سيڪشن؛  سياسيات

ڪتاب: تحريڪ پاڪستان

۾ سنڌ جو حصو

باب: 2

صفحو : 3

 

باب ٻيو

آل انڊيا سياسي جماعتون ۽ سنڌ

اڻويهين صديءَ ۾ ڪيتريون ئي سياسي پارٽيون هندستان اندر وجود ۾ آيون. انهن جا مقصد ۽ مول متا اهي ئي هئا ته هندستان ۾ خودمختياري جو حق وٺجي، هڪ ٻئي جي پٺيان فرقه وارانه جماعتون مذهبي بنياد تي ٺاهيون ويون. سڀني سياسي پارٽين، وقت به وقت پنهنجي مقصدن ۽ قاعدن ۾ ڦيرڦار پئي ڪئي. ڪل هندستان سطح تي جيڪي به سياسي پارٽيون هيون، انهن گهڻو ڪري ملڪ جي آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪئي. جهڙوڪ آل انڊيا ڪانگريس پارٽي ۽ آل انڊيا مسلم ليگ، اهي جماعتون گهڻو ڪري مذهبي بنياد تي ٺاهيون ويون هيون. جهڙوڪ، هندو مهاسڀا، خلافت ڪاميٽي، جمعيت العلماءَ هند ۽ خاڪسار پارٽي.

سنڌ به آل انڊيا سياسي جماعتن ۾ شامل رهي، هر پارٽيءَ جون برانچون سنڌ ۾ به قائم ٿيون، جيڪا به هندستان ۾ تحريڪ هلي، تنهن سنڌ تي اثر پئي وڌو، سنڌ هر تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو، چاهي اها تحريڪ ڪنهن به جماعت طرفان هلائي ويئي هجي، انهن ۾ مسلم ليگ، ڪانگريس، خلافت ڪاميٽي، جمعيت العلماءَ هند، يا خاڪسار جماعت وغيره شامل هيون. سنڌ هر جدوجهد ۾ ڀرپور حصو ورتو. هندستان ۾ قائم ڪيل سياسي جماعتون،جن جا مرڪز گهڻو ڪري دهلي، بمبئي ۽ لکنو ۾ هئا، تن ۾ سنڌ جي ماڻهن دلچسپي پئي ورتي. بمبئي ۽ دهلي خاص طور هندستان جي سياست جو مرڪز رهيا، ڪانگريس طرفان هلايل ”هوم رول ليگ“، ”هندستان خالي ڪريو.“ ”لوڻ تحريڪ“، انهن تحريڪن ۾ سنڌ وڏو ڪردار ادا ڪيو.  مسلمانن جي طرفان هلايل خلافت تحريڪ، ان ۾ به سنڌ، هندستان جي ٻين صوبن کان وڌيڪ ڪردار ادا ڪيو خلافت تحريڪ جي فنڊ ۾ وڌ ۾ وڌ چندو سنڌ مان وصول ڪيو ويو. هجرت تحريڪ ۾ سنڌي مسلمان بي گهر ٿيا، جيڪي به سنڌ جي ڌرتيءَ کي الوداع چئي هجرت ڪري ويا، سي دربدر ٿي نهايت ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ گذاري ويا. هزارن جي تعداد ۾ سنڌين پنهنجي سون ورني ڌرتي ڇڏي، مال ملڪيت نيلام ڪري افغانستان ڏانهن هجرت ڪئي، مگر مرڪزي جماعت وارن علائقن مان ڪو به مسلمان هجرت ڪري نه ويو. سنڌ ۾ مذهبي تعليم جو جذبو هو، هر مذهبي مسئلي تي سنڌ جا مسلمان قربان ٿيا. هندستان ۾ هندن جون جماعتون، جيڪي به وجود ۾ آيون، تن سڀني جا مرڪز سنڌ کان ٻاهر هئا.

جڏهن به مرڪز جي طرفان اعلان ڪيو ويو، تڏهن سنڌ جو عوام اڳتي ٿي وڌيو.پوءِ اها تحريڪ هجي يا ٻيو ڪو به مسئلو هجي، سنڌ جي هندوءَ ۽ مسلمان کي قربانيءَ جو ٻڪرو بڻايوويو. ڪنهن به سياسي جماعت سان جيڪڏهن سنڌ ساٿ نه ڏيئي ها ته هر سياسي پارٽيءَ جي هلايل تحريڪ ناڪام ٿئي ها. هر تحريڪ ۾ سنڌ جو سرويچ سنڌي اڳڀرو رهيو.

آل انڊيا ڪانگريس پارٽي

”آل انڊيا ڪانگريس پارٽي مسٽر اي . او. هيوم. A. O. Hume سنه 1885ع ۾ قائم ڪئي. پر ڪجهه وقت بعد هن پارٽي طريقه ڪار ۾ تبديلي آڻي، مقامي خود حڪومت جو مطالبو ڪرڻ شروع ڪيو. سنه 1920ع جي بعد ڪانگريس ملڪ جي آزاديءَ لاءِ ”هندوستان خالي ڪريو.“ جي نعري سان تحريڪ هلائي.“ [1] هن پارٽيءَ جو مقصد هو ته انگريزن کي ملڪ مان ڪڍي، هندستان کي آزاد ۽ خودمختيار ملڪ بڻائجي.

سنڌ ڪانگريس پارٽي

آل انڊيا ڪانگيس پارٽي جي برانچ سنڌ ۾ کولي ويئي، جنهن کي سنڌ ڪانگريس پارٽي سڏيو ويو. ”سنه 1913ع ڪراچيءَ ۾ آل انڊيا نيشنل ڪانگريس جو اجلاس ٿيو، پر ان اجلاس جي ٿيڻ ڪري ڪا خاص سياسي سجاڳي صوبي اندر پيدا نه ٿي. سنڌ ۾ ڪانگريس ڪاميٽيون ان وقت وجود ۾ نه آيون هيون. ان ڪري سنه 1915ع ۾ ڪن ماڻهن صلاح ڪئي ته ڪا ڪاميٽي ٺاهجي جا مقامي توڙي ملڪي مسئلن تي ويچار ڪري ڏک ۽ تڪليفون دور ڪري. انهيءَ مقصد سان ڪراچيءَ ۾ سٽيزن ايسوسيئيشن (ننگر واسي منڊلي) جي نالي سان هڪ ڪاميٽي وجود ۾ آئي. انهيءَ تحريڪ جا بانيڪار سيٺ هرچند راءِ جيرامداس، درگداس آڏواڻي، جيڪي ڪراچيءَ جا هئا ۽ رئيس غلام محمد ڀرڳڙي، سنتداس منگهارام، گوپالداس، جهمٽ مل، ڪرمچند، گرمداس ۽ جهمٽ مل پراسرام حيدرآباد ۾ تحريڪ جا بانيڪار هئا.“ [2]

1920ع ۾ سنڌ ڪانگريس پارٽي بڻائي ويئي، ان جا هيٺيان عهديدار هئا

صدر: ڊاڪٽر چوئٿرام

نائب صدر: سرسوتي ديوي

سيڪريٽري: قاضي عبدالرحمان

جوائنٽ سيڪريٽري:جيرامداس“ [1]

سنڌ ڪانگريس پارٽيءَ جو الحاق آل انڊيا ڪانگريس پارٽيءَ سان هو، هن پارٽيءَ جي پاليسي ۽ مقصد آل انڊيا ڪانگريس پارٽيءَ وارا هئا، ڪجهه مسلمان شروعات ۾ ڪانگريس پارٽيءَ سان شامل رهيا ۽ جڏهن  مسلم ليگ پارٽيءَ جو زور ٿيو، تڏهن مسلمان، ڪانگريس جماعت  کي ڇڏيندا ويا. پر انهيءَ هوندي به ڪيترائي مسلمان ليڊر ڪانگريس ۾ شامل رهيا.

آل انڊيا هندو مهاسڀا

هي جماعت هندو ڪٽر  فرقيپرست جماعت هئي. هن جماعت جي شاخ سنڌ ۾ به قائم ڪئي ويئي هئي. ”سال 1900ع ۾ هندو فرقي پرستن جو اجلاس مهاراجا درڀنگا جي صدارت هيٺ دهليءَ ۾ منعقد ٿيو. ان وقت پارٽيءَ جو نالو ”مها منڊل“ هو. جڏهن ”مها منڊل“ جو اجلاس 1907ع ۾ لاهور ۾ منعقد ٿيو، تڏهن ان جو نالو بدلائي مهاسڀا رکيو ويو، هن پارٽيءَ جو مقصد هندن جي حقن جي حفاظت ڪرڻ هو. هي پارٽي فرقيپرستيءَ  جي بنياد تي ٺاهي ويئي هئي، سنڌ ۾ هندو مهاسڀا جي جماعت ويرو مل بيگراجه قائم ڪئي ۽ سنڌ هندو مهاسڀا جو آخري صدر ڊاڪٽر شيام پرشاد مڪرجي هو.“ [2]

 

جميعت العلماءَ هندو

ديوبند جي عالمن گهڻي وقت کان ملڪ جي آزادي جي تحريڪن ۾ حصو پئي ورتو هو.  ديوبند جي صدر مولانا محمود الحسن انهن تحريڪن ۾ خاص دلچسپي وٺندو هو. هن پنهنجي شاگردن منجهه انگريز حڪومت جي خلاف جوش ۽ جذبو پيدا ڪيو. مولانا عبيدالله سنڌيءَ کي افغانستان ۾ ملڪ جي آزاديءَ لاءِ انقلابي تحريڪ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ موڪليائين. جڏهن خلافت تحريڪ هندستان ۾ شروع ٿي، تڏهن ملڪ جي عالمن هن تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو هو.  تاريخ 23 نومبر 1919ع ۾ دهلي ۾ جڏهن خلافت ڪاميٽيءَ جو پهريون اجلاس مولوي فضل حق جي صدارت هيٺ ٿيو، ته ان موقعي تي سڀني آيل عالمن گڏجي هڪ تنظيم قائم ڪئي، جنهن جو نالو جمعيت العلماءَ  هند رکيو ويو. هن جماعت جو پهريون صدر مولانا ڪفايت الله دهلوي ۽ ناظم مولانا احمد سعيد کي چونڊيو ويو.

هي جماعت مسلمان عالمن قائم ڪئي هئي، جنهن جو مقصد هو ته مسلمانن جي مذهبي مسئلن کي حل ڪيو وڃي، ترڪي ۾ خلافت قائم رکجي ۽ دنيا جي مظلوم مسلمانن جي مدد ڪجي. 1920ع ۾ جڏهن خلافت تحريڪ زور سان هلندڙ هئي ته ڪانگريس پارٽيءَ به گانڌي جي سربراهيءَ هيٺ ملڪ جي آزاديءَ لاءِ تحريڪ شروع ڪيئ. ڪانگريس خلافت تحريڪ جي حمايت ڪري مسلمانن جو ساٿ حاصل ڪيو. خلافت ڪاميٽي ۽ جمعيت العلماءَ هند ڪانگريس جي حمايت ڪئي. هندو مسلم جو مثالي اتحاد قائم ٿيو. مسلم ليگ هن تحريڪ کان پري رهي. صرف ٺهراءَ پاس ڪري مطالبو ڪندي رهي پر عمليءَ طرح سان مسلم ليگ خلافت تحريڪ ۾ حصو نه ورتو.

سنڌ جميعت العلماءَ پارٽي:

”جميعت العلماءَ هند“ جي برانچ سنڌ ۾ سال 1920ع ۾ ”سنڌ جمعيت العلماءَ“ پارٽي جي نالي سان قائم ڪئي ويئي. هن جماعت جا هيٺيان عهديدار هئا.

صدر: مولانا حافظ پير محمد هاشم جان مجددي

نائب صدر: مولوي سيد محمد بخش شاهه

نائب صدر: مولانا حاجي غلام علي

سيڪريٽري: مولوي عبدالله احمداڻي

جوائنٽ سيڪريٽري؛ مولوي محمد سعيد  (1)

آل انڊيا خاڪسار پارٽي

”آل انڊيا خاڪسار پارٽي“ سنه 1932ع ۾ علامه عنايت الله مشرقي  قائم ڪئي. هن جماعت جو مقصد هو ته هندستان اندر طاقت جي زور تي اسلامي رياست قائم ڪجي. علامه مشرقي سمجهيو ٿي ته محمد علي جناح هندن کان ناراض ٿي هڪ الڳ ملڪ ٺاهڻ چاهي ٿو، هو نٿو چاهي ته انگريز نڪري وڃن ۽ نڪي اسلامي رياست چاهي ٿو. ”هندستان خالي ڪريو“ جو نعرو، ڪانگريس طرفان اليڪشن کٽڻ لاءِ هنيو وڃي ٿو ۽ مسلم ليگ جي طرفان ”پاڪستان“ جو نعر به اليڪشن کٽڻ لاءِ لڳايو پيو وڃي، اهي ڪنهن به قيمت ۾ صوبن ۾ پنهنجون حڪومتون قائم ڪرڻ چاهين ٿا.  (2) هن جماعت جو زور 1940ع کانپوءِ وڌندو رهيو؛ مگر جڏهن مسلم ليگ جي مقبوليت پاڪستان جي نعري ۾ وڌي ويئي ته هن جماعت جي مقبوليت گهٽجي ويئي، هن جماعت جو خاص نشان بيلچو هو، جيڪو محنت سان گڏ دهشتگرديءَ  جو نشان هو. هن جماعت، انگريز حڪومت سان چڪريون کاڌيون، مگر ناڪام رهي.

سنڌ خاڪسار پارٽي

سنڌ خاڪسار پارٽيءَ جو الحاق آل انڊيا خاڪسار پارٽيءَ سان هو. هن پارٽيءَ جا مقصد ۽ اصول ساڳيا انڊيا خاڪسار پارٽيءَ وارا هئا. ”سنڌ خاڪسار پارٽيءَ“ جا هيٺيان عهديدار هئا.

امير: غلام محمد ڀرڳڙي

سالار:لعل بن يوسف چانڊيو

باز: پير جان محمد ۽ مير نور حسين

حاڪم اعليٰ: مير علي احمد ٽالپر

نائب حاڪم اعليٰ:  مير حاجي غلام حسين، علي اڪبر ڪلهوڙو، مير محمد خان ۽ لعل بن يوسف چانڊيو.

سنڌ خاڪسار اعليٰ: يوسف هارون، جي ايم سيد ۽ پير الاهي بخش.

سنڌ خاڪسار جا بنيادي ميمبر

ڪراچي: محمد هاشم گذدر، حاڪم خان افغاني، هارون رشيد، حشمت الله انبالوي، سيد بچل شاهه ٺٽو.

حيدرآباد: خير محمد نظاماڻي، سيد بچل شاهه، احمد شير راجپوت، غلام محمد شاهواڻي، قاضي محمد اڪبر ۽ ڊاڪٽر ضياءُ الدين.

نوابشاهه: حمزه خان قريشي، الله وڀايو ميمڻ، مولوي محمد معاذ، قاضي فيض محمد وڪيل، مير محمد خشڪ، عبدالڪريم ميمڻ.

ٿرپارڪر:  مير علي بخش ٽالپر، مير علام حسين ۽ محمد سليمان وڪيل.

دادو:  پير الاهي بخش ۽ چاچا غلام رسول (ڪوٽڙي).

سکر:  شمس الدين شاهه ۽ علي اڪبر ڪلهوڙو (شڪارپور).

جيڪب آباد: مير محمد خان واگهو، الاهي بخش بلوچ، بيگم عبدالرزاق مغل سنڌ خاڪسار عورتن جي اڳواڻ هئي. [1]

خاڪسار جماعت پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ به قائم رهي. اليڪشن ۾ هن جماعت پنهنجا اميدوار بيهاريا، پر کيس ڪاميابي نصيب نه ٿي.

سنڌ محمدن ايسوسيئيشن

تاريخ 16 مارچ 1884ع ۾ حسن علي آفندي ڪراچي ۾ مسلمان زميندارن جي هڪ ميٽنگ سڏائي، جنهن ۾ 63 ماڻهو شريڪ ٿيا. هن ميٽنگ ۾ ”سنڌ محمدن ايسوسيئيشن“ جي نالي سان هڪ جماعت ٺاهي ويئي، جنهن جو صدر حسن علي آفندي ۽ سيڪريٽري الله بخش اٻوجهو کي چونڊيو ويو. [2]  ”هن جماعت جو مقصد هو ته مسلمانن ۾ تعليم سان چاهه پيدا ڪيو وڃي. هن جماعت جون شاخون لاڙڪاڻو، سکر ۽ شڪارپور ۾ قائم ڪيون ويون. [3]

سنڌ مدرسي ۾ هن جماعت پنهنجي آفيس قائم ڪئي ۽ سنڌ جي مسلمانن کي تعليم حاصل ڪرڻ جي ترغيب ڏني، هن دور ۾ هندستان اندر ڪا به سياسي تنظيم ڪا نه هئي، آل انڊيا ڪانگريس پارٽي جي شاخ به سنڌ ۾ تمام دير سان قائم ٿي، جنهن سان سنڌ جي مسلمانن گهٽ دلچسپي ورتي. 1906ع ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جي جماعت قائم ٿي ته سنڌ محمدن ايسوسيئيشن جون همدرديون هن جماعت سان وڌڻ لڳيون، ڇاڪاڻ ته هي خالص مسلمانن جي جماعت هئي. مسلمانن جي بهبودي ۽ ڀلائي لاءِ ٺاهي ويئي هئي. اڳتي هلي سنڌ محمدن ايسوسيئيشن جو الحاق آل انڊيا مسلم ليگ سان ٿي ويو، ۽ هي جماعت سنڌ مسلم ليگ ۾ ضم ٿي ويئي.

آل انڊيا مسلم ليگ

انگريزن جڏهن هندستان تي مڪمل قبضو ڪيو، تڏهن سڀ کان آخر هنن سنڌ تي قبضو ڪيو. انگريزن سنڌ جي مسلمانن کي خاص طور تي پوئتي رکيو. تعليم، صنعت، واپار ۾ حڪومت جي طرفان ڪا به همٿ افزائي نه ٿي، نتيجه طور هندستان جو مسلمان عام طرح ۽ سنڌ جو خاص طرح سياسي  ۽ اقتصادي طور مفلوج ٿي ويو. جڏهن برطانيه هندستان مٿان پوريءَ طرح قبضو ڪيو تڏهن مسلمانن کي نوڪرين تان هٽايو ويو، ۽ انهن جي جاين تي هندن کي حڪومت جي ويو. (1) 1920ع جي انڊيا ڪائونسل ايڪٽ مطابق قانون ساز ڪائونسل ٺاهي ويئي، جنهن ۾ اڌ ميمبر اليڪشن ذريعي چونڊيا ويا ۽ اڌ حڪومت جي طرفان ٿاڦيا ويا. انهيءَ دور ۾ هڪ به مسلمان ڪائونسل ۾ نه چونڊيو ويو. حالانڪه ڪانگريس انڊيا ڪائونسل ايڪٽ مان خوش ڪا نه هئي، ڪيترن هندو اڳواڻن انقلابي طريقو اختيار ڪيو جن ننڍي کنڊ ۾ قومي تحريڪ جي ذريعي عوامي راڄ قائم ڪرڻ ٿي چاهيو. ٻئي طرف مسلمانن جي ڪا به هندستان ۾ بنيادي سياسي تنظيم ڪا نه هئي، جيڪا مسلمانن جي فلاح و بهبود لاءِ ڪم ڪري. انهيءَ مقصد لاءِ ”مسلمان جو هڪ وفد هزهائينس سر آغا خان جي اڳواڻيءَ هيٺ هندستان جي وائسراءِ لارڊ منٽو سان ملاقات ڪئي. تاريخ 1 آڪٽوبر 1906ع ۾ هندستان جي مسلمان اڳواڻن جنهن جو تعداد 35 هو، وائسراءِ سان شمله ۾ ملاقات ڪئي.“ (1) انهيءَ وفد ۾ سنڌ جي نمائندگي سيد الهداد شاهه خيرپور واري ڪئي. 1906ع ۾ مسلمان اڳواڻن، ڍاڪا ۾ آل انڊيامسلم ليگ پارٽي بڻائي. ان جو پهريون اجلاس تايخ 29 ۽ 30 ڊسمبر 1907ع ۾ ڪراچيءَ ۾ سر آدمجي پير ڀائي بمبئي واري جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو. (2) جڏهن مسلم ليگ جو پهريون اجلاس ڪراچيءَ ۾ منعقد ٿيو ته ان وقت سر سلطان محمد شاهه آغا خان کي ان جو مستقل صدر چونڊيو ويو. هي انهيءَ عهدي تي ايستائين قائم رهيو، جڏهن خود هن انهيءَ تان استعيفا ڏني. (3) انهيءَ وقت مسلم ليگ انگريز سرڪار ۽ برطانيه جي تاج سان وفاداري جو اظهار ڪندي هئي ۽  جماعت جا هيٺيان مقصد بيان ڪيا ويا.

هندستان جي ٻين پارٽين سان تعاون ڪري ملڪ جي ترقي لاءِ ڪم ڪرڻ.

هندستان جي هندن ۽ ٻين قومن سان تعاون ڪري مسلمانن جون خاميون دور ڪرڻ.

مسلمانن کي ٻين قومن کان الڳ، انهن جي ڀلائي، بهتري، ترقي ۽ مفاد لاءِ ڪم ڪرڻ. (4)

آل انڊيا مسلم ليگ جي ميمبرشپ ۾ اها گنجائش رکي ويئي ته هن جماعت ۾ ميمبر ٿيڻ لاءِ ضروري آهي ته اهو مسلمان هجي ۽ ان جي عمر 25 سالن کان گهٽ نه هجي. اميدوار ڪا به ٻولي لکي ۽ پڙهي سگهي ۽ هو 500 رپيا ساليانو ڍل ڀريندڙ هجي.  (1) هر هڪ صوبي مان جيڪو به ميمبر کنيو ويندو، اهو مسلم ليگ جو 5 سال ميمبر رهندو، جنهن کي صوبائي مسلم ليگ نامزد ڪندي، جيڪا برانچ آل انديا مسلم ليگ جي منظوريءَ سان قائم ڪئي ويئي هجي ۽ مسلم ليگ جي مقاصد ۽ ان جي ڪيل فيصلن کي قبول ڪندي هجي. مرڪزي ڪاميٽيءَ تي 40 ميمبر ڪاروباري ڪاميٽيءَ تي کنيا ويندا، جن جو ميعاد 3 سال هوندو ۽ اهي مقرر حصي موجب صوبن منجهان کنيا ويندا.“  (2)

شروعات ۾ مسلم ليگ جي ميمبريءَ لاءِ ضروري هو ته پڙهيل هجي. 500 رپيا ڍل ڀريندڙ هجي گويا صرف زميندار ۽ شاهوڪار ماڻهو ئي جماعت جو ميمبر ٿي سگهيو ٿي. جيڪڏهن ڪو به ماڻهو ڪيترو ئي پڙهيل هجي ته اهو هن جماعت جو ميمبر نه پيو ٿي سگهي، گويا هن جماعت ۾ صرف سرڪار پرست زميندارن ۽ انگريز جا وفادار شاهوڪار ماڻهو شامل ٿي سگهيا ٿي، غريب ۽ عام مسلمان هن جماعت جو ميمبر نه پئي ٿي سگهيو، جيڪڏهن عام مسلمان هن جماعت جو ميمبر ٿئي ها ته ضرور سرڪار جي خلاف پليٽ فارم ٺهي ها. انهيءَ لاءِ ضروري شرط رکيو ويو ته ميمبرن جو تعداد 400 هوندو، ۽ سي به پڙهيل سرمائيدار هوندا، جنهن جو مقصد صرف هي هو ته مسلمانن کي هڪ پليٽ فارم تي آڻي ڪانگريس جي وڌندڙ اثر کي روڪي سگهجي ۽ ”ورهايو ۽ حڪومت ڪريو“ جي اصول تي انگريز جي تعاون سان هي جماعت ٺهي.

سنڌ محمدن ايسوسيئيشن جو آل انڊيا

مسلم ليگ علي ڳڙهه ڏانهن خط

هندوستان ۾ مسلمانن جي سياسي جماعت آل انديا مسلم ليگ هئي ۽ ڪا به صوبائي سياسي پارٽي ايستائين ڪامياب نه پئي ٿي سگهي، جيستائين ان کي ٻين صوبن جي حمايت حاصل نه هجي. سنڌ جي مسلمانن، انهيءَ سياسي جماعت ۾ شامل ٿيڻ ٿي چاهيو، جنهن کي هندستان جي ٻين صوبن جي به پٺڀرائي هجي. سنڌ ۾ هڪ جماعت سنڌ محمدن ايسوسيئيشن هئي، جنهن مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ ٿي چاهيو. سنڌ محمدن ايسوسيئيشن جو آنرري سيڪريٽري مير ايوب خان بار ايٽ لا، هڪ خط تاريخ 20 جنوري 1912ع ۾ آنرري سيڪريٽري آل انڊيا مسلم ليگ علي ڳڙهه کي لکيو، جنهن ۾ هن مسلم ليگ جماعت ۾ ضم ٿيڻ جو ارادو ڏيکاريو خط جو متن هن ريت هو.

20 جنوري 1912ع ڪراچي

طرفان: مير ايوب خان بار ايٽ لا ڪراچي

ڏانهن: آنرري سيڪريٽري آل انڊيا مسلم ليگ علي ڳڙهه.

سائين،

اسان سنڌ مسلم ليگ قائم ڪرڻ چاهيون ٿا، جنهن جو آل انڊيا مسلم ليگ سان تعلق هوندو. آئون توهان جو نهايت شڪر گذار رهندس، جيڪڏهن اوهان جلد به جلد آل انديا مسلم ليگ جا قاعدا قانون ۽ ان جي مقصدن واري ڪاپي اسان جي رهبريءَ لاءِ موڪليندا.

توهان جو احترام ڪندڙ

توهان جو فرمانبردار ٻانهو

صحيح

آنرري سيڪريٽري

سنڌ محمدن ايسوسيئيشن (1)

 

آل انڊيا مسلم ليگ لکنو ڏانهن خط

سال 1912ع ۾ هزهائينس سر آغا خان جڏهن ڪراچيءَ جي دوري تي آيو ته هن، هتي جي مسلمانن کي سنڌ ۾ مسلم ليگ جي شاخ قائم ڪرڻ لاءِ چيو. ڪراچيءَ ۾ حفيظ الله، شهاب الدين بابو، سر آغا خان جي هدايت مطابق آل انڊيا مسلم ليگ لکنو سان رابطو قائم ڪيو. آل انڊيا مسلم ليگ لکنو ڏانهن خط موڪليو ويو. خط جو متن هن ريت هو.

نيپئر روڊ ڪراچي،

4 فيبروري 1912ع

ڏانهن،

سيڪريٽري،

آل انڊيا مسلم ليگ لکنو.

پيارا سائين،

جيئن ته هزهائينس خواهش ڏيکاري آهي ته ڪراچيءَ ۾ سنڌ لاءِ آل انڊيا مسلم ليگ جي برانچ قائم ڪئي وڃي. هو صاحب تازو هتي آيو هو. اسان جي مسلم ليگ جي قاعدن ۽ قانون جي ضرورت آهي، انهيءَ معاملي ۾ مهرباني ڪري اسان جي مدد ڪندا. اميد ته مهربانيءَ طور ورندڙ ٽپال ۾ انهيءَ جي ڪاپي رواني ڪيندا.

اوهان جو احسانمند

توهان جو وفادار

حفيظ الله شهاب الدين بابو (1)

 

سنڌ ۾ مسلم ليگ جي شاخ جو قائم ٿيڻ

جيئن ته آل انڊيا مسلم ليگ جماعت عمليءَ طرح ڪا به تحريڪ يا سياسي هلچل شروع نه ڪئي هئي، جنهن ڪري هن جماعت ڪٿي به پنهنجون منظم جماعتون قائم نه ڪيون هيون. سال 1912ع کان 1916ع تائين، سنڌ ۾ ڪا به سياسي جماعت عمليءَ طرح ڪم ڪرڻ شروع نه ڪيو هو. سال 1917ع ۾ سنڌ ۾ آل انديا مسلم ليگ جي شاخ، سنڌ مسلم ليگ قائم ڪئي ويئي. انهيءَ جو اطلاع تار رستي سيڪريٽري آل انڊيا مسلم ليگ لکنو جي مرڪزي دفتر کي ڏنو ويو. تار جو متن هن ريت هو.

”اڄ صوبائي مسلم ليگ سنڌ لاءِ قائم ڪئي  ويئي آهي، جنهن کي سنڌ مسلم ليگ چيو ويندو. ان جا هيٺيان عهديدار مقرر ڪيا ويندا.

صدر: يوسف علي ڀائي

نائب صدر: غلام حسين ڀرڳڙي

آنرري سيڪريٽري: غلام علي ڇاڳلا

جوائنٽ سيڪريٽري: حاجي عبدالله هارون. (1)

سنڌ مسلم ليگ جو ارتقا

سنڌ مسلم ليگ جي شاخ 3 نومبر 1917ع ۾ قائم ڪئي وئي، ان جو پهريون اجلاس تايخ 11 نومبر 1917ع سيد اسد الله شاهه جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو. جنهن ۾ صرف تعليم يافته ماڻهو شريڪ ٿيا هئا. (2) مگر ان ۾ ڪو خاص ڪم ڪو نه ڪيو ويو. وري ”سال 1919ع ۾ سنڌ مسلم ليگ جو ٻيو اجلاس سيد اسد الله شاهه جي صدارت هيٺ سکر ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ مسلمانن جو وڏو تعداد شريڪ ٿيو، انهيءَ اجلاس ۾ هيٺيان ٺهراءَ منظور ڪيا ويا. برطانيه سرڪار جي خلافت متعلق اختيار ڪيل رويي کي ننديو ويو، هندستان جي ماڻهن کي التجا ڪئي ويئي ته اهي پرنس آف ويلس جو استقبال نه ڪن. برطانيا سرڪار جي حمايت ۾ مولوي فيضل ڪريم جي ڇپايل ڪتاب ”فتويٰ خلافت“ کي ننديو ويو. مسلم ليگ جي پاليسي انگريز سرڪار جي حمايت واري هئي. سنڌ مسلم ليگ، آل انڊيا جي پهرئين شاخ هئي جنهن آل انڊيا مسلم ليگ جي پاليسيءَ کي نظرانداز ڪري انگريز سرڪار جي مذمت ڪئي. جناح صاحب 1919ع تاءِ ڪانگريس پارٽيءَ سان شامل هو. جڏهن خلافت تحريڪ هندستان ۾ زور ورتو ۽ ڪانگريس هن تحريڪ جي حمايت ڪري ملڪ ۾ هنگاما برپا ڪيا. حالانڪه ڪانگريس کي خلافت سان ڪا به همدردي ڪا نه هئي، جنهن صرف مسلمانن جي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ تحريڪ خلافت جي حمايت ڪئي. محمد علي جناح ڪانگريس پارٽيءَ مان 1919ع ۾ استعيفيٰ ڏني. سال 1991ع ۾ محمد علي جناح کي آل انڊيا مسلم ليگ جو صدر بڻايو ويو. سال 1920ع ۾ رويو مسلمانن ڏانهن حوصله افزا نه هو، جنهنڪري جناح ڪانگريس جي ميمبرشپ تان استعيفيٰ ڏني. (1) سال 1920ع ۾ ناگپور جي ڪانگريس اجلاس دوران محمد علي جناح ڪانگريس مان استعيفا ڏني، جتي اٽڪل روءِ 15 هزار ماڻهو هئا. جناح، گانڌي جي عدم تعاون واري پاليسي جي مخالفت ڪئي، جلسي ۾ هن هڪڙي ماڻهوءَ جو آواز هو جيڪو مخالفت ۾ ٻڌڻ ۾ آيو. (1)

قائداعظم کي جڏهن مسلم ليگ جو صدر 1919ع ۾ بڻايو ويو، ته سنڌ جي مسلمانن هن تنظيم ۾ وڏي دلچسپي ورتي. محمد علي جناح جنهن جو تعلق سنڌ سان هو ۽ نوجوان تعليم يافته وچولي طبقي سان واسطو رکندڙ آئيني ۽ جمهوري اصول تي هلندڙ انسان هو، انهيءَ ڪري هندستان جا مسلمان مسلم ليگ سان دلچسپي وٺڻ لڳا.

صدر: جي – ايڇ ڀرڳڙي.

نائب صدر: حاجي عبدالله هارون

جوائنٽ سيڪريٽري:سيٺ طيب علي ڀائي

 

ڪائونسل جا ميمبر

سيٺ غلام علي ڇاڳلا، 2. مير ايوب خان، 3. جي جي مرزا، 4. محمد خان، 5. شيخ عبدالعزيز، 6. شيخ عبدالمجيد، 7. محمد علي محمد احمد، 8. حاجي دوسل کتري، 9. ڊاڪٽر نور محمد ايم بي بي ايس، 10. حاجي جي ايس قاسم، 11. ابوبڪر حاجي ذڪريا، 12. جان محمد جوڻيجو بار ايٽ لا  (2)

1920ع کان 1924ع تائين مسلم ليگ پنهنجو ڪو خاص اثر پيدا نه ڪري سگهي، ڇاڪاڻ ته هندستان اندر ڪانگريس طرفان عدم تعاون جي تحريڪ هلي رهي هئي ۽ مسلمانن جي طرفان خلافت تحريڪ جاري هئي. هندن ۽ مسلمانن جي تحريڪ هڪ ٿي ويئي. مسلم ليگ جماعت جيڪا سرڪار جي وفادار هئي ۽ ڪنهن به قسم جي احتجاج ۾ حصو ڪو نه ٿي ورتو. نتيجي طور مسلم ليگ نه هئڻ جي برابر هئي. مسلم ليگ جماعت، جيڪا 1920ع کان خلافت جي پاڇولي اندر رهي، تنهن کي 1924ع ۾ ٻيهر زندهه ڪيو ويو، تڏهن به هي ڪمزور ۽ بي اثر تنظيم رهي (1) تاهم جڏهن ترڪيءَ ۾ انقلاب آيو ۽ ڪمال اتا ترڪ ترڪيءَ جو سربراهه ٿيو، جڏهن هن خلافت کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. هن اعلان سان هندستان اندر هلندڙ خلافت تحريڪ ختم ٿي ويئي ۽ مسلمان هاڻي وري هڪ ڀيرو مسلم ليگ ڏانهن رجوع ٿيا.

تاريخ 10 فيبروري 1924ع ڊاڪٽر عبدالمجيد سابق سيڪريٽري سنڌ مسلم ليگ جي دعوت تي، سنڌ مسلم ليگ جي سڏايل جلسي ۾ اٽڪل چاليهه جدا جدا خيالن جا مسلمان گڏ ٿيا. جلسو ڊاڪٽر شيخ نور محمد جي صدارت هيٺ ٿيو. مسٽر محمد خان مسلم ليگ جي اڳئين ڪم جو ذڪر ڪيو ۽ شيخ عبدالمجيد، قاضي عبدالرحمان ۽ ٻين ڪيترن صاحبن مسلم ليگ کي ٻيهر منظم ڪرڻ تي زور ڏنو.

حاجي عبدالله هارون پنهنجي والده جي بيماري سبب نه اچي سگهيو ۽ هڪ خط مجبوري جو موڪليائين. هن جلسي ۾ هيٺين ڪارروائي ٿي.

ٺهراءُ پاس ٿيو ته مسلم ليگ کي وري زندهه ڪيو وڃي.

سنڌ ۾ مسلم ليگ جو پروگرام ڏنو وڃي.

جداگانا نيابت بابت سنڌ جي مسلمانن جا رايا گڏ ڪيا وڃن.

نوڪرين، مقامي جماعتن ۽ ڪائونسلن ۾ مسلمانن جي حقن بابت فيصلو ڪيو وڃي.

سنڌ کي بمبئي صوبي کان ڌار ڪرڻ، زبان جي اصول تي ڌار صوبائي حڪومت بنائڻ لاءِ فيصلو ڪيو ويو.

هندستان جي حڪومت ۾ جيڪي آئنده سڌارا ٿيڻا آهن، تن بابت سنڌ جي مسلمانن جا رايا معلوم ڪرڻ لاءِ ويچار ڪيو ويو.

هارين ۽ ٻين مسلمانن جي اقتصادي حالت سڌارڻ لاءِ سوچيو ويو.

ٻئي ڪنهن ضروري ڪم تي غور ڪري سگهجي ٿو.

ٺهراءُ پاس ٿيو، جنهن ۾ مسلم ليگ جي ڪم ڪرڻ لاءِ 25 ميمبرن جي ڪاميٽي ٺاهي ويئي. ڪاميٽي عارضي ٽن  مهينن لاءِ هوندي. (1)

سنڌ مسلم  جا هيٺيان عهديدار چونڊيا ويا.

صدر: سيٺ حاجي عبدالله هارون

نائب صدر: محمد ڪامل شاهه

سيڪريٽري: ڊاڪٽر شيخ نور محمد

خزانچي: مولوي حڪيم فتح محمد سيوهاڻي

هيٺيان ميمبر کنيا ويا.

شيخ عبدالمجيد، 2. محمد ايوب کهڙو، 3. شاهنواز خان ڀٽو، 4. حڪيم شمس الدين، 5. پير تراب علي شاهه، 6. علي انور شاهه، 7. عبدالحميد، 8. عبدالجبار، 9. سيٺ طيب علي ڀائي، 10. ڊاڪٽر غلام حسين صاحب، 11. مير الله بخش ٽالپور، 12. حاجي مير محمد بلوچ، 13. پير غلام مجدد سرهندي، 14. ميران محمد شاهه، 15. ايوب خان، 16. محمد خان، 17. پير الاهي بخش.(2) انهيءَ وقت ۾ مسلم ليگ صرف ٺهراءُ پاس ڪندي هئي، مگر ڪو به عمليءَ طرح ڪم نه ڪندي هئي. مرڪزي ليڊرن جي عدم دلچسپي ۽ ان سان گڏ صوبائي مسلم ليگ جي شاخن ۾ به جوش و خروش ڪو نه هو، سال 1922ع تائين آل انڊيا مسلم ليگ جي  جملي ميمبرن جو تعداد 1330 هو.

سال 33- 1931ع دوران ان جو خرچ 3 هزار کان وڌيڪ ڪو نه ٿيو هو (1) اڳواڻن جي، مسلم ليگ سان عدم دلچسپي سبب هي جماعت مڙيئي پئي هلي. 1920ع کان پوءِ جيڪي به آل انڊيا مسلم ليگ جا اجلاس، جيڪي هندستان ۾ مختلف هنڌن تي منعقد ٿيا، تن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ حاجي عبدالله هارون سنڌ جي نمائندن جي حيثيت سان شرڪت ڪئي. خلافت تحريڪ کان پوءِ سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي واري تحريڪ هلي، سنڌ جي جدائي وارو مطالبو به آل انڊيا مسلم ليگ جو مستقل مطالبو ٿي ويو. (2)

1927ع کان پوءِ آل انڊيا مسلم ليگ جا اجلاس جيڪي شمله، دهلي، ڪلڪته ۽ الهه آباد ۾ ٿيا تن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي، سنڌ جي نمائندي جي حيثيت سان شرڪت ڪئي. (3) مسلم ليگ جي الهه آباد واري اجلاس ۾ جتي سر محمد اقبال پنهنجي تاريخي تقرير ۾ ڏکڻ اولهه هندستان اندر مسلمان رياست قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو، انهيءَ ميٽنگ ۾ حاضر ميمبرن جو تعداد 75 هو ۽ ڪورم به پورو ڪو نه هو. (4) جڏهن ايترا ماڻهو هئا ۽ جنهن ميٽنگ ۾ ڪورم به پورو ڪو نه هو ته انهيءَ کي گڏجاڻي چئي سهجي ٿو. ۽ ان جلسي ۾ ماڻهن جي ٿوري تعداد واري ميڙ ۾ تقرير ڪرڻ کي مسلمانن جي ضمير جي آواز چئي سگهجي ٿو. تايخ 19 ڊسمبر 1930ع ۾ شاعر مشرق سر محمد اقبال آل انڊيا مسلم ليگ جي الهه آباد واري جلسي ۾ پنهنجي صدارتي تقرير ۾ هندستان ۾ مسلمان رياست قائم ڪرڻ لاءِ ڳالهايو، پر ياد هجي ته هن مسلم رياست کي هندستان جي وفاق وارو منصوبو ڏنو هو، هن ڪڏهن به آزاد ۽ خودمختيار پاڪستان لاءِ نه چيو هو (1) جنهن کي پوءِ تصور پاڪستان جو روپ ڏنو ويو. قائداعظم محمد علي جناح 1919ع کان 1930ع تائين مسلم ليگ جو صدر رهيو، مسلمان ليڊرن جو عدم تعاون هئڻ سبب جناح صاحب ليگ جي صدارت کي خيرآباد چئي انگلينڊ هليو ويو. 1929ع کان 1933ع تائين هندستان جون سڀئي سياسي جماعتون گول ميز ڪانفرنس ۾ مشغول رهيون. اهڙيءَ طرح سنڌ ۾ سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي جي تحريڪ هلي رهي هئي. (2)

1934ع واري چونڊ

سال 1934ع ۾ مرڪزي اسيمبلي لاءِ اليڪشن ٿي. 1919ع جي ايڪٽ موجب اليڪشن منعقد ڪرائي ويئي هئي، جملي 127سيٽون هيون. نتيجو هيٺين ريت نڪتو.

ڪانگريس44

ڪانگريس قوم پرست (جنهن ۾ اڪثريت مهاسڀا جي هئي) 11

آزاد اميدوار (جن ۾ صرف 3 غيرمسلم هئا) 22

يورپين11

سرڪاري ميمبر 26

غير سرڪاري نامزد ميمبر 13

اليڪشن دوران قائداعظم انگلينڊ ۾ هو، مگر بمبئي جي مسلمانن قائداعظم جو نالو پيش ڪيو، جنهن ڪري قائداعظم بنا مقابلي ڪامياب ٿيو. (1)

مرڪزي اسيمبلي ۾ مسلم ليگ جو ڪو به اميدوار ڪو نه هو، ائين پيو معلوم ٿئي ته هندستان ۾ مسلمانن جي ڪا به سياسي جماعت ڪا نه آهي، حالانڪه مسلمانن جي جماعت مسلم ليگ هئي، مگر هن جماعت عمليءَ طرح اليڪشن ۾ حصو ڪو نه ورتو. مسلم ليگ نيم مرده جهڙي حالت ۾ هئي، اهڙيءَ طرح هندستان جي مکيه اڳواڻن، محمد علي جناح کي لنڊن ۾ خط موڪليا ۽ مسلم ليگ کي ٻيهر منظم ڪرڻ لاءِ کيس التجائون ڪيون. جنهن ڪري قائداعظم محمد علي جناح 1935ع ۾ واپس هندستان پهتو. قائداعظم جناح کي مسلم ليگ جو مستقل صدر بڻايو ويو ۽ هن پنهنجي ذهني ۽ جسماني طاقتون، مسلمان جماعتن ۽ صوبائي اڳواڻن کي منظم ڪرڻ ۾ صرف ڪيون.  (2)

سنڌ ۾، سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي جي تحريڪ زور شور سان هلي رهي هئي. سنڌ جا مکيه اڳواڻ هن تحريڪ کي وڌائي رهيا هئا، گول ميز ڪانفرنس ۾ سنڌ جي جدائي وارو سوال اهميت وٺي چڪو هو، سنڌ ۽ هندستان جي مکي اڳواڻن جي ڪوششن سان سال 1935ع ۾ سنڌ کي خودمختيار صوبي بنائڻ جو اعلان ڪيو ويو. سال 1935ع جي انڊيا ايڪٽ موجب سنڌ کي خودمختيار صوبو بڻائي، سر لينسيلاٽ گرهام کي سنڌ جو پهريون گورنر مقرر ڪيو ويو. 1936ع ۾ سنڌ بمبئي صوبي کان الڳ ٿي هڪ صوبائي حيثيت سان ڪم ڪرڻ شروع ڪيو .


[1]  روزانه هندو ڊسمبر 4، 1931ع.

[2]  ڊاڪٽر چونٿرام پرتابراءِ گدواڻي ماهنامه هندستان آگسٽ 1، 1946ع ص - 5

[1]  روزانه هندو، ڊسمبر 4، 1921ع.

[2]  روزانه هندو، ڊسمبر 4، 1921ع.

(1)  روزانه الحق سکر، 10 جون 1920ع.

(2)  رئيس الهداد خان شجرا، پاڪستان جو صحيح دستور، پير بخش شجرا، سکر 1946ع ص ص – 16، 17.

[1]  لعل بن يوسف (سالار خاڪسار پارٽي) کان مصنف جو ورتل انٽرويو.

[2]  روزانه هندو، 4 ڊسمبر 1921ع.

[3]  مولوي الله بخش اٻوجهو، مسدس اٻوجهو، سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي، حيدرآباد 1934ع ص - 3

(1) B. N Pandey, The Break up of British India. London, Macmillan, 1969, P: 55

(1) Syed Razi Wasti, Lord Minto and Indian Nationalist movement, Oxford 1969, P. 69.

(2) Syed Razi Wasti, Lord Minto and Indian Nationalist Movement op-cit P. 33.

(3) Dr. S. M. Ikram, Modern Muslim India and Brith of Pakistan, Lorhore, Sh: Mohd Ashraf 1965, P. 165

(4) Tarachad A Short History of Indian people. Culcutta, Mecmillan and Co. 1934 P 446.

(1) Jamaludin Ahmed, Early phase of Muslim Political Movement, Lahore, United Ltd P. 52

(2) Mamaludin Ahmed Early Phase of Muslim Political Movement op. cit. P 54

(1)  خط جي اصل ڪاپي جيڪو آل انڊيا مسلم ليگ علي ڳڙهه ڏانهن تاريخ جنوري  20، 1912ع ۾ لکيو ويو.

(1)  اصلي خط جي ڪاپي جيڪو حفيظ الله شهاب الدين بابو تاريخ 4 فيبروري 1912ع ۾ لکيو.

(1)  اصلي خط جي ڪاپي جيڪو سنڌ مسلم ليگ جي طرفان تاريخ 3 نومبر 1917ع ۾ لکيو ويو.

(2)  روزانه الوحيد ڪراچي، نومبر 16، 1938ع.

(1)  ساقي سجاولئي، محمد علي جناح سجاول، دارل اشاعت سنڌي ادب 1952ع، ص – 18.

(1) R. M White, The Great Leader Qaid-i-Azam Lahore, Feroze Sons, 1962 P – 27.

(2)  اصلي خط جي ڪاپي جيڪا سيڪريٽري سنڌ مسلم ليگ جي طرفان مرڪز کي موڪلي وئي.

(1) B. N. Pandey, Breakup of British India, London Mecmillan, 1969  P-124

(1)  ”اصلي خط“ جيڪو سيڪريٽري سنڌ مسلم ليگ حيدرآباد طرفان تاريخ 12 فيبروري 1924ع لکيو ويو.

(2)  روزانه الوحيد ڪراچي 27 فيبروري 1924ع.

(1) Khalid Bin Sayeed, Pakistan The Formative Phase London, Oxford Univesity, 1968 P -177

(2)  ”روزانه الوحيد“ ڪراچي، نومبر 10، 1938ع

(3)  ”روزانه الوحيد“ ڪراچي، نومبر 10، 1938ع.

(4) Khalid Bin Sayeed, Pakistan The Formative Phase, London, Oxford University 1968, P. 177

(1) B.N. Pandey, Breakup of British India, London, Mecmillan, 1969 P. 144

(2)  روزانه الوحيد ڪراچي نومبر 10، 1938.

(1)  پروفيسر محمد خليل الله، تحريڪ پاڪستان ڪراچي، مڪتبه اختر، 1927ع صفحه - 248

(2) B. N. Pandey, Break up of British India, Londo, Mecmillan, 1969. P. 144

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20  21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org