سيڪشن؛  سياسيات

ڪتاب: سوشلزم ڇا آهي؟

باب: --

صفحو : 2

 

انساني محنت جون امتيازي خصوصيتون

 

محنت، انسان ۽ صرف انسان جو شعوري عمل آهي. ان ڪري جو جانور محنت نٿا ڪري سگهن، پر هنن جو عمل صرف جبلت جو محتاج آهي. اهڙي طرح محنت نج انساني خصوصيت آهي. انساني محنت جون خصوصيتون هيٺيون آهن:

(1) هيءُ هڪ بامقصد عمل آهي.

(2) ان جو لاڳاپو محنت جي اوزارن جي پيداوار سان آهي. اصل ۾ محنت ۽ محنت جي اوزارن جي تخليق هڪ ٻئي لاءِ لازم ملزوم آهن. ان ڪري انسان جي سڀ کان پهرين شعوري محنت، ان دور جي لحاظ کان ڪاٺ جا ڏنڊا ۽ پٿر جا پري مارڪندڙ اوزار هئا (ته جيئن هنن سان جهنگلي جانورن جو شڪار ڪري سگهجي.) ڄڻ ته سڀني کان پهريائين پيداوار جا اوزار هئا، جن جي مدد سان شروعاتي انسانن، پيداواري عمل يعني جهنگلي جانورن جو شڪار ڪيو. اسان مٿي ڏسي آيا آهيون ته اوزارن جو استعمال انسان جو امتيازي اهڃاڻ آهي جيتوڻيڪ جانور مثلاً چمپينزي (Chimpanzee) يا گوريلو وغيره ڏنڊي يا پٿر جو استعمال ڪيو وٺن، پر هو ائين يا ته جبلت جي سهاري ڪن ٿا يا تربيت جي ڪري. ۽ پوءِ به هو نهايت معمولي اوزار (ڏنڊي ۽ پٿر) جي استعمال کان اڳتي نٿا وڌي سگهن.

 

انسان جي ارتقا ۾ محنت جو ڪردار

 انساني محنت، زندگي جو سڀ کان پهريون لاڳاپو آهي، يعني محنت کان سواءِ ڪابه انساني زندگي ممڪن ئي ناهي. سچ پچ ته محنت، انسان کي پيدا ڪيو. انسان اوزار ٺاهيا ته جيئن انهن جي ذريعي بامقصد محنت ڪري سگهجي. انهيءَ اوزارن ۽ هٿيارن ٺاهڻ جي عمل، انسان کي جانورن کان مٿاهون ۽ ممتاز ڪيو. جيڪڏهن غور ڪيو وڃي ته معلوم ٿيندو ته حيوان جي شڪل کان انسان جي ارتقا، محنت ۽ ڪلام (ڳالهائڻ) تي ٻڌل آهي. انساني هٿ رڳو محنت سان وجود ۾ آيا، نه ته اهي جانورن جا اڳيان بيرئي بڻيا رهن ٿا. اهڙي نموني انساني هٿ نه صرف محنت جو، پر محنت جي پيداوار ۾ به وسيلو بڻيا. اهائي ڪيفيت انسان جي ڳالهائڻ وارن عضون جي به آهي. مثلاً کاڏي، زبان وغيره. ان نموني سڀني کان پهرين محنت ۽ ان کان پوءِ ڳالهائڻ هي ٻه خاص حرڪتون (چرپر) هيون، جنهن جي اثر ڪري اينٿراپائڊ (Anthrapoid) باندر جو دماغ بتدريج انساني دماغ بنجي ويو. انسان ۽ حيوان ۾ بنيادي فرق ڪهڙو آهي؟ اهوئي ته: (1) انسان، اوزار ٺاهي ٿو، جڏهن ته جانور وڌ ۾ وڌ انهن جو استعمال ئي ڪري ٿو. (2) انسان پنهنجي شعوري ۽ بامقصد محنت ذريعي فطرت کان پنهنجو رزق حاصل ڪري ٿو ۽ ان عمل ۾ فطرت کي تبديل ڪيو ڇڏي، جڏهن ته جانور صرف فطرت جي ان شيءِ کي تلاش ڪري ٿو ۽ وٺي ٿو جيڪا تيار ٿيل حالت ۾ کيس ملي سگهي ٿي.

 

 

سماج ۾ محنت جو درجو

هي چٽو آهي ته فطرت پاڻ رزق يا حياتيءَ جي سامان جي تخليق نٿي ڪري، جيستائين انسان ان ۾ شامل ٿي پنهنجي محنت سان انهن شين کي پيدا نه ڪري. اهڙي طرح جانور ته وڌ ۾ وڌ زندگيءَ جي ضرورتن کي گڏ ڪري سگهن ٿا جڏهن ته انسان انهن کي پيدا ڪري ٿو. اهڙي نموني تخليق يا پيداوار، انسان جو مکيه تاريخي عمل آهي جنهن جي ذريعي هو پنهنجا عمل ٻين شعبن ۽ پنهنجي ٻين سرگرمين لاءِ مادي بنياد فراهم ڪري ٿو. محنت، پنهنجي پيداواري (تخليقي) عمل سان ڪي خاص سماجي رشتا وجود ۾ آڻي ٿي. تنهن ڪري محنت جو عمل انسانن کي سماجي مجموعن جي شڪل ۾ متحد ڪري ٿو، جن جي هڪ خاص شڪل ۽ ڪردار ٿئي ٿو. اهڙي محنت، سماج يا معاشري جو بنياد آهي.

محنت جا قسم

محنت جا ٽي قسم آهن: (1) اُها محنت جيڪا ڪنهن پيداواري عمل تي سنئين سڌي خرچ ڪئي وڃي ان کي سڌي محنت (Direct – Living Labour) چون ٿا. (2) اُها محنت جيڪا ڪنهن شيءِ جي پيداوار کان اڳ پيداواري اوزارن جي ٺاهڻ تي خرچ ڪئي وڃي ان کي جمع ٿيل محنت (Accumulated Materialised Labour) چون ٿا. (3) اُها محنت جيڪا پيداواري عمل کان اڳ، ٺاهيندڙ جي تربيت ۽ صلاحيت تي خرچ ڪئي وڃي. ان کي تمهيدي محنت (Preparatory Labour) چون ٿا. پيداواري عمل جيترو ڏکيو ۽ ڳتيل هوندو ان لاءِ هن قسم جي محنت اوتري ئي وڌيڪ هوندي.

 

پيداوار جي ترقي

پيداوار جي ترقيءَ جو مطلب آهي، محنت ۾ پيداواري صلاحيت ۽ پيدا ڪيل سامان جي معيار ۾ اضافو، جيڪو محنت جي وقت جي هڪ ايڪي ۾ حاصل ڪجي. جيئن جيئن پيداوار ترقي ڪري ٿي تيئن هر پيداواري يونٽ (ايڪي) ۾ خرچ ٿيندڙ محنت جو وقت گهٽجندو وڃي ٿو ۽ سڌي محنت يا زندهه محنت جو تناسب به ان ۾ گهٽندو وڃي ٿو جڏهن ته جمع ٿيل محنت جو تناسب ساڳئي انداز سان وڌندو وڃي ٿو. ليڪن انهي ساري گهاٽي واڌي ۾ محنت جو مجموعي مقدار بهرحال گهٽجيو وڃي.

 

محنت جي ورهاست

پيداوار جي شروعاتي ڏاڪن ۾ محنت جي ورهاست نهايت سادي ۽ فطري هئي. مثلاً عمر ۽ جنس مطابق ڪم جي ورهاست. پر فني ۽ ٽيڪنيڪي ترقي کان پوءِ محنت جي ورهاست وڌيڪ ڳتيل ٿي ويئي ۽ ان جو عمر ۽ جنس وغيره سان ڪو تعلق نه رهيو. هاڻي جيڪا محنت جي ورهاست ڪئي ويئي اُها پيداوار جي مختلف شاخن ۾ آهي. مثلاً زراعت، چوپايو مال پالڻ، صنعت وغيره وچ ۾ ۽ ان کان پوءِ اِهائي صنعت شاخ در شاخ وچ ۾ کاتي وار ٿيندي ويئي.

 

پيداواري قوتون

پيداواري وسيلن ۽ محنت جي طاقت جو مجموعو، پيداواري طاقتن جي شڪل اختيار ڪري ٿو. محنت جي طاقت جو مطلب آهي انسان جي ڪم جي صلاحيت. هيءَ انسان جي جسماني ۽ ذهني گڻن جو ميڙ آهي، جنهن وسيلي هن ۾ ڪم ڪرڻ جي اهليت پيدا ٿئي ٿي. اهليت ۾ پيداواري مهارت (هنر Skill) به شامل ٿئي ٿي.

پيداواري وسيلن يعني حالت ۽ ٽيڪنيڪ جي نشونما سان گڏوگڏ ماڻهو جي محنت جي طاقت ۽ هنرمندي ۾ به اضافو ٿئي ٿو. اهڙي نموني پيداواري قوتن جي ترقي مان اهو  ظاهر ٿو ٿئي ته انسان، فطرت تي ڪيتري قدر قبضو ڄمايو آهي.

بهرحال، انسان خود يعني سنئون سڌو پيدا ڪندڙن جو طبقو معاشري ۾ بنيادي پيداواري قوت آهي.

 

پيداواري ناتا

مٿي ڏٺوسين ته پيداوار پنهنجو پاڻ ئي هڪ سماجي عمل آهي، جنهن کي ڪوبه ماڻهو اڪيلي سر نڀاهي نٿو سگهي، پنهنجن شروعاتي ڏينهن ۾ به انسان، پيداوار جي غرض سان مختلف گروهن ۾ گڏ ٿي ويندو هو. ان ڪري جو هو پنهنجي گهٽ درجي وارن ۽ سادن هٿيارن سان خطرناڪ جانورن ۽ جهنگلن جو مقابلو ڪري نه سگهندو هو.

پيداواري عمل ۾ ماڻهو هڪ ٻئي سان ۽ پيداواري وسيلن سان به چٽا ۽ خاص سماجي لاڳاپا قائم ڪندا هئا جنهن کي پيداواري ناتا چئجي ٿو. هر نظام ۾ پيداوار کي هڪ بنيادي درجو حاصل ٿئي ٿو جنهن سببان پيداواري ناتا يعني طبقن جو پاڻ ۾ لاڳاپو ۽ انهن لاڳاپن لاءِ سڀ پهلو سماج جو اقتصادي ڍانچو قائم ڪن ٿا. جنهن تي قانوني، سياسي، اخلاقي، جمالياتي ۽ ٻيون سماجي عمارتون کڙيون ٿين ٿيون. ان ڪري اقتصادي ڍانچو پيداواري ناتن جي نظام سان ڳنڍيل آهي جيڪي سماج ۾ رائج هوندا آهن.

 

پيداواري قوتن ۽ پيداواري ناتن جو پاڻ ۾ لاڳاپو

سماجي ناتا پيداواري قوتن جي نشونما جي بنياد تي پيدا ٿين ٿا ته ساڳئي وقت پيداواري ناتا پيداواري قوتن کي ترقي به وٺرائين ٿا. پر ڪجهه عرصي بعد هي ناتا بيڪار ٿي وڃن ٿا ۽ پيداواري قوتن جي وڌيڪ ترقي ۽ واڌاري لاءِ رنڊڪ بڻجيو پون. اهڙي موقعي تي ان جي جاءِ تي ٻيا ناتا قائم ٿيڻ گهرجن جيڪي پيداواري قوتن جي وڌيڪ ترقي ۾ مددگار ۽ معاون ثابت ٿين. اهو ائين ٿئي ٿو ته سماجي ناتن کي هڪ مٿاهين سطح تي آڻي انهن کي پيداواري قوتن جي نشوونما جي بلند سطح جي برابر ڪيو وڃي ٿو.

 

پيداوار جو طريقو

پيداواري قوتن ۽ پيداواري ناتن جو مجموعو (ميڙ) پيداوار جو طريقو سڏجي ٿو.

استحصال جو بنياد

انسان جي هٿان استحصال ڪيئن ٿئي ٿو ۽ ان جو مطلب ڇا آهي؟

ان جو سادو مطلب هي آهي ته هڪ انسان ٻئي انسان جي محنت تي زنده رهي. موجوده دؤر ۾ پورهيت جي محنت جي پيداوار جو اُهو حصو ڇڏي، جيڪو سندس معمولي زندگيءَ لاءِ ضروري هجي باقي جيڪو بچي ٿو اُهو استحصال ڪندڙن جي بنا ڪمايل آمدني آهي.

ڇا انسانيت جي تاريخ ۾ استحصال هميشه کان هلندو اچي؟ سرمائيدار مفڪر ائين ئي چون ٿا. پر اِهو به اضافو ڪن ٿا ته نه صرف استحصال هميشه کان آهي، پر هميشہ رهندو. جيتوڻيڪ تاريخي طور تي هي نظريو بي بنياد آهي. انسان جي ابتدائي معاشري ۾ ڪوبه استحصال نه هو ڇاڪاڻ ته ان وقت انساني محنت جا وسيلا ايترا طاقتور نه هئا جو محنت ڪندڙ پنهنجي گهرجن کان وڌيڪ پيدا ڪري سگهي. استحصال ان وقت پيدا ٿيو جڏهن گڏيل محنت ايڏي طاقتور ۽ اثرائتي ٿي ويئي جو محنت ڪندڙ پنهنجي زندگي جي ضرورتن کان وڌيڪ پيدا ڪرڻ لڳو. ان وقت ابتدائي ۽ تاريخ کان اڳ جو معاشرو ٽٽي ويو ۽ انساني معاشري جي تاريخ، طبقاتي ۽ استحصالي دؤر ۾ داخل ٿي.

 

پيداواري طريقي ۾ تبديلي

پيداوري طريقو سماج جي پيداواري قوتن جي ترقي سان گڏ بدلبا رهن ٿا. جڏهن پيداواري قوتن ۾ تبديلي اچي ٿي ته پراڻي پيداواري طريقي جي جاءِ تي هڪ نئون طريقو وجود ۾ اچي ٿو. مثال طور، انسان جي ابتدائي معاشري ۾ پيداواري قوتون پنهنجي تمام گهٽ سطح تي هيون تنهن ڪري پيداواري عمل به بي شڪل قسم جي هٿيارن سان جهنگلي جانورن جي شڪار تائين محدود هو ۽ ان ڪري معاشري ۾ ابتدائي اشتراڪيت جو نظام رائج هو. پر زراعت ۽ چوپايو مال پالڻ جي نشونما سان غلامي جو دؤر آيو. اهڙي طرح پٿر جي هٿيارن جي جاءِ تي ڌاتن جي هٿيارن ورتي، تنهنڪري صنعت، حرفت ۽ زراعت ۾ ترقي ٿي. پر جڏهن ان دور ۾ پابند قسم جي غلامانه محنت، پيداواري قوتن جي ترقي ۾ رڪاوٽ بڻجي رهي هئي ان ڪري جاگيرداري نظام وجود ۾ آيو. هڪ محڪوم هاري، غلام جي ڀيٽ ۾ محنت جي ڦل ۾ وڌيڪ دلچسپي رکندو هو. جاگيرداري واري دور جي آخر ۾ جنسن جي مٽاسٽا ۽ ٻاهريون واپار وڌڻ شروع ٿيو، پر جنس جي مٽاسٽا ۽ واپار جي راهه ۾ جاگيرداراڻا پيداواري طريقا هڪ رنڊڪ هئي، انڪري سرمائيداري وجود ۾ آئي.

سرمائيداريءَ؛ پيداواري قوتن ۾ بي مثال ۽ عظيم اضافو ڪيو، پر وقت گذرڻ سان هيءُ نظام به معيشت لاءِ رڪاوٽ بڻجي ويو.

اهڙي نموني سماجي نشونما هميشہ اڳتي ڏانهن هڪ قدم آهي. پر سماجي ۽ اقتصادي شڪل، انسان طرفان فطرت کي زير ڪرڻ جي عمل ۾ هڪ اونچي سطح جو دليل آهي. سماج پستي کان بلندي ڏانهن هلي ٿو. تنهن ڪري سرمائيداريءَ پنهنجو تاريخي مشن پورو ڪري ورتو آهي ۽ هاڻي کيس پاڻ کان وڌيڪ بهتر نظام لاءِ پنهنجي جاءِ خالي ڪرڻي آهي ۽ اُهو نظام آهي سوشلزم.

 

سياسي معيشت

سياسي معيشت جي وصف پهرين ڏني اٿئون. هاڻ وڌيڪ تفصيل سان ڏسي اسان اهو چئي سگهون ٿا ته سياسي معيشت سرمائيداري سماج جي اقتصادي نشونما جي قانونن جو انڪشاف آهي. جنهن ذريعي چٽيءَ طرح سان سائنسي نقطه نظر کان ثابت ٿي وڃي ٿو ته سرمائيداري جو زوال ۽ سوشلزم جي ڪاميابي اڻ ٽر آهن.

 

اقتصادي اصول

اُهي اقتصادي مظهر جن جو تعلق سياسي معيشت سان آهي جڏهن عام طرح مطالعي هيٺ اچن ٿا. انهن کي اقتصادي اصول چيو وڃي ٿو. دراصل اقتصادي اصول، پيداواري ناتن جو نظرياتي اظهار ٿين ٿا. مثلاً سرمائي کي وٺو. سرمايو هڪ پيداواري وسيلو آهي، پر خاص سماجي ناتن هيٺ اُهو سرمايو، سرمائيداري نظام بنجيو وڃي. اصل ۾ سرمايو هڪ سماجي ناتي جو نالو آهي جنهن جو تعلق شين سان ضرور آهي، پر خود هو ڪا شيءِ نه آهي، پر هڪ خاص سماجي ناتي جو اظهار آهي ۽ گڏ ٿيل محنت جي هڪ بدليل صورت آهي.

سڀ اقتصادي اصول انهن سماجي ناتن وانگر، جن جو هو اظهار آهن، تاريخي طور تي بدلجندڙ ۽ وقتي آهن. مارڪس ۽ اينگلز کان اڳ ڪلاسيڪي اقتصاديات جا ماهر انهن اصولن کي نه بدلجڻ جوڳا ۽ مستقل سمجهندا هئا. جيئن ته هو تاريخي نقطئه نظر کان اقتصاديات جي نشونما تي سوچي نه سگهندا هئا، ان ڪري هو سرمائيداري کان اڳ واري سماج کي اڻ سڌريل ۽ ابتدائي سمجهي نظر انداز ڪندا هئا.

 

اقتصادي قانون ۽ سندن ماهيت

اقتصادي قانون اصل ۾ اقتصادي جزن ۽ مظهرن ۾ ڪي لازمي قسم جا ڳجها رابطا ٿين ٿا. هي رابطا سببن ۾ خارجي ٿين ٿا يعني انهن جو وجود انساني خواهش ۽ شعور کان بلڪل آزاد آهي. بجاءِ ان جي جو هو انساني خواهش، شعور ۽ سرت سمجهه جا محتاج هجن، هو خود انساني شعور ۽ عزمن کي مقرر ڪن ٿا.

خارجي هئڻ سان گڏ هو پنهنجي ماهيت جي لحاظ کان تاريخي ٿين ٿا يعني هڪ خاص ۽ تبديل ٿيندڙ پيداواري طريقي تي ٻڌل ٿين ٿا. جيئن جيئن پيداواري طريقو بدلجي ٿو هي قانون به بدلبا رهن ٿا. بهرحال چند عام اقتصادي قانون به آهن جيڪي هر سماجي اقتصادي شڪل تي لاڳو ٿين ٿا.

 

پيداوار جي سماجي عمل جي بنيادي عنصر

پيداوار جي سماجي عمل جا بنيادي عنصر هي آهن (1) پيداوار (بنا واسطي محنتي عمل) (2) ورهاست (3) مٽا سٽا ۽ (4) استعمال.

پيداوار ورهاست ۽ استعمال هر قسم جي سماج ۾ ملن ٿا، پر مٽاسٽا ابتدائي اقتصادي معاشري ۾ نه هئي ڇاڪاڻ ته ان ابتدائي معاشري ۾ پيداوار ۽ استعمال هڪ ٻئي سان گڏ هڪ ئي اقتصادي عمل ۾ ڳنڍيل هئا.

سياسي معيشت، استعمال ۽ پيداوار بحيثيت هڪ سماجي ڪردار يعني سماجي ناتي جي پس منظر ۾ مطالعو ڪري ٿي ڇاڪاڻ ته هي سماجي ناتا عوام، گروهه ۽ طبقن جي استعمال جي خاصيتن کي مقرر ڪن ٿا.

استعمال جا قسم

استعمال جا ٻه قسم آهن: (1) سڌو استعمال (2) پيداواري استعمال (1) سڌو استعمال. استعمال شين کي انساني ضرورت جي پورائي لاءِ خرچ ڪرڻ آهي. مثلاً سڌو ڪپڙي جو استعمال هي آهي ته ان مان لباس ٺهرايو وڃي (2) پيداواري استعمال، شين جو وڌيڪ پيداوار لاءِ پيداواري وسيلي طور خرچ ڪرڻ پيداواري استعمال سڏجي ٿو. مثلاً کاڻ مان نڪتل ڪچو لوهه جيڪو مشينن جي پرزن ٺاهڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو.

 

ورهاست جا طريقا

ظاهر آهي ته جيڪو به سامان پيدا ڪيو وڃي ٿو سو عوام ۾ ئي ورهائجي ٿو، پر تيار ٿيل مال جي ورهاست کان اڳ پيداواري وسيلن جي ورهاست عمل ۾ اچيو وڃي. سرمائيداري ۾ پيدا ڪيل سامان سدائين پيداواري وسيلن جي مالڪن جي هٿن ۾ هوندو آهي، جڏهن ته عوام ورهاست لاءِ سندن محتاج هوندا آهن.

 

پيداوار، ورهاست، مٽاسٽا ۽ استعمال وچ ۾ ڳانڍاپو

پيداوار، ورهاست، مٽاسٽا ۽ استعمال اهي سڀ، ڪي ڌاريا آزاد مظهر نه آهن، پر هڪ ٻئي سان ڳنڍيل ۽ لاڳاپيل آهن ۽ جنهن ۾ پيداوار، اُن گهڻ منزلي اقتصادي عمارت جي پيڙهه وانگر آهي ۽ اقتصادي زندگي ۾ هڪ نمايان ۽ فيصله ڪن ڪردار ادا ڪري ٿي جنهن کي هيٺين نقشي ۾ ڏيکاريو ويو آهي.

انهي مان ظاهر ٿيو ته مٽاسٽا يا ورهاست ذريعي پيداوار آخرڪار استعمال ڪندڙن تائين پهچي ٿي ۽ استعمال ٿئي ٿي. هتي هي ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته پيداوار بنا مٽاسٽا جي ٿي سگهي ٿي، پر مٽاسٽا بنا پيداوار جي ممڪن نه آهي يعني ڪابه شيءِ جڏهن پيدائي نه ٿيندي ته ان جي مٽاسٽا ڪيئن ٿيندي. ٻي ڳالهه هي آهي ته ورهاست ۽ استعمال هر قسم جي معاشري ۾ ٿين ٿا، پر معاشري جي نوعيت پٽاندڙ ورهاست ۽ استعمال جي نوعيت بدلبي رهي ٿي. ان ڪري سياسي معيشت هميشہ پيداوار جي اوليت تي زور ڏيئي ٿي ۽ اقتصاديات جي ٻين عنصرن کي ٻئي درجي جي حيثيت ڏيئي ٿي. ان جو هي مطلب نه آهي ته سياسي معيشت، ورهاست ۽ ٻئي درجي وارن سببن کي نظر انداز ڪري ٿي. پر سرمائيدار اقتصاديات جا ماهر رڳو بازار ۽ مٽاسٽا جي حالتن جو مطالعو ڪن ٿا ۽ اهڙي نموني هو اصل ۽ بنياد يعني پيداواري طريقن ۽ پيداواري ناتن کي بلڪل نظر انداز ڪن ٿا. مارڪسزم جو اصول هي آهي ته سماج جي تاريخي نشوونما جو تجزيو پيداوار ۽ پيداواري ناتن جي نظام جي بنياد تي ڪيو وڃي ٿو نه ڪنهن ٻئي بنياد تي – مثلاً مٽاسٽا وغيره صرف اهڙي ئي تجزيي سان تاريخ جي سببن ۽ ان کي چرپر ۾ آڻيندڙ قوتن جي ڄاڻ حاصل ڪري سگهجي ٿي ۽ تاريخ جي ايندڙ رجحانن جي اڳواٽ جاچ ڪري سگهجي ٿي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org