سيڪشن؛  علميات

ڪتاب:غريب ڳوٺاڻن سان ڳالهيون

باب: --

صفحو :3

4- وچولي هاريءَ کي ڪهڙو رستو اختيار ڪرڻ گهرجي؟ کيس جائيداد جي مالڪن ۽ مالدارن جي طرف داري ڪرڻ گهرجي يا مزدورن ۽ غريبن جي حمايت؟

جائداد جي سمورن مالڪن، سڄي بورجوازي جي اها ڪوشش هوندي آهي ته وچولي هاريءَ کي، ٻني ٻاري کي بهتر ٺاهڻ لاءِ هر قسم جي اُپائن (ستن هرن، زرعي بئنڪ، گاه پوکڻ جو سلسلو شروع ڪرڻ، سستا ڍور ۽ ٻيو انتظام ڪرڻ وغيره وغيره) جو واعدو ڪري ۽ هاريءَ کي طرح طرح جي زرعي انجمنن ۾ (جن کي لکپڙه ۾ امداد باهمي جي انجمن چيو وڃي ٿو) شامل ٿيڻ لاءِ اڀاري جيڪي ٻني ٻاري جي طريقن جي سڌاري واري مقصد لاءِ آبادگارن کي متحد ڪن ٿيون، پاڻ سان کڻن. اهڙيءَ طرح بورجوازي ڪوشش ڪندي آهي ته وچولي ته ڇا ننڍي هاري کي، ايتري قدر جو نيم پرولتاري کي به مزدورن سان ايڪو ڪرڻ نه ڏنو وڃي ۽ اها ان ڳالهه جي لاءِ آماده ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آهي ته مزدورن جي خلاف، پرولتاريه جي خلاف لڙائيءَ ۾ مالدارن جي پاسي، بورجوازي پاسو کڻن.

ان جي جواب ۾ سوشل ڊيموڪريٽي مزدور چون ٿا. ٻني ٻارو جنهن جو سڌارو ٿي ويو هجي سٺي ڳالهه آهي، سستا هر خريد ڪرڻ ۾ ڪا برائي ناهي، اڄ ڪلهه سوداگر به جيڪڏهن هو بيوقوف نه آهي ته ڪوشش ڪري ٿو ته گراهڪن کي رغبت ڏيارڻ لاءِ سستو وڪڻي پر جڏهن غريب يا وچولي هاريءَ کي اهو چيو وڃي ٿو ته سڌاريل زمين ۽ سستا هر، کين غريبيءَ کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ ۾ ۽ پنهنجي پيرن تي بيهڻ ۾ مدد ڏيندا ۽ اهو سڀ ڪجهه مالدارن کي هٿ لائڻ کان سواءِ ڪري سگهجي ٿو. ته اهو سراسر دوکو آهي، اهي سمورا سڌارا، گهٽ قيمتون، امداد باهمي جون انجمنون (سامان خريد ڪندڙ وڪڻندڙ جماعتون) ٻئي ڪنهن جي ڀيٽ ۾ مالدارن کي وڌيڪ فائدو رسائن ٿيون. مالدار وڌيڪ سگهارا ٿي وڃن ٿا ۽ غريب وچولن هارين کي وڌيڪ چيڀاٽڻ لڳن ٿا. جيستائين مالدار رهندا، جيستائين اهي زمين چوپائي مال ٻني ٻاري جي اوزارن ۽ پئسن جي وڏي حصي جا مالڪ رهندا جيستائين اهو سڀ ڪجهه باقي رهندو تيستائين غريب يا ايتري قدر جو وچولا هاري به ضرورت ۽ اڻ هوند کان ڪڏهن به بچي نه سگهندا. ممڪن آهي ته ڪو هڪ اڌ وچولو هاري انهن سمورن اوزارن ۽ امداد باهمي جي انجمنن سان مالدار ٿي وڃي. ليڪن سڀ گڏي عوام ۽ سمورا وچولا هاري غريبي جي ڌٻڻ ۾ ڦاسندا ئي ويندا. انهيءَ لاءِ ته سمورا وچولا هاري مالدار ٿي وڃن، مالدارن کي تڙي ڪڍڻو پوندو. ۽ انهن کي رڳو اهڙي طرح سان ڪڍي سگهجي ٿو ته شهر جا مزدور. ڳوٺاڻا، غريب هڪ ٿي وڃن.

وچولي (ايتري قدر جو ننڍي) هاري کي بورجوازي چوي ٿي. اسان توکي زمين سستي اگهن سان ڏينداسين، هر به سستن اگهن تي پر ان جي بدلي تون اسان کي پنهنجو روح وڪڻي ڏي. مالدار جي خلاف لڙائي بند ڪري ڇڏ.

سوشل ڊيموڪريٽڪي مزدور چون ٿا ته جيڪڏهن واقعي سامان توکي سستن اگهن تي وڪڻي ڏنو وڃي ٿو ته ڇو نه وٺون، پر شرط اهو آهي ته ان کي خريد ڪرڻ لاءِ تو وٽ پئسا هجن. اهو آهي کرو سودو. پر پنهنجو روح هرگز نه وڪڻ، سچي بورجوازي جي خلاف شهري مزدورن سان عملي اتحاد قائم ڪري لڙائي کي بند ڪرڻ جي معنيٰ غريبي ۽ اڻ هوند ۾ هميشہ لاءِ گهيريل رهڻ ٿيندي. مال جيڪڏهن سستو ٿي وڃي ته مالدار کي اڃا به وڌيڪ فائدو ٿيندو، ۽ هو اڃا وڌيڪ مالدار ٿي ويندو پر جن وٽ پئسو نه آهي تن کي مال جي سستي ٿيڻ سان تيستائين ڪو فائدو نه ٿيندو جيستائين هو پئسا بورجوازي کان وٺندا رهندا.

اچو ته اسين هڪ مثال وٺون- جيڪي ماڻهو بورجوازي جي حمايت ڪن ٿا سي قسمين قسمين امداد باهمي جي انجمنن (سستو خريد ڪري نفعي تي وڪڻندڙ جماعتن) جو ڍنڍورو پٽيندا آهن. اهڙا به ماڻهو پيا آهن جيڪي پنهنجي پاڻ کي سوشلسٽ انقلابي چون ٿا، جيڪي بورجوازي جي آواز جي گونج بڻجي رڙيون ڪري چون ٿا ته هاري کي امداد باهمي جي انجمنن جي جيتري ضرورت آهي اوتري ڪنهن چيز جي ناهي. روس ۾ به قسمين قسمين امداد باهمي جون انجمنون پيدا ٿيڻ شروع ٿي ويون آهن. جيتوڻيڪ اهي هتي اڃا به گهٽ آهن، ۽ تيستائين وڌيڪ نه ٿينديون جيستائين اسان کي سياسي آزادي نه ملي ويندي. پر جرمنيءَ کي وٺو. اتي هارين جون قسمين قسمين امداد باهمي واريون انجمنون آهن. پر ڏسو ته انهن امداد باهمي جي انجمنن مان ڪنهن کي ٿو فائدو رسي. سڄي جرمنيءَ ۾ کير ۽ کير واريون شيون وڪڻندڙ انجمنن ۾ هڪ لک 40 هزار آبادگارن وٽ (آساني لاءِ اسان پورا پورا انگ ورتا آهن) 11 لک ڍڳيون آهن. ليکو ڪيو ويو آهي ته جرمنيءَ ۾ 40 لک غريب هاري آهن. انهن مان صرف 40 هزار اهڙا آهن جيڪي امداد باهمي جي انجمنن جا ميمبر آهن، اهڙي طرح هر هڪ سؤ غريب هارين مان صرف هڪ کي امداد باهمي جي انهن انجمنن جا فائدا حاصل آهن. انهن 40 هزار غريب هارين وٽ صرف هڪ لک ڍڳيون آهن. ان کان سواءِ وچولي آبادگار ۽ وچولي هارين جو تعداد 10 لک آهي. انهن مان 40 هزار امداد باهمي جي انجمنن ۾ شامل آهن (يعني هر سؤ مان پنج) ۽ انهن وٽ 2 لک ڍڳيون آهن. آخر ۾ مالدار آبادگارن (يعني زميندار ۽ مالدار هاري ٻنهي) جو تعداد 3 لک 33 هزار آهي جن مان 50 هزار اهڙا آهن جيڪي امداد باهمي جي انجمنن جا ميمبر آهن (يعني اهو ته هر سؤ مان 17!) ۽ انهن وٽ 8 لک ڍڳيون آهن.

انهي مان پڌرو آهي ته اهي امداد باهمي واريون انجمنون سڀ کان وڌيڪ ۽ اول ڪنهن جي مدد ڪن ٿيون، ۽ انهي سان ئي اهو ماڻهو جيڪي سستو ڪري نفعي سان وڪڻڻ جي اهڙين انجمنن جي وسيلي وچولي هاري کي بچائڻ واسطي اڳتي وڌي ڳالهيون ڪن ٿا. اهڙي طرح اهي هاريءَ جو نڪ جهلي گيهي وٺي وڃن ٿا، بورجوا، وچولي هاري واقعي سوشل ڊيموڪريٽن کان سستي اگهن ۾ خريد ڪرڻ گهري ٿي. جيڪي کيس چون ٿا ته اسان سان اچي ملو.

اسان جي ملڪ ۾ به مکڻ ڪڍڻ جا امداد باهمي وارا مرڪز ۽ گاڏڙ قسم جون ڊيريون قائم ٿيڻ شروع ٿي ويون آهن. اسان جي ملڪ ۾ به ماڻهن جا ميڙ اهڙا به آهن جيڪي گلو ڦاڙي رڙيون ڪن ٿا ته آرٽيل برادري جو اتحاد ۽ امداد باهمي جون انجمنون هي آهن اهي شيون جن جي هاري کي ضرورت آهي- پر ڏسو نه انهن آرٽيلن سان، امداد باهمي جي انجمنن مان برادرين جي وسيلي زمين تي ڍل ڏيڻ سان ڪنهن کي فائدو رسي ٿو. اسان جي ملڪ ۾ هر سؤ ڪٽنبن مان گهٽ ۾ گهٽ ويهن وٽ هڪ به ڍڳي نه آهي. ٽيهن وٽ صرف هڪ هڪ ڍڳي آهي، اهي بنهه اڻ هوند ۾ کير وٺن ٿا. سندن ٻارن کي کير نصيب نٿو ٿئي اهي بکن ۾ مڇرن ۽ مکين وانگر مري وڃن ٿا. پر مالدار هارين مان هر هڪ وٽ ٽي چار يا وڌيڪ ڍڳيون هونديون آهن ۽ انهن مالدار هارين وٽ سمورن هارين جي ڍڳين جي اڌ جيتريون ڍڳيون آهن، مکڻ ڪڍڻ جي امداد باهمي، وارن مرڪزن مان پوءِ ڪنهن کي نفعو ملي ٿو؟ ظاهر آهي ته سڀ کان پهرين زميندارن کي يا هاري بورجوازي کي فائدو پهچي ٿو. ظاهر آهي ته اها ڳالهه پاڻان سندن فائدي ۾ آهي ته وچولا هاري ۽ غريب سندن پويان هلڻ جي ڪوشش ڪن ۽ اهو ته کين انهي ڳالهه جو يقين رهي ته ضرورت ۽ محتاجي کان بچڻ جو رستو سڄي بورجوازي جي خلاف سمورن مزدورن جي جدوجهد نه آهي. پر انفرادي طور ننڍن آبادگارن جي اها ڪوشش آهي ته اهي پنهنجي موجوده حالت مان نڪري مالدارن جي حقن ۾ شامل ٿي وڃن.

بورجوازي جا اهي سمورا حمايتي جيڪي ننڍن هارين جي حمايتي ۽ دوست هجڻ جو بهانو ڪن ٿا. انهي خيال کي پالين ٿا ۽ انهيءَ ڪوشش جي هر طرح سان همت افزائي ڪن ٿا ۽ ڪيترا اٻوجهه ماڻهو رڍ جي کل ۾ بگهڙ کي نٿا ڏسي سگهن ۽ بورجوازي جي ڏٽي کي ورجائڻ لڳن ٿا. اهو سمجهي ته اهي غريب ۽ وچولي هارين جي مدد ڪري رهيا آهن. مثال طور اهي ڪتابن ۾ تقريرن ۾ چون ٿا ته ننڍي پيماني تي ٻني ٻارو سڀ کان وڌيڪ نفعو ڏئي ٿو پوک جي سڀ کان وڌيڪ نفعو ڏيندڙ شڪل آهي. اهو ته ننڍي پيماني تي پوک وڌي ويجهي رهي آهي، هو چون ٿا ته اهوئي سبب آهي جو هر هنڌ نندي پيماني زرعي پيداوار حاصل ڪندڙ ايترا سارا آهن اهوئي سبب آهي جو اهي پنهنجي زمين سان ايترا چنبڙيل رهن ٿا ۽ انهيءَ ڪري نه ته بهترين زمين جو مالڪ بورجوا بڻجي ويو آهي ۽ سڄي روڪ پئسه جو به، جڏهن ته غريبن کي عمر لاءِ زمين جي ننڍن ننڍن ٽڪرن جي اندر قيد رهڻو پوي ٿو.

اهي لٻاڙي ماڻهو چون ٿا ته ننڍي هاريءَ کي گهڻي روڪ پئسي جي ضرورت نٿي پوي، ننڍا ۽ وچولا هاري وڏن آبادگارن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڪفايت شعار، وڌيڪ محنتي ٿين ٿا ۽ ڄاڻن ٿا ته سادگيءَ سان زندگي ڪيئن بسر ڪئي وڃي: پنهنجي ڍورن کي چارو خريد ڪري ڏيڻ بجاءِ بوهه کارائڻ تي بس ڪن ٿا. مهانگي مشين خريد ڪرڻ بجاءِ هو ڪم تي سويل اٿي هليا وڃن ٿا ۽ وڌيڪ دير تائين محنت ڪندا رهن ٿا. ۽ اوتروئي ڪم ڪري وٺن ٿا جيترو ڪا مشين، مرمت لاءِ ٻين کي پئسا ڏيڻ بدران هاري پاڻ ئي ڪنهن آچر تي پنهنجو واهولو سنڀالي ٿو ۽ ٿورو گهڻو واڍڪو ڪم لاهي وٺي ٿو. ۽ اهو وڏي آبادگار جي ڪم ڪرڻ جي ڍنگ کان وڌيڪ سستو پوي ٿو. خرچيلي گهوڙي يا ڍڳي کي کارائڻ جي بدران هو پنهنجي هر ۾ ڍڳيءَ کي جوٽي وٺي ٿو. جرمني ۾ سمورا خريد هاري هر ۾ ڍڳي جوٽين ٿا ۽ اسان جي ملڪ ۾ به ماڻهو ايترا غريب ۽ ڪنگال ٿي ويا آهن جو انهن نه رڳو ڍڳين کي پر ماڻهن عورتن کي به هر ۾ جوٽڻ شروع ڪيو آهي. ڪيترو نفعي وارو ۽ ڪيترو سستو آهي. اهو سڀ ڪجهه ڪيتري تعريف ڪرڻ جوڳي اها ڳالهه آهي ته وچولا ۽ ننڍا هاري ايترا محنتي آهن، ايتري جفاڪشي ڪن ٿا، ايتري سادي ۽ اٻوجهڻ زندگي گذارين ٿا. بڪواس قسم جي شين ۾ پنهنجو وقت نٿا وڃائين. سوشلزم جي نه، پر رڳو پنهنجي ٻنيءَ جي ڳالهه سوچين ٿا. مزدور ڏي نه، جيڪي بورجوازي جي خلاف هڙتال ڪن ٿا پر مالدار ۽ عزتدار ماڻهن ڏي وڃڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. ڪاش سمورا ايترا محنتي ۽ ايترا جفاڪش هجن ۽ ڪفايت شعاري جي زندگي بسر ڪن، شراب نه پين، وڌيڪ پئسا بچائين، ڪپڙن تي گهٽ خرچ ڪن ۽ گهٽ ٻار ڄڻين پوءِ سڀ خوش خورم رهن ۽ ڪٿي ڪا غريبي نه هجي ڪٿي ڪمي نه ٿئي.

هي آهن اهي مڌر گيت جيڪي بورجوازي هارين کي ٻڌائي ٿي ۽ اهڙا سادا ۽ اٻوجهه ماڻهو آهن جيڪي انهن گيتن تي يقين ڪري وٺن ٿا ۽ انهن کي دهرائين ٿا!* – در حقيقت سمورا مٺاٻول هارين کي حل ڏيڻ ساڻس ٺٺولي  ڪرڻ کان سواءِ ڪجهه به ناهي. اهي لٻاڙي جنهن کي سستي ۽ نفعي واري ٻني چون ٿا. سا حد درجي جي تنگي اڻ هوند هوندي آهي. اها سخت ضرورت هوندي آهي جيڪا وچولي ۽ ننڍي هاري کي مجبور ڪندي آهي ته اهي صبح جو سويري کان رات تائين ڪم ۾ لڳا رهن؛ مانيءَ ڀورو کائڻ کان به هٿ کڻي ڇڏين. هڪ هڪ پائي مهٽي مهٽي خرچ ڪري ها! ان کان سستو ۽ وڌيڪ نفعو ڏيندڙ ٻيو ڇا هوندو، جو هڪ پتلون ٽن سالن تائين پاتي وڃي. گرمين ۾ اگهاڙين پيرين هلجي. رسي ٻڌي پنهنجي ڪاٺ جي هر جي مرمت ڪئي وڃي. ۽ پنهنجي ڍڳيءَ کي سڙيل بوهه کارائي پالجي! ڪنهن بورجوا يا مالدار هاريءَ کي اهڙي سستي ۽ نفعو ڏيندڙ ٻني تي رکي ڏسو ۽ ته پوءِ هو ڪيئن اهي سموريون مٺيون مٺيون ڳالهيون ڪيئن ٿو وساري ڇڏي.

ننڍي پوک جي ساراهه جا جيڪي ماڻهو پل ٻڌن ٿا ڪڏهن ڪڏهن هارين جي مدد ڪرڻ گهرن ٿا پر درحقيقت ۾ اهي کين نقصان پهچائين ٿا. پنهنجي مٺين مٺين ڳالهين سان اهي هارين کي اهڙي طرح دوکو ڏين ٿا جئين لاٽري کان ماڻهو دوکو کائين ٿا. آئون توهان کي ٻڌايان ته لاٽري ڇا ٿيندي آهي. فرض ڪيو ته مون وٽ هڪ ڍڳي آهي قيمت 50 روبل مان ان ڍڳيءَ کي لاٽري جي وسيلي وڪڻڻ چاهيان ٿو، انهيءَ لاءِ آئون هڪ هڪ روبل جون پنجاهه ٽڪيٽون سڀني کي ڏيان ٿو. هر ڪنهن کي موقعو هوندو آهي ته کيس هڪ روبل ۾ ڍڳي ملي وڃي! ماڻهن کي لالچ هوندي آهي، روبل تي روبل لڳائيندا اچن ٿا، جڏهن مون وٽ هڪ سؤ روبل گڏ ٿي ويندا آهن ته مان لاٽري جا پکا ڪڍندو آهيان جنهن جي ٽڪيٽ ايندي آهي تنهن کي هڪ روبل ۾ ڍڳي ملي ويندي آهي. باقين کي ڪجهه نٿو ملي. ڇا ماڻهن کي ڍڳي سستي پئي، نه اها ته ڏاڍي مهانگي پئي، ڇاڪاڻ ته انهن سڀ ملائي جيترا روڪ پئسا ڀريا آهن ڍڳي جي اصل قيمت کان ٻيڻا هئا، اهڙي طرح ٻن ماڻهن کي (هڪڙو اهو جنهن لاٽري کولي ۽ ٻيو اهو جنهن ڍڳي کٽي) ڪو ڪم ڪرڻ بنا فائدو ٿيو. اهڙي طرح اهي ماڻهو جيڪي چون ٿا ته لاٽريون ماڻهن لاءِ فائديمند آهن سي کين نسورو دوکو ڏين ٿا. جيڪي ماڻهو امداد باهمي جي انجمنن، سڌريل ٻني ٻاري، بئنڪن ۽ اهڙي قسم جي ٻين سمورين شين جي ذريعي هارين کي غريبي ۽ مصيبت کان ڇوٽڪارو ڏيڻ جو واعدو ڪن ٿا انهن کي بلڪل اهڙي طرح دوکو ڏيئي رهيا آهن. لاٽري ئي وانگر جنهن ۾ صرف هڪ ڄڻو کٽي ٿو ۽ ٻيا سڀ هارائين ٿا، تيئن ٻين به سمورين شين ۾ ٿئي ٿو. ڪو هڪ وچولو هاري ٿي سگهي ٿو ته ايترو چالاڪ هجي جو هو مالدار ٿي وڃي، پر سندس نوانوي سيڪڙو ڀائرن جي سڄي عمر چيلهه چٻي ٿيل هوندي آهي. پر اڻ هوند مان ڪڏهن به مڪتي نٿا حاصل ڪن. پر غريبيءَ جي ڌٻڻ ۾ اڃا وڌيڪ ڦاسندا پيا وڃن. هر ڳوٺاڻو پنهنجي برادري کي ۽ سڄي ضلعي کي ٿورو غور سان ڏسي، ڇا اهڙا وچولا هاري گهڻا سارا آهن جيڪي مالدار ٿي وڃن ٿا ۽ اڻ هوند کي وساري ڇڏين ٿا ۽ ڪيترا اهڙا آهن جن کي اڻ هوند مان ڇوٽڪارو ڪڏهن به نٿو ملي؟ ڪيترا اهڙا آهن جيڪي برباد ٿي وڃن ٿا ۽ پنهنجو ڳوٺ ڇڏي هليا وڃن ٿا؟ جيئن اسان ڏٺو ۽ حساب لڳايو آهي ته سڄي روس ۾ 20 لک وچولن هاري ڪٽنبن کان وڌيڪ نه آهن. فرض ڪريو ته سستو خريد ڪرڻ ۽ نفعي سان وڪڻڻ جون قسمين قسمين انجمنون هاڻ آهن ان کان وڌيڪ ڏهوڻيون ٿي وڃن ٿيون ته ان جو نتيجو ڇا نڪرندو؟ جيڪڏهن هڪ لک وچولا هاري مالدار هارين جي سطح تائين پنهنجي پاڻ کي کڻڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ته اها هڪ وڏي ڳالهه ٿئي ها. ان جو مطلب ڇا ٿئي ها؟ ان جو مطلب اهو ٿئي ها ته هر سئو وچولن هارين مان پنج مالدار ٿي ويا. پر باقي جيڪي 95 بچيا تن جو ڇا ٿيندو؟ اهي ته مدامي مصيبت ۾ ڦاٿل رهيا. ۽ انهن مان ڪيترا ته اڃا به وڌيڪ وڏن ڏاکڙن ۾ ڦاٿا ۽ غريب ته هيڪاري برباد ٿي ويا.

بورجوازي بيشڪ ان کان سواءِ ٻيو ڪجهه نٿي چاهي ته غريب ۽ وچولن هارين جو وڌ ۾ وڌ تعداد مالدارن وٽ پهچڻ جي ڪوشش ڪندو رهي. بورجوازي کان اٽڪڻ کان سواءِ غريبي کي مٽائڻ ممڪن هجڻ تي ڀروسو ڪندو رهي. جفاڪشي ۽ ڪفايت شعاري کان اڃان مالدار ٿيڻ جي آس لڳائي ويٺو رهي. ڳوٺن ۽ شهرن جي مزدورن سان اتحاد نه ڪري، بورجوازي کان جيڪي وسئون پڄي ٿو سو ڪري ٿي ته ڏٽي ۾ رکڻ وارو اهو ڀروسو ۽ اها آس هاريءَ جي دل ۾ پلجڻ ڏي ۽ ڪوشش ٿيندي رهي ته هو مٺيون مٺيون ڳالهيون ٻڌي غافل ٿي وڃي.

اهي لٻاڙي ماڻهو دوکيبازي جو جيڪو رنگ پکيڙين ٿا تن جو ڀانڊو ڦاڙڻ لاءِ هي ٽي سوال پڇڻ ڪافي ٿيندا.

پهريون سوال: روس ۾ جڏهن پوک لائق 24 ڪروڙ ڊيسياٽن زمين مان 10 ڪروڙ ڊيسياٽن زمين جي مالڪن جي نجي ملڪيت آهي ته ڇا پورهيت عوام اڻ هوند ۽ غريبي مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهي ٿو؟ جڏهن ته سورهن هزار تمام وڏا زميندار 6 ڪروڙ 50 لک ڊيسياٽن جا مالڪ آهن.

ٻيو سوال: ڇا پورهيت عوام انهي صورت ۾ به اڻ هوند ۽ غريبي کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهن. جڏهن 15 لک مالدار (هڪ ڪروڙ مان) هاري ڪٽنب، هارين جي فصل جي زمين مان اڌ، ۽ هارين جي ڪل ذخيرن ۽ بچت اڌ کان به گهڻو وڌيڪ پنهنجي مٺ ۾ بند ڪيو ويٺا آهن؟ جڏهن ته اهي هاري بورجوازي، غريب ۽ وچولي هارين کي دٻائي پرائي پورهئي، کيت مزدورن ۽ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ مزدورن جي محنت جي ذريعي پئسا ٺاهي ڏينهون ڏينهن وڌيڪ مالدار ٿيندي پئي وڃي؟ جڏهن 65 لک هاري ڪٽنب برباد ٿي وڃن، غريب هميشہ بکيا رهن ٿا ۽ انهن جي اها حالت ٿي وڃي ٿي جو ماني لاءِ ٿوري ٿوري اجرت تي هر طرح جو ڪم ڪندا وتن ٿا.

ٽيون سوال: جڏهن روڪ پئسو سڀ کان وڏي طاقت بڻيل هجي، جڏهن سموريون شيون، فيڪٽريون ۽ زمينون روڪ پئسا ڏيئي خريد ڪري سگهجن ٿيون ۽ عورتن ۽ مردن کي به اجرتي مزدورن وانگيان خدمت وٺڻ لاءِ اجرتي غلامن وانگر خريد ڪري سگهجي ٿو ته ڇا پورهيت عوام اڻ هوند ۽ غريبي مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهي ٿو؟ جڏهن ڪو روڪ پئسن کان سواءِ جيئرو رهي نٿو سگهي يا ٻني نٿو ڪري سگهي؟ جڏهن ننڍي هاري کي، غريب هاري کي روڪ پئسن حاصل ڪرڻ لاءِ وڏي آبادگار جي خلاف جدوجهد ڪرڻي پوي ٿي. جڏهن چند هزار زميندارن، سوداگرن، فيڪٽري جي مالڪن ۽ بينڪارن ڪروڙين روبل پاڻ وٽ ميڙي ورتا آهن ۽ ان کان سواءِ سمورين بئنڪن کي پنهنجي اختيار ۾ وٺي ڇڏيو آهي جتي اربين روبل جمع ڪرايا وڃن ٿا.

ننڍي پئماني جي ٻني ٻاري يا امداد باهمي جي انجمنن جي باري ۾ ڪجهه مٺڙيون مٺڙيون ٻوليون توهان کي انهن سوالن کان لنوائڻ نه ڏينديون. انهن سوالن جو جواب صرف هڪ ئي ٿي سگهي ٿو ته اصلي امداد باهمي جيڪا پورهيت عوام کي بچائي سگهي ٿي سا سڄي بورجوازي سان وڙهڻ لاءِ شهرين جي سوشل ڊيموڪريٽي مزدورن سان ڳوٺن جي غريبن جو اتحاد آهي. جيترو تيزي سان اهو اتحاد وڌندو ۽ طاقتور ٿيندو اوترو ئي جلدي وچولا هاري اهو محسوس ڪندا ته بورجوازي جا وعدا ڏٽا آهن ۽ اوترو ئي جلدي وچولا هاري اسان سان اچي ملندا.

اهو بورجوازي کي معلوم آهي ۽ اهوئي سبب آهي جو اهي مٺيون مٺيون ڳالهيون ڪرڻ سان گڏوگڏ سوشل ڊيموڪريٽن جي باري ۾ قسمين قسمين غلط ڳالهيون پڻ ڪن ٿا. هو چون ٿا ته سوشل ڊيموڪريٽ گهرن ٿا ته وچولي ۽ غريب هارين کان سندن ملڪيتون کسيون وڃن. اهو ڪوڙ آهي سوشل ڊيموڪريٽ صرف وڏين وڏين جائداد جي مالڪن کان جائدادون کسڻ چاهين ٿا، صرف انهن جي جيڪي ٻين جي محنت تي زنده رهن ٿا، سوشل ڊيمو ڪريٽ ننڍن ۽ وچولي هارين جي جائداد هرگز نٿا کسڻ گهرن، جيڪي اجرت تي مزدورن کان ڪم نٿا وٺن. سوشل ڊيموڪريٽ سمورن پورهيتن جي مفادن جي حفاظت ۽ علم برداري ڪن ٿا. رڳو شهري مزدورن جي مفادن جي ئي نه، جيڪي ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ طبقاتي سوچ سمجهه رکن ٿا ۽ متحد آهن. پر زراعت مزدورن جي به ۽ انهن ننڍن ننڍن دستڪارن ۽ هارين جي به پر جيڪي اجرت تي مزدورن کان ڪم نٿا وٺن، مالدارن وانگر اڳتي نٿا وڌن. ۽ بورجوازي سان نٿا گڏجن. سوشل ڊيموڪريٽي مزدورن ۽ هارين جي حالت ۾ اهي سمورا سڌارا آڻڻ لاءِ وڙهي رهيا آهن. جيڪي فورن لاڳو ڪري سگهجن ٿا. ان کان اڳ جو اسين بورجوازي جي حڪمراني ختم ڪري ڇڏيون ۽ جنهن سان انهن کي بورجوازي جي خلاف وڙهڻ ۾ مدد ملندي ليڪن سوشل ڊيموڪريٽ هارين کي ڏٽي ۾ نٿا رکن هو کين پوري ڳالهه سچي ۽ واضح ڪري ٻڌائين ٿا هو کين چٽي طرح اڳ ئي ٻڌائي ڇڏين ٿا ته ڪي به سڌارا عوام کي اڻ هوند ۽ غريبي کان تيستائين ڇوٽڪارو نه ڏياريندا جيستائين طاقت بورجوازي جي هٿ ۾ رهندي. انهيءَ مقصد لاءِ ته جيئن سمورن ماڻهن کي معلوم ٿي وڃي ته سوشل ڊيموڪريٽ ڇا آهن ۽ هو ڇا ٿا چاهين. سوشل ڊيموڪريٽن هڪ پروگرام ٺاهيو آهي. پروگرام هڪ ننڍڙو صاف ۽ صحيح بيان هوندو آهي جيڪو انهن سمورن ڳالهين جي باري ۾ جن لاءِ ڪا پارٽي ڪوشش ڪري رهي هجي ۽ جن لاءِ هو جدوجهد ڪري رهي هجي. سوشل ڊيموڪريٽي پارٽي اها اڪيلي پارٽي آهي جيڪا هڪ سادو ۽ صحيح پروگرام پيش ڪري ٿي ته جيئن سمورا ماڻهو اهو پروڙي ۽ پرکي وٺن ۽ ان لاءِ ته پارٽيءَ ۾ اهي ئي ماڻهو شامل ٿين جيڪي بورجوازي جي غلاميءَ جي ڳٽ کان سمورن پورهيتن جي ڇوٽڪاري لاءِ واقعي وڙهڻ گهرن ٿا. ۽ جيڪي سمجهن ٿا ته هن لڙائي لاءِ کين متحد ٿيڻ گهرجي ۽ لڙائي ڪيئن ڪئي وڃي. ان کان سواءِ سوشل ڊيموڪريٽن جو اهو ويساهه آهي ته انهن جي پنهنجي پروگرام ۾ سادن لکيل لفظن ۾ چڱي طرح اها ڳالهه سمجهائي ڇڏڻ گهرجي ته پورهيت عوام جي غريبي ۽ مصيبتن جا سبب ڪهڙا آهن ۽ مزدورن جو اتحاد وڌي ويجهي ڇو رهيو آهي ۽ اڳ کان وڌيڪ مضبوط ڇو ٿي رهيو آهي. اهو چئي ڇڏڻ ڪافي ناهي ته زندگي سخت ٿي ويئي آهي ۽ پوءِ نعرو هڻو انقلاب آڻيو. اهو ته هر مجمعه باز ڪري سگهي ٿو. پر ان مان ڪو فائدو نٿو ٿئي. پورهيت عوام کي صاف طور تي سمجهڻ گهرجي ته هو اهڙي مصيبت واري زندگي ڇو گذاري رهيو آهي ۽ پنهنجي پاڻ کي ان اڻ هوند مان جند ڇڏائڻ لاءِ وڙهڻ واسطي ڪنهن سان اتحاد ڪرڻ گهرجي.

اسان اڳ ئي ٻڌائي آيا آهيون ته سوشل ڊيموڪريٽ ڇا ٿا چاهين پورهيت عوام جي اڻ هوند ۽ غريبي جا سبب اسان سمجهائي چڪا آهيون. اسان اهو به ٻڌايو آهي ته ڳوٺن جي غريبن کي ڪنهن سان وڙهڻ گهرجي ۽ هن لڙائيءَ ۾ ڪنهن سان کين اتحاد ڪرڻ گهرجي.

هاڻ اسان اهو سمجهنداسين ته اهي ڪهڙا سڌارا آهن جن لاءِ وڙهي اسان اِهي فوري طور حاصل ڪري سگهون ٿا، مزدورن جي زندگي ۾ توڙي هارين جي زندگي ۾.

 


5- سوشل ڊيموڪريٽ ڪهڙن سڌارن لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهن.

سمورن پورهيتن کي هر قسم جي ڦرلٽ پرماريت، ظلم ۽ بي انصافي کان نجات ڏيارڻ لاءِ سوشل ڊيموڪريٽ جدوجهد ڪري رهيا آهن. آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ مزدور طبقي کي سڀ کان پهرين متحد ٿيڻ گهرجي ۽ متحد ٿيڻ لاءِ کيس اتحاد ڪرڻ جي آزادي هئڻ گهرجي. کيس متحد ٿيڻ جو حق هئڻ گهرجي. کيس سياسي آزادي حاصل هجي. اسان اڳ ئي ٻڌائي آيا آهيون ته آپيشاهي حڪومت جي معنيٰ آهي ڪامورن ۽ پوليس تي جاگيردارانه انحصار، انهيءَ ڪري سياسي آزادي جي سواءِ ڳاڻ ڳڻين درٻارين، ٿورن زردارن چڱن مڙسن جي جن جي درٻار ۾ هلندي پڄندي آهي. سڄي عوام کي ضرورت آهي پر سياسي آزادي جي ضرورت سڀ کان وڌيڪ مزدورن ۽ هارين کي آهي. ڪامورن ۽ پوليس جي ظلم ۽ من موجي مزاج مان مالدار پنهنجي آزادي خريد ڪري سگهن ٿا. مالدار پنهنجي شڪايتن جي شنوائي وڏين وڏين جاين تي ڪرائي سگهن ٿا. اهوئي سبب آهي جو پوليس ۽ ڪامورا غريبن جي ڀيٽ ۾ مالدارن جي معاملي ۾ هٿ چراند گهٽ ڪن ٿا. مزدورن ۽ هارين وٽ پئسو پنجڙ ٿئي ڪونه، جنهن مان پوليس يا ڪامورن کي رشوتون کارائن ڪو اهڙو نه هوندو آهي جنهن کي پنهنجون شڪايتون کڻي اچي ٻڌائين. سندس حالت اهڙي نه هوندي آهي جو عدالت ۾ انهن جي خلاف ڪيس هلائين جيستائين چونڊيل حڪومت نه هوندي، جيستائين نمائندن جي ڪا قومي اسيمبلي نه هوندي تيستائين مزدورن ۽ هارين کي پوليس ۽ ڪامورن جي هٿان ظلم ۽ ستم پئسا زوري هضم ڪرڻ يا پنهنجو پٽڪو لهرائڻ کان ڪڏهن به نجات حاصل نه ٿيندي، نمائندن جي صرف اهڙي قومي اسيمبلي ئي ماڻهن کي اهڙي ڪامراشاهي جي انحصار کان آزادي ڏياري سگهي ٿي. هر عقلمند هاري کي سوشل ڊيموڪريٽن جي حمايت ڪرڻ گهرجي جيڪو زار شاهي حڪومت کان سڀ کان پهرين اهو مطالبو ڪن ٿا ته نمائندن جي قومي اسيمبلي سڏائي وڃي ۽ نمائندن جي چونڊ سڀني کي ڪرڻ گهرجي. ڪنهن جي سماجي جاگير جو لحاظ ڪرڻ کان سواءِ اميري ۽ غريبي جو لحاظ ڪرڻ بنا چونڊ آزادانه ٿيڻ گهرجي. ڪامورن جي ڪنهن قسم جي مداخلت کان سواءِ انهن کي عوام جي نمائندن جي نگراني ۾ هئڻ گهرجي. پوليس ڪامورن جي يا علاقائي حاڪمن جي نگراني ۾ نه. اهڙين حالتن ۾ سمورن ماڻهن جي نمائندگي ڪندڙ عوام جي سمورين گهرجن تي بحث مباحثو ڪري سگهندا ۽ ملڪ ۾ وڌيڪ سٺيون حالتون پيدا ڪري وٺندا.

سوشل ڊيموڪريٽن جي گهر آهي ته پوليس کي ڪيس هلائڻ کان سواءِ قيد ڪرڻ جو اختيار نه هجي ڪنهن کي من ماني ڪري گرفتار ڪندڙ ڪاموري کي سخت سزا ملڻ گهرجي. ڪامورا قانون جي ڀڃڪڙي نه ڪن. انهي ڪري انهن جي چونڊ ماڻهن کي ڪرڻ گهرجي ۽ هر هڪ کي حق حاصل هئڻ گهرجي ته هو ڪنهن کليل ڪورٽ ۾ وڃي ڪنهن ڪاموري جي خلاف شڪايت ڪري سگهي. پوليس جي خلاف علائقي جي حاڪم يا علائقي جي حاڪم جي خلاف گورنر وٽ شڪايت ڪرڻ جو ڪهڙو فائدو؟ علائقي جو حاڪم ظاهر آهي ته هميشہ پوليس کي بچائيندو ۽ گورنر هميشہ علائقي جي حاڪم کي ۽ گهڻو ڪري اميد اهائي هوندي آهي ته خود شڪايت ڪندڙ کي ئي ڪٿي سزا نه ملي وڃي. جيل نه اماڻي ڇڏينس يا ملڪ نيڪالي ڏيئي سائيبيريا نه موڪلينس- ڪامورن کي فقط تڏهن قابو ۾ رکي سگهجي ٿو جڏهن روس ۾ (جيئن ٻين ملڪن ۾ ٿئي ٿو) هر هڪ کي اهو حق هجي ته هو قومي اسيمبلي ۾ شڪايت ڪري سگهي، چونڊن ذريعي قائم ٿيل عدالتن ۾ پنهنجي گهرجن بابت آزادي سان ڳالهائڻ جو حق هجي ان بابت اخبارن ۾ لکڻ جو حق هجي.

روسي عوام اڃا تائين ڪامورن جي جاگيردار نه غلامي ۾ آهن، ڪامورن جي اجازت کان سواءِ ماڻهو جلسو نٿا ڪري سگهن اخبار ۽ ڪتاب ڇاپي نٿا سگهن ڇا اها جاگيردارانه غلامي نه آهي، جيڪڏهن جلسا آزاديءَ سان نٿا ڪري سگهجن يا ڪتاب آزاديءَ سان ڇاپي نٿا سگهجن ته ڪامورن ۽ اميرن جي زيادتين خلاف انصاف ڪو ڪيئن حاصل ڪري سگهي ٿو؟ ڪامورا ته بنهه هر ان ڪتاب کي هر ان ٻول کي جيڪو عوام جي غريبيءَ بابت سچي ڳالهه ڪندو هجي دٻائي ڇڏين ٿا. هن ڪتابڙي کي به سوشل ڊيموڪريٽي پارٽي کي خفيه طور ڇپائڻو ۽ ورهائڻو پيو پوي. جنهن وٽ هي ڪتاب هٿ ايندو ان جا عدالتن ۽ جيلن جا چڪر ڪڏهن ختم نه ٿيندا، پر سوشل ڊيموڪريٽي ڪارڪن ان کان ڊڄن نٿا. اهي پاڻان وڌيڪ ڪتابڙا ڇپائن ٿا ۽ ماڻهن کي سچيون ڳالهيون اڃا وڌيڪ پڙهڻ لاءِ ڏين ٿا ۽ عوام جي آزادي جي لڙائيءَ کي ڪو جيل ڪا تڪليف روڪي نٿي سگهي.

سوشل ڊيموڪريٽ گهر ڪن ٿا ته سماجي درجي بندي کي ختم ڪيو وڃي ۽ رياست جي سمورن شهرين کي هڪ جهڙا حق ڏنا وڃن. اڄ اسان وٽ ناڪو ڏيندڙ ۽ ناڪو نه ڏيندڙ جاگيرون آهن خاص حق رکندڙ ۽ خاص حق نه رکندڙ جاگيرون آهن. وڏ گهراڻن جي رت جو رشتو ۽ عام ماڻهو آهن. اڃا تائين جسماني سزا سهڻ لاءِ به عام ماڻهو ئي آهن. مزدور ۽ هاري ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ ايترا ذليل ۽ خوار نه آهن، روس کان سواءِ ٻيو ڪو اهڙو ملڪ نه آهي جتي الڳ الڳ سماجي درجن لاءِ الڳ الڳ قانون هجن. وقت اچي ويو آهي جو روسي عوام به مطالبو ڪري ته هر هاري کي اهي سمورا حق ملڻ گهرجن جيڪي رئيسن جي خاندانن کي مليل آهن. ڇا اها ذلت جي ڳالهه ناهي جو ڦٽڪن جو رواج اڄ به باقي آهي. ناڪو ڀريندڙ جاگيردارن زر خريد غلامن جي نظام جي 40 سالن کان وڌيڪ عرصي گذرڻ بعد به باقي آهن.

سوشل ڊيموڪريٽن جي گهر آهي ته ماڻهن کي پوري آزادي هئڻ گهرجي ته اهي جتي چاهين وڃي سگهن ۽ جيڪو ڌنڌو چاهين اختيار ڪن. اچ وڃ تي آزادي جو ڇا مطلب آهي؟ ان جو مطلب اهو آهي ته هاريءَ کي آزادي هجي ته هو جتي وڻيس وڃي، جتي آباد ٿيڻ چاهي وڃي رهي ۽ پنهنجي پسند مان وڻيس ته ڳوٺ ۾ رهي يا شهر ۾، کيس ڪنهن جي اجازت وٺڻ جي ضرورت نه پوي. ان جو مطلب اهو آهي ته روس ۾ به پاسپورٽ ختم ڪرڻ گهرجي (ٻين ملڪن ۾ گهڻو عرصو ٿيو جو پاسپورٽ ختم ڪيا ويا هئا) ۽ اهو ته ڪنهن پوليس عملدار کي ڪنهن حاڪم کي ان ڳالهه جي اجازت نه هجي ته هو ڪنهن هاري کي سندس پسند جي جاءِ تي ورسڻ، ڪم ڪرڻ کان منع ڪري. روسي هاري هاڻ به روسي ڪامورن جو ايترو غلام آهي جو کيس شهر ۾ وڃڻ جي يا ڪنهن نئين ضلعي ۾ وڃي آباد ٿيڻ جي آزادي نه آهي. وزير حڪم ٿو جاري ڪري ته گورنرن کي بنا اجازت نئين بستي وسائڻ نه ڏيڻ گهرجي. هاريءَ لاءِ ڪهڙو هنڌ سٺو آهي. تنهن جي خبر هاريءَ کان وڌيڪ گورنر کي هوندي آهي! هاري ننڍو ٻار آهي ۽ کيس حاڪمن جي اجازت کان سواءِ ڪٿي اچڻ وڃڻ جي همت نه ڪرڻ گهرجي! ڇا اها جاگيردارانه غلامي آهي؟ ڇا اها عوام جي بي عزتي ناهي جو هر بدچلن رئيس کي اجازت ڏني وڃي ته هو وڏن پوڙهن هارين تي ويٺو حڪم هلائي؟

موجوده زراعت واري وزير مسٽر پرمولوف هڪ ڪتاب ”خراب فصل ۽ عوام جي مصيبت“ ڏڪار تي لکيو. هن ڪتاب ۾ کليو کلايو چيو ويو آهي ته هاريءَ کي تيستائين پنهنجي رهائش نه بدلائڻ گهرجي جيستائين ڀوتار سائين زميندار کي ڪم ڪرڻ وارن جي ضرورت هجي. وزير صاحب صاف صاف بنا ڪنهن هٻڪ جي چيو آهي. سندس خيال آهي ته هو جيڪا ڳالهه چئي رهيو آهي سا ڪو هاري ٻڌندو ئي ڪونه سمجهندو ئي ڪونه، ماڻهن کي تڏهن وڃڻ جي اجازت ڇو ڏني وڃي جڏهن زميندارن کي سستي اجرت تي مزدورن جي ضرورت آهي؟ زمين تي ماڻهن جي پيها پيهي (Rush) وڌيڪ هوندي اوترو ئي زميندار لاءِ چڱو آهي. هاري ايترائي وڌيڪ غريب ٿيندا انهن کي اوترو ئي وڌيڪ سستي مزدوري تي ڪم تي لڳائي سگهبو ۽ هر طرح جي ظلم کي هو اوترو ئي وڌيڪ مٿو نوائي برداشت ڪندا. اڳ زميندارن جي فائدي جي نگراني سندن ڪمدار ڪندا هئا، هاڻ اهو ڪم علائقي جو حاڪم ۽ گورنر ئي ڪري ٿو. اڳ هارين کي تنبن ۾ وٺي وڃي ڦٽڪن هڻڻ جو حڪم ڪمدار ڏيندا هئا پر هاڻ وولوسٽ جي آفيس ۾ حاڪم ڦٽڪا هڻڻ جي سزا ٻڌائيندو آهي.

سوشل ڊيموڪريٽن جي گهر آهي ته مستقل فوج ختم ڪئي وڃي ۽ ان جي بدران عوام کي هٿيار ڏنا وڃن. اهڙي طرح سمورن ماڻهن کي هٿياربند ڪيو وڃي. مستقل فوج هڪ اهڙي فوج هوندي آهي جيڪا عوام سان ڪو تعلق نٿي رکي ۽ جنهن کي ماڻهن تي گولي هلائڻ جي سکيا ڏني وڃي، جيڪڏهن فوجن کي وڙهڻ تائين بئرڪن ۾ بند ڪري نه رکيو وڃي ها ۽ اتي کائنس بي رحمي سان پئريڊ نه ڪرائي وڃي ته ڇا هو پنهنجن ڀائرن تي، مزدورن ۽ هارين تي گولي هلائڻ لاءِ ڪڏهن راضي ٿئي ها! ڇا هو بکين مرندڙ هارين تي الر ڪري اچي ها؟ ڪنهن دشمن جي حملي کان ملڪ کي بچائڻ مستقل لاءِ فوج جي بنهن ذرو به ضرورت نه آهي. هٿياربند عوام ڪافي آهي. جيڪڏهن هر شهريءَ کي هٿياربند ڪيو وڃي ته روس کي ڪنهن دشمن کان بچڻ نه گهرجي ۽ ماڻهو عسڪريت جي بار کان بچي پوندا. عسڪريت جو خرچ ڪروڙين روبل ساليانو اچي ٿو ۽ اها سموري رقم عام ماڻهن کان اُڳاڙي گڏ ڪئي وڃي ٿي. اهوئي سبب آهي جو ٽيڪس ايترا ڳرا آهن ۽ اهوئي سبب آهي جو زندگي گذارڻ ڏينهون ڏينهن وڌيڪ مشڪل  ٿيندو پيو وڃي، عسڪريت عوام تي ڪامورن ۽ پوليس جي اختيار کي هيڪاري وڌائي ڇڏي ٿي. عسڪريت جي ضرورت ٻين قومن کي ڦرڻ لاءِ مثال طور چينين کان زمين کسڻ لاءِ هوندي آهي. ان سان ماڻهن جو بار نٿو گهٽجي پر پاڻان ان جي ابتڙ وڌي وڃي ٿو. ڇاڪاڻ ته ٽيڪس وڌي وڃن ٿا. مستقل فوج جي جاءِ تي هٿيار بند قوم کي ڏيڻ سان سمورن مزدورن ۽ هارين جي باد ۾ زبردست ڪمي ٿي ويندي.

اهڙي طرح اڻ سڌي ٽيڪس لڳائڻ جو رواج ختم ڪرڻ سان جنهن جو مطالبو سوشل ڊيموڪريٽ ڪن ٿا عوام کي زبردست مدد ملندي. اڻ سڌا ٽيڪس اهي ٽيڪس آهن جيڪي زمين يا گهر تي نٿا لڳايا وڃن پر جن کي ماڻهو ڪنهن ٻي شيءِ جي واسطي ڀرين ٿا، اهي جيڪي شيون خريد ڪن ٿا تن جا اگهه ادا ڪن ٿا. خزانو بچندو ائين آهي ته کنڊ، ووڊڪا، گاسليٽ، ماچيس ۽ عام واهپي جي هر شيءِ تي ٽيڪس لڳائي ڇڏي ٿو. خزاني کي ٽيڪس سوداگر يا ڪارخاني جا مالڪ ڀري ڏين ٿا، پر ظاهر آهي ته هو خود پنهنجي کيسي مان نٿا ڀرين پر انهي پئسن مان جيڪي هو ان جا گراهڪ کيس ڏين ٿا، ووڊڪا، کنڊ، گاسليٽ ۽ ماچيس جي قيمت وڌائي وڃي ٿي ۽ ووڊڪا جي هڪ بوتل، کنڊ جي هڪ پائونڊ خريد ڪندڙ کي مال جي قيمت کان علاوه ٽيڪس به ڀرڻو پوي ٿو. مثال طور جيڪڏهن توهان فرض ڪريو ته هڪ پائونڊ کنڊ جي قيمت 14 ڪوپيڪ ڏيو ٿا ته ان ۾ (اٽڪل) چار ڪوپيڪ ٽيڪس هوندو آهي. کنڊ جي ڪارخاني جو مالڪ اهو ٽيڪس خزاني ۾ اڳ پياري چڪو آهي ۽ هاڻ جيڪا رقم هن ڀري آهي پنهنجي هر گراهڪ کان وٺي رهيو آهي. اهڙي طرح اڻ سڌا ٽيڪس عام واجبي شين تي لڳايل ٽيڪس هوندا آهن، اهي ٽيڪس جيڪي انهن شين کي استعمال ڪندڙ خريد ڪرڻ وقت مهانگن اگهن جي شڪل ۾ ادا ڪري ٿو. ڪڏهن ڪڏهن چيو وڃي ٿو ته اڻ سڌا ٽيڪس لڳائڻ جو سڀ کان وڌيڪ انصاف ڀريو طريقو هوندو آهي. جيڪو جيتري تعداد ۾ خريداري ڪندو، هو اوتروئي ٽيڪس ڀريندو. پر سچي پچي ائين نه آهي!  اڻ سڌا ٽيڪس، ٽيڪس لڳائڻ جو سڀ کان وڌيڪ بي انصافي وارو طريقو آهي، ڇاڪاڻ ته غريب لاءِ اڻ سڌا ٽيڪس ڀرڻ مالدار جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڏکيو آهي. مالدار ماڻهو جي آمدني ڪنهن هاري يا مزدور جي ڪمائي جي ڀيٽ ۾ ڏهوڻي يا شايد سئوڻي هوندي. پر ڇا مالدار ماڻهو کي سئوڻي وڌيڪ کنڊ کپي يا ڏهوڻي وڌيڪ ووڊڪا کپي يا ماچيس يا گاسليٽ وڌيڪ گهرجي؟ ظاهر آهي ته نه! مالدار ڪٽنب، غريب ڪٽنب جي ڀيٽ ۾ گاسليٽ، ووڊڪا يا کنڊ ٻئي يا وڌ ۾ وڌ ٽيئي وڌيڪ خريد ڪندو هوندو پر ان جي معنيٰ اها آهي ته ڀيٽ ڪئي وڃي ته مالدار ماڻهو، غريب ماڻهو جي ڀيٽ ۾ پنهنجي آمدني جو گهٽ حصو ادا ڪري ٿو. فرض ڪريو ته هو سٺ روبل جون اهڙيون شيون خريد ڪري ٿو جن تي ٽيڪس لڳايو ويو آهي ۽ جيڪي ان جي نتيجي ۾ اڳي کان مهانگيون ٿي ويون آهن (کنڊ، ماچيس، گاسليٽ تي ٽيڪس ايڪسائيز ڊيوٽي سڏجي ٿو. يعني منڊي ۾ مال موڪلڻ کان اڳ ڪارخانيدار ان جو محصول ڀري ڇڏي ٿو. ووڊڪا جي سلسلي ۾ رياستي هڪ هٽي آهي، خزانو رڳو ايترو ڪري ٿو ته اگهه وڌائي ڇڏي ٿو. سوٽي ڪپڙي وارو سامان لوهه جون ٻيون شيون انهي ڪري مهانگيون ٿي وڃن ٿيون جو سستي پرڏيهي مال کي روس ۾ تيستائين اچڻ نٿو ڏنو وڃي جيستائين ان تي ڳرو محصول ادا نه ڪيو ويو هجي. سٺ روبل جي هن رقم ۾ ويهه روبل ٽيڪس جا هوندا آهن. اهڙيءَ طرح پنهنجي هر روبل تي غريب هاري کي اڻ سڌي ٽيڪس جي شڪل ۾ ڏهه ڪوپيڪ ڀرڻا پون ٿا (ان ۾ سڌو ٽيڪس، زمين جي معاوضي جي قسط، نذرانو، ڍل، زيستوو، وولوسٽ ۽ ڳوٺ جي محصول وارا ناڪا شامل نه آهن. مالدار هاري جي آمدني هڪ هزار روبل هوندي آهي، هو ڏيڍ روبل جو اهو مال خريد ڪندو جنهن تي ٽيڪس لاڳو آهي ۽ ٽيڪس جي شڪل ۾ 50 روبل ادا ڪندو هجي. انهن ڏيڍ روبل ۾ شامل آهن. اهڙي طرح پنهنجي آمدني جي هر روبل مان مالدار هاري صرف پنج ڪوپڪ اڻ سڌي ٽيڪس جي شڪل ۾ ادا ڪري ٿو. ماڻهو جيترو وڌيڪ مالدار هوندو، اڻ سڌن ٽيڪسن جي شڪل ۾ پنهنجي آمدني جو جيڪو حصو هو ادا ڪندو سو اوتروئي گهٽ ٿيندو. انهيءَ ڪري اڻ سڌا ٽيڪس لڳائڻ جو طريقو ٽيڪس لڳائڻ جو سڀ کان وڌيڪ بي انصافي وارو طريقو آهي. اڻ سڌو ٽيڪس غريبن تي لڳندڙ ٽيڪس هوندو آهي، هاري ۽ مزدور ملائي آبادي جي ڏهن مان نون حصن مان اٺ يا نو حصا ادا ڪن ٿا. ۽ وڌيڪ امڪان اهو آهي ته هارين ۽ مزدورن جي آمدني سڄي قومي آمدني جي ڏهن حصن مان 4 کان وڌيڪ جي برابر نه ٿيندي! ته سوشل ڊيموڪريٽ مطالبو ٿا ڪن ته اڻ سڌا ٽيڪس ختم ڪيا وڃن. ان جي معنيٰ اها ته آمدني جيتري وڌيڪ هجي ٽيڪس به اوترو وڌيڪ لڳندو. جن جي آمدني هڪ هزار روبل هوندي ته هو في روبل هڪ ڪوپڪ ادا ڪندو. جيڪڏهن آمدني ٻه هزار روبل هوندي ته ٽيڪس ٻه ڪوپڪ في روبل ادا ڪيو ويندو ۽ اهڙي طرح سان اڳتي سڀ کان گهٽ (ائين کڻي وٺو ته چار سؤ روبل کان گهٽ) آمدني وارا ڪوبه ٽيڪس ادا نه ڪن، سڀ کان مالدار سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس ادا ڪن. اهڙي قسم جو ٽيڪس آمدني جو ٽيڪس آمدني جو درجيوار ٽيڪس، اڻ سڌن ٽيڪسن جي ڀيٽ ۾ گهڻو انصاف وارو ٿيندو ۽ اهوئي سبب آهي جو سوشل ڊيموڪريٽ ڪوشش ڪري رهيا آهن ته اڻ سڌي ٽيڪس جو خاتمو ڪرائين ۽ آمدني جو درجيوار ٽيڪس لڳائين. ڳالهه ظاهر آهي ته جائداد جا سمورا مالڪ ۽ سڀني بورجوازي انهيءَ قدم تي اعتراض ڪن ٿا، ۽ ان جي مخالفت ڪن ٿا. ڳوٺن جي غريبن ۽ شهري مزدورن جي وچ ۾ مضبوط عملي اتحاد ئي بورجوازي سان اهو سڌارو کٽي سگهي ٿو.


* روس ۾ اهڙا سادا ماڻهو جيڪي هارين جو ڀلو گهرن ٿا ليڪن جيڪي گهڙي گهڙي اهڙي قسم جون مٺيون مٺيون ڳالهيون شروع ڪن ٿا. ”نرود نيڪ“ [12] يا ننڍي پيماني تي پوک جا طرفدار ڪوٺجن ٿا. سوشلسٽ انقلابي ڄاڻ ۽ سمجهه جي ڪمي جي ڪري انهن جي نقش قدم تي هلن ٿا. جرمني ۾ به ڪيترا اهڙا لٻاڙي آهن، انهن مان هڪ ايڊورڊ ڊيوڊ هڪ چڱو خاصو وڏو ڪتاب لکيو آهي جنهن ۾ چيو اٿس ته ننڍيون ننڍيون ٻنيون وڏين ٻنين جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻو نفعو ڏيندڙ آهن. ڇاڪاڻ ته ننڍو هاري روڪ پئسو بي ضرورتو خرچ نٿو ڪري. کيڙي لاءِ گهوڙو نٿو پالي ۽ هر هلائڻ لاءِ کير ڏيندڙ ڍڳيءَ کي ڪم آڻڻ تي ئي اطمينان ڪري وٺي ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org

 

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org