سيڪشن؛  سياسيات

ڪتاب: تحريڪ پاڪستان

۾ سنڌ جو حصو

باب: 4

صفحو : 6

 

(ح) چري هڻائڻ: زمين ۾ کڏ کڻي ان ۾ چيلهه تائين ماڻهوءَ کي پورائي ڇڏڻ.

(جهه) ڪن گوشي ڪرائڻ: ٻئي ٻانهون ٽنگن مان ڪڍي. ٻنهي هٿن سان ڪنن جون پاپڙيون جهلي اٿ ويهه ڪرائيڻ.

اها هلڪي ۾ هلڪي سزا سمجهي ويندي هئي.

(ح) چاش پيارڻ: فضلو پيشاب پيارڻ ۽ کارائڻ.

(خ) چڙهڻ: مرد مٿان مرد چاڙهي بدفعلي ڪرائڻ.

(چ) بيحرمتي: جوابدار کي اگهاڙو ڪري، سندس عزيز عورتن مثلا ماءُ، ڀيڻ، ڌيءُ ۽ جوءِ کي ننگو ڪري عام جي اڳيان بيهاري کين چوڻ ته چپٽين سان هڪٻئي جي نازڪ جاين جا وار، واري وٽيءَ تي پٽين.

(ڇ) ٽيڪب ٽيڪو: انهيءَ چپٽيءَ بازي ڪرائڻ وقت خاص سر ۽ رڌم ۾ چورائبو هو؛ ٽيڪب ٽيڪو! اندر ٽيڪو! ٻاهر ٽيڪو! هيٺان ٽيڪو! مٿان ٽيڪو! ٽيڪب ٽيڪو! ٽيبڪ ٽيڪو! جوڻهين ٽيڪو، ماڻهين ٽيڪو، ڀيڻين ٽيڪو ٽيڪب ٽيڪو! ٽيڪب ٽيڪو. اها خاص صوبيدار جي ايجاد هئي، جنهن جو ايڏو ڏهڪاءُ هو جو نالو ايندو هو ته ماڻهن جو ڇرڪ نڪري ويندو هو.

(خ) ٻليون وجهڻ: عورتن جي سٿڻن اندر ٻليون وجهرائڻ، جيئن اهي کين نازڪ هنڌن تي رهنڊون پائين.

(گ) وير وٺائڻ: عورتن سان سندن مردن سامهون، ٻين کان زنا ڪرائڻ.

اهي چند نمونا آهن جيڪي ظلم ۽ تشدد جا طريقا هئا. ڪن خاص صوبيدارن ۽ جمعدارن سزا ڏيڻ جا مخصوص طريقا ايجاد ڪيا هئا. (1) مثلا عبدالله خان صوبيدار ۽ غلام رسول شاهه ناظم پوليس خيرپور جا پنهنجا نرالا نمونا هئا. انهيءَ دور جا نام ڪٺيا پوليس عملدار گهڻائي هئا جن ۾ هيٺين جا نالا قابل ذڪر آهن. نارائڻداس، ٽيجو مل – ٽهلرام – مولانا ضياءُ الدين احمد –غلام اڪبر خان، ديوان ساجن سنگهه، حاظ محمد سليمان، ولي ڏنو خان، عبدالستار خان،  محمد بخش خان لغاري، الهه بخش خان کوسو، مير الهڏنو خان، محمد صالح ڏهراج، قادر بخش ڪلوڙ، نياز محمد خان، تاج الدين انسپيڪٽر، خان محمد بروهي، دلاور حسين شاهه وغيره. (2)

سرڪاري عملدارن ۾ رشوت عام هئي، رشوت لاءِ ماڻهو کي مجبور ڪيو ويو، رسائي ۽ لاپي جو عام رواج هو، جيڪڏهن ڪو وڏو ڪامورو ڪنهن هنڌ منزل ڪندو هو ته زميندار ان لاءِ بندوبست ڪندا هئا. يا ننڍن ڪامورن کي خرچ ۽ سامان مهيا ڪندا هئا. ”جڏهن ڪامورا گشت تي نڪرندا هئا، تڏهن سندن منزلن وقت وڏا انتظام ٿيندا هئا. زميندارن طرفان کير، ڇيلا، مکڻ، بيضا، گاهه وغيره پهچايا وينداهئا. عام ماڻهن کي هنن لاءِ رستا ٺاهڻ، تنبن کوڙائن، گاهه ميسر ڪرڻ، پاڻي ڀرائڻ، شڪار ڪرائڻ ۽ ٻين اهڙن ڪمن لاءِ بيگر ۾ وهايو ويندو هو. سختيءَ سان ڪم وٺڻ ۽ موچڙي مار ڪرڻ کان پوءِ به کين ماني ڪا نه کارائي ويندي هئي. پٽيوالن، نائيڪن ۽ ڪلارڪن کي خرچيون ڏيڻيون پونديون هيون، منزل جي لاءِ سيڌي سامان، ميوي، شراب ويندي برف تائين. سڀ شيءِ جو انتظام روينيو يا ٻئي کاتي جي مڪاني ملازمن کي ڪرڻو پندو هو. انهيءَ واسطي هر هڪ آباد نمبر تان سرڪاري ڍل وٺڻ مهل، هڪ رقم الڳ ورتي ويندي هئي، جا لاپي جي نالي سان مشهور هئي، اها رقم تعلقي آفيس ۾ ڪٺي ٿيندي هئي، جنهن جو حساب ڪتاب رکيو ويندو هو. سنڌ ڄڻ ڪامورن جي شڪارگاهه ۽ مرغزار بڻيل هئي.(1) مٿيان سڀ ڪم گهڻو ڪري مسلمان زميندارن کان ورتا ويندا هئا. حسام الدين راشدي جي چوڻ موجب هندو هر لحاظ سان مسلمانن کان ترقي يافته هئا. پيسي ۾، تعليم ۾ ملازمتن ۽ واپار ۾ سياسي خواه سماجي طرح سجاڳ ۽ سياڻا به. هنن ڪو به اڳ پوءِ ڪو نه جاچيو، الله لڳ ڳالهه ڪبي مسلمانن جي غيرتعليم يافتگي مان ۽ زميندارن جي جهالت ۽ اڍنگن خرچن مان هنن نهايت ئي اجوڳ فائدا ورتا. هنن تي ملڪي هئڻ سبب، وڌيڪ سڌريل ۽ سمجهدار قوم هئڻ ڪري ڀائيپيءَ جا، برادريءَ جا، پاڙيسريءَ جا وڏ ننڍائي جا جيڪي انگ ۽ ننگ هئا. سي هنن پورا ڪو نه پاڙيا بلڪه هلندي هلندي مسلمانن جون ڪيئي زرعي زمينون به قرضن ۾ ورتل ۽ اڻ ورتل کنڌن ۽ وياجن جي مٿان وياجن ۾ پنهنجي هٿ ڪري ويا. شهر ته اڳئي سندن قبضي ۾ هئا، زمين وٺڻ بعد ٻهراڙيون به گهڻي قدر سندن هٿ هيٺ اچي ويون، هنن پوءِ سياسي ٻڌيون ڪري، هندستاني هندن سان جوڙ توڙ ڪري، مها سڀا ۽ ڪانگريس جا پلو پڪڙي سياسي طرح به مسلمانن کي اهڙيءَ طرح ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪئي، جيئن هو پنهنجي ملڪ اندر به بيوس ۽ ويچارا ٿي رهن. (1) ”صديءَ جي شروعات کان پوءِ ته کين الائي ڇا ٿي ويو! گويا کين مسلمانن سان گڏ رهڻو ئي ڪين هو، ۽ هڪ ٻئي سان سندن ڄڻ ڪڏهن ڪو واسطو ۽ وجهه ئي  ڪو نه هو. جيئن جيئن سياسي شعور وڌندو ويو ۽ هندستاني سياست سنڌ تي حاوي ٿيندي ويئي، تئين تيئن تفريق وڌندي ويئي ۽ جنهن کي جڏهن موقعو مليو تڏهن ٻئي کي تهس نهس جا ويچار ٿيندا رهيا. (2)

مسلمانن جي لاءِ نوڪرين جا دروازا بند ڪيا ويا، جيڪڏهن نوڪري ملندي هئي ته بيلدار، پٽيوالو وغيره شهري پٽيوالي جي نوڪري به هندن لاءِ مخصوص رکيون ويون، هندو سنڌي هر هڪ کاتي ۾ اڳتي هو. ”سنڌ جو عوام چوٽيءَ کان پيرن تائين هندوءَ وٽ گروي هو، زمينون انهن وٽ گروي، سنڌي ڪڙميءَ جي ڪمائي، سڄي انهن جي گهر ۾، هر ڪنهن قسم جي تجارت انهن جي قبضي ۾، شهر، تعليمي ادارا، ملازمتون، مطلب ته سنڌ جا حقيقي مالڪ اهي ئي هئا ۽ باقي مخلوق محض هنن جي رحم ڪرم تي هئي، جنهن تي افسوس آهي ته هنن ڪڏهن به رحم و ڪرم ڪو نه ڪيو، جنهن جو نتيجو نه ڇڙو پاڻ لوڙيائون بلڪه سندن ڪرتوتن جي بلا وري به مستقل طرح سنڌي مسلمانن کي ئي لوڙڻي پئي آهي.(3) اڳتي سنڌ جي ڪجهه ملازمتن جا انگ اکر ڏجن ٿا جنهن ۾ هندو مسلمانن جو تناسب واضح آهي.

 

ضلع وار ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽرن، سندن نائبن ۽ انگريزي اسڪولن ۾ هيڊ ماسترن ۽ نائبن جو تفصيل

ضلع

هيڊماستر

نائب ماستر

ڊپٽيايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر

اسسٽنٽ ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر

 

هه     م

هه      م

هه      م

هه      م

ڪراچي

1    --

43   6

1     --

3     --

حيدرآباد

1    --

11   2

1     --

2     --

نوابشاه

--    1

--   9

1     --

1     1

ٿرپارڪر

--    --

--   --

1     --

2     --

لاڙڪاڻو

1    --

15   3

1     --

2     1

سکر

--    --

10   3

1     --

2     1

اپر سنڌ

1    --

--   --

--     1

1     --

پوري سنڌ

4    1

79   23

6     1

13     3

سڌي لوڪل بورڊن اسڪولن ۽ ميونسپالٽين ۾ ماسترن جو تفصيل ۽ فقط لوڪ بورڊ اسڪولن ۾ ماسترياڻين جو تفصيل

ضلعماسترن جو تفصيلماسترياڻين جو تفصيل

هيڊ ماسترياڻيوننائب ماسترياڻيون

 

هندو

مسلمان

هندو

مسلمان

هندو

مسلمان

ڪراچي

269

145

1

--

--

--

حيدرآباد

151

137

1

--

--

--

نوابشاه

182

128

2

2

6

--

ٿرپارڪر

130

25

8

1

13

1

لاڙڪاڻو

301

255

6

2

6

1

سکر

308

181

--

--

--

--

اپر سنڌ

64

126

--

--

--

--

پوري سنڌ

1405

997

18

5

25

2

رپورٽ: سنڌ محمدن ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس حيدرآباد 1924

سنڌ ۾ تعليم کاتي ۾ هندو مسلمان ملازمن جو تناسب.

عهدو

مسلمان

هندو

جملي

ڊاريڪٽر

1

0

1

ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر

1

0

1

انسپيڪٽر گرل

1

0

1

مرد ڪلاس II

6

4

10

عورتون ڪلاس II

1

8

9

اسسٽنٽ ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر

9

0

9

اسسٽنٽ ماسٽر

15

63+2 پارسي

80

اسسٽنٽ ماسترياڻيون

0

6

6

ڊرائينگ ماستر

3

4

7

ڊرائينگ ماسترياڻيون

0

1

1

راڳ ماسترياڻيون

1

0

1

ورزش ماستر

2

0

2

عربي ماستر

2

0

2

ڀرت ماسترياڻيون

0

1

1

ميٽرن

0

1

1

ڪلارڪ

19

26

45“(1)

زراعتي کاتو سڪرنڊ ڪاليج

عهدو

مسلمان

هندو

جملي

پروفيسر گزيٽيڊ

0

3

3

سينئر ليڪچرار

1

7

8

جونيئر ليڪچرار

1

9

10

لئباٽري اسسٽنٽ

1

4

5

ڪلارڪ

1

3

4

زراعتي کاتو

گزيٽيڊي آفيسر گريڊن  

5

                    11

16

گريجوئيٽ فرسٽ“ 

3

                    14

17

گريجوئيٽ سيڪنڊ“

4

                    14

18

گريجوئيٽ ٿرڊ گريڊ

7

                    26

33

نان گريجوئيٽ

20

                    22

42

ڪاٽن ڪميٽي آفيسر

0

                    3

3

مارڪيٽنگ آفيسر

0

                    3

3(1)

انجنيئري کاتو

عهدو

مسلمان

هندو

جملي

چيف انجنيئر

0

1

1

ايس- اي

1

5

6

انجنيئر

1

27

28(2)

ٿرڊ ڪلاس ملازم

437

725

1162

فورٿ ڪلاس

506

473

979

50 روپيه کان وڌيڪ پگهار کڻندڙ

137

576

713

120 روپيه کان وڌيڪ پگهار کڻندڙ

19

134

153

200 کان مٿي پگهار کڻندڙ

18

159

177

انجنيئري کاتي ۾ هندن کي پگهارون هڪ لک چوهٺ هزار هڪ سئو ويهه روپيا مليا ۽ مسلمانن کي ستيتاليهه هزار ۽ پنجاسي روپيا مليا. (1)

روينيو کاتو

مختيارڪار     مسلمان     خالي     هندو     ٻيون قومون   ٽوٽل

                    19       2        56        5        82 ٽوٽل (2)

اڪائونٽ ۽ سينيئر اڪائونٽنٽ

مسلمان

هندو

جمله اڪائونٽنٽ

سال   1925

5

8

13

       1926

5

8

13

       1927

5

8

13

       1928

5

8

13

       1929

6

7

13

       1930

6

7

13

       1931

6

7

13

       1932

6

7

13

       1933

6

7

13

       1934

6

7

13

       1935

7

7

13

       1936

6

7

13

       1937

1

7

8

       1938

4

7

13 (3)

 

 

 

 

 

 

 

 

 

تعليمي ڪارڻ

ميرن جي دور ۾ ديني تعليم جو رواج عام هو، جنهن ۾ عربي، فارسي ۽ سنڌي جي تعليم پڻ ڏني ويندي هئي. ”مسلمانن کي ديني ۽ ٻي تعليم سنڌ جا سيد ڏيندا هئا، هندو ٻارن کي تعليم هندو عامل ڏيندا هئا. عاملن کي معاوضو هندو ڦوڙي ڪري ڏيندا هئا، ۽ مسلمان ڇهه ماهي ۾ جڏهن ڪو فصل کڻندا هئا ته هو گهر مان اناج ۽ ڪجهه ڪپڙا ڏنا ويندا هئا ڳوٺن ۾ مدرسہ عالم ۽ خاص سيد هلائيندا هئا، اهي ادارا گهڻو ڪري وقف جي امداد سان هلندا هئا ۽ سيد جن کي مقرر پگهار نه ملندو هو، تن جو گذر بخشش ۽ وقف جي آمدني وسيلي ٿيندو هو.(1) انگريزي حڪومت جي شروعاتي دور ۾ ٽن قسمن جا اسڪول هئا، مسلم پرائمري اسڪول (ديني مدرسہ)، هندي اسڪول جتي خداودي ۽ ٻيا سنڌي مضمون پڙهايا ويندا هئا، حساب پڻ سيکاريا ويندا هئا، حالانڪ ڪيترا ڇوڪرا خداودي ۽ حساب ڪتاب جي تعليم پنهنجي گهر يا دڪان ۾ سکندا هئا. ٽيون قسم عربي ۽ فارسي تعليم جا اسڪول هئا، جتي مسلمان ۽ هندو عامل پڙهائيندا هئا. انهن اسڪولن ۾ اڪثر ڪري سيد يا آخوند  استاد هوندا هئا.(2)ماسترن کي معاوضي ڏيڻ جو طريقو هر هنڌ مختلف هو، اسڪول زميندارن جي مدد سان هلندا هئا، ملا اسڪولن ۾ جڏهن به ڇوڪرو قرآن شريف ۽ ٻي ديني تعليم مڪمل ڪندو هو ته شاگرد جا مائٽ استاد کي پيسا ۽ سوکڙيون ڏيند اهئا. ٺٽه ۽ روهڙيءَ جي سيدن کي تعليم جي ڪم لاءِ جاگيرون مليل هيون ۽ ٻين کي به حڪومت طرفان انعام ۽ زمينون ڏنيون ويون، جئن اهي اسڪول ۽ مدرسہ هلائي سگهن. ”1852ع ۾ اسڪولن جو حساب لڳايو ويو ته سنڌ ۾ 643 اسڪول هئا جن ۾ 7443 شاگرد تعليم حاصل ڪندا هئا، جن ۾ 1/9  حصو ڇوڪريون هيون. ديني تعليم جا مدرسہ 278 هئا جن ۾ 1906 شاگرد هئا. عربي ۽ فارسي جا اسڪول 275 هئا، جن ۾ 4252 شاگرد زير تعليم هئا. فارسيءَ کان سواءِ ٻيا 52 اسڪول هئا جن ۾ 321 شاگرد هئا. هندو ۽ مسلمان گڏ فارسي پڙهندا هئا. هندو سرڪاري نوڪري خاطر پڙهندا هئا، انهن اسڪولن ۾ گهڻو ڪري مسلمان استاد هوندا هئا، خداودي جي 23 اسڪولن ۾ 803 شاگرد پڙهندا هئا. (1)

انگريز سرڪار تعليمي ادارن جي همٿ افزائي ڪانه ڪئي، فارسيءَ کي ختم ڪيو ويو، مسلمان صرف ديني تعليم ڏانهن متوجه رهيا، اهي به مختصر ماڻهن جي مدد سان هلي رهيا هئا. مسلمانن جي تعليمي زوال جو سبب حڪومت برطانيه جي سامراجي تسلط هو، ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ، جو مقصد صرف تجارت هئي، جنهن هندستان کي لٽ جو مال سمجهي لٽيو، ڪمپنيءَ جا اهلڪار ڏسي چڪا هئا ته آمريڪا ۾ تعليم ڏيڻ جي ڪري برٽش سرڪار جي خلاف بغاوت ٿي، اهو ئي سبب هو ته ڪٿي هتي جي ”سونهي جهرڪي“، هندستان، هنن جي هٿن مان نڪري نه وڃي. انگريزن ديسي تعليمي طريقا به ختم ڪرڻ شروع ڪيا.  جڏهن به ڪا قوم غلام بنائي ويندي آهي ته سڀ کان اول ان قوم مان تعليم ختم ڪئي ويندي آهي. علم ۽ ادب کي تباه ڪيو ويندو آهي. ڇاڪاڻ ته  علم ۽ غلامي ڪڏهن به گڏ رهي نه ٿا سگهن. جنگ آزادي کان پوءِ جي حالت تي طفيل احمد بنگلوري جي ڪتاب ”روشن مستقبل“ جي حوالي سان مولانا غلام محمد گرامي رقم طراز آهي ته ”جنگ آزاديءَ بعد نتيجو اهو نڪتو جو خاندانن جا خاندان جيلن ۾ بند ڪيا ويا، مسجدون ۽ درسگاهون ناس ڪيون ويون، مسلمانن جون ملڪيتون ضبط ڪيون ويون، مسلمانن کي نوڪرين کان جواب ڏنو ويو، تاجر پيشه مسلمانن کي ڏوه ۽ رشوت ۾ قابو ڪري سزاياب ڪيو ويو، عالمن ۽ ليڊرن کي جيل ۾ نپوڙيو ويو، شاهي خاندان کي تباه ڪيو ويو، شهنشاه هند ظفر کي قيد ڪري سندن شهزادن کي هن جي موجودگي ۾ گولي هڻي ماري، سندن خون وحشي انگريز ڪمانڊرن پيتو. بهرحال مسلمانن کي زندگي جي هر شعبي ۾ تباه ۽ پائمال ڪيو ويو. (1) مسلمانن جي تباه حالي کي ڏسي، مسلمان اڳواڻ انهن جي تعليمي سڌاري لاءِ سوچڻ شروع ڪيو، انهيءَ مقصد لاءِ آل انڊيا مسلم ايڊيوڪيشنل ڪانفرنسون سڏايون ويون. ”آل انڊيا مسلم ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس جي تاريخ 1886ع کان شروع ٿئي ٿي.“ جڏهن سر سيد احمد خان مسلمانن م تعليم پکيڙڻ جي جدوجهد شروع ڪئي، تڏهن سنڌ ۾ سر سيد احمد خان جي نصب العين تي مرحوم خانبهادر حسن علي آفندي جيڪا جدوجهد ڪئي، ان جي نتيجي ۾ ”سنڌ مدرسة السلام“ اڄ به اوچو ڳاٽ ڪري بيٺو آهي. هن مدرسہ جي تشڪيل ۽ تعمير ۾ جن مخلص اراڪين جا نالا اچن ٿا، تن ۾ هيٺيان قابل ذڪر آهن جيڪي مرحوم آفنديءَ سان ٻانهن ٻيلي رهيا؛ مثلاً خانبهادر ميان غلام حسين، غلام حسين ڇاڳلا، امراءُ خان، دستگير، علي ڀائي ڪريم جي، مرزا آصف، سردار بهادر محمد يعقوب، رئيس شمس الدين بلبل، مولوي الهه بخش اٻوجهو، خانبهادر قادر داد خان، طيب جي، مرزا مخلص علي ۽ مرحوم حسن علي آفنديءَ جو صاحبزادو ولي محمد خان وغيره (1) آل انڊيا ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس جا اجلاس هر سال ٿيندا رهيا. سال 1902ع ۾ آل انڊيا ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس زير صدارت سر آغا خان جي دهليءَ ۾ منعقد ٿي، ان اجلاس ۾ علي محمد خان دهلوي بئريسٽر ڪراچيءَ واري سنڌ جي طرفان نمائندگي ڪئي ۽ سنڌ جي رهنمائن  سنڌ جا دورا ڪري ڪانفرنس کي رپورٽ ڏني. هن ڪانفرنس جي پاس ڪيل ٺهراءُ موجب مدرسو نوشهرو هاءِ اسڪول تعمير ڪرايو. هنن ٻين مدرسن کي انگريزي هاءِ اسڪولن جي طرز تي قائم ڪرڻ لاءِ جدوجهد شروع ڪئي. هن مدرسن کي قائم ڪرڻ ۽ ان سان گڏ هاسٽل جي تعمير لاءِ پنجاه هزار جي گهرج ظاهر ڪئي، جن مان ڇهه هزار خيرپور  رياست ڏنا باقي ويهه هزار عام چندن مان گڏ ٿيا، تعليمي ادارن سان گڏوگڏ هاسٽل پڻ تعمير ڪرڻ جو پروگرام رٿيو ويو.

سال 1906ع ۾ آل انڊيا ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس جو ويهون اجلاس ڍاڪا ۾ منعقد ٿيو، تڏهن سردار محمد يعقوب وزير، خيرپور ميرس، سنڌ جي مسلمانن جي تعليمي پستيءَ ۽ حالت زار تي هڪ رپورٽ پيش ڪري، سينٽرل اسٽينڊننگ ڪاميٽيءَ کي درخواست ڪئي ته آئينده اجلاس سنڌ ۾ ڪيو وڃي. ”ان وقت سنڌ جي ڪل آبادي 32 لک، 10 هزار 9 سو 79 يعني 4/3  کان وڌيڪ آبادي مسلمانن تي مشتمل هئي، سردار محمد يعقوب پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو ته؛ ” ڪنهن به صوبي جي مسلمانن جي تعليمي حالت ايتري ڪريل نه آهي، جيتري سنڌ جي مسلمانن جي آهي، سنڌ ۾ ٻن سون گريجئيٽس جي مقابلي ۾ فقط ڏه مسلمان گريجئيٽ آهن، ان کان سواءِ وڌيڪ تلخ ۽ ڏکائتي ڳالهه اها هئي ته انهن ڏهن  مسلمان گريجوئيٽس مان سنڌي فقط ٻه هئا، باقي اٺ غير سنڌي هئا،  جي ٻاهران تجارت جي خيال کان ڪراچيءَ ۾ آباد ٿيا هئا. سردار يعقوب رپورت ۾ چيو ته ”ويهن هندن جي مقابلي ۾ صرف هڪ مسلمان ڊگري يافته آهي، بيريسٽر، ايل ايل. بي ۽ يا پليڊر هن صوبي ۾ ٻن سون کان مٿي آهن پر انهن ۾ مسلمان فقط ويهه آهن. گذريل سال انٽر سائنس ۾ هڪ سو ويهه طالب ڪامياب ٿيا، تن ۾ مسلمان فقط ٻارنهن هئا. مسلمانن ۾ تعليم نه هئڻ ڪري، سڀ نوڪريون سندن هٿن مان نڪري چڪيون آهن. اهو ساڳيو حال هنر، صنعت ۽ واپار جو آهي. سنڌ ۾ هڪ هندو سيشن جج ۽ هڪ اسسٽنٽ سيشن جج آهي، مگر ان درجي جو ڪو به عهدو ڪنهن مسلمان جي هٿ ۾ نه آيو آهي. روينيو ۾ ويهه ڊپٽي ڪليڪٽر آهن، جن مان مسلمان فقط ٽي آهن باقي سترنهن هندو آهن. (1)

مسٽر علي محمد دهلوي ۽ سردار محمد يعقوب خان جي درد انگيز تعليمي رپورٽ تي ڍاڪا ڪانفرنس ۾ فيصلو ٿيو ته 1907ع جو ايندڙ اجلاس سنڌ ۾ منعقد ٿيندو. ڊسمبر 1907ع ۾ ڪانفرنس جو اجلاس ڪراچيءَ ۾ زير صدارت الطاف حسين حالي جي منعقد ٿيو. سردار محمد يعقوب جي جاءِ تي شيخ صادق علي وزير مقرر ٿيو هو، جنهن ڪانفرنس  جو بندوبست ڪيو، سنڌ ۾ ڪارڪنن جي هڪ ڪاميٽي ٺاهي ويئي، جنهن جو صدر شيخ صادق علي ۽ سيڪريٽري علي محمد خان دهلوي باريسٽر مقرر ٿيو. ” ڪانفرنس ۾ اٽڪل 1300 سو مهمانن شرڪت ڪئي. سنڌ مان 1700، پنجاب 300، يو- پي 150، سابق متحده بنگال 50، بمبئي، دکن، ميسور، راجپوتانا ۽ رنگرن مان 100 نمائندن شرڪت ڪئي. هن ڪانفرنس ۾ 1182 ڪانفرنس جا ميمبر ۽ 374 وزيٽرس هئا، ان مان 8097 روپيه في جي صورت ۾ رقم وصول ٿي. (1) هن اجلاس ۾ مختلف رٿون بحال ٿيون تن کي پيش ڪندڙ ۽ تائيد ڪرڻ وارا هيٺيان معزز هئا:

شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ ڊپٽي ڪليڪٽر، شيخ صادق علي وزير خيرپور، علي محمد خان دهلوي بيريسٽر، رئيس شمس الدين بلبل، نواب وقار الملڪ، حاجي فضل الله قاضي ٺٽوي، غلام حسين وڪيل (بعد ۾ سنڌ جو وزيراعظم ٿيو) صاحبزاده آفتاب احمد، شيخ عبدالقادر باريسٽر ( جو پوءِ سرٿيو ۽ انڊيا ڪائونسل جو ميمبر ٿيو سندس پٽ منظور قادر پاڪستان جو وزير قانون ٿيو)،  ڊاڪٽر ايس جي حاجي، سيٺ رام جي ڀائي، منشي محبوب عالم ايڊيٽر پيسه اخبار لاهور، شيخ عبدالله وڪيل عليگڙه، مسٽر محمد شفيع بيريسٽر لاهور، سيٺ طبيب علي ڀائي ڪراچي، مير الهه  بخش ٽالپر (ٽنڊو محمد خان) حاجي عبدالله هارون (سر ٿيو ۽ تحريڪ پاڪستان جو علمبردار هو). عبدالسلام رفيقي، خانبهادر شيخ صادق علي، رئيس اعظم امرتسر، خانبهادر مولوي رحيم بخش وزير اعظم رياست بهاولپور، ميجر سيد حسن بلگرامي، آنربل سيد نواب علي چوڌري رئيس ڪلڪته وغيره (2) ڪراچي ڪانفرنس ڪامياب ٿي، ان جو اثر همگير ثابت ٿيو. ڪانفرنس جا ٻيا جيڪي به اجلاس برصغير جي مختلف شهرن ۾ ٿيا، اتي به سنڌ جي مسئلن جي اهميت کي نظر انداز نه ڪيو ويو. ”چناچه هر هنڌ ڪراچيءَ واري اجلاس ۾ پاس ٿيل ٺهراءُ تي زور ڏنو ويو.

مثلاً سنڌ جي مسلمان زميندارن کان ڍل ۾، روپيه تي هڪ پيسو وٺڻ جي جيڪا رٿ ڪراچيءَ ۾ پاس ڪئي ويئي هئي، اها ڪانفرنس جي ٽيويهين اجلاس رنگون جهڙي دور دراز شهر ۾ پڻ ورجائي ويئي. رنگون ڪانفرنس جي صدارت مهاراجه علي محمد خان، راجا آف محمود آباد ڪئي هئي، جنهن ۾ چيو ويو ته ”هي ڪانفرنس هند سرڪار ۽ گورنمينٽ بمبئي جو توجهه ڪانفرنس جي ان ريزوليشن جي طرف مبذول ڪرائي ٿي، جو ڪراچي ڪانفرنس ۾ سنڌ جي مسلمان زميندارن جي اولاد جي تعليم لاءِ ”پيسو سيس بل“ جي ذريعي تعليمي فنڊ قائم ڪرڻ جي باري ۾ پاس ٿيو هو ۽ جنهن کي سنڌ جي مسلمانن اتفاق راءِ سان منظور ڪيو هو. (1) سنڌ تعليمي شعبي ۾ پڻ اڳواڻي ڪري رهي هئي.

سال 1924ع ۾ سنڌ محمدن ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس حيدرآباد ۾ منعقد ٿي، هن ڪانفرنس جي استقباليه تقرير ۾ سنڌ جي تعليمي حالت جو مڪمل نقشو چٽيو ويو. هن رپورٽ ۾ چيو ويو ته ” اسان جي ملڪ ۾ ٻه قومون، پهلو به پهلو آباد آهن، جن ۾ هڪ تعليمي لحاظ کان سموري هندستان جي مختلف جماعتن کان ممتاز آهي ۽ افسوس آهي ته انهن جي ئي پاڙيسري ٻي قوم تعليم ۾ سڄي هندستان ۾ پٺتي پيل آهي ۽ هاڻي جيڪڏهن مسلمانن کي سنڌ ۾ عزت، آبرو ۽ خودداري سان زندگي گذارڻي آهي ته اسان کي ضرور اعلى تعليم ڏانهن توجهه ڏيڻ گهرجي. في الحال نه اسان ۾ ڊاڪٽر آهن، نه انجنيئر نه سائنسدان ۽ نه ڪنهن قسم جا اعلى تعليم يافته! انهيءَ حالت تي جيترو به ارمان ڪجي اوترو ٿورو آهي. قوم ۾ مفلسي گهر ڪري ويئي آهي ۽ هي حالت روز بروز وڌندڙ آهي، اهڙي حالت ۾ ضروري آهي ته جيڪي مقبول ۽ بيٺل بزرگ قوم ۾ موجود آهن، تن کي گهرجي ته قوم جي هن هيڻي حالت تي ڌيان ڏين. لائق ۽ شوقين شاگردن جي امداد ڪن، بورڊنگ هائوس قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ۽ اسڪالرشپون ڏين. اسان کي ياد رکڻ گهرجي ته جيڪڏهن قوم جي عزت قائم رهندي ته دولتمند طبقي جي به عزت آهي ۽ جيڪڏهن قوم جي حالت، جهالت ۽ مفلسي جي ڪري ذليل ٿي ويندي ته پوءِ ڪنهن به طبقي جي عزت قائم رهي ڪانه سگهندي. (1) هن رپورٽ ۾ تعليمي انگ اکر ڏنا ويا جنهن ۾ مسلمانن جي حالت دل ڏڪائيندڙ آهي.


(1)  حسام الدين راشدي، هو ڏوٿي هو ڏينهن، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ 1977ع ص ص 381 - 83

(2)  حاجي شاهه نواز پيرزادو (نوابشاهه) کان مصنف جو ورتل انٽرويو.

(1)  جي ايم سيد جنب گزاريم جنيسين، جلد پهريون حيدرآباد سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع ص - 148

(1)  حسام الدين راشدي، هو ڏوٿي هو ڏينهن، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1977ع ص - 146

(2)  حسام الدين راشدي، هو ڏوٿي هو ڏينهن، ايضا ص - 146

(3)  حسام الدين راشدي، هو ڏوٿي هو ڏينهن، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1977ع ص - 377

(1)  روزانه الوحيد، ڪراچي، فبروري1، 1940

(1)  روزانه الوحيد ڪراچي. اپريل 28، 1941ع

(2)  روزانه الوحيد مارچ 25، 1941ع

(1)  روزانه الوحيد ڪراچي، مارچ 12، 1938ع.

(2)  روزانه الوحيد ڪراچي، آڪٽوبر 31، 1924ع.

(3)  روزانه الوحيد ڪراچي، مئي 10، 1938ع.

(1)   Dr. Hamida Khohro, The British Adminstration of Sind. (1843-1865) P.H.D. Thesis, University of London, 1965. P-69.

(2)  Dr. Hamida Khohro, The British Adminstration of Sind. (1843-1865) P.H.D. Thesis, Op: Cit P 375

(1)  Dr. Hamida Khohro, The British Adminstration of Sind. (1843-1865) P.H.D. Thesis University of London, 1965 P.P 275,76

(1)  شمس الدين بلبل، مرتب غلام محمد گرامي، مسلمان ۽ تعليم حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1977ع ص 21

(1)  شمس الدين بلبل مرتب غلام محمد گرامي، مسلمان ۽ تعليم حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1077 ص 29

(1)  شمس الدين بلبل مرتب غلام محمد گرامي، مسلمان ۽ تعليم حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ 1977ع ص ص 30- 31

(1) شمس الدين بلبل مرتب غلام محمد گرامي، مسلمان ۽ تعليم حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ 1977ع ص ص 34

(2) شمس الدين بلبل مرتب غلام محمد گرامي، مسلمان ۽ تعليم حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ 1977ع ص ص 37- 38

(1) شمس الدين بلبل مرتب غلام محمد گرامي، مسلمان ۽ تعليم ايضاً ص ص 45- 46

(1)  رپورٽ سنڌ محمدن ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس، حيدرآباد، 1934

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20  21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org