سيڪشن؛  سياسيات

ڪتاب:جيئي سنڌ

 

صفحو : 10

اڻ سهيڙيل شاعري

1- رباعيون

2- غزل

3- نظم

①.                        ڪاليجي ڪبوتر

②.                        هاري جو زمانو

③.                        ائٽم بام

④.                        سنڌ پياري

⑤.                        سلام سنڌ!

⑥.                        اي سنڌي وڏيرا، ڪجهه انسان ٿي!

⑦.                        حيوان انسان

⑧.                        جيئي سنڌ! جيئي سنڌ!

⑨.                        بلوچستان زندهه آباد!

⑩.                        اي مٺي جيجل! اي سونهاري سنڌ!

⑪.                        مصطفيٰ ماءُ

⑫.                        پيام امن

⑬.                        پاڪستان زندهه آباد!

⑭.                        هوش محمد

⑮.                        اجها عيد آئي.

رباعيون

(1)

اي يار ضيا تنهنجي کان نابين ٿيس،

زلفن ۾ ٿيس قيد ۽ غمگين ٿيس،

مون کي نه خبر پيئي ورن وڪڙن جي،

ٿيو عقل خطا منهنجو ۽ بي دين ٿيس.

(2)

جنهن شي جي نه ايندي جي نه ويندي جي خبر،

آغاز ۽ آخر نه اچي جنهن جو نظر،

ڪهڙي ٿا پڇو شرح بيان تنهن جي مگر!

حيرت جي جهان ۾ ڪيو حيرت سان گذر.

                                          سال 1926ع

غزل

(1)

ٿو مرد مرد ٿئي ڪجهه تفنگ تير سهي،

سهي ڪي سور ڪري راز ٿو سرير سهي.

جتي ڪٿي به آزاد آه مرد آزاد،

ڪڙين ۾ قابو سهي قيد ۾ اسير سهي.

اُڏي ويا خاڪ ٿي زنجير زور ۽ زندان،

ڪٿي سگهي ٿو ڀلا تاب حق شرير سهي.

هزار حيلا ڪيائون مگر مري نه سگهيا،

جي دل دماغ جا آزاد هئا فقير سهي.

ڪري جو ٻئي غلام آهه بس غلام غلام،

حضور صدر سهي زار سهي مير سهي.

غلاميءَ ۾ به آ زندهه ته آهه مذهب ڇا؟

ڪو مجتهد سهي علامه سهي پير سهي.

اچي ويو نيٺ هتي ”انقلاب زندهه باد“،

عوام نيچ سهي ۽ سپاهه امير سهي.

هي دور فوج خوشا! شاد باد پاڪستان،

زبانون بند سهي زخميل ضمير سهي.

سدا بهار رهين خالق آسمان اندر،

زمين ۾ ظلم سهي راڙ ڦاڙ چير سهي.

زمين جي حصي ۾ آندئي خرابي خونخواري،

جهان جي ظاهري تصوير دلپذير سهي.

اِهي دعائون ئي نڪتيون غريب انسان کان،

بشر حقير سهي ۽ خدا قدير سهي.

گذار ماٺ ۾ حيدر هي شاعري ڇا آهي؟

خيال ۽ جذبه سندءِ گرچه بينظير سهي.

        سينٽرل جيل، حيدرآباد سنڌ. 1959ع

Text Box: 140

 

غزل

 

(2)

ٿي ڀلي اهائي قسمت، نه سهي وصال ٿئي ها!

منهنجي لاش تنهنجي در جي اڳيان پائمال ٿئي ها!

ڪيو انتظار جانان تنهنجو وعدو آبِ حيوان:

جي نه اعتبار ٿئي ها ڪيئن لحظـﮧ سال ٿئي ها!

تنهنجو وار وار پردي ۾ رهي ها هر نظر کان:

نه بغير جسم جانان جي سندم خيال ٿئي ها!

ڪو اُڀاري پنهنجو جوڀن، ڇو ٿو ڳاري منهنجو تن من:

هيءَ جواني سخت پٿر نه الاهي شال ٿئي ها!

ڪيو ڪيڏو شور برپا آ جهان ۾ تنهنجي تصوير:

هاءِ هر طرف نه مائل نگـﮧ جمال ٿئي ها!

توکي اصل کان هو آدم کي خراب خوار ڪرڻو:

نه ته هڪ مَلَڪ کي مالڪ نه اها مجال ٿئي ها!

ڇو رُئان ها تنهنجي صنعت تي الاهي روز حشر:

نه مُنکان سندم گناهن جو اگر سوال ٿئي ها!

هو خدا جو ٻير هر جا، وڃان ڪاٿي ها، عزيزا!

جتي پنهنجي خون سوا ڪجهه نه ٻيو حلال ٿئي ها!

ڪيو ڪفر گم نه ايمان ته ڪٿي رهيو مسلمان:

جي دوئي شمار ٿئي ها ڪٿي ذوالجلال ٿئي ها!

ٿئي ڪيئن قيد قابو نظر ۽ خيال ۾ هُو:

نه خدا خدا ئي ٿئي ها جي سندس مثال ٿئي ها!

هي مسائلِ تصوف، هي بيان تنهنجو ’حيدر‘:

نه رکين ها عشق ڪافر ته زهي ڪمال ٿئي ها!

                                 ٽماهي ’مهراڻ‘ 1-1956ع

غزل

(3)

نصيب منهنجي تي هر ڪنهن کي ڇو نه ارمان ٿئي،

نه آهي طرزِ بيان، ۽ نه ماٺ مون کان ٿئي.

سدائين منهنجون اکيون تنهنجو نازگاه آهن،

ڪٿي نه وڃ، اي صنم، ڪافي پنهنجو ميدان ٿئي!

اي موت، ٺاري آ رڳ رڳ تو منهنجي، خوش رهه دوست!

اهوئي دوست چڱو، نيٺ جنهن کان درمان ٿئي.

مون رات ڪيئن اها رڪعتِ نماز پڙهي،

اِلاهي، ڇو نٿو خوابن تي ڪنهن جو فرمان ٿئي؟

گناهه منهنجا لڙن ٿا خدا جي رحمت سان،

ڏسون ته ڪير ٿو آخر ۾ زور انهن مان ٿئي!

خدا وساري، تون انسان کي اهڙو پيارو گهُر،

جو خود خدا به سندءِ خُوبين تي قربان ٿئي.

ڪمال زندگي موقوفِ قدرِ همت آهه،

ڪو آدمي ٿئي شداد، ڪو سليمان ٿئي.

معاف ڪر، هي عذابِ ابد نه مون کي کپي،

اي خضر، هاري هتي ڇڏ جو آبِ حيوان ٿئي.

اجايو ٿا هتي ڳوليو، هُو مرد هو آزاد،

ڪٿي طبيعتِ حيدر، ڪٿي هي زندان ٿئي!

                                ٽماهي مهراڻ 2/1959ع

غزل

(4)

اسان حق جي بات چوندا رهياسين،

اسان ڏينهن کي رات چوندا رهياسين!

ستمگر جي شمعن کي ۽ مشعلن کي،

شرر شر ۽ ظلمات چوندا رهياسين!

سڪندر کي سامهون ستمگر سڏيوسون،

وڏي وات ڪمذات چوندا رهياسين!

”جهڪو آمريت جي آڏو ۽ اُسرو!“

هي ذلت خرافات چوندا رهياسين!

غريبن کي چاڙهڻ، ستمگر کي ڊاهڻ،

هي روح مساوات چوندا رهياسين!

غريبن سان گهارڻ رئڻ ڳوڙها ڳاڙڻ،

بهاري ۽ برسات چوندا رهياسين!

غلاميءَ جي جيئڻ کان آ موت بهتر!

شهادت حياتات چوندا رهياسين!

اسان جي حسابن ۾ آ ٻه ته ٻارهن،

اڪيلو عدم ذات چوندا رهياسين!

هڪ آزاد دنيا ۾ خوشحال انسان_

هي منشا مناجات چوندا رهياسين!

هي جذبات حيدر هي ابيات حيدر_

هي سنڌيءَ جي سوغات چوندا رهياسين!

                        مخزن ’ڪونج‘ بمبئي   19ع

غزل

(5)

اي بادشاهه_ عالم! سجدو نماز ڇا لئي؟

هڪ بيمثال خاطر عجز و نياز ڇا لئي؟

محتاج تون به ٿي  وئين ڇا پنهنجي صنعتن جو؛

نالو سندءِ مسبب ۽ ڪارساز ڇا لئي؟

ڇا تون به بادشاهن جان بادشاهه ٿي وئين؟

محمود ختم ٿي ويا، باقي اياز ڇا لئي؟

ڳارڻ ۾ ڇا مزو آ، مارڻ ۾ آهه ڇا لئي؟

ڪوُ ڪوُ ڪبوترن ۾ بازو ئي باز ڇا لئي؟

حيدر ته ڪڇ نه آ پر تنهنجو نه آ ته ڪنهن جو؟

آ نانءُ تنهنجو رحمان، بنده نواز ڇا لئي؟

                        مخزن ’ڪونج‘ بمبئي    19ع

Text Box: 144

 

 

 


 

نظم

ڪاليجي ڪبوتر

1- مبارڪ هجي سنڌ ڪاليج خوشتر!

شروع ٿيو نئون سال بافضل اڪبر،

ترقيءَ سان، رونق سان ۽ فيض سان پر،

مبارڪ مدرس ۽ طالب ۽ نوڪر،

مبارڪ اي منظر، مبارڪ ڪبوتر.

 

2- سلام اي ڪبوتر مبارڪ ۽ جاني،

اوهان جو وهڻ آهه سعادت نشاني!

ٿا پهرايو گنبد کي ويس آسماني،

ٿا هو هو سان ڪيو هي مناجات خواني،

”هي سنڌ ڪاليج سرسبز ۽ برتر!“

 

3- ڀلا ڀڙڪا آهن اوهان جا اي خوشرو:

ڇا ڇپرن جي ڇڻ ڇڻ ۽ ڪڻ ڪڻ ۽ ڇو ڇو،

ڇا ابتيون ۽ سبتيون ڏيو بازيون هرسو!

ٿا گجگوڙ بادل جان ڪيو ساڻ پر پر!

 

4- رهن جاتي ماڻهو اوهان اُت رهو ٿا،

مگر پاڪ جاين ۾ وهه وهه ٺهو ٿا،

اڏي زائرن جي مٿن تي وهو ٿا،

محبت منجهان امن مان.... ناٽهو ٿا،

آ فطرت سندو ۾ سڪ ۽ زهد ظاهر.

5- طبيبن اوهان تي جفا ڪئي روا آهه،

مگر تنهن جفا جو نتيجو شفا آهه،

(انهيءَ راز جو ڄاڻندڙ هڪ خدا آهي،)

غرض نيض جاري اواهن کان سدا آهه.

ثنا ۽ دعا ڇو ڪري ڪين شاعر؟

 

6- ڪريو عجز مان ٿا عبادت خدائي،

ڪريو پڻ سدائي بدن جي صفائي؛

صفائيءَ ۾ چهنبون ٿيون ڪن ڪمائي:

ڪمائي سو آهي حياتي اجائي؛

ڪمائي آ ممڪن حياتيءَ جي اندر.

 

7- چڳو ۽ نچو سر نوائي نوائي،

پيو صاف پاڻي (پرن کي پسائي)

نمي، دعا گهرو پوءِ، سبق هي ٻڌائي:

”ٿو خالق جو سجدو هميشـﮧ لڳائي:

اي مخلوق شامل دعا سجدي سان ڪر!“

 

8- ڪبوتر عجب چٽ ڪڍيا رب سبحان،

لباسن سندو ئي: سنهري گريبان،

سيه دامن، ۽ لعل جوراب ۽ چشمان،

۽ منقارتي سفيد موتي درخشان،

کان بهزاد ۽ ماني ٿيا حيران مضطر!

 

9- ڏسو سوٽ رنگين ۽ صاف ڏاڙهيون،

۽ ڪالر ۽ نيڪ ٽايون ۽ سايون ساڙهيون،

اڇون، آسماني، گلابي ۽ ڳاڙهيون.

Text Box: 145

 

Text Box: 146

 

تنهن تي زريون دوستن خوب چاڙهيون،

 

لباس ۾ چو ڪير آهين بهتر؟

 

10- ڪبوتر ڪجو سرڻ ڪاريءَ کان نفرت،

جا ڳولي وڏائيءَ مان چوٽي عمارت،

ڪري ٿي نه چوزن ۽ ٻچڙن تي رحمت:

سندس ظلم جي ڪئنچي آهي کليل نت،

آ ڪانگن جا ماتم ۾ ويڙهيل سراسر.

 

11- خبر رکجو بازن جي جهڙپن کان هردم،

۽ ڪانئن کان، کارن جي چغلي سان_ ان سڀڪم،

نه ٿيو چمڙي، ڪٻرن ۽ ڳيرن سان همدم،

ڪجو پرک، ساڃهه، محبت سان محرم،

ٿو سونهين ڪبوتر جو همدم ڪبوتر!

 

12- مخمس ٻڌي ڪبوترن شڪر ڳايا،

”مبارڪ اي جاني، اي انسان ڄايا،

ڀلي آيا! نت آيا!! ۽ جيءُ آيا!!!

اسان جان اوهان جا وڌن فڪر مايا!

ٿي نڪري اوهان جي زبانن مان شڪر!“

 

13- قسم اڄ ڪبوتر جو توکي ضم ٿئي،

ته ڇا لاءِ مون سان هي جور و ستم ٿئي،

محبت تي روا ڇاهي رنج و الم ٿئي،

جو محدود تنهنجو نه درد شڪم ٿئي،

ٿي خاموش دردن سان مسرور حيدر.

   ’نئون دؤر‘ 1924ع

هاري جو زمانو

(1)

سنڌ جا ساهه ۽ سردار ۽ دلبر هاري

قوم جا هار ۽ سينگار ۽ زيور هاري

تنهنجي احسان جي هيٺ آهه بشر هر هاري

ٿيا زمانو ۽ زمين تنهنجا ثناگر هاري

قوم ساري ٿي هينئر ڳائي ترانو تنهنجو

اُٿ هاري اجهو آيو آ زمانو تنهنجو _

(2)

ڪو زمانو هو جڏهن دهر ۾ غمسار هئين

بکيو بيمار هئين زار ۽ بي يار هئين

ڪهڙو غمگين ۽ مايوس ۽ لاچار هئين

غرض مسڪيني ۾ گهر ٻار کان بيزار هئين

هڪ جنم ٽيپ هئي زندان هو خانو تنهنجو

اُٿ هاري اجهو آيو آ زمانو تنهنجو _

(3)

توکي انگريز ٿي ڦريو ۽ زميندار لٽيو

وياج خورن ٿي ڦريو، توکي عملدار لٽيو

توکي پيرن ٿي ڦريو، قوم جي سردار لٽيو

توکي بيدردي سان هرهڪ ئي نمڪخوار لٽيو

ظالمن ٿي لٽيو گهرٻار خزانو تنهنجو

اُٿ هاري اجهو آيو آ زمانو تنهنجو _

(4)

پانهنجي حال تي آخر توکي غيرت آئي

ذات هاري ۾ غصب واري بغاوت آئي

هر زميندار ۽ ظالم لئي شامت آئي

”هاري حقدار!“ جي نعري سان قيامت آئي

جهنگ جهر بحر ۽ بر ۾ ٿيو فسانو تنهنجو

اُٿ هاري اجهو آيو آ زمانو تنهنجو _

(5)

تنهنجي طاقت جي اڳيان هرڪائي طاقت ٿي ختم

تنهنجي حملي اڳيان انگريز حڪومت ٿي ختم

ظالم انگريز سان انگريز جي امت ٿي ختم

يعني جاگيري زمينداري جي لعنت ٿي ختم

جو به هو خوار ٿي دشمن ٿيو روانو تنهنجو

اُٿ هاري اجهو آيو آ زمانو تنهنجو _

(6)

هاڻي مزدور ۽ هاريءَ جي حڪومت ٿي آهه

يعني برباد حڪومت جي علامت ٿي آهه

قائم انسان سان انسان جي سنگت ٿي آهه

پورهيئ محنت لئي دنيا هتي جنت ٿي آهه

نئي دنيا آ مٽيو نقشو پراڻو تنهنجو

اُٿ هاري اجهو آيو آ زمانو تنهنجو _

(7)

هاڻي محنت کي مليو درجو عبادت جو آهه

هاڻي محنت ئي ٻيو نالو ڪرامت جو آهه

پورهيو اڳ وانگي نه اڄ بوج مصيبت جو آهه

پورهيو اڄ باعث فرحت، مزو فطرت جو آهه

محنت ۽ پورهئي ۾ آ شان شهانو تنهنجو

اُٿ هاري اجهو آيو آ زمانو تنهنجو _

(8)

تنهنجي محنت ٿي ڪري ڪڻڪ ۽ جوئر پيدا

ڌوڙ مٽي منجهان موتي ۽ جواهر پيدا

باغ باغات گلستان معطر پيدا

آهي ڇا ڇا نه ڪيو ڏاٽي ۽ ڪوڏر پيدا

هي جهان آهه ڪرامت ۽ فسافو تنهنجو

اُٿ هاري اجهو آيو آ زمانو تنهنجو _

(9)

نئي دنيا ۾ نه بک آهه نه بيماري آهه

اگر آهي ته دوا مفت شفا واري آهه

هر ڪنهن چهري ۾ لالاڻ جي گلزاري آهه

خوش بهار آهه ۽ سرسبز سگهو هاري آهه

آهه مزدور به خوش يار يگانو تنهنجو

اُٿ هاري اجهو آيو آ زمانو تنهنجو _

(10)

اڄ جوانن لئي ڪم ڪار کليل عام آهي

اڄ هارياڻي ٿي آ راڻي ۽ گلفام آهي

ٻار اڄ کيل سکيا ۾ ڄمندي ڄام آهي

پير مردن کي هينئر پينشن آرام آهي

راڳ راحت سان خوشيءَ سان ڀريو خانو تنهنجو

اُٿ هاري اجهو آيو آ زمانو تنهنجو _

(11)

آهي ٿي پخني پڪي هاري حڪومت برپا

يعني ٿي علم ۽ سائنس جي طاقت برپا

يعني ٿيا تجربـﮧ فڪرات ۽ محنت برپا

جن وسليي ٿي جهان ۾ ويئي جنت برپا

جاهلي فقر اجايو هو بهانو تنهنجو

اُٿ هاري اجهو آيو آ زمانو تنهنجو _

(12)

هاري تنهنجو هي نظام اشرف ۽ آباد رهي

جو به بيڪار آ بدڪار آ برباد رهي

جو به مزدور آ هاري آ سدا شاد رهي

ديس سر سبز رهي زنده ۽ آزاد رهي

سوين حيدر جيان ڳائن جئين گانو تنهنجو:

ڏس هاري اجهو آيو آ زمانو تنهنجو _

                هاري گيت: آڪٽوبر 1948ع

 

اَئٽم بام

اي امريڪي اَئٽم بام!

تو برپا ڪو قتل عام!

 

ائٽم تو ڪيو قهر انڌير!

ويراني ٿي وئي چوڦير!

 

گهوڙا گهوڙا جي ڪوڪاٽ!

_ کي ڀي بند ڪيو ٻوساٽ!

 

زخمن چور ڪيو هر ساهه،

باهه جو برپا ٿيو درياهه،

 

هيءَ بدڪاري هي ناپاڪي،

هيرو شيما ناگا ساڪي!

 

ناگا مان هيروشيما مان،

بدلو! بدلو! خون النسان،

 

شاگرد ايشائي شاباس!

_ کي ڳائن ٿا اَرض آڪاس!

 

اُٿو جاڳو آدمزاد!

انسانيت زندهه باد

لعنت توتي صبح ۽ شام!

توکان ٿيو النسان بدنام!

 

بستان ٿيو مٽيءَ جو ڍير!

 

خاڪ ٿيا گلرو گلفام!

 

اَمان! اَمان اچي ٻوڪاٽ؛

دم ۾ بند ٿيو ماتام!

Text Box: هيرو شيما ناگا ساڪي!

 

 

ٿي ويو سڀڪجهه باهه ئي باهه

فرش ۽ عرش تي عام جام

Text Box: هيرو شيما ناگا ساڪي!

 

 

هيءَ جباري هيءَ سفاڪي،

بخشيندو نه ڪڏهن عوام!

 

ٿي نڪري فرياد هي هر آن:

ظالم جو آرام حرام!

 

تنهنجي همت ۽ احساس:

ڏينهن ۽ رات صبح ۽ شام!

Text Box: هيرو شيما ناگا ساڪي!

 

 

ڪريو ائٽم بم برباد،

زندهه باد اَمن ۽ سلام!

Text Box: 152

 

 

سنڌ پياري!

سلامت سنڌين سان سنڌ پياري!

سلامت راحتِ جان، سنڌ پياري!

سدا خوش حال، خندان، سنڌ پياري!

سدا سرسبز، شادان، سنڌ پياري!

تون پنهنجي جند ۽ جان، ، سنڌ پياري!

ٿيون قربان توتان، سنڌ پياري!

مِٺو آ تنهنجو نالو ۽ نشان، سنڌ!

مِٺي آ تنهنجي ٻولي، مهربان سنڌ!

اِرم، فِردوس ڇاهن تو اڳيان، سنڌ!

ڪنهين کي تنهنجو مَٽ ڀايان نه مان، سنڌ!

تون پنهنجو پاڻ مَٽ آن، سنڌ پياري!

ٿيون قربان توتان، سنڌ پياري!

عرب، ايراني آيا، خان، افغان،

سَما ۽ سُومرا هندو، مسلمان:

ٿيا داخل جيئن هو سنڌ ۾، جان!

ويا بڻجي هو سنڌي: نيڪ انسان!

وڌايو شانِ انسان سنڌ پياري!

ٿيون قربان توتان، سنڌ پياري!

هي تنهنجي لاءِ، سنڌڙي! ڪيڏو غم ٿيو!

هي پاڪستان طرفان ڇا ڪرم ٿيو؟

سندءُ هستيءَ جو انڪاري اٿم ٿيو،

رَوا تنهنجي مٿان آهر ستم ٿيو!

ڪيائين ڪيڏو نقصان، سنڌ پياري!

ٿيون قربان توتان، سنڌ پياري!

جنهن کي تو نِپايو کير پياريو،

۽ پنهنجي هنج هينئين ۾ وهاريو،

ڇو تِن آ توکي چابڪ ساڻ ماريو،

ڇو تن آ توکي ڳاريو ۽ رُئاريو؟

اٿم افسوس ارمان، سنڌ پياري!

ٿيون قربان توتان، سنڌ پياري!

سوين تنهنجا ٻچا اڄ دربدر هن،

بکا بيمار ۽ خَسته جِگر هِن،

املهه ماڻڪ ۽ موتي هِن، گُهَر هِن،

ٿيا بيقدرن آڏو هيچ پر هِن،

پُڪارن ٻيا پري کان: ”سنڌ پياري!

”ٿيون قربان توتان، سنڌ پياري!“

ڏني مردود کي مرڪز وزَارت،

وَزارت سان مَچايائين شرارت،

ڪيائين سنڌ مٺڙيءَ اج ٻچا رت،

کٽيائين پنهنجي لئي نفرت حَقارت،

وِڪيائين ديس آرزان: سنڌ پياري!

ٿيون قربان توتان، سنڌ پياري!

وِڪيو جنهن ديس پيارو، تنهن تي لعنت!

ڪيو جنهن ڪم هچارو، تنهن تي لعنت!

ڪَيئين مُنهن پنهنجو ڪارو، تنهن تي لعنت!

وِجهي ٿو ملڪ سارو، تنهن تي لعنت! 

آ تُنهنجو ويري شيطان، سنڌ پياري!

 

ٿيون قربان توتان، سنڌ پياري!

ٿو وڪڻي سنڌ کي سو ڪير آهي؟

خريدڻ ڪير ٿو هي جنس چاهي؟

هي سودو ناهه، جخ آ، برملا، هي!

ٿو ڊاهي ڪير فطرت جنهن کي ٺاهي؟

بلند آ ڏي ۽ وٺ کان سنڌ پياري!

ٿيون قربان توتان، سنڌ پياري!

هزارين آيا اِسڪندر ۽ دارا!

ڪري ويا ڪجهه گهڙيءَ لئي پنهنجي رارا!

مري ويا سنڌ جا ٿيا جيڪي مارا!

آ زندهه سنڌ ۽ سنڌڙي جا پيارا!

ڇُٽل آهي مرڻ کان سنڌ پياري!

ٿيون قربان توتان، سنڌ پياري!

اُٿو، سنڌي! اوهان جو امتحان آ!

مُصيبت جو وڏو طوفان مٿان آ!

خَطَر ۾ ننگ ۽ نامُوس، جان آ!

ٻيو ڪم ظالم ۽ چالاڪ سان آ!

بَچايو بدنظر کان سنڌ پياري!

ٿيون قربان توتان، سنڌ پياري!

ٿي سَسئي کِيرٿر مان سنڌ ساري!

۽ مٺڙي سارُئي ٿر مان نهاري!

ٿي سُهڻي سير سنڌو مان پڪاري!

ٿي مُومل دلڙي ڪوهياريءَ سان ڏاري!

”ڇا توسان ويل اَمان، سنڌ پياري!

”ٿيون قربان توتان، سنڌ پياري!“

ڀٽائيءَ جي آ بُڇڙن دل دُکائي!

سچل، سُواميءَ کي رنج آ اِنتهائي!

ڪئي جنهن صوفي سالڪ سنڌ سائي،

ٿي هر عاشق کان نڪري درد، وائي:

”هي ڇو ڪُلفت جو طوفان، سنڌ پياري!“

ٿيون قربان توتان، سنڌ پياري!

اي دُشمن، سنڌ جا دشمن، خبردار!

ڇڏي ڏي سنڌ تان قبضو، اي مَڪار!

ڇڏي ڏي سنڌ کي آزاد، بدڪار!

غريبن کي فقيرن کي نه آزار!

ڪري ٿي دانهن هر آن، سنڌ پياري!

ٿيون قربان توتان، سنڌ پياري!

پئمفلٽ 21- مارچ 1954ع

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: