سيڪشن؛  سياسيات

ڪتاب: آمريڪا جو سياسي سرشتو

باب: --

صفحو : 4

 

پارٽيون غير منظم آهن.

1960ع ۾ ڊيمو ڪريٽڪ  پارٽي حڪومت تي مڪمل قبضي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي. سينيٽر جان ايف. ڪينيڊي صدر چونڊيو، ۽ ڊيمو ڪريٽن ڪانگريس جي ٻنهي ايوانن ۾ وڏي اڪثريت حاصل ڪئي. تنهن هوندي به، صدر ڪينيڊيءَ جي صدارت جي عهدي سنڀالڻ کان ٽن هفتن اندر، نمائندن وارو ايوان، صدر ۽ ڊيمو ڪريٽڪ اڳواڻن جي مرضيءَ موجب تنظيمي ڦيرڦار تڏهن ئي ڪري سگهيو، جڏهن 23 ريپبليڪن به انهيءَ ڦيرڦار  جي فائدي ۾ ووٽ ڏنا. ان کان ٿورو عرصو پوءِ هڪ ڪميٽيءَ، جنهن ۾ ڊيمو ڪريٽڪ پارٽيءَ جي اڪثريت هئي، ايوان ڏانهن هڪ اهڙي اهم بل موڪلڻ کان انڪار ڪيو، جنهن کي صدر جي مڪمل حمايت حاصل هئي.

اهي واقعات دلچسپ ته آهن، پر آمريڪي ڪانگريس جي تاريخ ۾ غير رواجي نه آهن. انهن مان هڪ دفعو وري به رڳو اهو ثابت ٿيو ته ڪانگريس اڳيان اهم مسئلن جي سلسلي ۾ صدر توڙي ڪانگريس جا اڳواڻ هميشه پنهنجي پارٽيءَ طرفان پٺڀرائيءَ جي اميد رکي نٿا سگهن. هر اجلاس ۾، ڪانگريس جي ٻنهي ايوانن ۾، ٻنهي پارٽين جا ميمبر نمايان مسئلن تي پنهنجي پارٽيءَ جي خلاف ووٽ ڏيندا آهن. پارٽيءَ جا قومي اڳواڻ اهڙيءَ صورت ۾ پارٽيءَ خلاف ووٽ ڏيندڙ ميمبرن تي ڪو به قدم نٿا کڻي سگهن، ڇاڪاڻ ته عام طرح اهو سمجهيو ويندو آهي ته نمائندن واري ايوان جي ميمبرن ۽ سينيٽرن کي پنهنجي ليکي فيصلن ڪرڻ جي ۽ ووٽ ڏيڻ جي آزادي آهي. حقيقت اها آهي ته جيڪڏهن صدر يا قومي اڳواڻ ڪنهن بيچئي ميمبر کي پارٽيءَ جي ٻيهر اميدوار ٿيڻ ۾ شڪست ڏيڻ جي ڪوشش ڪن، ته پوءِ نه رڳو مقامي پارٽي انهيءَ ئي ميمبر کي ٻيهر پنهنجو اميدوار ٿاڦيندي، پر اهڙيءَ صورت ۾ ساڳئي اميدوار جي چونڊ ۾ ڪاميابي يقيني آهي. فرينڪلن ڊي. روزويلٽ آمريڪا جي بيحد مقبول صدرن مان هڪ ٿي گذريو آهي. تنهن هوندي به، هن جڏهن سندس قانوني رٿائن جي حمايت نه ڪندڙ سينيٽرن جي ٻيهر اميدوار ٿيڻ ۾ رنڊڪون پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ته ان سان انهن سينيٽرن جي مقبوليت اڳي کان به وڌي ويئي.

آمريڪا ۾ سڌاري جي پرچار ڪندڙن ۽ ٻاهرين ملڪن جي نقادن، آمريڪي سياسي جماعتن ۾ تنظيم جي گهٽتائيءَ جي تنقيد ڪئي آهي. هو چونڊيل عهديدارن جي انهيءَ آزاديءَ کي منجهائيندڙ ۽ سڄي سياسي انتظام جي هڪ ڪمزوري سمجهن ٿا. بهرحال، جيڪڏهن انهيءَ سلسلي ۾ قائم ٿي ويل روايتن، تڪن جي ورهاست ۽ علاقائي طرفداريءَ کي نظر اڳيان رکيو وڃي ته ڪانگريس جي ميمبرن جي انهيءَ آزاديءَ کي سولائيءَ سان سمجهي سگهجي ٿو.

جيئن اسين هن کان اڳ چئي آيا آهيون، آمريڪي پارٽين کي گهڻا مرڪز آهن، ۽ انهن جو انتظام رياستي سطح تي اهڙيءَ طرح ڪيو ويندو آهي جو، سواءِ هر چوٿين سال صدارتي چونڊ جي، پارٽيون قومي تنظيمن جي حيثيت ۾ ڪڏهن به ڪم نه ڪنديون آهن. تاريخي سببن جي ڪري، ڪا هڪ پارٽي ملڪ جي وڏي حصي ۾ گهڻي طاقت حاصل ڪري سگهي ٿي. گذريل هڪ سؤ سالن کان 11 ڏاکڻيون رياستون ڊيمو ڪريٽڪ پارٽيءَ سان وفادار رهيون آهن، ڇاڪاڻ ته ريپبليڪن پارٽيءَ انهن رياستن کي گهرو جنگ ۾ شڪست ڏني هئي. اها وفاداري بهرحال نالي سان آهي ۽ اهو ضروري نه آهي ته اهي رياستون ڊيمو ڪريٽڪ پارٽيءَ جي سڀني صدارتي اميدوارن يا ڪانگريس ۾ پارٽيءَ جي اڳواڻن جي سڀني پروگرامن جي پٺڀرائي ڪنديون هجن. انهن ڌرين طرفان رٿيل پروگرامن کي جڏهن به  ڏاکڻين رياستن جي ڊيمو ڪريٽن پنهنجي مفاد جي ابتڙ سمجهيو آهي، ته هو سڌو سنئون پارٽيءَ جي خلاف ووٽ ڏيندا آهن.

پارٽيءَ جي قومي اڳواڻن کي جيڪڏهن اميدوارن ٿاڦڻ جي طريقي تي اثر انداز ٿيڻ جا اسبابا هجن، تڏهن به هو ڏاکڻن ڊيمو ڪريٽن کي پارٽيءَ مان ڪڍڻ جي همٿ ساري نه سگهندا. 1960ع ۾ صدر ڪينيڊي ڏاکڻين رياستن جي ووٽن کان سواءِ چونڊجي نه سگهي ها، ۽ انهن 11 ڏاکڻين رياستن مان هڪ سؤ ڊيمو ڪريٽ ميمبرن کان سواءِ ڊيمو ڪريٽڪ پارٽيءَ کي نمائندن واري ايوان ۾ اڪثريت نه هجي اها.  انهن حالتن هيٺ، ڊيمو ڪريٽڪ پارٽيءَ جا سياستدان سمجهن ٿا ته پارٽيءَ جي طاقت کي علاقائي مسئلن تي انهن ڏاکڻن ميمبرن جي وقتي مخالفت سببان ڪو به خطرو نه آهي. جيڪڏهن پارٽي ڪجهه  مسئلن تي پنهنجن سڀني ميمبرن کي متحد رکڻ گهري ٿي ته پوءِ پارٽي4 کي ڪجهه مسئلن تي وقتي مخالفت به سهڻي پوندي.

هڪ جماعتي رياستن جي نمائندن مٿان تنظيم جي پابنديءَ سان اهڙا نتيجا نڪري سگهن ٿا، جيڪي رياستن جي عوام توڙي انهن جي چونڊيل نمائندن يا پارٽيءَ جي اڳواڻن جي مرضيءَ خلاف هوندا. پابندي مڙهڻ سان ووٽر يا ته پارٽيءَ کان ڦري ويندا ۽ نيون پارٽيون وجود ۾ اينديون، يا ووٽر علاقائي پاليسيون پسند ڪرڻ وارن ماڻهن کي چونڊڻ جي موقعي کان محروم ٿي ويندا. علائقي جي مضبوط پارٽيءَ جو ڪو به عهدي تي ويٺل ميمبر يا اميدوار  اهو نه گهرندو ته علائقي جي سياسي صورتحال ۾ ڪا هيٺ-مٿانهين ٿئي. اهو خطرو هر وقت رهندو آهي ته ووٽرن جي ڦرڻ سان ڪا مضبوط مخالف پارٽي وجود ۾ اچي سگهي ٿي. ڪانگريس جا پارٽي اڳواڻ به اهڙيءَ ڦيرڦار کي پسند نه ٿا ڪن.

آمريڪي جماعتي سرشتي ۾ تنظيم نه هجڻ جو ٻيو سبب، حڪومت ۽ قانون ٺاهيندر اسيمبلين ۾ اختيارن جي ورهاست آهي. رياستن ۽ قومي حڪومتن جا سربراهه قانون ٺاهيندڙ اسيمبلين کان جدا چونڊيا ويندا آهن. تنهن هوندي به، صدر ۽ رياستن جا گورنر مکيه قانون ٺاهيندڙ شخصيتون آهن. حڪومت جي سربراهه توڙي قانون ٺاهيندڙ اسيمبلين جي سڌيءَ چونڊ جو مطلب آهي ته هر هڪ کي ووٽرن طرفان فرمان مليل آهي، پر اهو ظاهر آهي ته اهو فرمان هميشه ساڳيو نه هوندو آهي.

صدر گهڻي ڀاڱي ملڪ جي وڏين صنعتي رياستن جي شهرين جي ووٽن سان چونڊجي ايندو آهي. ڪانگريس ۾ ملڪ جي هر حصي جا نمائندا هوندا آهن. انهن مان ڪجهه ڳوٺن جا ويٺل، ڪجهه شهرن جا رهاڪو، ۽ ڪجهه علاقائي خيالن جا ماڻهو هوندا آهن. صدر ۽ ڪانگريس کي هر حالت ۾ گڏجي ملڪ لاءِ پاليسي ٺاهڻي پوندي آهي. ائين ڪرڻ تڏهن  به ضروري آهي، جڏهن صدر هڪ پارٽيءَ جو هجي ۽ ڪانگريس جا ٻيئي ايوان مخالف پارٽيءَ جي هٿ ۾ هجن. اهڙين حالتن هيٺ، منطم ۽ نظرياتي پارٽيون ڪم نه ڪري سگهنديون ۽ جلد ئي ختم ٿي وينديون. غير نظرياتي  ۽ غير منظم پارٽيون پاڻ کي حالتن مطابق موڙي سگهن ٿيون، ۽ هو ائين ڪنديون رهيون آهن. صدر آئزنهاور جي ريپبليڪن حڪومت جي اٺن سالن مان ڇهن سالن تائين مخالف ڊيمو ڪريٽڪ پارٽيءَ کي  ڪانگريس جي ٻنهي ايوانن ۾ اڪثريت هئي؛ تنهن هوندي به انهيءَ سڄي عرصي  ۾ صدر آئزنهاور ۽ ڪانگريس جي وچ ۾ سٺو تعاون رهيو، ۽ حڪومت کي مستعديءَ سان ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. ائين چئي سگهجي  ٿو ته ڊيمو ڪريٽڪ ڪانگريس ۽ ريپبليڪن  صدر جو پاڻ ۾ تعاون ايترو ئي هو، جيترو ان کان ڪجهه سال اڳ تائين هو، جڏهن حڪومت جي ٻنهي شاخن تي ڊيمو ڪريٽڪ پارٽي قابض هئي. ائين چوڻ ممڪن آهي ته جيترو تعاون ريپبليڪن صدر ۽ ڊيمو ڪريٽڪ ڪانگريس جي حالت ۾ هوندو آهي، اوترو تعاون ڊيمو ڪريٽڪ صدر ۽ ريپبليڪن  ڪانگريس جي حالت ۾ نه ٿيندو آهي: جيئن ته ريپبلين صدر وڌيڪ آزاد خيال هوندو آهي، تنهنڪري هو پنهنجي پارٽيءَ جي اثر واريءَ ڪانگريس جي ڀيٽ ۾ ڊيمو ڪريٽڪ  ڪانگريس کي وڌيڪ ويجهو هوندو آهي. پر اها حقيقت آهي ته 1947ع کان 1949ع واريءَ ريپبليڪن ڪانگريس ۽ ڊيمو ڪريٽڪ صدر ٽرومن پاڻ ۾ تمام چڱيءَ طرح گڏجي ڪم ڪيو،  جنهن جي نتيجي ۾ هن صديءَ جا وڏا پرڏيهي پروگرام وجود ۾ آيا.

آمريڪي پارٽيون غير نظرياتي آهن

ڪنهن به ٻه-جماعتي  سرشتي ۾ وڏين پارٽين جو جيڪڏهن لفظي طرح نه، ته عملي طرح غير نظرياتي هجڻ ضروري آهي. وڏين جماعتن ۾ شديد اختلاف هجڻ جي حالت ۾ اهو ناممڪن ٿي پوندو ته اليڪشن ۾ شڪست جي صورت ۾، ڪابه پارٽي حڪومت جا اختيار ڪامياب ٿيندڙ پارٽيءَ جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏي. ٻيو ته وقتي ووٽرن جو لاڙو قدامت پسنديءَ ڏانهن ٿي ويندو آهي، ۽ وقتي وڌيڪ آزاد خياليءَ طرف: جيڪڏهن ڪا به پارٽي ووٽرن جي وڏيءَ اڪثريت کان پاڻ کي جدا رکڻ نٿي گهري، ته پوءِ اها پارٽي عام راءِ جي انهن لاڙن کي نظر انداز ڪري نٿي سگهي.

آمريڪي پارٽيون عملي توڙي لفظي طرح غير نظرياتي آهن. ٻنهي وڏين پارٽين جي ميمبرن ۽ اڳواڻن ۾ اهڙا ماڻهو شامل آهن، جن جا خيال هڪٻئي کان گهڻو مختلف آهن. ڪلنٽن روزيٽر (Clinton Rossiter) چيو آهي ته ” پارٽيون ٺاهه ۽ مفاد جي هم اتفاقيءَ جي پيدائش آهن، جن ۾ اصول گونگا هوندا آهن، ۽ گهڻو ڪري انهن کي ماٺ ۾ رکيو ويندو آهي. اهي پارٽيون وسيع، دلڪش ۽ دوستاڻيون ڇَٽيون آهن، جن هيٺ سڀني آمريڪين کي، پوءِ هو ڪهڙا به، ڪٿان جا به، ۽ ڪهڙي به خيال جا هجن، بيهڻ جي دعوت ڏني ويندي آهي، ته جيئن ايندڙ چونڊن ۾ کين ڳڻيو وڃي“(1).

آمريڪي عوام جي تمام وڏيءَ اڪثريت وانگر، ٻنهي جماعتن جا ميمبر ۽ اڳواڻ جمهوري سياسي ادارن ۾ يقين رکن ٿا. ٻئي پارٽيون اهو قبول ڪن ٿيون ته ماڻهن جي سماجي ۽ معاشي زندگيءَ ۾ حڪومت کي وڏو حصو وٺڻ گهرجي، پر اهي حڪومت طرفان سڄيءَ معيشيت جي مالڪيءَ يا انتظام تي قبضي ڪرڻ واريءَ راءِ کي رد ڪن ٿيون. ٻيئي پارٽيون واپارين، پورهيتن، ملازم طبقن ۽ هارين کي پاڻ ڏانهن ڇڪڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن. جيئن ته هر پارٽيءَ ۾ سڀني طبقن لاءِ ڇِڪ  موجود آهي، تنهنڪري اهي اعتدال پسند هونديون آهن.

گهرو لڙائيءَ کان اڳ واري مختصر وقت ۽ لڙائيءَ واري عرصي کان سواءِ، آمريڪا ۾ ٻنهي وڏين جماعتن جا پاڻ ۾ ڪڏهن به سخت اختلاف نه رهيا آهن.ان کان پوءِ شيدين جي آزاديءَ يا غلاميءَ واري مسئلي ۽ ملڪي وحدت يا علحدگيءَ واري مسئلي تي ملڪ ۽ پارٽيون انهيءَ حد تائين جدا ٿي ويون هيون، جو انهن ۾ ٺاهه جي ڪا صورت نظر نه پئي آئي. ان کان پوءِ ڪڏهن به پارٽين جي وچ ۾ ٻيهر ڪنهن مسئلي تي ايترو سخت اختلاف نه ٿيو آهي. ٻنهي پارٽين ۾ مختلف نقطه نظر  جا ميمبر ۽ اڳواڻ رهندا آيا آهن، ۽ پنهنجن ميمبرن کي پاڻ وٽ قابو رکڻ لاءِ پارٽين ڪڏهن به انتهاپسند موقف اختيار نه ڪيا آهن.

گهرو ويڙهه جي پڄاڻيءَ، ۽ 1932ع ۾ فرينڪلن روزويلٽ جي چونڊ  جي وچ وارن سالن ۾، ڏکڻ جي ڊيموڪريٽن پارٽيءَ کي قوت بخشي هئي. ڏکڻ ۾ اڳواڻي وچولي طبقي جي ماڻهن جي هٿ ۾ هئي، جن ۾ واپاري، وڪيل ۽ مختلف معاملن سان دلچسپي رکندڙ شهري شامل هئا.  ڊيمو ڪريٽڪ پارٽيءَ جي اترين شاخ 1932ع واريءَ چونڊ کان پوءِ تڪڙي اُڀري. هن ايراضيءَ ۾ پارٽيءَ جي  جي سڀ کان گهڻي حمايت پورهيت ۽ ٿورائيءَ وارا گروپ ڪرڻ لڳا. ڪجهه گهرو مسئلن تي ڏاکڻا ڊيمو ڪريٽ پنهنجن اترادي ساٿين سان شامل ٿيا آهن، پر ٻين مسئلن تي هو ريپبليڪنن جي وڌيڪ ويجهو رهيا آهن. شهري حقن جي مسئلن تي ريپبليڪن ۽ اترادي ڊيمو ڪريٽڪ هڪٻئي جا ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺا آهن، ۽ ڏاکڻا ڊيمو ڪريٽ گهڻو ڪري مخالفت ۾ پئي رهيا آهن.

ڊيمو ڪريٽن وانگر، ريپبليڪن به، پنهنجن تڪن جي ووٽرن جي مرضيءَ کي نظر ۾ رکندي، گهرو ۽ بين الاقوامي مسئلن تي قدامت پسند يا آزاد خيال هوندا آهن. جَئڀِوٽس(Javits)، ڪيِٽنگ(Keating) ۽ ڪيس (Case) سينيٽرن وانگر،اوڀر جي صنعتي رياستن مان چونڊيل ريپبليڪن گهڻو ڪري اوڀر جي ٻين صنعتي رياستن مان چونڊجي آيل ڊيمو ڪريٽن وانگر ووٽ ڏيندا آهن، ۽ وچ اولهه ۽ وڏن ميدانن واريءَ ايراضيءَ جي ڳوٺن ۽ ننڍن شهرن مان چونڊيل ريپبليڪن ميمبر عام طرح وڌيڪ قدامت پسند هوندا آهن.

قانون سازيءَ جي ڪنهن مسئلي تي جڏهن ڪانگريس ٻن طرفن ۾ ورهائجي ويندي آهي، تڏهن عام طرح ائين ئي هوندو آهي ته ريپبليڪن ۽ ڊيمو ڪريٽ ميمبر گڏجي هڪڙي الڳ ڌر ٺاهيندا آهن، ۽ ساڻن اختلاف ڪندڙ ڌر به ريپبليڪن ۽ ڊيمو ڪريٽ ميمبرن جوئي ميل هوندي آهي. هو پنهنجي پارٽيءَ جي نظريي کي ڪونه ڏسندا آهن، بلڪ جن رياستن يا علائقن مان پاڻ چونڊجي ايندا آهن، اتي جي ووٽ ڏيندڙ عوام جي راءِ کي اهميت ڏيندا آهن.

هرهڪ پارٽيءَ ۾ اهڙا انتها پسند ماڻهو به آهن، جيڪي پارٽين کي هڪٻئي کان هٽائڻ ۽ انهن جي وچ ۾ سخت اختلاف پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. پارٽيءَ جي اڳواڻن ۾ عام طرح اهڙا انتهاپسند ماڻهو شامل نه هوندا آهن، ڇو ته پارٽيءَ جي اڳواڻن جو مقصد چونڊون کٽڻ هوندو آهي، ۽ نه اهڙن مسئلن تي وڙهڻ، جيڪي کين عوام جي اڪثريت کان الڳ  ڪري ڇڏي. هو، تنهنڪري، انتهاپسندن جي صلاحن ڏانهن گهٽ خيال ڏيندا آهن. اڪثر سياستدان گهڻو ڪري اهڙن مسئلن کي اُڀارڻ کان انڪار ڪندا آهن، جن سان عوام ۾ اختلاف پيدا ٿيندو هجي.

 

نتيجا

آمريڪي جماعتي سرشتي تي ملڪ ۾ ۽ ملڪ کان ٻاهر ٿيندڙ تنقيد کان پوءِ به، پارٽيون آمريڪا جي سٺي نمائندگي ڪن ٿيون. پارٽين جا اڳواڻ ملڪ جي هر حصي سان تعلق رکن ٿا، ۽ اهڙيءَ طرح سندن ووٽن جي حمايت به هر حصي ۾ موجود آهي. گهرو لڙائيءَ واري عرصي کان سواءِ، پارٽين اهڙن مسئلن کي اڀرڻ کان روڪيو آهي، جن تي ڪو به ٺاهه نٿو ٿي سگهي. پارٽين جي اڳواڻن جي جمهوريت سان وفاداري ۽ سندن انهيءَ يقين ته انتهاپسنديءَ سان ڪاميابيءَ بدران شڪست جو امڪان آهي، ٻنهي وڏين پارٽين کي اعتدال پسند حدن  اندر رکيو آهي. ووٽرن کي اها اعتدال پسندي قبول آهي، ۽ هنن ٽئين قسم جي پارٽين جي پٺڀرائي ڪرڻ کان لڳاتار انڪار پئي ڪيو آهي.پارٽين جي نامرڪزيت (decentralizaeion) ۽ هر پارٽيءَ ۽ اختيارن جي ورهاست، گڏجي، اميدوارن کي سندن خاص تڪن جي نمائندگيءَ جي آزادي ڏني آهي، جيڪا منظم پارٽين وارن ملڪن ۾ نه آهي. آمريڪا جهڙي وڏي ۽ گهڻين قومن واري ملڪ ۾ اميدوارن کي سندن تڪن جي نمائندگي ڪرڻ جي آزادي ڏيڻ تمام ضروري آهي. ڪانگريس ۾ فيصلا ڪنهن به هڪ پارٽيءَ طرفان نه، پر ڊيمو ڪريٽن ۽ ريپبليڪن جي ٺاهه سان ڪيا ويندا آهن. اهڙي ڪا به ثابتي نٿي ملي، جنهن مان معلوم ٿئي ته عوام جي ضروري گهرجن تي ان ڪري عمل ٿي نه سگهيو آهي جو ڪانگريس ۾ پارٽي اڳواڻ پنهنجيءَ پارٽي جي ميمبرن جي پٺڀرائي حاصل ڪري نه سگهيا آهن.

تنظيم جي نه هجڻ ۽ ٻنهي پارٽين ۾ قدامت پسند ۽ آزاد خيال ميمبرن جي موجودگيءَ مان ڪڏهن ڪڏهن اهو مطلب به نڪري ٿو ته صدر ۽ ڪانگريس ۾ سندس پارٽيءَ جا ڪجهه ميمبر هڪٻئي جي مقصدن جي ابتڙ ڪم ڪن ٿا. پر جيڪڏهن اسين انهن جدا جدا تڪن کي نظر ۾ رکون، جيڪي صدر کي ۽ ڪانگريس ۾ سندس پارٽيءَ جي ٻين ميمبرن کي چونڊين ٿا، ته پوءِ اسان کي ان اختلاف تي تعجب نه ٿيندو.

صدر ۽ سندس پارٽيءَ جي ميمبرن جي وچ ۾ پاليسيءَ تي اختلاف جي اهميت، پرڏيهي معاملن جي ڀيٽ ۾، گهرو معاملن ۾ وڌيڪ آهي. پرڏيهي معاملن جي ميدان ۾ صدر کي ڪجهه آئيني اختياريون آهن، جيڪي کيس قوم جو ترجمان بڻائين ٿيون.پرڏيهي پاليسيءَ جي ڪن معاملن ۾ هو ڪانگريس جي پٺڀرائيءَ  کان سواءِ قدم کڻي سگهي ٿو. ٻين معاملن ۾، هو پنهنجي اختيار ڪيل عملي طريقي سان ڪانگريس کي سندس حمايت ڪرڻ لاءِ مجبور ڪري سگهي ٿو. نين پاليسين ٺاهڻ لاءِ گهربل خرچ جي سلسلي ۾ کيس ڪانگريس ۾ اڪثريت جي حمايت جي گهرج پوي ٿي، اڪثر ڪري کيس اها حمايت حاصل ٿيندي آهي. نمائندن واري ايوان جي ميمبرن طرفان صدر جي پرڏيهي پاليسيءَ وارن فيصلن تي تنقيد، عام طرح ساڳين مقصدن حاصل ڪرڻ لاءِ کنيل قدمن تي هوندي آهي. سينيٽر ۽ ايوان جا ميمبر انفرادي طرح صدر جي پاليسين کي نندي سگهن ٿا، پر ائين ڪرڻ سان هو پنهنجي تڪ جي تمام ٿورڙن ووٽرن ۽ ساٿين جي نمائندگي ڪندا آهن. پرڏيهي پروگرامن جي سلسلي ۾ اختيار، سواءِ انهن تي ٿيندڙ خرچ جي، گهڻو ڪري صدر جي هٿ ۾ آهي، ۽ صدر کي انهن پروگرامن تي ڪانگريس ۾ ٻنهي پارٽين جي ميمبرن جي اڪثريت طرفان حمايت جي اميد هوندي آهي.


(1) Clinton Rossiter, Partiews and Politics in America (Ithaca: Cornell University Press, 1960), p. 11

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org