سيڪشن؛  سياسيات

ڪتاب: رياست ۽ آزادي

 

صفحو : 5

(2) بادشاهي سرشتي جون خرابيون

پئرس                              بنجامن هاڪسن ڏانهن

4- آگسٽ 1787ع

رعيتي راڄ واري سرشتي ۾، اسان کي اڄ کان وٺي قيامت تائين جيڪي خرابيون پليءَ پونديون، انهن خرابين کي جي بادشاهي سرشتي جي هڪ ڏينهن جي خرابين سان توريو ويندو ۽ انگلينڊ جي هڪ مهيني جي خرابين سان ته خرابيون ڳوريون ٿي پونديون! بادشآهن جي ويهن نسلن گڏجي به هڪ عام ماڻهوءَ جي عام راءِ سان مقابلو نه ڪيو آهي.

**

مونٽيسيلو                         جون لئنگڊن ڏانهن

5- مارچ 1810ع

بادشاهه جو، بادشاهي گهراڻي مان پرڻجڻ جو رواج يورپ ۾ ڪيترين صدين کان هلندو پيو اچي. ڪنهن به نسل جا ٻه جانور وٺو، انهن کي ڪنهن وٿاڻ يا حويليءَ ۾ اڪيلو ۽ واندو ڇڏيو ۽ کين ڍو تي عمدو کاڌو کارايو ۽ جنسي خواهش پوري ڪرڻ ڏيو، سندن هر ضرورت پوري ڪريو؛ پر اهو ڪجهه نه ڏيو، جو کين سوچڻ تي آماده ڪري. پوءِ توهان ڏسندو ته هڪڙي – ٻن نسلن کان پوءِ، وٽن رڳو جسم وڃي رهندو ۽ ذهن ذڪاءُ ختم ٿي ويندو. تنهنڪري ڪردار يا خصلتن مٽائڻ وارو فطري اصول، انسان توڙي جانور لاءِ ساڳيو آهي. بادشاهن وٽ به زندگيءَ جو اهو ئي اصول چالو آهي، هو اڄ به انهيءَ راءِ تي گذريل صدين کان هلندا ٿا اچن.

**

پئرس                                         ڊيوڊ همفري ڏانهن

14- آگسٽ 1787ع

بادشاهن ۽ مئجسٽريٽن (جي پڻ بادشاهن جهڙائي آهن) مان اسان کي جيڪي سک مليا آهن، انهن مان نئين رعيتي راڄ کي سبق سکڻ گهرجي. اهو هيءُ ته: ڪنهن به ڌارئي کي پنهنجن تڪرارن نبيرڻ ڪاڻ ڪوٺ نه ڪريو؛ مورثي ججن کان جند ڇڏايو؛ شهرين کي ايترو شاهوڪار ٿيڻ نه ڏيو، جو هو بادشاهه جي ڀائٽين، ڀاڻيجن، يا ويجهن عزيزاڻين سان وهانءَ رچائڻ جا سانباها ڪن. ڌڻي در ٻاڏائيندا رهو ته هو انسانن جي روپ ۾ شينهن، چيتن ۽ بگهڙن جا نسل (جن کي بادشاهه ٿو سڏجي) بنهه نه پيدا ڪري!

**

پئرس                                 جارج واشنگٽن ڏانهن

2- مئي 1788ع

آءٌ يورپ ۾ اچڻ کان اڳ، بادشاهت جو مخالف هئس؛ پر پوءِ کين اکين سان ڏسڻ کان پوءِ ڏهه هزار گهمرا وڌيڪ سندن مخالف ٿيو آهيان. دنيا ۾ اهڙي بڇرائي ڪا ورلي هوندي، جنهن جو اصل نسل بادشاهه وٽان نه نڪتو هوندو! آءٌ يقين سان چوان ٿو ته ”يورپ جي ڪنهن تاجدار ۾ اهڙي لياقت ۽ خوبي ناهي، جو اسان جو آمريڪي عوام، کين ڪنهن گرجا ۾ نيچ ۾ نيچ ملازم به ڪري رکي سگهي.

**

پئرس                                    جوزف جونسن ڏانهن

14- آگسٽ 1787ع

سڀني ننڍين توڙي وڏين خامين سميت، اسان جي دستور حڪومت جي، يورپ جي حڪومتن سان ڀيٽ ائين آهي، جيئن بهشت ۽ دوزخ جي ڀيٽ ڪجي! انگلينڊ، ٻنهي دستورن جي وچ ۾ لڙڪي رهيو آهي. ٻڌو اٿم ته ان جي باوجود توهان وٽ ڪي اهڙا ماڻهو آهن، جي چون ٿا، ته ”رعيتي راڄ ڪو عوامي مسئلن جوحل ناهي!“ انهن خرد مندن کي هيڏانهن اماڻيو ته اچي بادشاهيت جي برڪتن خلاف، مشاهدو ڪن!

**

پئرس                  ٿامس.ايم رئنڊالف، جونيئر ڏانهن

6- جولاءِ 1787ع

اسان پوري اعتماد سان چئي سگهون ٿا ته: اسان جي دستور جو خراب ۾ خراب پهلو به، هن کان اڳ رائج ٿيل، ڪنهن به ملڪ جي سٺي ۾ سٺي دستور کان گهڻو بهتر آهي.

**

پئرس                                  ڊيوڊ رئسي ڏانهن

4- آگسٽ 1787ع

مان ڄاڻان ٿو ته: اسان جي وفاقي حڪومت ۾ ڪي اوڻايون آهن، پر مٿن رشڪ ٿو اچي، ڇو جو مون کي ويساهه آهي ته عوام جو کوجنا ڪندڙ شعور، انهن اوڻاين جو به علاج ڳولي ڪڍندو! پر بادشاهي سرشتي جون بڇڙايون لاعلاج آهن. جيڪڏهن اسان جي ملڪ ۾ اڃا به ڪو بادشاهي سرشتي جي گهر ڪري، ته ان کي ايسپ جي اها آکاڻي ٻڌايو، جنهن ۾ ڏيڏرن پاڻ لاءِ بادشاهه جي گهر ڪئي هئي؛ پر جي اڃا به سندس دماغ ٺڪاڻي نه اچي، ته پوءِ کيس هوڏانهن يورپ ڏي موڪلي ڏيو. مشاهدي کان پوءِ سٺو جمهوريت پسند ٿي موٽندو.

**

پئرس                                       جميس ميونر ڏانهن

17- جون 1785ع

ڪاش، توهان جيڪر هيڏانهن اچي سگهو! سفر مان واقعي توهان کي ڪو مزو نه ايندو، پر پرائيندو گهڻو ئي ڪجهه. هي سفر توهان جي ملڪ لاءِ، توهان جي سڪ ۽ عزت وڌائيندو: هتي جي زمين لاءِ، آبهوا ڪاڻ، مساوات واسطي، آزادي لئي، قانون ڪاڻ، عوام ۽ ان جي بهتر زندگي گذارڻ واسطي.

اي الله! اسان جا ماڻهو، انهن نعمتن کان ڪيترو نه اڻڄاڻ آهن، جي دنيا ۾ ٻيءَ ڪنهن به قوم کي اڃا حاصل ٿيون ناهن! مون کي پڻ اها ڄاڻ ڪا نه هئي؛ پر هاڻ پيو ڏسان ته اڪيچار يورپي ماڻهو لڏي، آمريڪا ۾ اچي رهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن؛ پر ڪنهن آمريڪيءَ کي يورپ وڃڻ لاءِ ڪڏهن به سوچيندو به ڪو نه ٻڌو اٿم. اهي اڄ هتي اچي، ان جو ثبوت اکين سان ڏسن، ۽ موٽڻ تي آمريڪن کي ٻڌائندا وڃن، ته وٽن پنهنجي موجوده حڪومت کي بچائڻ جو طريقو ڪيتري قدر نه ڪارگر آهي!

**

 

3- آمريڪي سرشتو

(اوائلي جنگ و جدل ۽ ڏاڍ واريءَ حڪومت جي سرشتي بجاءِ، جيفرسن، آمريڪا لاءِ هڪ اهڙي نئين طرز حڪومت قائم ڪرڻ جو خواهشمند هو، جا ”عوام نوازيءَ“ جي اصول تي قائم رهي سگهي، ۽ ثابت ڪري ڏيکاري ته منطق جي حڪومت، زور زبردستيءَ جي حڪومت کان سو لڱا وڌيڪ بهتر آهي.)

**

مونٽيسيلو                               جوزف ڪوريا ڊي سيرا ڏانهن

24- آڪٽوبر 1820ع

هن وقت اسان جي ٻي ڪا تقاضا، انهيءَ کان سواءِ ناهي ته آمريڪا پنهنجي جند يورپي سرشتي کان آجي ڪرائي، پنهنجو الڳ سرشتو قائم ڪر ويهي. ڇو ته اسان جون حالتون، مقصد ۽ مفاد هڪٻئي کان بلڪل الڳ الڳ آهن؛ تنهنڪري اسان جي پاليسيءَ جا اصول به ڌار ڌار هئڻ گهرجن. جيڪڏهن اسان امن ۽ انصاف کي، آمريڪا جا قطبي تارا ٿا بنائڻ گهرون، ته پوءِ يورپ سان لاڳاپا ٽوڙڻ کان سواءِ، ٻيو چاڙهو ئي ڪونهي.

**

پئرس                           ايڊورڊ ڪئرنگٽن ڏانهن

12- ڊسمبر 1789ع

آءٌ اڃا فيصلو ڪري نه سگهيو آهيان ته: ڪانگريس يا دوستن کي يورپي سياست جا سڀئي تفصيل ٻڌايان يا نه! منهنجي خيال ۾ اهي هتي اهڙا مفيد نه ٿيندا، انهن سان، جيڪي اصول اڳهين هتي هلندڙ آهن. منهنجي ڄاڻ موجب اهو هڪ سمجهه ۽ سياڻپ وارو اصول ٿيندو ته اسان پاڻ کي يورپ جي معاملن سان وابسته نه ڪريون، پر انهن جي ڄاڻ رکڻ ضروري آهي. تُرڪن اهو اصول ٺاهيو آهي ته ”هو يورپ کنڊ جي منجهيل معاملن ۾ ٽنگ نه اٽڪائيندا، پر انهن کان بيخبر رهڻ به عقلمندي ناهي.“

ٽيون ساليانو پيغام

17- آڪٽوبر 1803ع

اسان جو ملڪ، يورپ کان سمنڊ جي ڪري جدا ٿيل آهي، ۽ انهن سياسي مفادن کان به پاسيرو آهي، جن جي سبب هتي ڇڪتاڻ وڌيل آهي.

اسان جي پيداوار يا واپاري گهرجن سبب، هنن جي اسان سان، ۽ اسان جي هنن سان چڱي دوستي ۽ ورتاءُ آهي. انهيءَ مان اها مراد ڪڍڻ نه گهرجي ته هو اسان تي حملو ڪندا، يا اسان هنن کي پريشان ڪري سگهنداسون.

هن وقت خدا تعاليٰ طرفان عطا ڪيل نعمت کي ٿڏي، مليل موقعي کي هٿان وڃائڻ، هڪ وڏي بيوقوفي ٿيندي. اها نعمت آهي: يورپ جي بازيگريءَ کان پري رهي، پنهنجي آزادي ۽ خوشحاليءَ لاءِ راهه تيار ڪرڻ.

**

مونٽيسيلو                                             وليم شارٽ ڏانهن

4- آگسٽ 1820ع

مسٽر ڪوريا اڄڪلهه الوداعي موڪلن ماڻڻ لاءِ هتي آيل

آهي.... مون ساڻس گفتگو ڪندي محسو س ڪيو آهي ته هو آمريڪي رياستن ۾، قومي قرب وارن لاڳاپن وڌائڻ لاءِ ڪوششون ڪندو، ۽ آمريڪي سرشتي جي يورپي سرشتي کان الڳ ٿيڻ تي اتفاق ڪندو ۽ ان کي مروج ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪندو. اهو ڏينهن پري ناهي، جو اسان هنن کان سمنڊ وچ ۾ هئڻ ڪري هميشه ڪاڻ جدا ٿي وڃون! جيئن آئيندي هتي يورپي بندوقن جا ٺڪاءَ به ٻڌڻ ۾ نه اچن. جيستائين افراتفري ۽ جنگ و جدل لڳي پئي هوندي، تيستائين هتي شينهن ۽ ٻڪري گڏ چرندا نظر نه ايندا. اهي جنگيون، يورپ ۾ آدمشماري جي ٻي ڪا واهه ۽ جڳهه جي گنجائش نه هئڻ جو نتيجو آهن. پر اسان وٽ جڳهه گهڻي ڪشادي آهي ۽ آدم به ٿورو آهي، ان ڪري هتي امن آهي ۽ عوام پيداوار وڌائي رهيو آهي. ڇو ته هنن جي آڏو ڌرتيءَ پنهنجو سينو موڪرو ڪري جهليو آهي ۽ کين خوشنودي ۽ آزادي لاءِ اڀاري رهي آهي. ياد رکو ته هتي ۽ هُتي جي سماج جا اصول بلڪل مختلف آهن. مون کي اميد آهي، ته ڪو به محب وطن آمريڪي، سمنڊن ۽ ٻنهي آمريڪي حصن ۾ مداخلت ڪرڻ جي غير ضروري پاليسيءَ کي نظرانداز نه ڪندو. منهنجي اها به خواهش آهي، ته اسان جو اتفاق جلد شروع ٿي وڃي!

**

مونٽيسيلو                                          جيمس مونرو ڏانهن

11- جون 1823ع

جنهن معاملي ڪري ساري يورپ ۾ وڳوڙ وڌي ويو آهي، سو آهي: هڪ آزاد قوم جي، پنهنجي خواهش پٽاندر، نئين حڪومت بنائڻ جي گهر ڪرڻ. اهو مسئلو، ايترو ته جوش ۽ ڪروڌ واروآهي، جو هڪڙي ڌر سان اسان جون اخلاقي جذبن هيٺ، جانبداريون ۽ دعائون شامل آهن، ته ٻيءَ ڌر سان لعنتون ۽ ملامتون! مون کي اها خبر ناهي ته ٻيون قومون به هڪ ڌر سان دعائون ۽ ٻئي سان لعنتون وابسته ڪن ٿيون يا نه! پر اسان کي انهن کان به اڳتي وڌڻ گهرجي.

منهنجي خيال ۾، اها ڳالهه آمريڪا لاءِ بنيادي اهميت واري ٿيندي، ته هوءَ يورپ جي جهڳڙن ۾ ڪو به عملي حصو نه وٺي يعني يورپ جي جهڳڙن ۾ عملي طرح ٽپي نه پوي. يورپ جا سياسي مفاد اسان کان بلڪل الڳ آهن. هنن جا هڪٻئي سان بغض، طاقتي توازن، سندن وچڙيل لاڳاپا، حڪومتي سرشتا ۽ اصول سڀ اسان لاءِ اوپرا آهن. هنن جون سموريون قوتون، پنهنجي عوام جي حياتين، ملڪيتن ۽ پورهيتن کي تباهه ڪرڻ ۾ صرف ٿين ٿيون. اسان ڪڏهن به انسان جي خوشنودي حاصل ڪرڻ جي ابتڙ، ڪو ڪم نه ڪيو آهي. اسان جون سڀئي ڪوششون ۽ ڪاوشون تباهيءَ جي بجاءِ ترقيءَ ڏانهن گامزن هونديون آهن.

**

مونٽيسيلو                                        جيمس ميونرو ڏانهن

24- آڪٽوبر 1823ع

تنهنجو پڇيل سوال، بلڪل وقتائتو آهي. آزادي حاصل ڪرڻ کان پوءِ، پنهنجي نوعيت جو اهو پهريون ئي سوال آهي. انهيءَ سوال اسان کي هڪ قوم بنايو آهي. ان کي ئي مرڪزي نقطي جي حيثيت ڏيئي پوءِ پلڪار سان پنهنجي عملي دائري کي ڦيرائي سگهجي ٿو. انهيءَ سوال تي عمل ڪرڻ لاءِ هن کان وڌيڪ ٻيو ڪو سونهري موقعو ٿي نه ٿو سگهي. اسان جو پهريون نَيم اهو هئڻ کپي، ته يورپ جي جهڳڙن ۾ پاڻ کي نه ڦاسايون ۽ ٻيو، ڪڏهن به يورپ کي آمريڪي معاملن ۾ دخل انداز ٿيڻ جي تڪليف نه ڏيون. ڏکڻ توڙي اتر آمريڪا کي پنهنجا گڏيل مفاد آهن، تنهنڪري اسان جو يورپ کان جدا حڪومتي سرشتو هئڻ گهرجي هينئر جڏهن يورپ ظلم ۽ ڏاڍ جو دائرو بنجي چڪو آهي، ته اسان جي. هن اڌ گول کي، امن ۽ آشتيءَ جو پيغامبر بڻجڻ گهرجي.

**

مونٽيسيلو                                           وليم جونسن ڏانهن

12- جون 1823ع

يورپ وارن جو اهو اصول هوته انسان، ڳاڻيٽين جماعتن ۾ تيستائين انصاف ۽ امن سان نٿو رهي سگهي، جيستائين ڪ، مٿي اهڙو اخلاقي ۽ جسماني دٻاءُ وڌو نٿو وڃي، جو مٿس پوري اختياري ۽ وس هلائي سگهي. انهيءَ مان سندن مراد هيءَ آهي ته بادشاهن، نوابن ۽ پادرين واري تنظيم هجي؛ پر انهيءَ کان به اڳڀرو نڪري، هو عوام جي قوت کي روڪڻ لاءِ، سخت پورهي، غربت ۽ جهالت جي بار سان هنن کي نيچ رکندا آيا آهن! ماکيءَ جي مکن وانگر سندن ڪمائيءَ جو ايترو ته حصو کڻي ويا آهن، جو هو سدائين غربت افلاس ۾ گهاريندا رهن ٿا، پاڻ هنن جي ڪمائيءَ تي عيش عشرت ڪندا ۽ عوام تي پنهنجو رعب رکندا ۽ هنن کي پنهنجي اڳيان جهڪائڻ لاءِ ڪوشش ڪندا رهيا آهن.

اسان جي ڪنوينشن، حڪومت جا اختيارات ايترو ته محدود ڪرڻ ٿا چاهين، جي عام معمولي اختياراتن کان به گهٽ هجن ۽ انهن وسيلن کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوششن ۾ آهن، جي عوام توڙي مقامي شاخن ڪاڻ ضروري آهي. ان ڪري فيڊرل پارٽيءَ جو اهو مقصد پي رهيو آهي ته اهي اختيارات حاصل ڪري، جيڪي ڏيڻ کان يورپ وارا نابري واري ويٺا آهن. ۽ انهن مليل اختيارن کي ڪُلي طور ڪم آڻجي. برخلاف ان جي، اسان جو مقصد هيءُ آهي ته ڪنوينشن جي اڪثريت کي، عوام جي مرضيءَ سان متفق رکجي.

اسان جو ايمان آهي ته انسان اهو منطقي جانور آهي، جنهن کي قدرت، حق ۽ انصاف جو فطري شعور عطا ڪيو آهي. سندس ڪيل غلطيءَ کان انهن اختيارن کي روڪي سگهجي ٿو، جي هن پنهنجن انهن نمائندن کي سونپيا آهن، جي سندس مرضيءَ سان ملحق آهن.

اسان جو ويساهه آهي ته بادشاهن، نوابن ۽ پادرين جي تنظيم، اجتماعي انساني خوشنوديءَ لاءِ نڪي بهتر هئي، ۽ نڪي وري عقل ئي ٿي قبول ڪئي. انهيءَ جا گڻ ۽ سياڻپ، موروثي شيون ناهن. انهيءَ ڪري نااهل ماڻهن جي بدعنوانين، بڇڙاين ۽ ٻيائيءَ، آزاديءَ جهڙي نعمت کي اگهاڙو ڪري بيهاريو آهي.

اسان جو ايمان آهي ته انهن انسانن تي سولائيءَ ۽ سلامتيءَ سان حڪومت ڪري سگهجي ٿي، جيڪي امن، آشتي ۽ پنهنجي پورهيي جو ڦل کائي رهيا آهن. جيڪي پنهنجو بچاءُ قانون رستي ڪري سگهن ٿا. جيڪي پاڻ بابت سوچي سگهن ٿا ۽ آزاد راءِ جي اڳواڻي قبول ڪري سگهن ٿا. پر ان عوام تي حڪومت ڪري نٿي سگهجي، جنهن جو دماغ غلطين ۾ پرورش پائي رهيو آهي، جيئن يورپ ۾. جتي جو عوام جهالت، ڏاڍ ۽ ڌڪار جهڙن زوربارن هيٺ دٻيل آهي. تنهنڪري اسان جي جماعت جو اصول، عوام کي نوازڻ جو آهي ۽ ٻيءَ ڌر جو اصول، انهن کي ڊيڄارڻ ۽ بي همت ڪرڻ آهي!

**

فلاڊيلفيا                                               جارج مئس ڏانهن

4- فيبروري 1791ع

مان انهن (فرانس وارن) جي حڪومت جي ڪاميابي ۽ قيام کي، پنهنجي بقا لاءِ لازمي ٿو سمجهان. ائين برابر آهي ته اسان ۾ هڪ اهڙو به ٽولو آهي، جو مڃي ٿو ته دستور ۾ اهو سڀ ڪجهه موجود هئڻ گهرجي، جو انساني ادارن ۾ مڪمل طور تي هئڻ ضروري آهي؛ ۽ انهن ادارن ۾ ڪي اهڙا وڏا عهديدار ۽ معروف ماڻهو به آهن، جي اسان جي ملڪ ۾ اعليٰ عزت وارو مقام والارين ٿا.

آءٌ پنهنجي آئين جو بنياد انهيءَ ئي قبوليت تي ٿو رکان. اسان جي محنت اڪارت نه وئي آهي. تجربو اڃا به وڌيڪ ثابت ڪندو ته انسان نيڪ، مسئلن سان ئي محڪوم ٿي سگهي ٿو!

**

مونٽيسيلو

23- سيپٽمبر 1800ع                               بنجامن رش ڏانهن

مون خدا مهندا قسم کنيو آهي، ته انساني ذهن مٿان هر قسم جي تشدد جو دشمن ٿي رهندس.

**

مونٽيسيلو                                         وليم روسڪو ڏانهن

27- ڊسمبر 1820ع

هن اداري (ورجينا يونيورسٽيءَ) جو بنياد، انساني ذهن لاءِ محدود آزاديءَ جي اصول تي رکيو ويندو. اسان سچ پٺيان هلڻ کان هرگز خائف ناهيون، پوءِ ڀل کڻي اهو ڪٿ به پهچائي! ۽ نڪي تيستائين ڪنهن غلطيءَ کي برداشت ڪرڻ ڪاڻ تيار آهيون، جيستائين منطق ان کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪيو تڪيو موجود آهي.

**

واشنگٽن                                           جون ڊڪنس ڏانهن

6- مارچ 1801ع

اسان ڪافي ڀوائتي طوفان مان گذري آيا آهيون. اسان جو ٻيڙو سڀ سختيون سهي چڪو آهي، ان جو طاقتور جسم انهن لهرن جون لپيٽون آزمائي چڪو آهي، جن لهرن ۾ ٻڏڻ ڪاڻ هن کي  هيٺ لاٿو ويو هو.

اسين هاڻ ان کي جمهوريت جي راهه تي هلائينداسون. هاڻ هو پنهنجي رفتار، مضبوطيءَ ڏيکارڻ لاءِ ۽ پنهنجي معمار جي واکاڻ ڪرائڻ لاءِ ميدان تي پهچي چڪو آهي. اسان جا ڪي شهري غير معمولي هنگامي حالتن سبب، اصولن کان البت گمراهه ٿي ويا هئا. پر هينئر انهن جي اکين تان انڌ جا کوپا لاٿا ويا آهن. هو چٽيءَ طرح ڏسي وائسي رهيا آهن. اهو وقت ترت ايندو ، جڏهن سڀئي هڪ ٿي هنن اصولن جي پوئلڳي ڪنداسين. اسان جو هيءُ ٺوس حڪومت جو قيام، ٻين ملڪن جي عوام جي بهتريءَ ۽ پوئلڳيءَ لاءِ ضرب المثال ٿي رهندو.

آءٌ به تو وانگر پُراميد آهيان، ته اسان جي هن حڪومتي مثال مان سڀ سکندا ته آزاد حڪومت سڀ کان وڌيڪ طاقتور آهي. اسان جي انقلاب ۽ ان جي نتيجن بابت جيڪا پچ پڇ ۽ تجسس جي لهر ماڻهن ۾ ڊوڙي رهي آهي، سا دنيا جي گهڻي ڀاڱي تي انساني سڌارن بابت اثر وجهندي. اسان کي پنهنجي خوشگوار اثرن بابت ڪيترو ته اطمينان آهي. خلاف ان جي، اهي ليڊر ڪيتري قدر نه مايوس آهن، جي سائنسي اصلاحات کي ڀوائتي روپ ۾ پيش ڪري رهيا آهن، جن فلسفي ۽ جمهوريت جي لفظن کي بدنام ڪيو آهي، ۽ انهيءَ ڳالهه تي ڀاڙي بيٺا آهن ته ماڻهن کي ڏنڊي جي زور تي ئي پنهنجي وس رکي سگهبو. آءٌ اهڙي سماج کان ٻاهر رهڻ ۾ نهايت خوش آهيان!

**

واشنگٽن                                   جوزف پريسٽليءَ ڏانهن

19- جون 1802ع

آمريڪا جي وڏي ڪاميابي اها آهي، جو هتي جوڪو به فرد ٻين کان پاڻ لاءِ، وڏو حصو رکڻ پسند نٿو ڪري. هتي جا ماڻهو سياڻا ۽ سپتيا آهن. ڇالاءِ جو سندن سمجهه به آزاد آهي، ۽ راهه ۾ به ڪا رڪاوٽ ڪانهين. پاڻ تي سونپيل جوابداريءَ کي مڙس ٿي منهن ڏئي رهيا آهن. جي هڪ کي همٿائجي ٿو ته ان جي جاءِ تي ڪيترائي لائق فائق خدمت ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃن ٿا. جنهن قوم ۾ اهي سڀ خوبيون آهن. ساخودڪار حڪومت هلائڻ لاءِ بهترين تجربيگاهه ٿي سگهي ٿي. اسان پنهنجن خدمتن جو دائرو نه رڳو پنهنجي سماج تائين محدود رکيو آهي، پر اسان ساري انسانذات لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ انهيءَ ڳالهه کي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، ته آزاد رعيتي حڪومت جو ماڻهو، رڳو پنهنجي سماج تائين محدود نه رهي، پر ٻين جي آزاديءَ لاءِ به ڪم ڪندو رهي.

**

پئرس                                       ڊيوڊ هارٽليءَ ڏانهن

2- جولاءِ 1787ع

مون کي رڳو اهو ڀؤ آهي ته ماڻهو ان تجربي مان متان اهو نتيجو

ڪڍن، ته هو مالڪ کان سواءِ به، پاڻ تي حڪومت ڪري ٿا سگهن. تنهنڪري آءٌ انهي نقطي نظر تي ٿو پهچان ته شايد خدا جو وجود ئي ناهي، پر جي آهي، ته پوءِ هو ڇو چپ آهي؟

**

مونٽيسيلو                                       رچرڊ رش ڏانهن

20- آڪٽوبر 1820ع

اسان کي وجود آهي ۽ اهو وجود ظاهر ڪري ٿو ته اهڙي حڪومت، جنهن جو ڍانچو، سماج جي خواهشن تي رکيو ويو آهي، سا عملي حڪومت ٿي نٿي سگهي. هاڻ جي اسان ڇڙوڇڙ ٿياسين ته اهو عمل، اسان جي اميدن ۽ نيڪ ڪوششن مٿان پاڻي ڦيري ڇڏيندو، ۽ دنيا ۾ هڪ خراب مثال وانگر بدنيتيءَ جي ڪارروائي کي زور وٺائيندو. ان ڪري قدرتي سماج جي رڪن جي حيثيت ۾، اسان تي اهو فرض آهي ته انهن غلط جذباتن کي دٻايون ۽ پنهنجو صحيح اعتماد ٽٽڻ نه ڏيون، جنهن اڄڪلهه پوريءَ طرح ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته رعيتي راڄ واري حڪومت، سڀني قسم جي حڪومتن کان بهتر آهي.

**

اليگزينڊريا                                     وليم هنٽر ڏانهن

مارچ 1790ع

منهنجو ويساهه آهي ته رعيتي راڄ ئي اهو سرشتو آهي جو ظاهري توڙي باطني طور تي انساني حقن جي ابتڙ ناهي. انهيءَ ڪري منهنجون دعائون هن جي حق ۾ آهن. اها ڪيتري نه خوشيءَ جي ڳالهه چئبي ته پنهنجن حقن حاصل ڪرڻ لاءِ، ۽ ايندڙ نسل جي حقن محفوظ ڪرڻ لاءِ، اسان جدوجهد ڪري رهيا آهيون. اهڙي ڪوشش ٻين قومن لاءِ پڻ مشعل راهه ٿي رهي آهي جي ڏاڍ ۽ ڏمر جي راڄ مان ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ ڪاڻ پاڻ پتوڙي رهيا آهن! شال، ڌڻي اسان وانگر، مڙني جي رهنمائي ڪري! ۽ کين ناڪاميءَ جي اونداهيءَ مان ڪڍي، ڪاميابيءَ جي روشنيءَ سان منور ڪري!

**

مونٽيسيلو                                   ٿامس لومئڪس ڏانهن

12- مارچ 1799ع

1776ع وارو اسان جو روح اڃا مئو ناهي. اهو رڳو کن پل لاءِ اهليو آهي، آمريڪي ماڻهن جو سرشتو بنيادي طور رعيتي راڄ آهي.

**

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org