سيڪشن؛  سياسيات

ڪتاب:جيئي سنڌ

 

صفحو : 8

38

ڇا هي جي هند غريب آهه ۽ ڪنگال آهي

ڇا هي جي هند غلامي آهه ۽ بدحال آهي

ڇا هي جي هند کي ڌارين ڪيو پامال آهي

خوش جهان آهه اگر پانهنجو خوش حال آهي

نڪو انگور نه آلواز3 آ آزاديء قوم.

39

ڇا هي جي روئي رُکي لاءِ هزارين ٿا سڪن

ڪيئي ٿا قيد ڪسن، ڪيئي ٻيا ننگا ٿا ڦرن

ڇا هي جي سيءَ ۾ ولهه ۾ ٿا سوين ساهه سڪن

ناهه پرواهه اگر رنج و محن 1 ۾ آ وطن

رنج آ روٽي ۽ خَباز2 آ آزاديء قوم.

40

ڇا هي جي ڪاٿي صفا سُڃ وسي ٿي ۽ ڌُڪار

جا ٿي آن آهه ڇا، ڇوڏن جو لڳل آ لاچار

مائرون بر ۾ ڦٽا ڪن ٿيون سڪيلڌڙا ٻار

۽ جدائي ۾ جلي ڪن ٿيون هلاڻو هن پار

ڇا هي موت ۽ ڇا راز آ آزاديء قوم.

41

ديس لئي جن به ڏني جان، ڪيو قيد قبول

ٿيا گهڻو خوار حقيقت ۾ ڪري ڪار فضول 3

نه ٿيا هيڏي نه هوڏي نه ٿين ڪڇ به حُصوُل

نه ٿيا راهه خدا ۽ نه ويا راهه رسول

حرڪتن کان اي پِٽيل باز آ 4 آزاديء قوم.

Text Box: 90

 

 

 


 

42

ڪهڙي هل چل ٿي هلي: مذهب انسانيت

نه نبوت نه خلافت1، نڪو اوتار2 آيت3

نيڪ ٿيو نيڪي ڪيو؛ ٽوڙيو عداوت نفرت

ڪفر ۽ دين ٻئي گم! عجب آهي نوبت

هاءِ هئي، ڪهڙو هي اِلغاز4 آ آزاديء قوم.

43

اِتحاد آهه بلا ڪهڙي، مَحبت ڇا هي

ڀائر انسان سڀئي!_ هي نئين حرفت ڇا هي

ڇا هي اِخلاص ۽ خوش خلقي، مُروت ڇا هي

هندو مسلم جو ٿئي ٺاهه ته طاقت ڇا هي

ٺاهه شرط آ ته دغا باز آ آزاديء قوم.

هندڪوخيال:

44

حيف هندن کي سڀئي ويد 6 وساري ويٺا

اوم 7 آمبرت 8 ڇڏي مايا 9  جي سَهاري ويٺا

ڌرم ڌارين جو ڳنهي پاڻ کي ڳاري ويٺا

ڀونءِ ڀارت ۾ مَليڇن 10 کي نه ماري ويٺا

ڪيو تڏهن هند مان پرواز آ آزاديء قوم.

45

هر مسلمان برو آهه بلا ديس مٿان

نانگ ٽاري ۽ ڪيو ماري مسلمان بيجان

پاڻ جان پاڻ کي سمجهن ٿا ڏسو ذات انسان

گايون ماتائون هجن ها ته سندن هندستان

جن جي پوڄا ۾ سڄو راز آ آزاديء قوم.

46

ٿا مسلمان گُهرن حَق حفاظت1 جي لاءِ؟

نه نه، هند مٿان دورِ حڪومت جي لاءِ

ڪاٿان ڀارت ۾ اهي آيا مصيبت جي لاءِ

تن کان انگريز ڀلو ڀائي آ ڀارت جي لاءِ

کُهه کڏ ۾ پئي جو ساز آ آزاديء قوم.

47

ڇا مسلمان مُٺا ڇا لڳي ڀارت مندر

ٿا وٺن ملڪ خلاصو ٽڪر ۽ ٿين همسر؟2

ڇو مسلمان نه ڪريون هند ۾ ٽُڪر ٽُڪر

يا هميشـﮧ ٿي رهن پانهنجا هاري نوڪر

ڇا مسلمان ۽ ڇا ناز آ آزاديء قوم.

Text Box: 92

 

48

 

آهه ڪهڙو به مسلمان، نه وهاريو ڀر ۾

تن جي نالي کي نشان کي نه ڏيو جا گهر ۾

عَربَي لفظ اچي وات ۾ يا دفتر ۾؟

ڄڻ مسلمان مليڇ آيو گهڙي مندر ۾

ڪِني ٻولي ڪِنو آواز آ آزاديء قوم.

49

ساڌئو! ڪَلجُڳ1 آهي ٻڌو گيتا2 سندو راڳ

اَڌ ياتَم3 ۾ ڌريو ڌيان پراپت ٿئي ڀاڳ

هار ۽ جيت، سُک ۽ ڏُک جو اٿو ساڳيو ئي ماڳ

پاپ ۽ پُڃ، اٿو ڀيد5، گڻن6 کي ڏيو آڳ

رڳو سنڪَلپ7 سندو ساز آ آزاديء قوم.

50

برهما8 آتَپتي9 ڀوُتن10 سڀنن جي ڪئي آهه

پالنا وِشنو جي هٿ آ شِوَ جي ٿو ڪڍي ساهه

ڌار سمجهو نه اهي، سڀن مٿان ايشور آهه

ايشور ڪيئن ڪري ٿو سگهي الله سان ٺاهه

جنهن جي پُرشن11 سان ٿي دمساز آ آزاديء قوم.

51

آتما1 آهه جي پَرشن 2 ته ٻيو ڪڇ نه کپي

ڪوئي شل مايا جي ٻنڌنن ۾ نه اٽڪي نه کپي

پريتمو! سرڳ ۽ آنند وٺو نام جپي

شاشوت3 ڌرم جا هي ٻول ڪو ساڌو ئي جپي

چور ٺڳ آهه، رسن باز4 آ آزاديء قوم.

52

ٻار جو ٻار پڻي ۾ ئي ڪرڻ ساٺ کپي

نوجوانيءَ ۾ پڙهڻ ٿورو، گهڻو ٺاٺ کپي

نوڪري مهل کپي ڏاٺ، ڪٽڻ ڪاٺ کپي

نوڪري وئي ته ڀڄن5 ڀوڳ6 کپي، پاٺ کپي

هر آوَستا جو اهو راز آ، آزاديء قوم.

53

سال پنجاهه ڪروڙن جو اهو گيان7 آهي

هندو وانگر نه ٻئي ڪنهن کي ٻڌي8 ڌيان آهي

هندو ويدن کان ئي يورپ جو وڌيو مان آهي

ڄٽ آ دُشٽ9 آ جو جو به مسلمان آهي

ڪهڙي مُسلي10 جي هي بڪواز آ آزاديء قوم!

Text Box: 94

 

54

 

مسلمانڪو خيال:

اي مسلمانو! ڏسو هر طرف ۽ ڌيان ڪيو:

ڪنهين دستور سڀيئي ملڪ مسلمان ڪيو:

ڪنهين دستور سان مات اُمت شيطان1 ڪيو_

سڀ دليون مغز مروڙي سگهو يڪسان2 ڪيو3

دين جي لاءِ دغاباز آ آزاديء قوم.

55

هاءِ اي هندي مسلمانو مسلمان ٿيو

پنهنجي الله جي عزت جا نگهبان ٿيو

خون ڪُفار1 جي سان لعل بَدَخشان5 ٿيو

نيٺ ڪڇ مُستَحَقِ6 رحمتِ رحمان7 ٿيو

رب عالَم جو اهو راز آ، آزاديء قوم!

56

اي مسلمانو! پڪو پختو ڪيو ايمان کي

جاءِ هرگز نه ڏيو وَسوسَـﮧ8 شيطان کي

ناس ڪيو شعبده9 فَلسفـﮧء يونان کي

هر هنر لاءِ خبر لاءِ ڏسو قرآن کي

جنهن جي هر نقطه ۾ سو راز آ آزاديء قوم!

57

ڪوئي جي مرد فهيم1 آهه سراپا2 احسان

ٿئي نازان جنهين هستيءَ تي زمان، ذات انسان

ڀل هجي سڀ ڪجهه، آهيس جي مُلان ۾ گمان

ته ترار آ هتي، هوڏي3 آ جَهنم ئي مڪان

خوني ڪنار جو مجتاز4 آ، آزاديء قوم!

58

ٻئي طرف چور آ، ڪوڙو آ، سِتَمگر5، بدچال

جي ڀڄائي ٿو وڃي پاڙيسري ڀاءُ جي زال

پر جي مُلا جي عقيدن6 کي مڃي ٿو هر حال

ته گنهگار لئي الله غفور7 آهه بحال

ڪفر جو مَجَمع8 آعجاز9 آ آزاديء قوم.

59

ذڪر مِعراج10 آ مِعراجِ سعادت11 راحت

ڪهڙي بهتر مگر آ شق قمر12 کان حجت؟ 13

صبح جي وقت، شبِ قدر14 وسي ٿي برڪت:

علم هيئت15 غلط آ: ڪيئن ڦري ٿي رحمت؟

دشمنِ دين نظر باز 16 آ آزاديء قوم.

60

ڦاٽي قرآن جي پتري کي به قرآن سمجهو

”شَر“1 ”شيطان“2 کي پڻ آيتِ3 رحمان سمجهو

ڪڇ نه اُڻ لفظ اڳيان صورت اِنسان سمجهو

هي قصو ڪڏهن نه آ غير مسلمان سمجهو

پوڄا قرآن جي ۾ راز آ آزاديء قوم.

61

فقط انگريز مسلمن جا سنگتي

ڇا هي قرآن جا احڪام اگر رد ڪيا ٿن

ڇا هي جي ناس مسلمان حڪومت ڪئي تن5

ٿا نَماز ۽ حج ۽ روزه جي ڪڏهن منع به ڪن؟

جن ۾ اسلام آ هر راز آ آزاديء قوم.

62

هند ۾ ڇاهي، هلو مڪـﮧ ڏي، الله جي گهر 1

ڪوڙي دنيا ۾ ادا ڪڇ ڪيو عقبيٰ 2 جو ثمر 3

ڪوڙ آ ڌوڙ آ: ميڙي ڏيو انگريز کي زر 4

تا ڇڏي ڪاٿي نه اسلامي حڪومت جو اثر5

حج ۽ روزه ۽ نماز6 آ آزاديء قوم.

63

آهه بندش تي ٻڌل مذهب اِسلام، ايمان

بي لغام آهه جو انسان سو آهي حيوان

بند برقع ۾ رکو بيبيون هر وقت ميان

آ زمانو بُرو، نڪري نه وڃي مال هٿان

چوزِڙِن لاءِ غَليواز7 آ آزاديء قوم.

64

پانهنجي لاءِ هي تحريڪ 8 خطرناڪ آهي

پانهنجي لاءِ هي تحريڪ سڃ ۽ خاڪ آهي

هندو تعداد ۾ زور آهه ۽ چالاڪ آهي

آڏو اسپين ڦري ۽ ڪئي دل چاڪ آهي

قوم هندو سان همراز آ آزاديء قوم.

65

انگريزڪو خيال:

نه هجي هند ۾ انگريز ته ڇا ڇا ٿئي ها

هندو مسلم جو گلو ڪاٽي ها، ڪاٽا ٿئي ها

مسلم الله جو نالو کڻي رُسوا 1 ٿئي ها

هند جو ملڪ سڄو خون جو دريا ٿئي ها

ڪهڙي ڳالهه آهه ۽ ڇا راز آ آزاديء قوم.

66

جاهلن کي آ نوازيو ۽ سڌاريو انگريز

ظلم کان زور کان آ ملڪ کي ٺاريو انگريز

شينهن ٻڪري گڏي کارايو وهاريو انگريز_

پوءِ به چئو ٿا ته ڪڍو ملڪ مان ڌاريو انگريز؟

پوءِ به آواز آ بڪواز آ ”آزاديء قوم“؟

67

هنديئو! علم هنر ڳوليو، سڌاريو ڪڇ چال

اي اوهان کي ٿا کپن ان ۾ اڃا ڪي سو سال

پانهنجي ذِمي اوهان جو آ سڌارو ۽ سنڀال

ڄٽ ۽ ڦَٽ چڱو آهه ٻڌل ئي هر حال

ڪٿي ڄٽ ۽ ڪٿي انداز آ آزاديء قوم؟

68

حال ڇا هو اڳي، تاريخ ڏسي ڏيو رايو

ڪوهُه ڪوهُه ٿي نئين نواب ۽ راجا تايو

قوم هندي سندو انگريز وڌو آ پايو

هان! ٻلي شينهن پڙهايو، ڦري کائڻ آيو!

وڏي ننڍي جو اڄ آواز آ ”آزاديء قوم!“

69

ڇو نه پُوڄا جو، بُتن جو ٿئي شَيدا 1 هندي

هر جڳهه مسجد آ، مندر آ، هُويدا 2 هندي

ڪيا غلاميءَ جي لئي پرماتما3 پيدا هندي

تنهنجي تقدير ۾ زنجير آ، قيد آ، هندي!

ڪاٿي هندي ۽ ڪٿي ناز آ، آزاديء قوم!

70

هنديئو! ڇا تي کپايو ٿا پيا مغز ۽ مس

مغز پر ڪاٿي اَٿوَ، اندر آ پٿر يا خس4

هندين کي اگر آ عقل ته آ نقل جو بس

حڪمِ انگريز مڃي ڪيئن نه هندي بيوس!

ڪيئن ڀلي ۽ ٿو چوي: ناز آ ”آزاديء قوم!“

71

فقط انگريز حڪومت جو سزاوار1 آهي

هندي ننڍو ڪ وڏو پنهنجو پَرَستار2 آهي

پنهنجي جهنڊي جي ڪاٿي ڪاٿي نه للڪار آهي

پنهنجي نالي جو جهان ساري ۾ ڏهڪار آهي

خوف جنهن کان لِڪَل آ، راز3 آ آزاديء قوم.

72

وِڪيل آهن: اي وَڪيلن کي نِگهدار4 نه چئو

پنهنجا هٿيار: هي سردار تُمَندار5 نه چئو

اُمت 6 آهن اهي پنهنجي: هي عملدار نه چئو

هندي ڪجهه جنس شرافت جا خريدار نه چئو

ڪنهن حوالي ڪريون جا ساز آ آزاديء قوم؟

73

ڄاڻون ٿا خوب سياسي سڀئي چاڙهيون لاهيون

پنهنجي وس آ ته ڪنهن قوم کي ٺاهيون ڊاهيون

ملڪ کي اونڌو ڪريون يا سنئون جيئن چاهيون

هندو مسلم جو ٿئي ٺاهه! اسان مئا آهيون؟

مُئل آهي ته سندو ناز آ: آزاديء قوم.

74

هند جي جند ڇڏيون ڪٿ مُئي مارئي کان سواءِ

ڪيئن هٿ ملڪ اچن ٿا رت هارئي کان سواءِ

ڪيئن رڪ ٿو ٺهي اول ۾ پگهارئي کان سواءِ

هندي ڇا ڄاڻي پٽڻ کان ۽ پڪارئي کان سواءِ

خالي کوکو فقط آواز آ: ”آزاديء قوم!“

75

روح جي عين صفائي ۾ آ انسان جو ڪمال

۽ بدن کي ملي مٽي ٿيو گدڙن جي مثال

هنديئو! خوش رهو هن حال ۾ بي فڪر و خيال

قوم انگريز ۽ ڀارت ۽ زر ۽ مال ۽ سنڀال

چؤ ته ديوانـﮧ1 دغاباز آ آزاديء قوم.

76

نه جتي علم هنر آهه، نه قدر سُخن2 آهه

اِتحاد آهه جتي خير3، نه حب وطن آهه

نه دل زندهه ڪٿي آ، نه ڪلمي تي ڪفن آهه

خوف انگريز کي ڪهڙو جتي هي انجمن آهه

جت غلاميءَ ۾ سڄو راز آ آزاديء قوم.

Text Box: 102

 

Text Box: 101

 

77

 

شاعرانه خيال:

حيف حيدر هي ڪلام آهه، مگر آهي ڇا

پاڪ آزادي مٿان اهڙي نظر آهي ڇا

تون ته آزاد طبيعت هئين پر آهي ڇا

هي غلاميءَ ۾ غلاميءَ1 جو اثر آهي ڇا

جنهن ڪرائي نظر انداز2 آ آزاديء قوم.

78

شعر ههڙي کان ته هئي توکي خوشي بهتر

تنهنجي بڪ بڪجي گلا ٿي هلي گهر گهر در در

هاڻ ڪڇ طرز سخن ڦير ۽ آڻ اهڙو اثر

جو مدَبر3 به چون مست ٿي: حيدر! حيدر!4

نظم5 هي ناهه، هي اِعجاز6 آ آزاديء قوم!

79

همنوا!7 هاءِ جو محدود ٿي طاقت منهنجي

وَرنـﮧ 8 اَفلاڪ اُڏائي ها عزيمت9 منهنجي

آ بُري طرَزِ حڪايت، نه حڪايت منهنجي

بُري قسمت ئي، بري ناهه طبيعت منهنجي

پانهنجو دردِ دل و آز10 آ آزاديء قوم.

80

قيدِ ”حبِ وطن از ملکِ سُليمان خوشتر“

زخمِ ”خار وطن از سُنبل و رَيحان خوشتر“

يوسف مصر نه شد با همـﮧ فرمان خوشتر

همچنين گفت: ”گدا بودنِ کنعان خوشتر“

واهه هي گفتـﮧ 1 شيراز 2 آ آزاديء قوم.

81

شاد شيرازي هري هند ۾ حيدر خوشتر

بيوقوف آهه ته ڀي پانهنجو اڪثر خوشتر

ٻئي جي محلات کان آ پنهنجو ڪچو گهر خوشتر

ڌارئين زربفت 3 کان آ پانهنجي کَدر 4 خوشتر

جهڙي ڪپڙي جي لئي براز5 آ آزاديء قوم.

82

تند کاڌيءَ جي تکي تيز آ تلوارن کان

چيڪ چرخي جي ڪڍي ڪيڪ ٿي سردارن کان

ٿا شهنشاهه ڏڪن چرخي سبب ٻارن کان

هي خبر جانچو ولايت جي نگهدارن کان

جن جي هر ملڪ ۾ ممتاز آ آزاديء قوم.

83

جگر شير نه آهي ته اها جنگ سهي

تيزي تازيءَ 1 جي آگر ناهه خر لنگ 2 سهي

غيرت ۽ شرم اگر طبع نه آ ڍنگ 3 سهي

هاڻ مگر ڪڇ ڪريو بي لذت ۽ بي رنگ سهي 4

نِڪمائي ڪري ناساز آ آزاديء قوم.

84

جئن هوا ساهه جي لئي، سج بَصارت 5 جي لاءِ

جئن فِضا 6 ماده7 جي حرڪت8 ۽ عمارت9 جي لاءِ

آهه آزادي ائين مغز جي طاقت جي لاءِ

آهه آزاديءَ قوم ايئن شرافت جي لاءِ

دلنواز آهه سر افراز 10 آ آزاديء قوم.

85

اي دلارامِ 11 جهان، دهشت12 دسرت13 وِڪرم14

شوڪتِ شاهه جهان، اڪبر اعظم جا دم

اي نگهه جنهن جي فلڪ کي ڪري درهم برهم15

صورت عزت ۽ تفسير محبت، اي صنم!

اي به صد ناز ڪڏهن باز 16 آ آزاديء قوم.

86

انگريزن ڏانهن:

بيشڪ آهين گهڻا صاحب جن جا احسان

لاهي هرگز نه سگهون فوني جي فن جا احسان

شيڪسپيئر1 جا ۽ علمن هنرن جا احسان

زور سڀني کان غلاميءَ جي مزن جا احسان

وارو آيو هينئر انداز آ آزاديء قوم.

87

ليڪ، انگريزو! ڪڏهن ياد ڪيو ياد احسان

جي اوهان جي مٿان آهن پي ڪيا هندوستان

ڪهڙي انگريز نه کاڌو آ هتان نِيڪ تان2

اي نمڪ کائي حلالي ٿيو، بنجو انسان

هي تقاضا3 آ، اهو راز آ آزاديء قوم.

88

صاحب انگريزو! ٻڌو هنديءَ وحشي4 جو ڪلام5

جو ڪري ٻئي کي غلام آهه حقيقت ۾ غلام

هان، مگر هند جي جيئن کي ڏيئي رنج ۽ دام6

ڪهڙي محلات ۾ وهندا وٺي آنند آرام

جنهن جي ئي لاءِ سبب ساز آ آزاديء قوم.

 

89

غمڪده1 آهه جهان، آهه اگر دل دل ۾

پٿر آ 2 جو نه ڳري ٻئي کي ڏسي مشڪل ۾

تَبَر3 آ جو ٿو وجهي زخم خوشيءَ ۾ کل ۾

خون چنبڙيل آ سدا دست و دل قاتل ۾

ڪ نه ڪڇ درد ۾ دمساز5 آ آزاديء قوم.

90

ڇا جون هي لنبيون تقريرون، هي غوغا ڇا هي

”حق هر قوم جو آزاديء و صلح آ“ ڇا هي5

اي انهن اعليٰ اصولن سندي دعوا ڇا هي

هند هڪ ملڪ نه آ، قوم نه آ ڇا، ڇا هي

ڇو مگر قيد سندن ناز آ آزاديء قوم؟

91

اي اسيرن اڳيان انگريز خبردار، نه آ

دردمندن جي ڪڏهن دانهن ٿي بيڪار نه آ

قيد جان آهه، پر آوز گرفتار نه آ

هند سرڪار مٿان ڇا وڏي سرڪار نه آ

جنهن هٿ انجام ۽ آغاز آ آزاديء قوم!

92

دولتمندن ڏانهن:

اهل دوست1 جو مثال ايئن ئي سمجهُو سمجهن

جيئن دريا ۾ ڪو ٻيڙيءَ تي ڪري سير و جشن

ويهه ماڻهو ٿا سندس آڏو لُڙهن، غرق ٿين

ليڪ مَوقَع ۽ جڳهه هوندي بچائي نه انهن

جشن ۽ سير سندس ساز آ آزاديء قوم (آ).

93

يا جيئن ڪو ٿو رکي ٽوپيون پنجاهه هزار

ڪئين قميصون، لکين پاجاما ۽ جتين جي بزار

گـﮧ گدامون، ۽ آنن جا به اڪيچار خرار

پر نه ڪڏهين لهي ڪنهن زار ۽ بيمار جي سار

آور هڪ آس آ، هڪ آز آ آزاديء قوم.

94

زر2 جو مطلب ته اهوئي ٿيو سمجهائي ڪو

زر نه مالڪ جو مٿو پيٽ واڌارائي ڪو

زر کي بالذات3 نڪو کائي نڪو پائي ڪو

ڪوئي پائي ته ڪري ڪارو، هي آزمائي ڪو

انهي ڪاراڻ سان ناساز آ آزاديء قوم.

95

ڪو ڀلي يُوسُف1 آ، دولت ۾ نظام2 آهي هُو

ڇو نه حڪمت ۾ ارسطوُ3 جو امام آهي هوُ

پهلوانيءَ ۾ ٻيو رستمِ سدام4 آهي هوُ

هيچ5 مان آهه سندس پر جي غلام آهي هوُ

هيچ کان نيچ، جي ناساز آ آزاديء قوم.

96

آ غلاميءَ ۾ مگر مرد جي پيدائش مُحال6

هن فضا ۾ آ سندس بود7 ڏکي باش7 محال

هن زمين کي ڪري تسليم8 سندس لاش محال

هن هوا ۾ آ سچو پيار ۽ پرڪاش9 محال

مرد جي راز جو اِبراز10 آ آزاديء قوم.

97

قومون آزاد اگر ٺاٺ ڪرن، شوق تمام

حاڪمن سان نه جڳائي ته ري ريس غلام

حاڪمن سامهون مري بلڪ حيا شرم ۾ خام

قهر آ، ظلم آ، هندي ٿيو هرجا بدنام

جنهن سان هر حال ۾ ناساز آ آزاديء قوم.

98

عيش عشرت جي بجا پاڻ کي ماتم ٿو ٺهي

عيش عشرت جي بجا موت ئي همدم1 ٿو ٺهي

موت کي پاڻ کان نفرت ٿي اچي غم ٿو ٺهي

هندي اڄ حَرفِ غَلط 2 کان به ڪِنو، ڪم3 ٿو ٺهي

جنهن کان بيزار آ، اِفراز4 آ آزاديء قوم.

99

پئسي وارئو! اچو، هن وقت نه انڪاري ٿيو

پئسو ڪنهن پر جي پِرايُوَ، پَرَ اُپڪاري ٿيو

زر پرستي ڇڏي انسان جا پوڄاري ٿيو

محل ۽ موهه ڇڏي مانَ جا واپاري ٿيو

مان آ شان آ اِعزاز آ آزاديء قوم.

100

جيسين انسانِ جي انسان اڳيان عزت ناهه

جيسين زر جي عوض انسان جي دل دولت ناهه

جيسين سڀ ڪم کان اُتم پورهيو نه آ خدمت ناهه

پانهنجي حصي ۾ امڪان خوشي فرحت ناهه

پاڻ کان دور نظر ناز آ آزاديء قوم.


1- (س) هندن جي خيال موجب چئن جڳن مان آخري جڳ. 2- هندن جو پاڪ ڪتاب. 3- (س) پرماتما، دنيا جو روح. 4- (س) حاصل. 5- (س) ڌوڪو. 6- (س) وصف، نيڪي. 7- (س) خواهش، آرزو. 8- (س) پرميشور، شخصي حيثيت ۾، اها هستي جنهن مان هر چيز جي پئدائش ٿي آهي. 9- (س) اتپتي ڪرڻ = پيد اڪرڻ. 10- (س) وجود، پيدا ٿيل شيءِ. 11- (س) آدمي.

            1- (س) روح. 2- (س) خوش. 3- (س) سچو، قديمي، آريه ڌرم. 4- (پ) بازيگر. 5- (س) پوڄا، عبادت. 6- (س) پڪل چيز جا بتن تي چاڙهجي يا انهن جي اڳيان رکجي. 7- (س) علم. 8- (س) عقل. 9- (س) بدچال، ڪمينو. 10- مسلمان کي نفرت وچان هندو سڏيندا آهن.

            1- (ع) اُمت شيطان مان مراد تمام غير مسلمان آهن. آدمشماري، مسلمان: چاليهه ڪروڙ؛ امت شيطان: هڪ ارب سٺ ڪروڙ. 2- (ب) هڪ جهڙو. 3- تڏهن ته سڀ ماڻهو مسلمان ٿيندا (حالانڪ هي ڳالهه ناممڪن نظر اچي ٿي.) 4- (ع) ڪافر جو جمع. 5- وچ ايشيا ۾ ملڪ جتي جا لعل مشهور آهن. 6- (ع) حقدار. 7- (ع) اهو جنهن جي مهربانيءَ جي حد نه هجي. 8- (ع) ڪا شيءِ جا دل ۾ وڌي وئي هجي، برو خيال. 9- (ع) جادو، فريب.

1- (ع) سمجهدار. 2- (پ) سڄو سارو. 3- ٻئي جهان ۾. 4- (ع) ڇٽل. 5- (پ) ظالم. 6- (ع) مذهبي اصول جي مڃتا. 7- (ع) معاف ڪندڙ 8- (ع) ميڙ. 9- عجز جو جمع: عادتون، طبيعتون، 10- ڏاڪڻ (نورجي) جنهن جي وسيلي، مسلمانن جي خيال موجب حضرت رسول هڪ رات ستن آسمانن ۽ عرش تي ويو ۽ خدا سان ڳالهايائين ۽ عجيب و غريب نظارا ڏٺائين. 11- (ع) خوشي، آنند. 12- (ع) چنڊ چيرڻ. مسلمانن جي خيال موجب حضرت پيغمبر آڱر جي اشاري سان چنڊ کي چيرڻ جو معجزو ڪري ڏيکاريو هو. 13- (ع) دليل، ثابتي. 14- (ع) قدر (طاقت) جي رات جا قرآن شريف موجب هڪ هزار مهينن کان بهتر آهي. هي رات رمضان مهيني ۾ چوڻ ۾ اچي ٿي. 15- (ع) تارن ۽ سيارن جو علم (Astronomy). 16- (پ) نيڪ بد کي سڃاڻندڙ.

            1- (ع) خرابي، فساد. 2- مسلمانن جي خيال موجب ابليس هڪ وڏي مرتبي وارو جن هو. جڏهن الله سڀني فرشتن ۽ جنن کي حڪم ڏنو ته آدم کي سجدو ڪيو، تڏهن ابليس انڪار ڪيو. پوءِ خدا کيس پنهنجي درگاهه مان لوڌي ڪڍيو. انهيءَ وقت کان وٺي ابليس (شيطان) آدم جي اولاد کي گمراهه ڪرڻ ۾ مشغول آهي (۽ شايد گهڻي قدر ڪامياب ٿيو آهي). 3- (ع) نشاني، قرآن جو حصو. 4- ڇاڪاڻ ته اهي لفظ قرآن جي متن (Text) جو حصو آهن. 5- ياد رهي ته اڪثر انگريزي سلطنت مسلم حڪومتن مان ٺهي آهي.

            1- بيت الله. 2- (ع) ع پيش _ ٻي دنيا. 3- (ع) ميوو، مال. 4- (پ) سون، ناڻو. 5- ياد رهي ته اُن وقت حج تي اٽڪل ٻه هزار روپيه خرچ ٿيندو هو، جنهن مان وڏو حصو ريل، موٽرن، جهازن رستي انگريز جي گهر ويندو هو. 6- ميم جي تشديد لاءِ معافي طلب_ مصنف. 7- (ع) سرڻ پکي. 8- تحريڪ آزاديء هند. 9- اسپين ۾ مسلمانن ست سؤ ورهيه حڪومت ڪئي. آخر ۾ يورپ جي عيسائي حڪومتن گڏجي انهن کي پورو ڪيو. 10- (پ) دوست.

            1- (پ) لائق. 2- (پ) غلام، ٻانهو. 3- (پ) ڳجهه، گم شيءِ. 4- (پ) سنڀاليندڙ (انصاف جا). 5- ]پ[ وڏي لشڪر ]تمن[ جو مالڪ، سردار. 6- ]ع[ قوم، پوئلڳ.

            1- ]پ[ چريو. 2- ]پ[ شعر، ڪوتا. 3- ]ح[ ڄڻ ڪجهه به نه.

            1- هي مصنف جي نوڪريءَ جي زماني جو نظم آهي. 2- (پ) نه ڪرڻ = ڇڏڻ. 3- (ع) ملڪي، سياسي معاملن ۾ ماهر. 4- (ع) شينهن. علي المرتضيٰ جو قلب ۽ مصنف جو تخلص. جوش خروش جي موقعن تي مسلمان حيدر! حيدر! جا نعرا هڻندا آهن. 5- (ع) شعر. 6- (ع* معجزو. 7- (پ) رفيق. 8- (پ) نه ته. 9- (ع) ارادو. 10- (پ) اڃ، آس.

            1- (پ) ٻول. 2- هن مان اهلِ شيراز مراد آهي: ايران جو مشهرو شهر جتي وڏا شاعر ٿي گذريا آهن: حافظ، سعدي ۽ عرفي وغيره. 3- (پ) ڪيمخاب، ڪپڙو سون ۽ پٽ جي تندن سان ٺهيل 4- (هه) اهو ديسي ڪپڙو جو هٿ جي ڪتيل سٽ مان هٿ جي آڏاڻي تي اُڻيو وڃي. 5- (ع) ڪپڙا وڪڻندڙ (بجاج).

            1- (ع) عربي گهوڙو. 2- (پ) منڊو گڏهه. 3- ڍونگ، ڪوڙو ڏيکاءُ. 4- جيئن هر شعر آهن. 5- (ع) ڏسڻ جي طاقت. 6- (ع) کليل يمدنا، پولار (Space) 7- (ع) اها شيءِ جنهن مان ٻيون شيون ٺاهيون وڃن (Matter). 8- (ع) چرپر. 9- (ع) جوڙجڪ. 10- (پ) وڏي مان وارو. 11- (پ) دل کي آرام ڏيندر، معشوق. 12- (ع) دٻدٻو. 13- (س) سورج بنسي خاندان مان اجوڌيا جو راجا، رام جو پيءُ. 14-(س) وڪرماجيت (بهادر): هندوستان جو رجا. اڪثر هندن جو سنبت هن کان شروع ٿئي ٿو. 15- (پ) هيٺ مٿي. 16- (پ) به: وري اچڻ.

            1- سونهن ۾. 2- نظما دکن دنيا ۾ تمام وڏن دنيادارن سان سمجهيو وڃي ٿو. 3- مشهور يوناني فيلسوف (Aristotle). 4- رستم بن سام، مشهور ايراني پهلوان. 5- (پ) ڪجهه به نه. 6- (ع) ڏکي. 7- (پ) جياپو. 8- (ع) ڪرڻ = قبول ڪرڻ. 9- (س) نور، روشنائي. 10- (ع) پيدا ڪرڻ، ظاهر ڪرڻ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: