سيڪشن؛  سياسيات

ڪتاب:جيئي سنڌ

 

صفحو : 9

 

قومي آزادي ملي ويئي ته هر چيز ملي

ديس جي اوڳ ملي، زيست جي تجويز ملي

تاب 1 پرواز مليو، همت پاڪيز 2 ملي

عيش ۽ شوق ۽ شوڪت جي سَندَ3 نيز4 ملي

شوڪت آ شاهه آ شهباز آ آزاديء قوم.

102

غريبن ڏانهن:

جنهن کي دولت ملي تنهن کي نه ملي دل اڪثر

جي ملي دل ته اها ڀي ٿي پٿر، توڙي گُهَر

معدن 5 لعل مٿان ڪاٿي ڏٺوَ سبزي ۽ جر

ساوڪ ۽ ساهه کي ساڙي ٿا ڇڏن لعل ۽ زر

هاءِ ساڙي تنهين بوُ ناز 6 آ آزاديء قوم.

103

ڀل ٿئي سارو جهان پاهه، سکي ڍور آهن

رزق مولا کي ڪرڻ قيد ۾ منهن زور آهن

اهي ڌنوان نه سمجهو، هي وڏا چر آهن

مار 7 اندر ۾ ۽ ٻاهر ۾ اهي مور آهن

نه مگر، جن جو 8 دم و ناز آ آزاديء قوم.

104

خوش رهو، پنهنجي انهن کان چڱي قسمت آهي

بي خطر ڏينهن گهمو، بندگي محنت آهي

بي خبر رات سمهو، ڪاٿي به فرحت آهي

چور جو خوف نه پهري جي ضرورت آهي

هڪ ضرورت آ، طلب آز آ: آزاديء قوم.

 

105

اي اچو، ديس مٿان جان کي قربان ڪريون

او غريبو! او غريبيءَ جو مٿي مان ڪريون

اهل دولت به بچايون ۽ مٿن دان ڪريون

ديس جي دوس1 ۽ دشمن مٿي احسان ڪريون

عجب احسان آ انداز آ آزاديء قوم.

 

105

هندن ڏانهن:

آريـﮧ 12 هندو، پرستارِ 3 بت و گمان هندو

ٿو ٿئي ديوسماجي 4  سِک 5 آسان هندو

جي اَڇوُت 6 آهه ۽ شوُدر 7 ته به شايان 8 هندو

دوستو! ڪهڙي سبب ناهه مسلمان هندو

جنهن سان ڪڇ ڪڇ رهي دمساز آ آزاديء قوم.

107

ڪاوڙ آ گاءِ ڪُشيءَ تي، ڇو ٿا کائو ٻڪر 1

هان، ڏسو هيٺ مٿي: جيءَ جو آ جيءَ تي گذر

ڊاهيو قدرت کي، 2 اچو ٺاهيو دنيا نئين سر 3

جاتي خون پنهنجي سوا ڪڇ نه حَلال اچي نظر

نه غلامي جتي نه آواز آ آزاديء قوم!. 4

108

ٿيون اگر  قومون گهڻيون هند ۾“ ڇو ٿيون غمگين

دل جي سوڙهي نه ٿئي جا ٿئي سوڙهي ڪڏهين

ڪنئين قومن کي سمائي ٿي سگهي هند زمين

ههڙي سر سبز ۽ زربن، ڪشاده رنگين

نه فقط هند ۾ ممتاز آ آزاديء قوم.

109

گڏجي گهارڻ ۽ گذارڻ اگر آسان نه آ

کير ۽ کنڊ ٿيڻ جو اگر امڪان نه آ

گيت گيتا جو اگر قرئِت 5 قرآن نه آ

دوستو! ڌار ٿي گهارڻ کان تڏهن شان نه آ

ڪجهه به ناهي جي نه همراز آ آزاديء قوم.

110

جنهن کي انسان جو جامو مليو، اعليٰ آهي

ڪهڙو ردي نه هجي پنهنجو سڳوڀا آهي

ٿي انهيءَ طرح ئي پنهنجي 1 سڄي دنيا آهي

ورنـﮧ محتاج نٻل پاڻ کان وڌ ڇا آهي

ورنـﮧ ڇو پنهنجو ئي حق ناز آ آزاديء قوم.

111

مسلمان ڏانهن:

پاڻ وٽ ڇا هي رهيو، ڳالهه ته آ صاف معَاف

فقط اِفلاس 2 ۽ اَسلاف 3 سبب لاف گزاف 4

ٿيو نه بدحال ڇڏي حال، ٿي انصاف خلاف

مذهب ايمان کي ڪيو عقل ۾ انصاف ۾ صاف

جيئن صاف آهه سرفراز آ آزاديء قوم.

112

اي مسلمان! لهو مان، ٿيو مرد مٿير

پاڻُ آزاد ڪيو، هموطنن کي به دلير

ڇا هي! اڄ پانهنجي پاڇي کان ڊڄو ڇو ٿا شير

ڪير آهي جو مسلمان جو اورناگهي پير

هديَـﮧ 5 جذبـﮧ جانباز6 آ آزاديء قوم.

113

خالق الله ته مخلوق ٿيو سارو جهان

جنهن ۾ هر اَرض1 وسما2 آئيو، انسان، شيطان

دين الله جي مخلوق ته آ ڪُفر ڪٿان

ڀائرو! اشرفِ 3 مخلوق آ انسان، قرآن؟

ظالم جي زور سان ناساز آ آزاديء قوم!

114

ڪابه بيچُون4 جي تصوير تَصوُر5 غلط آ

ڀل کڻي ڇا به وسيع6 آهه ۽ فرحت نمط7 آ

هوُ اڃا آور آ، ڇا تابِ خيال آهه خط8 آ

هڪ بيان بيحد آ ڇا پاڻي جو قطرو فقط آ9

هتي هڪ وهم جو آواز آ آزاديء قوم.

115

بين باجي سان ڀڄي ڪيئن ٿي غازي10 جي نماز

اهڙي شيءَ ٽاڪُئين آهي ته ڇو آ مايـﮧ 11 ناز

اي مسلمانو! ڇڏيو ضعف12 تَمَسخُر 13 ۽ مجاز 14

ٿي فنا ذوق بقا 15 وٺو، ٿيو شير حِجاز 16

جنهن جي اَقوال 17 جو اِيجاز 18 آ آزاديء قوم.

116

چاهيو آخر ٿا هان سنڌ مان هندو نڪرن؟

محل ۽ مال ڇڏي هت، وڃي ڪٿ ڪٿ ڀٽڪن؟

هتي سِيلان ۽ برما مان مسلمان اچن؟

هرڪو پرديس ڪري ديس، ڪري گلشن بن؟

هي اوهان جو غرض آ راز آ آزاديء قوم.

117

ڇو نه شِيعن جي حوالي ڪجي ڪجهه ملڪڙو يار

جت صَحابن 1 تي وجهي لعنتون بڻجن ديندار 2

هر مذهبي کي ڏجي ڇو نه حصو ملڪ جو ڌار

هند جو نام نشان گم ڪري ڇڏجي يڪبار

هان مسلمان جو هي راز آ آزاديء قوم.

118

پاڪ پهريائين غلاميءَ کان ڪيو گهر پنهنجو

گڏجي اڄ هم وطنن ساڻ ڏيو سر پنهنجو

پوءِ ڇا هند آ، هر هنڌ آ ڪَر فَر3 پنهنجو

ڪير آ جو کسي آزادي جو زيور پنهنجو

قوم جي قصي جو اِيجاز آ آزاديء قوم.

119

ذوقِ تعليم آ، تهذيب ا، طاقت اگر آ

هند ۾ ڪونه مسلمان کي خوف آ خطر آ

ورنـﮧ انسان جو دشمن جگر آ پنهنجو گهر آ

جنهن جي لئه چاره ڪٿي آ نه ڪٿي چاره گر آ

جنهن لئي قيد آهه جو آواز آ ”آزاديء قوم!“

120

هند ۾ ٿي ڪري هندن سان عداوت 1 ڇاهي

ننگ پاڙي جو نبِين کي هو، آيت ڇاهي:

اي ”لَڪُم دِينُڪُم“2 اسلامي هدايت ڇاهي

”عالمن واسطي رحمت“ 3 جي عنايت ڇاهي؟4

هي وٺو راهه ته همراز آ آزاديء قوم.

121

ڀاءُ آ، عضوو آهي پانهنجو، انسان جو آهه

خير عضوي جو نه آهي ته خر جان جو آهه

غَير5 ۽ غُصو حصو دوستو! نادان جو آهه

آهي الله ته هندو جو مسلمان جو آهه

آهه اِعجاز ته اِعجاز آ آزاديء قوم.

122

عام ڏانهن:

هنديئو! هند جي ڪڇ لاڄ، اي پيارئو! سمجهو

هندڪي ۽ ٻيو مسلمانڪي ماري ته ڇڏيو

ذات اصلي کي وٺو، نقل جي منهن ڌوڙ وجهو

اول انسان ٿيو، آخري انسان ٿيو

فقط انسان جو حق ناز آ آزاديء قوم.

123

جو غلامي ۾ به جي ٿو سگهي مذهب، ڇاهي

ماڻهو ماڻهوءَ ۾ ڌڪار آڻي، ته مطلب ڇاهي

غيرت ۽ فڪر سوا زيست جو مَنَصب 1 ڇاهي

هنديئو! پاريو، هلو، حال مُذَبذَب 2 ڇاهي

ماري ويئي سبب ناز آ: آزاديء قوم!

124

اي غلاميءَ جي جئڻ کان مرڻ ئي بهتر آهه

اي غلاميءَ جو رئڻ توڙي کلڻ خواري آهه

ڇو نه ٿو منهنجو ستت ساهه ڪڍين ياالله!

زندگي منهنجي ۾ ڇا تنهنجو جلال آهه ۽ جاهه

نه اگر منهنجو حصو ناز آ آزاديء قوم.

125

نه غلامن جي نماز آهه1 نه حڪمت، نه جات2

نه غلامن جي ڪٿا3 پاٺ 3 نه ڦيري پرڀات4

نه غلامن جو خدا آهه نه مذهب نڪي ذات

اگر آهي ته آ حڪام ئي سندن لئي هر بات

بات آ ذات آ هر راز آ آزاديء قوم.

126

مذهبن سان نه ڪڏهن پاڻ کي نابود ڪيو

ذات انسان جو ڀلو منزل مقصود ڪيو5

خُون انسان اگر الله کي خوشنود ڪيو

ته 6 ٻيو ڳوليو، پيدا ٻيو معبود ڪيو

جستجو جهڙي ۾ جانباز آ آزاديء قوم.

127

جو به مذب آهي انساني محبت جي خلاف

آهه خالق جي خلاف، آهه سو قدرت جي خلاف

پنهنجي هستيءَ جي خلاف آهه، طبيعت جي خلاف

شان انسان جي خلاف آهه، شرافت جي خلاف

رمز هي سمجهو ته همراز آ آزاديء قوم.

128

ذات مذهب 1 آهي انساني محبت جي خلاف

گرچـﮧ2 هرڪو هڻي انساني اُخوت 3 جي لاف4

دين هرڪو ٿو دوئي 5 سان ڪري دنيا کي شگاف:6

”هڪڙا ان دين جي تابع، ٻيا ان دين خلاف:7

”مُعتقَد 8 جو ئي حصو ناز آ آزاديء قوم.“

129

جنگ دنيا جو نه جرمن تي نه انگريز تي ڏوهه

آ ضعيفن جي زر ۽ ملڪ تي هر ڪنهن جو موهه

هنديئو! زور ۽ شڪتي ڪيو پيدا 1، ٿيو لوهه

پوءِ ڪير آ اِهو ڌاريو جو ڪري ڊوهه ۽ ڇوهه

زور سان شور سان آنباز آ آزاديء قوم.

130

زندگي زندهه دلي زور زبردستي آهه

ورنـﮧ انسان ٿئي ڪيئن ها دنيا ۾ شاهه

ڇو نه مٽي سان پٿر ساڻ ڪري پيار الله

اگر آرام ۽ خاموشي آ مقصد جي راهه

اگر ان جاءِ لِڪل راز آ آزاديء قوم.

131

ناهه همت ته آزادي به هڪ بار ۽ ڄار

جا ٿي اُلٽو ڪري مالڪ کي گرفتار ۽ خوار

آدم ايڪي سان آهمسا3 به آ تلوار جي ڌار

جنهن اڳيان بيهي سگهي صاحب تاتار4 نه زار 5

جنهن اڳيان قرب جي قيماز آ آزاديء قوم.

132

ڀروسو دوستو! نَيرنگِ 1 جان تي نه رکو

جيڪي اڄ ٿي سگهي، هرگز هي سڀاڻ تي نه رکو

ڪڇ ڪريو ڪار، مدار آهه2 و فُغان2 تي نه رکو

پنهنجي طاقت تي ۽ دشمن جي خزان تي نه رکو

طاقت آ، تاب آ، اِجزاز3 آ آزاديء قوم.

133

سال صديون آ، غلاميءَ ۾ گهڙي پهر سهي

ڇو نه آ بي لڄي جيئڻ کان مٺو زهر سهي

اي ڪري لهر سهي، قيد سهي، قهر سهي

نه لڙو راهه حقيقت کان، لڙي دهر4 سهي

ساهه سر گهوريو، اِنجاز5 آ آزاديء قوم.

134

نفس هر ماڻهو جو فِرعون6 کان ڪمتر7 ناهي

ليڪ هر ڪنهن کي اهو زور اها زر ناهي

جوڙ انسان جي غلاظت سوا جيترو ناهي

خون، قرباني سوا چارو برادر! ناهي

خون قرباني سوا راز آ آزاديء قوم.

135

خون اگر آهه جفا خوف جفا آهه جفا

خون تي آهه ٻڌل ڪعبـﮧ1، ڪَلِيسا2 هرجا

خون جو درياهه نِهان3 زير4 عدالت گاهه آ

ڪاٿي آزاديء قوم آهه ملي خون سوا

خون اوزار آ اِحراز5 آ آزاديء قوم.

136

ڪهل باتيون ۽ بهانا ڇڏي سر گهور ٿي مور

خون ڪر رنگ حِنا، 6گهوٽ ٿي پير اورتي سور

لوهه کي لوهه وڍي ٿو، ٿو ڀڃي زور کي زور

شير جي چنبي اڳيان ڇا ٿو لڳي ڍور جو شور

جنهن جي لئي لٺ ڪٽي ڪاز7 آ آزاديء قوم.

137

خون تي ئي ٿو رکي ساهه ۽ هرڪار مدار

خون قيمت ٿي رکي آهه جي شيءَ لائقِ پيار

خون جو پيارو رکي ٿو آ سدا خوار ۽ زار

هنديئو! خون ڏيئي ۽ ڪيو پيدا گلزار

جنهين گلزار جو پرداز8 آ آزاديء قوم.

138

قيد ۾ آهه سدا جو ٿو رکي قيد جو ڏر

قيد کان آجو آ ٿيڻو ته ڪيو قيد کي گهر

قيديو! 1 ڇو رُلو بيفاعده ٿا، ٿيو اندر

رَشِڪ فردوس 2 ڪيو قيد کي، زنجير کي زر

قيد آواز آ درواز آ آزاديء قوم.

139

جيئرو آهه اهو جو ٿو ٻين لاءِ جئي

جيئرو آهه اهو سر جو ٻين لاءِ ڏئي

شاهه آهي جو شهادت 3 جو پيالو ٿو پئي

خون شهادت جي سبب پاڪ ٿو زَمزم4 کان ٿئي

پاڪ، پاڪائي سندو ساز آ آزاديء قوم.

140

ننڊ جي نيستي ڪيتر، اي برادر! ڪجهه جاڳ

اگر آهي ته ادم، جانفشاني5 آ ڀاڳ

خون جگر جي کان سواءِ ڪاٿي ٺهي رنگ ۽ راڳ

تحفه طور آهه ملي ڪاٿي حڪومت جي واڳ

واڳ آ واٽ آ مِهماز6 آ آزاديء قوم.

141

ڪاٿي ٿا حق آچن دڙڪن ۽ ڪوڪارن سان

ڪاٿي ٿا مُلڪ ملن منٿن ۽ نيزارن سان

جي ملن ٿا ته هٿن ساڻ ۽ ڪجهه ڪارن سان

جي رهن ٿا ته سرن ساڻ ۽ تلوارن سان

ڪار راز1 آ قَدَر انداز2 آ آزاديء قوم.

142

ٺوڪرون کائي ۽ شب روز نه بي مان ٿي مرو

موت نيٺ ايندو سڀان، ڇو نه اڄ انسان ٿي مرو

گهر کي بِستر کي ڇڏي ديس تي قُربان ٿي مرو

خاڪي پتلو ڄمي، خورشيد3 درخشان4 ٿي مرو

اهڙو اِعجاز آ انداز آ آزاديء قوم.

143

هندين جهڙي ڪٿي بي حِس5 و مرده قوم آهه

هندين قوم جو نالو ڪيو آ ڪارو، 7 آهه!8

قوم انگريز! تَعَلقُ ڪو انهن سان9 چڱو ناهه

ماڻهن اهڙن تي حڪومت ڪرڻ ئي آهه گناهه10

جن جي نالي ئي سان ناساز11 آ آزاديء قوم.

144

هنديئو! شمس و قمر آهن اوهان کان غمگين

هنديئو! آهه هوا کي به اوهان کان کفرين1

هنديئو! بس گهڻُ غمناڪَ ڪُيَو عرش بَرين2

هنديئو! بس گهڻو ناپاڪ ڪَيوَ هند زمين

هر جڳهه نالـﮧ 3 و آواز آ آزاديء قوم.

145

هنديئو! ڪيستائين هند جي هي خواري، هاءِ

ڪيستائين هي مِٺي ملڪ سان غداري، هاءِ

آ هِماليه جي لڄي رفعت رَفعَت 4 ۽ خودداري، 5 هاءِ

آهه آزاديء سنڌوُ به شڪي، زاري، هاءِ

وئي ڪري هند مان پرواز آ آزاديء قوم!

146

هندين جو هي ڏسي حال: جَواني جَوهر

هاءِ اڄ ڇو نه هماليه ٿئي ٽُڪر ٽُڪر

هاءِ سنڌو نه ڪيو بند وهڻ ڇو يڪسر6

هاءِ گنگا مان هي خون نه ٿو ڇو گهر گهر

شرمسار اڄ سببِ ناز آ: آزاديء قوم!

Text Box: 126

147

اي اکيون! روئو روئو، خون جگر ڪافي ناهه

دل رڳن جان سموري مان وهايو درياهه

جو ڪري غرق سڄو هند، بچي ڪاٿي نه ساهه

ڪائي ٻي قوم اچي هند وَسائي، ٿئي شاهه

جا چوي: ”پنهنجو رم1 و راز آ آزاديء قوم“!

148

سوز ۾ جان سڙي خاڪ ٿي ڇا ڇا نڪتا

حيدر اکين مان سندءِ باهه جا شُعلا2 نڪتا

ذري ذري مان اهي خاڪ مان واڪا نڪتا:

”ديس اج جيڪي به دشمن هوا، نڪتا، نڪتا

ڪراچي ملڪ هي ممتاز، آ آزاديء قوم!“

149

هنديئو! جاڳو، ڪيو ننڊ ۽ آرام حرام

لاهيو پنهنجي مٿان هي لقب ۽ نام ”غلام“

لاهيو پنهنجي مٿان قيد ڪڙين دام تمام3

پاڻ کي ماڻهو بنايو، نه ٿيو خام4 نڪام

در وٺو سو جو سدا باز5 آ: آزاديء قوم.

150

اي رکو مان وڏن جو ۽ کٽو ڪجهه دَرَ جو1

شان بابر جو شڪي آهه ۽ عظم2 اڪبر جو

روح آرجُن 3 جو گهڻو رنج آ من شَنڪَر 4 جو

جهنگلي سمجهي ٿو جو معتقد آ باندر جو5

شير ٿيو، شير آ شهباز آ آزاديء قوم.

151

هنديئو! مانُ لهو ۽ ڇڏيو ورثي ۾ مان

جيئن پويان هي چون: ”واهه وڏا هوا ڪي جوان

”داستان جن جي کان دنيا آ هِراسان 6 حيران

”ڪيئن اڄ ٿو سهي نفرت جي نگهه هندستان

”جنهن جو انجام 7 آ آغاز8 آ آزاديء قوم.

152

”هندي جوهر کي ڀلي ڪير اچي جانچي پرکي

”ڪير انگريز! ڇهي پانهنجي گهر کي زر کي؟

”ڇا مجال آهه سڪندر کي يا هَر هِٽلر1 کي

”هند جي لاءِ جو تيار ڪري لشڪَر کي

”صَفِ شڪَن2 آ، قدَر انداز 3 آ آزاديء قوم!”

153

زالن ڏانهن:

هند جي لاڄ! اي ڪاهل نه ٿيو، خوار نه ٿيو

جنگ آزاديء قوم آهه ته بيزار نه ٿيو

پهلواني ۽ دليري ڇڏي مردار نه ٿيو

پنهنجي مردن کان مصيبت جي مهل ڌار نه ٿيو

هيءُ فرمان آ آواز آ آزاديء قوم.

154

هند جون زالون! اچو ڪڇ ڇڏيو آرام ۽ گهر

ڪيستائين اهو سينگار نزاڪت ۾ هنر

ويا سوين هندي مري بند ڪيو تير نظر

پنهنجي مردن سان ۽ ڀائن سان، ٻچن سان ڏيو سر

جيئن چوَن: زال به سر باز4 آ آزاديء قوم.

155

ڪهڙيون زالون هيون، جن لئي ٿو رُئي راجسٿان

جن جون ڳالهيون اڃا ڳائين ٿا انسان حيوان

جيڪڏهن جنگ جو ميدان ڇڏي آيو جوان

اندران گهر جي هي آواز ڏنس ٿي دل و جان؛ 1

”بند دروازه ئي درواز آ آزاديء قوم“.

156

هاري:

سنڌ جا ساهه ۽ سردار ۽ دلبر هاري

تنهنجي احسان هيٺ آ بشر هي هاري

ٿو ڪڍين مٽي منجهان موتي ۽ گوهر هاري

ليڪ بيماري ۽ بک تنهنجو آ زيور هاري

دوُر تو کان نگـﮧ ناز آ آزاديء قوم.

157

پنهنجي طاقت تي ۽ حالت تي نظر ڪر هاري

اڄ زمانو ۽ زمين تنهنجا اٿيئي، پر هاري

جاڳ، يَڪُمشت 2 ٿي، ڪر ڀاءُ سڳو هر هاري

پوءِ ڏس حال زميندار ستمگر هاري

پوءِ ڏس ڪهڙو نه اِعجاز آ آزاديء قوم.

Text Box: 130

 

158

 

استادن ڏانهن:

اهل علمِ، اهلِ هنر، اصل ادب،1 عالي جَناب

حرف گستاخي معاف، آهه اوهان ڏي به خطاب

علم آ ڇا، هنر آ ڇا، ادب آ ڇا ۽ نصاب 2

ٿو ڪري جا ٿي غلاميءَ جو قدم جَلوه ۽ تاب 3

نه جتي هاءِ سر افراز آ آزاديء قوم!

159

پنهنجا شاگرد نه هڪ وَجـﮧ 4 مَعِيشَت 5 سمجهو

تن جي هر وقت سنڀال اصل سعادت سمجهو

تن جي تعليم ترقي ۾ غنيمت سمجهو

بي بها ديس جي دولت هي امانت سمجهو

جنهن ۾ اُمِيد فلڪ تاز 6 آ آزاديء قوم.

160

اي ڪڏهن ٻارڻو آهي ته اجهو اڄ ٻاريو

اي پڙهڻ ڇاهي، لکڻ ڇاهي، اُڏڻ سيکاريو

قوم جو ٻيڙو اڏاريو ۽ فلڪ تي تاريو

جنهن تي ڀل سير ۽ فرحت وٺي پنهنجو ڌاريو

هي غرض پانهنجو هي راز آ آزاديء قوم.

161

قوم شاگرد حوالي ڪيو اُستاديء قوم

تن جي دل ذهن ۾ ويهاريو برباديء قوم 1

تن جي رڳ رڳ ڪيو هر وار کي فريادي قوم

در و ديوار کي ڏيو جَذبـﮧ 2 آزاديء قوم

در و ديوار ٿئي آواز: ” آ آزاديء قوم!”

162

جي اوهان کان يه سبق ڪين مليو ڪنهن کان ملي

جي اوهان کان نه اهو فيض هليو، ڪاٿان هلي

جي اوهان کان ئي آدم ڪين ٿيو، ڪنهن کان ٿئي

جي اوهان جو ئي جگر ڪين جليو، ڪنهن جو جلي

اي جگر سوز3 جگر ساز4 آ آزاديء قوم.

163

شاگِردن ڏانهن:

هاءِ ڪاليج! اي تعليم ۽ تهذيب جا گهر

هاءِ هي هندي جوان، چال چلن ۾ دلبر 5

هاءِ ٿيندا هي سڀان نيچ نفر ۽ نوڪر

هاءِ ٿيندا هي وڃي چور ۽ ڌاڙيل اڪثر

جن سان رنجيده آ ناساز آ آزاديء قوم.

Text Box: 132

164

نوجوانو! نه جواني هي لڄايو ٿيو خوار

آ قدم تي ئي سندوَ قوم جي قسمت جو مدار

آهه ڀارت 1 کي اوهان جو جگر ۽ جان درڪار آهه ڀارت کي اوهان جي شرف ۽ شان جي تار     شرف آ شان آ اِعزاز آ آزاديء قوم.

165

شرف ۽ شان جو سامان آ آزاديء قوم

ساهه آهي، جگر آ، جان آ آزاديء قوم

ڌرم آ، مذهب آ، ايمان آ آزاديء قوم

نه مگر هند ۾ ارمان آ آزاديء قوم

نه هتي هاءِ سر افراز آ آزاديء قوم!2

166

قوم شاگرد! اي سورهيه ٿيو، سپاهي بڻجو

ديس جي قوم جي عزت سندا واهي بڻجو

ڦاهي کائي سهي دشمن جي لئي ڦاهي بڻجو

ديس لئي، قوم جي لئي لطف الاهي بڻجو

لطف آ لذت آ اِعزاز آ آزاديء قوم.

Text Box: 134

167

جيسين آزادي ملي، عيش ۽ عشرت ڪيو ناس

جيسين آزادي ملي، هان، ڪيو ماتم جو لباس

خاص ۽ عام جي دل ۾ وجهو قومي اِحساس1

جنهين احساس سان ٿئي قوم جو ڪم يڪدم راس

جنهين اِحساس جو انداز آ آزاديء قوم.

168

هند محتاج آ، مظلوم آ، مسڪين آهي

هند بيمار آ، بيتاب آ، غمگين آهي

هاءِ اڄ ڪا ئي دوا آهه نه تَسڪين 2 آهي

نوجوانو! ڇا اوهان ۾ ائين ڪڇ ڪين آهي؟

نه رسيو درد جو آواز آ آزاديء قوم!

169

جيڪڏهن هند مئل آهه ته آ زندهه 1 ڪير

ڇاهي، چاليهه ڪروڙن جو آ مڙدن جو ڍير

ها! اڄ ڪو ئي مسيحا 2 ٿي گهمائي هت پير

جو جياري مئلن، ڪڍي سڀ وير ۽ مير

جنهن جي پيرن جو نشان ناز آ آزاديء قوم.

170

نگـﮧ اِنسان جي! ڏڪائي ڇڏي رب اَڪبر کي

ڪهڙي بات آهه رجائي اگر او پٿر کي

ڪهڙي ڳالهه آهه اُڏائي اَگر او لشڪر کي

جنهن تي باوَر 3 آهي يورپ جي ڪِـﮧ ۽4 مِهتر5 کي

جنهن ڀڄائي نگـﮧ ناز آ آزاديء قوم.

171

هندي فرزند! اُٿي، زور نظر پيدا ڪر!

جو وجهي ٿرٿلو دنيا ۾، اَثر پيدا ڪر!

نئون چرخ 6 ۽ نئون خورشيد و قمر پيدا ڪر!

نئون گلزار ۽ هٻڪار ۽ ڪَر 7 پيدا ڪر!

جنهن سان هر رنگ ۾ همراز آ آزاديء قوم.

”جان دي دي هــوئي اسي کـــي تهــي

حق تو يون هي کـﮧ حق ادا نـﮧ هوا!“

’آزاديء قوم‘ پورو ٿيو.


            1- (پ) طاقت (اڏامڻ جي). 2- (پ) پاڪ. 3- (ع) اختياري، پروانو. 4- (پ) پڻ. 5- (ع) کاڻ. 6- (پ) نازبُو. 7- (پ) نانگ. 8- مورن جو.

1- (پ) دوست. 2- آريه (س) سڌريل. اونچو. آريه سماجين وٽ آتما (روح)، پرماتما (خدا) ۽ پرڪرتي (ماده) انادي (ازلي) آهن. هي بت پرستي جي برخلاف آهن. 3- (پ) پوڄاري. 4- (س) هي شخص خدا جا اِنڪاري آهن. 5- سک هڪ خدا کي مڃيندا آهن ۽ هي مذهب اسلام جي بلڪل ويجهو آهي. 6- اهڙو غليظ جو ڇهڻ جي لائق نه هجي. 7- هندن جي چوٿين ذات (برهمڻ، کتري، ويش، کان پوءِ،) منوءَ جي چوڻ موجب برهما جي پيرن مان پيدا ٿيل: چمار، چهڙا. 8- (پ) لائق.

            1- ان ۾ به پرماتما جو ساهه پيل آهي. 2- ڇاڪاڻ ته ان ۾ اهڙو ظالمانه سرشتو آهي جو هڪڙا جيءَ انهيءَ لاءِ پيدا ڪيا ويا آهن ته اهي ٻين جيئن جو کاڄ ٿين. 3- حالانڪ قدرت کي ناس ڪرڻ ۾ به جيئن جو مارڻ ضروري ٿيندو. 4- جا ڳالهه امڪان کان ٻاهر آهي. 5- (ع) قرآن جو پڙهڻ (خوش آواز سان).

            1- انسان ذات جي. 2- (ع) مسڪيني. 3- (ع) سلف جو جمع: اڳئين زماني جا ماڻهو. 4- (پ) گ پيش: لـ گ = ڊڙا لٻاڙ. 5- _ (ع) هه زيري زبر: قيمت. 6- (پ) سر قربان ڪرڻ وارو سپاهي.

1- (ع) ڌرتي. 2- (ع) آسمان. 3- (ع) سڀني کان عزت وارو. 4- (پ) بيمثال هستي، خدا. 5- (ع) خيال [Concept]. 6- (ع) ڪشادو. 7- (ع) ڍنگ، طرز. 8- (ع) لکپڙهه. 9- تڏهن هڪ خالق جي بيان جي ڇا مجال. 10- (ع) مسلمان بهادر سپاهي. 11- (ع) بنياد. 12- (ع) ضعيفائي. 13- (ع) چرچو. 14- (ع) حقيقت کان برخلاف، نقل. 15- (ع) هميشه جي حياتي. 16- شـ حـ مان علي المرتضيٰ مراد آهي جنهن لاءِ خيال آهي ته نماز پڙهندي بلڪل بي خبر ٿي ويندو هو. 17- (ع) قو جو جمع: گفتا. 18- (ع) اختصار.

            1- (ع) دشمني. 2- (ع) اوهان لاءِ اوهان جو دين (۽ اسان لاءِ اسان جو دين). هي قرآن جي آيت آهي، جنهن جو مطلب آهي ته دين ۾ هر ڪنهن کي آزادي آهي. 3- رحمت العالمين. 4- ته مسلمان ٿي ڪري هندن ۽ غير مسلمانن کي خون ڪيو؟ 5- (ع) ٻيائي.

            1- پهرين وڏي لڙائي ۾ هندوستان جي مسلمان سپاهين نمازون به پڙهيون ۽ تُرڪن، عربن ۽ عراقين تي گوليون به ٿي هلايون ۽ آخر گهڻن کي غلامي ۾ آندائون. اهڙي طرح انگريزن (يا ٻين حڪام قومن) هندن کي هندو سپاهين هٿان پئي مارايو آهي. 2- (ع) ڇوٽڪارو، مڪتي. 3- (هه) پاڪ ڪتابن بابت شرح ۽ وعظ ڪرڻ. -4 پـ ڦـ صبح سوير ڌرمي گيت گهٽين ۾ گهمندي ڳائڻ. هي هندن وٽ عبادت جو هڪ نمونو آهي. 5- ڇو ته اهوئي هر مذهب جو بنيادي مقصد آهي. 6- ته (اهڙي خدا کي ڇڏي) ٻيو ڳوليو (جو انسان جي خون ۾ نه، پر انسان جي خوشيءَ ۾ خوش ٿئي. پر جيڪڏهن اهڙو خدا نه لڀي سگهي ۽ جيڪڏهن ڪنهن معبود کان سواءِ مزو نه اچي ته پنهنجي خيال اندر) پيدا ٻيو معبود ڪيو (جو هر انسان جو هر حال ۾ ڪامل دوست ۽ رهبر هجي.)

            1- جنهن نموني ۾ مذهب استعمال ٿي رهيا آهن. 2- (پ) جيتوڻيڪ. 3- (ع) ڀائپي. ياد رهي ته هندو ڌرمن ۾ ڀائپي بلڪل گهٽ آهي. چار ورن ڀائپيءَ ۾ وڏي رڪاوٽ پئي رهيا آهن. اسلام جي برادري صرف مومنن تائين محدود آهي. انسان الله جا دشمن ۽ الله انسان جو دشمن: هي خيال قرآن ۾ عام آهن. ائين به روايتون آهن ته مسلمانن ۾ 73 فرقا ٿيندا ۽ فقط هڪ فرقو بهشتي ٿيندو ۽ ٻيا سڀ دوزخي. غير مسلمانن جي ڳالهه ته پري آهي. عام انساني برادري جو عملي تخيل حقيقت ۾ تازو آهي ۽ زمانه حال جي علوم، ايجادات ۽ فلسفي جو نتيجو آهي. 4- (پ) ٻٽاڪ. 5- (پ) ٻيائي. 6- (پ) شـ ڪرڻ = چيرڻ. 7- بموجب اصول: جيڪي اسان سان نه آهن سي اسان جي برخلاف آهن. 8- (ع) مڃيندڙ.

            1- (پ) شرڪي، ڀائيوار. 2- نثر: راز آ آزاديء قوم آ. ساڳي طرح قافيو ڪيترن هنڌن ڪم آندو ويو آهي، مثلاً، مصرع 3، 5، 11، 37 وغيره وغيره. 3- (س) غير تشدد، صبر سان ظلم جو مقابلو ڪرڻ. -4 صـ ته مان چنگيز خان ۽ 5- زار مان اڳيان روسي شهنشاهه مراد آهن. اهي زبردستي ۽ ظلمي طاقت کان مشهور آهن.

            1- (ع) مڪي ۾ مسلمانن جي پاڪ جاءِ، جنهن جي ڊيگهه ويڪر ۽ اوچائي ساڳي (38 فوٽ) آهي. ڪا دري ڪانهي؛ هڪ در آهي جو فرش کان 7 فوٽ مٿي آهي. ڪعبي جي جاءِ حضرت رسول ﷺ کان پوءِ ٻه ٽي دفعا ڊهرائي وئي ۽ نئين سر ٺهرائي وئي آهي. 2- (پ) گرجا، عيسائين جي عبادتگاهه. 3- (پ) لڪل. 4- (پ) هيٺان. 5- (ع) سوگهو ڪرڻ، بچائڻ. 6- (ع) ميندي. 7- (پ) گاهه. 8- (پ) سينگار.

            1- هندستان اڄ هڪ وڏو قيدخانو ئي آهي. 2- (پ) اهڙي پاڪ جڳهه جو خود فردوس (بهشت) ان لاءِ ريس (رشڪ) ڪري. 3- (ع) سچ جي رستي ۾ مارجي وڃڻ. 4- (ع) مڪي م هڪ جهونو کوهه جنهن جي پاڻيءَ کي مسلمان برڪت وارو ۽ پاڪ سمجهندا آهن. 5- (پ) پاڻ پتوڙڻ. 6- (ع) مهميز؛ لوهه جو ڪڙو جنهن سان سوار گهوڙي کي تکو هڪليندو آهي.

            1- (پ) جنگ. 2- (پ) تير انداز. 3- (پ) سج. 4- (پ) چمڪندڙ. 5- (ع) به ح = اهو وجود جنهن ۾ ڇهڻ، چرڻ، ۽ تيز ڪرڻ جي طاقت نه هجي. 6- (پ) مئل. 7- هندو پارسيءَ ۾ ڪاري کي چوندا آهن. 8- (پ) هاءِ. 9- يعني هندستانين سان. 10- حتي ڪ اهڙن ماڻهن سان مٿن حڪومت ڪرڻ جو تعلق به گناهه آهي. 11- (پ) ناراض رنج.

            1- (ع) رتبو، عزت. 2- (ع) وڌائي. 3- (س) صاف، سفيد. پانڊون جو ٽيون ڀاءُ جو زبردست تيرانداز هو. تيراندازي جي ذريعي دروپدي کي جيتيائين جنهن سان پوءِ پنجن ئي ڀائرن شادي ڪئي. ڪرشن مهراج جو مشهور اپديش گيتا ارجن طرف مخاطب هو. 4- (س) بخت وارو، سعيد. هندستان جو مشهور فيلسوف شنڪر آچاريه. هن نالي سان هندستان ۾ ٻيا به ڪيترا فيلسوف ٿي گذريا آهن. 5- ڊارون (Darwin) جي اصول ڏانهن اشارو آهي جنهن موجب انسان باندر جي صورت مان ترقي ڪري هن درجي تي پهتو آهي ۽ اڳتي به ايترو ترقي ڪندو جنهن جو هينئر تصور ڪري نٿو سگهجي. 6- (پ) ڊنل، مايوس. 7- (پ) پڇاڙي. 8- (پ) شروعات.

1- دل و جان مان مراد زال (اهليه) آهي.

2- (پ) هڪ مٺ (وانگر).

            1- (ع) ساهت، علم زبان. 2- (ع) پڙهائڻ جو مقدار (Gurriculum). 3- (پ) رونق. 4- (ع) ذريعو، سبب. 5- (ع) گذران. 6- (پ) فـ ته = آسمان تي پهچندڙ.

            1- اڄ ڪلهه جي بربادي: سياسي غلاميءَ جي صورت ۾ هندو مسلم نفاق ۽ فسادن جي صورت ۾، هارين ۽ مزدورن جي ستائڻ ۽ دٻائڻ جي صورت ۾ وغيره. 2- (ع) امنگ، ولولو. 3- (پ) جگر کي ساڙيندڙ ۽ 4- (پ) ٺاهيندڙ. 5- (پ) دل کسيندڙ.

            1- (س) هندستان. 2- اصطلاح ”آزاديء قوم“ يعني ”قوم جي آزاديءَ“ مان مراد آهي ملڪي، سياسي آزادي؛ انگريز شاهيءَ کان هندستان جي آزادي. هيٺيون معنائون به مراد آهي: تحريڪ آزاديءَ قوم (مصرع 9، 12، 14 وغيره)؛ انساني آزادي؛ هتي قوم لفظ مان مراد انسان ذات (Human race) آهي (89، 100، 101 وغيره). اها عام انساني آزادي آهي جنهن لاءِ انسان ذات هزارن سالن کان تڙڦي رهي آهي ۽ جنهن لاءِ هزارن انسانن پنهنجون جانيون قربان ڪيون آهن. حقيقت ۾ سياسي آزادي به انهيءَ عام آزاديءَ لاءِ هڪ ذريعو ۽ ان جو جزو آهي.

            آزادي ڇا آهي؟ دماغي آزادي معنيٰ صحيح خيال ويچارڻ جو حق ۽ غلط خيال ويچارڻ جو حق؛ بدني آزادي معنيٰ هر عمل جي ڪرڻ جو حق، بشرطيڪ اهو عمل ڪنهن ٻئي جي اُهڙي آزاديءَ جي برخلاف نه هجي (آنچه بر خود مپسندي بديگران مپسند.).

            مرحوم پريزيڊنٽ روزويلٽ (Roosevelt) آزاديءَ کي چئن مکيه شين تي مشتمل ڪيو هو:بک کان آزادي، خوف کان آزادي، ضمير جي آزادي، زبان جي آزادي.

            آزاديء قوم معنيٰ اهو نظام جنهن ۾ هڪ انسان ٻئي انسان کي پئسي سان، لالچ سان، خوف سان يا دڙڪي سان خريد ڪر ييا هيسائي نه سگهي؛ جنهن ۾ هر انسان پنهنجي محنت ۽ ڪمائيءَ جو مالڪ پاڻ هجي؛ جنهن ۾ هر انسان قدرت جي تمام نعمتن مان بهرور ٿي سگهي؛ ٻارن، ٻڍن ۽ ضعيفن لاءِ انتظاريءَ جو سبب نه هجي؛ جنهن ۾ انسان جي عزت ۽ آزاديءَ کي سڀ کان اعليٰ عمل سمجهو وڃي.

            جن انسانن ۽ جن قومن انسان جي آزاديءَ جو احترام ڪيو آهي، انهن هن دنيا ۾ ترقي ڪئي آهي. جن قومن انحرافي ڪئي آهي (مذهب، يا خدا، يا تنگ قوميت وغيره جي نالي ۾) اهي جلد ئي غلام ٿي ويون آهن ۽ پوئتي پئجي ويون آهن. هُو صرف هڪ اُميد تي ساهه کڻي رهيون آهن ته: هي دنيا (جا ڏٺي وائٺي، آزمائي ۽ حقيقي آهي) ڪجهه ناهي؛ ۽ ٻي دنيا (جا نه ڪنهن ڏٺي آهي ۽ نه اتان ڪوبه انسان اڃا تائين موٽيو آهي) سڀ ڪجهه آهي.

            آزادي هر انسان جو حق آهي. آزادي ئي انسان کي مشاهدي ۽ تجربي ڏانهن مائل ۽ مجبور ڪري ٿي. آزادي ئي قدرت جي عجيب و غريب قانونن ۽ ڪرشمن جا دروازا کولي ٿي ۽ انسان کي پنهنجي پوري حيثيت ۽ قدر کان واقف ڪري ٿي. آزادي ئي تعصب تنگدلي ۽ جهالت جي مرضن کي دفع ڪري ٿي ۽ همدردي، انصاف، فراخدلي ۽ شرافت جون صفتون پيدا ڪري ٿي. غرض، آزادي ئي انسان کي انسان بنائي ٿي. آزاديء سان ئي انسان هن دنيا ۾ حيوانيءَ مان چڙهي هن درجي تي پهتو آهي ۽ اڳتي وڌڻ جي اميد رکي ٿو.

            1- (پ) جيئرو. 2- (ع) حضرت عيسيٰ جو لقب، جنهن لاءِ آهي ته هو مئلن کي جياريندو هو. 3- (پ) فخر، وڌائي. 4-(پ) ننڍو. 5- (پ) وڌو. 6- (پ) آسمان. 7- (پ) شان، شوڪت.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: