڻن سان مليو. ھن کي ٻڌايو ويو تھ انھن ڳالھين دؤران، صدر ٻين ڳالھين سان گڏ کين منھنجي انھن خيالن کان آگاھ ڪيو، تھ صدارتي اعلان جي شرطن ۽ وفاق جي اختيارن بابت اسيمبليءَ کان اٿارٽي وٺڻ ضروري آھي. مونکي بعد ۾ ٻڌايو ويو، تھ بلوچستان جي ھڪ اڳواڻ چيو ھو، تھ جيڪڏھن ٻھ ڪميٽيون ٺھي سگھن ٿيون، تھ پوءِ ڪميٽيون ڇو نٿيون ٺھي سگھن؟ پر انھن سڀني مون وارا اعتراض مڃيا، ۽ قومي اسيمبليءَ کانسواءِ ڪنھن بھ قسم جي مستقل سرچاءُ کي رد ڪيو ويو. مون جڏھن محمود علي قصوري ۽ ٻين ساٿين کي 23 مارچ تي رٿيل اسڪيم بابت کين پنھنجي فيصلو ڄاڻائڻ لاءِ وٽڻ موڪليو، تڏھن وري بھ انھن سڀني ان جي زورائتي پٺڀرائي ڪئي.

23 ۽ 24 مارچ تي عوامي ليگي اڳواڻن ۽ صدر جي صلاحڪارن وچ ۾ ڊگھيون گڏجاڻيون ٿينديون رھيون. انھن گڏجاڻين ۾ عوامي ليگ پنھنجي اصلي تجويز تان ڦري وئي. ھاڻي انھن ٻن ڪميٽين بجاءِ ٻن آئيني ڪنوينشنن جي گھر ڪئي. ھن چاھيو ٿي، تھ ٻھ آئيني ڪنوينشنون ٻھ آئين جورين ۽ اھي رڳو ڪجھھ تجويزن بابت رپورٽون نھ جوڙين. اقومي اسيمبلي بعد ۾ گڏجي، ٻنھي آئينن کي ڳنڍ ڏئي، ”ڪنفيڊريشن آف پاڪستان“ جو آئين جوڙيندي. اھو پھريون ڀيرو ھو جو عوامي ليگ، پاڪستان لاءِ رسمي طور ڪنفيڊريشن جي تجويز ڏني ھئي. نئين اسڪيم مطابق، مرڪزي حڪومت کي صوبن ۾ ھنگامي حالتن ھئڻ وقت بھ مٿن ڪنھن بھ قسم جو ضابطو ۽ اختيار نھ ھو. اصل ۾ ھنن ھڪ ڌار ملڪ ٿي گھريو. 24 تاريخ عوامي ليگ جي جنرل سيڪريٽري تاج الدين احمد ھڪ پريس بيان ڪڍيو، تھ اسان صدر يحييٰ خان کي پنھنجي حيثيت بابت حتمي طور ٻڌائي چڪا آھيون، ۽ ھاڻي ڳالھھ ٻولھھ لاءِ ڪجھھ بھ نھ رھيو آھي.

23 مارچ تي ”يوم پاڪستان“ ھو. ٽيويھھ ورھي اڳ ھن ئي ڏينھن تي ”قرارداد لاھور“ منظور ٿيو ھو، جنھن ۾ ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ الڳ وطن جي گھر ٿي ھئي ۽ پاڪستان جي خودمختيار ملڪ جو رسمي طور مطالبو ٿيو ھو. ايڪٽيھن ورھين کانپوءِ اسان ان خواب ۽ ان تي اڏيل شاندار عمارت کي ڇڙوڇڙ ٿيندو ڏسڻ وارا ھئاسين. ھن تاريخي ڏينھن تي قومي مھانتا ۽ ٻڌيءَ ڏيکارڻ بجاءِ، اسان پاڪستانين جي پاڪستان خلاف نفرت ڏٺي، قومي ڀائيچاري بجاءِ اٿاھ ڇڪتاڻ ڦھليل ڏٺي ۽ سڀني کان وڌيڪ پريشان ڪندڙ ڳالھھ اھا، جو ھر گھر جي چوٽيءَ تي ڳاٽ سان پاڪستاني جھنڊو جھولندي ڏسڻ بجاءِ، اسان پھريون ڀيرو ڏٺو تھ سرڪاري عمارتن ۽ عوامي ادارن سميت، ھر ھنڌ تي ”بنگلاديش“ جو نئون جھندو چڙھيو پئي. ان ڏينھن تي مليشيا ۽ پاڪستان جي بنگالي جوانن کي، پريڊ ڪري پاڪستان جي طاقت ۽ توانائيءَ ڏيکارڻي ھئي. ان بجاءِ اسان ڏٺو تھ مقامي نوجوانن ۽ نئين جوريل مليشيا، بنگلاديش جي سپاھي طور ھٿيار کڻي پريڊ ڪري پنھنجي طاقت جو مظاھرو ڪيو. شيخ مجيب الرحمان پاڻ پنھنجي گھر تي بنگلاديش جو جھنڊو چاڙھيو.

اسان مان انھن لاءِ ھڪ نھايت دردناڪ نظارو ھو، جن پنھنجي جوانيءَ واري وقت کان وٺي پاڪستان جي نظريي سان محبت ڪئي ھئي، ۽ جن ملڪ ۾ يا ٻاھرين خطن ۾ پاڪستان جي خدمت لاءِ پنھنجون زندگيون ارپيون ھيون. حقيقت ۾، واقعا وقت کان وڌيڪ تيزيءَ سان تبديل پئي ٿيا. ڪنھن بھ صورت ۾ فيصلا تھ بھرحال ڪرڻا ئي ھئا. اسين ڄڻ تِرڪڻ چاڙھيءَ جي ڪناري تي پھچي چڪا ھئاسين- اسان کي پنھنجو قدم پوئتي ھٽائڻو ھو يا وري قدم اڳتي وڌائي، ڪرڻ شرط ٽڪرا ٽڪرا ٿيڻو ھو. اھا گھڙي اچڻي ھئي، ۽ اھو وقت ’حسابن جو ڏينھن‘ ھو. اھو پڻ ڏکوئيندڙ سوچ ھئي، تھ پنھنجي پيارن ساڻينھن جي ڀاڳ ۽ سندن مستقبل، جن ٽن ھٿن جي جوڙين ۾ ھو، تن مان ھڪ، الاھي حِڪمت سان منھنجو بھ ھو.

24 تاريخ صبح جو آئون وري صدر يحييٰ خان ۽ سندس پرنسپل اسٽاف آفيسر ليفٽيننٽ جنرل پيرزادي سان مليس. مون کين ڄاڻايو تھ سرچاءُ لاءِ وقت تيزيءَ سان ھٿن مان نڪري پيو، تنھنڪري ضروري آھي تھ ڪنھن بھ وڌيڪ مونجھاري کانسواءِ ڪنھن نھ ڪنھن نتيجي تي پھچجي. مون پنھنجي جماعتي اڳواڻن مان ڪجھھ کي واپس موٽائي ڇڏيو آھي، ڇوتھ مون سمجھيو، تھ اھڙيءَ نازڪ گھڙيءَ ۾ انھن جي الھندي پاڪستان ۾ موجودگي وڌيڪ ضروري ھئي، ڇوتھ خاص طور مجيب الرحمان جي سخت ۽ غيرلچڪيدار رويي سبب منھنجي پارٽيءَ جي ڍاڪا ۾ وڌيڪ ترسڻ سان ڪوبھ مقصد نھ ملي ھا. بھرحال، اسان وري بھ اتي ترسڻ جو فيصلو ڪيو، جو غلام مصطفيٰ کر ڏانھن ھڪ ايلچي موڪليو ويو ھو، تھ ان رات کيس شيخ مجيب الرحمان سان ملائڻ لاءِ ھڪ ماڻھو ھوٽل مان پاڻ سان گڏ وٺي ويندو.

24 تاريخ جي رات جو غلام مصطفيٰ کر، مجيب الرحمان سان مليو ۽ ڏٺائين تھ ھو گھڻو پريشان ھو. ھن غلام مصطفيٰ کر کي ٻڌايو، تھ چٽگانگ ۾ گھڻي گڙٻڙ ٿيل آھي ۽ ڪجھھ فوجي آفيسر ھٿن مان نڪرن پيا. جيئن تھ صورتحال آخري ڪڙيءَ تي پھتي پئي، تنھنڪري ھن غلام مصطفيٰ کر کي منھنجي لاءِ چيو تھ کيس سندس تجويزون لازمي طور قبولي اولھھ پاڪستان جو وزيراعظم بڻجڻ کپي ۽ اوڀر پاڪستان جو معاملو سندس ۽ عوام کي سونپيو وڃي. غلام مصطفيٰ کر، شيخ مجيب الرحمان کي ٻڌايو، تھ آئون کيس اھو نياپو پھچائيندس، پر مونکي شڪ آھي تھ ھو پاڪستان جي ورھاڱي متعلق ڪابھ تجويز نھ قبوليندو. غلام مصطفيٰ کر جي روانگي کان اڳ شيخ مجيب الرحمان کيس چيو تھ اسان توھان سان رابطو رکنداسين ۽ 25 تاريخ جي رات جو ملڻ لاءِ وري ڪنھن ماڻھوءَ کي موڪلينداسين، تھ توھان کي وٺي اچي.

25 تاريخ صبح جو آئون پنھنجي پارٽيءَ جي سيڪريٽري جنرل جي. اي. رحيم ۽ غلام مصطفيٰ کر سان گڏجي صدر يحييٰ خان ۽ ليفٽيننٽ جنرل پيرزادي سان ڪجھھ تجويزن تي بحث ۽ حتمي صورتحال تي ڳالھائڻ لاءِ پھتس، جن ۾ تاج الدين جو چتاءُ پڻ شامل ھو. 25 تاريخ منجھند مھل صدر جي مشيرن اسان جي صلاحڪارن کي عوامي ليگ جون آخري تجويزون ٻڌايون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: