سيڪشن؛  سياسيات

ڪتاب:نالي ماتر آزادي

 

صفحو : 13

باب ارڙھون

ھندستان سان تنازعي جا بنياد

 ھندستان ۽ پاڪستان جي درميان تعلقات اھڙا ھئڻ  گھرجن، جھڙا سئيڊن ۽ ناروي جا باھمي تعلقات ھئا، جن کي ھن ڪري ھڪٻئي کان  جدا ٿيڻو پيو تھ جيئن ھڪٻئي کي وڌيڪ ويجھا ٿي سگھن. ھندستان ۽ پاڪستان ۾ ايتريون تھ گھڻيون ڳالھيون مشترڪھ آھن، جو باقي دنيا ڪن وقتن تي اھو سمجھڻ کان قاصر ھوندي آھي، تھ آخر اھي ٻيئي ملڪ مستقل طور ھڪٻئي جي خلاف محاذ آرائي جي حالت ۾ ڇو ٿا رھن. دانشمنديءَ جون تقاضائون، جاگرافيءَ جون مجبوريون ۽ بين الاقوامي طاقتن جو اثر، سڀ کانئن  امن سان رھڻ جي تقاضا ڪن ٿا، پر سندن افلاس  زده عوام کي انھن فائدن حاصل  ڪرڻ کان محروم رکيو ويو آھي، جيڪي کين آزاديءَ جي نتيجي ۾ حاصل ٿيڻ گھرجن ھا. انھيءَ صورتحال  جا ڪيئي  سبب آھن : تاريخي ورثو،  وھم  پرستي، ۽ تعصب . ننڍي کنڊ جي ھندن ھڪ ھزار سالن تائين پنھنجي غلامي برداشت ڪئي آھي، ۽ مسلمانن کي  150 سالن کان بھ وڌيڪ عرصي تائين غير ملڪي تسلط جو شڪار رھڻو پيو آھي. کين آزاد قومن جي حيثيت ۾ سندن صحيح مقام اڃا معلوم ڪرڻو آھي. ماضيءَ کان پنھنجو دامن ڇڏائڻ لاءِ کين اڃا اعتماد حاصل ڪرڻ جي ضرورت آھي.

مسٽر نھرو سندس زندگيءَ جي آخر تائين ھيءَ دعوي ٰ ڪندو رھيو  تھ ڄمون ۽ ڪشمير جي تنازعي بابت پاس ڪيل ٺھراءُننڍي کنڊ ۾ امن ۽ ڀائيچارو نھ آڻي سگھندو، ڇاڪاڻ تھ ھندو پاڪستاني تڪرار، محض لاديني ۽ ترقي پسند ھندستان جي خلاف مذھب پرست ۽ رجعت  پسند پاڪستان جي متعصبانھ رويي جا علامتي مظھر آھن. بئي طرف، پاڪستان جي دعوي ٰ اھا ھئي تھ صرف انھن تڪرارن جي نبيري سان، جن جا ھندستاني حڪومت ۽ ھندستاني وزيراعظم  بين الاقوامي طور پابند آھن، ھن ڳالھھ جو طئي ڪرڻ ممڪن آھي تھ اھي تڪرار ھندستان ۽ پاڪستان جي درميان پيدا ٿيندڙ اختلافن جا سبب آھن يا علامتون. ھيءُ ڳالھھ واضح آھي تھ فقط علاقائي ۽ ٻين اھم تنازعن جي حل ٿيڻ ذريعي ئي حالات کي معمول تي آڻڻ ممڪن ٿي سگھي ٿو. ھيءُ عجيب  و غريب منطق آھي تھ ھڪ ملڪ جا علاقائي ۽ اقتصادي حق ھن بنياد تي غصب ڪيا وڃن  تھ انھيءَ ملڪ سان دشمني اڻٽر آھي. دائمي دشمنيءَ جي نالي واريءَ  ڪنھن بھ شئي جو دنيا ۾ وجود ڪونھي. ھڪ دفعوجھڳڙا منصفانھ نموني م نبري وڃن تھ ڪشيدگيون  دور ٿي وينديون ۽ حالتون معمول تي اچي وينديون . پاڪستان ۽ ھندستان جي درميان سڀني کان وڏو جھڳڙو، ڄمون ۽ ڪشمير جي مستقبل تي مبني آھي، جتان جي عوام کي خود اختياريءَ جي حق ڏيارڻ لاءِ ھندستان پنھنجي نيڪناميءَ جي واسطي سان ٻڌل آھي. ان ھوندي بھ اھو سوچڻ غلط آھي تھ ڪشمير جو ھڪ ئي تنازعو آھي، جيڪو ھندستان ۽ پاڪستان کي ھڪٻئي کان جدا ڪري بيٺو آھي. جيتوڻيڪ اھوئي جھڳڙو ٻين سڀني کان وڌيڪ نمايان آھي، ان جي باوجود ڪي ٻيا بھ اھڙا جھڳڙا آھن، جن جي نزاڪت ۽  ڳنڀيرائي قابل غور آھي، جھڙوڪ واھن جي پاڻيءَ وارو جھڳڙو، گنگانديءَ جي پاڻيءَ جي مستقبل مان پيدا ٿيندڙ جھڳڙو ۽ ھندستان ۾ مسلمانن تي ٿيندڙ ظلم ۽ ستم مان پيدا ٿيڻ وارو جھڳڙو ، جنھن جو نتيجو انھن جي وڏي  تعداد ۾ پاڪستان ڏانھن ھجرت جي صورت ۾ رونما ٿيو. وري، ڪن ٻين مسئلن کي تاريخي ۽ ڪن ٻين سببن  جي ڪري مناسب انداز ۾ کنيو ويو آھي پر قومي مفاد لاءِ بھرحال، انھن جي اھميت برقرار آھي . گھٽ ۾ گھٽ ھڪ تنازعو قريبا اوتريءَ ئي اھميت جو حامل آھي، جيترو ڪشمير جو مسئلو، ۽ اھو تنازعو آسام ۽ ھندستان جي ڪن اھڙن ضلعن جي متعلق آھي، جيڪي اوڀر پاڪستان سان لاڳيتا آھن. انھن تي اوڀر  پاڪستان جي خاص حقداري آھي، ۽ حقن جي انھن دعوائن تي خاموش نھ رھڻ گھربو ھو. ھندستان اوڀر پاڪستان ۾ ناخوشگوار  دلچسپي وٺڻ جي عادت ڪڏھن بھ ترڪ نھ ڪئي، ۽ اولھھ پاڪستان ۾ بھ ھو اکنڊڀارت يا ھند جي اتحاد جھڙن قسمن جي ڪن  تحريڪن جي حمايت ڪري رھيو آھي. اھڙي  وقت ۾ جڏھن ناگا ۽ ميروقبائلين بغاوت ڪئي آھي ۽ ھزارين مسلمان آسام مان  ڪڍيا ويا آھن، جتي ھندستان جي تقسيم وقت ھند و قوم جي اڪثريت ڪا نھ ھئي، پاڪستان لاءِ انھن مسئلن کي نظر انداز ڪرڻ غلطي ٿيندي. ھندستاني مسلمانن کي اوڀر پاڪستان طرف ملڪ بدر ڪرڻ ۽ آسام ۽ تريپوره جي تڪراري سرحدن جا مسئلا اھڙا آھن، جو انھن کي وسارڻ نھ گھرجي. فرخا بند جو مستقبل ۽ درياھن  جي پاڻيءَ جي استعمال جو عام مسئلو اھڙا  جھڳڙا آھن، جن جو منصفانھ نبيرو اڃا ٿيڻ باقي آھي ۽ جيتوڻيڪ ”نھرو- نون“ معاھدو ڏھ سال اڳي طئي ٿيو ھو، ان جي باوجود بيروباريءَ جو پاڪستان جي طرف منتقل ٿيڻ باقي آھي. ملڪ جي ٻنھي بازن کي ھندستان جي خلاف جائز شڪايتون آھن ۽ جيستائين وڏا جھڳڙا طئي نھ ٿا ٿين، تيستائين تعلقات ۾ بھتريءَ جي توقع رکڻ اجائي آھي.

نھروءَ جي ھيءَ دعوي ٰ  تھ اھي تڪرار ھندستان سان پاڪستان جي ابدي دشمنيءَ جي علامت آھي، اوتري ئي شرآميز آھي، جيتري اھا بي بنياد آھي، ڇاڪاڻ تھ اھو ھندستان آھي ۽ نھ پاڪستان، جنھن جي دل ۾ ڪينو ڀريل آھي. پاڪستان، آزاديءَ لاءِ ڪيل جدوجھد ۾ ھندستان سان برابري حاصل ڪئي. ڀارتي ڪانگريس ملڪ  جي ورھاڱي جي خلاف مزاحمت ڪئي، پر اھا پاڪستان جي قيام کي روڪڻ ۾ ناڪام رھي. انڪري ھيءَ ڳالھھ قدرتي آھي تھ ڪي ھندستاني رھنما پنھنجين دلين ۾ پاڪستان جي طرف کان رنجش رکن. ڳالھھ فقط ايتري آھي تھ ھندستان، پاڪستان  جي تڪميل جو قطعي روادار ناھي، انھيءَ ڪري انھن ٻنھي ملڪن جي درميان حالتون خراب ٿيندي ٿيندي موجوده مايوس ڪندڙ تعطل تائين پھچي ويئون آھن. پاڪستان جي فلسفھ جو بنياد انسان جي برابريءَ جي اصول کان وڏي پاڙيسريءَ لاءِ دل ۾ عداوت رکڻ انھيءَ فلسفي جي خلاف ٿيندو.

مسلمانن  ننڍي کنڊ تي ست سئو سالن کان وڌيڪ حڪومت ڪئي ۽ آخرڪار اھي پنھنجي لاءِ ھڪ علحده وطن قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا. بدقسمتيءَ سان ھندستاني ذھنيت تاريخي سببن کان ذھني مونجھارن ۽ شڪست جي ڀوت جو شڪار آھي. ھندستان ۽ پاڪستان جي تعلقات جي پاڙن تائين پھچڻ لاءِ اھو ضروري آھي تھ ھندستاني قوميت جي نوعيت جي جاچ پڙتال ڪئي وڃي.

رگ  ويد جي  زماني کان وٺي ئي ھندستاني ڪردار جي غالب خصوصيت، ان جو مذھبي مزاج ۽ ذات پات جي نظام جي بدولت سندس علحدگي پسندي رھي آھي. جيتوڻيڪ ھندستاني تھذيب کي ھندو ثقافت جي ھم معني ٰ سمجھيو وڃي ٿو، ان ھوندي بھ سوين سالن کان وٺي انھيءَ تھذيب اجنبي ثقافتن کي پنھنجي اندر سمائي ڇڏڻ جي قابل ِ ذڪر قوت جو مظاھرو پئي ڪيو آھي. آريھ تھذيب جي زماني کان اڳي  جي ھڪ شاندار تھذيب، موئن جي دڙي ۽ ھڙپا جي ڦـِٽل  نشانن ۾ دفن آھي. ھيءَ ڳالھھ اڪثر ڀلائي ويندي آھي تھ آرين انھن ئي کنڊرن جي مٿان پنھنجو نئون نظام کڙو ڪيو ھو، جنھن جي ڪک  مان پوءِ ھندو  برھمڻي مت پيدا ٿي. جيئن جيئن آريھ حملھ آور اتر الھندي ميدانن کان گنگانديءَ جي اترين ڀاڱن ۾ پھچندا ويا، تيئن تيئن تاريخ جي  نقل جو مرڪز  سنڌ ۽ پنجاب جي ماٿريءَ کان گنگا نديءَ جي ماٿريءَ ڏانھن منتقل  ٿيندو  ويو،  ۽ ويدن واري زماني برھمڻيت لاءِ جاءِ خالي ڪئي .

 رگ ويد ۾ ٻن نسلن جي وجود جو ذڪر ملي  ٿو : ھڪ بلند حوصلھ وارا دراوڙ، جيڪي  پنھنجي وطن جي سر زمين جي بچاءَ ڪرڻ لاءِ زندگي ۽موت جي ڪشمڪش ۾ مصروف ھئا ۽ ٻيا حملھ آور آريا، جيڪي ڪڻڪ وني رنگ جا غير ملڪي ھئا. آرين حڪرانن متڪبرانھ دعوائن سان پنھنجو پاڻ کي ”ديون “ يا ديوتائن جي صفتن سان نوازيو ۽ مقامي ماڻھن کي ”راڪشن“ يا شيطان جو طبقو قرار ڏنو. ذات  پات جو نظام، برھمڻن جي برتريءَ واري تصور جي پيداوار ھو، جنھن کي زندگيءَ جي ھڪ طريقي طور قبول ڪيو ويو. زندگيءَ  جي انھيءَ  طريقي ۾ ”شودرن“ کي بھ، جيڪي گھٽ ذات وارا ھندو ھئا، مليڇن يعني غير آريا ماڻھن   کان ڪجھھ امتيازي حيثيت ڏني ويئي، حالانڪ انھن ٻنھي طبقن کي ھن زندگيءَ ۾ خانگي، شھري ۽ فوجي اعزازن کان محروم رکيو ويو، ۽ آئينده زندگيءَ ۾ ”مڪتي“ يعني نجات جو نا اھل قرار ڏنو ويو، ”سـِٿِين“ حملھ آورن جي وارد ٿيڻ سان برھمڻن  جي ترقيءَ ۾ رڪاوٽ پيئي. اھي ”سٿِين“ حڪمران مقامي ماڻھن جي نالي ماتر اطاعت کي ڪافي سمجھندا ھئا. مذھب جي  حدن اندر ھنن پنھنجي لاءِ امتيازي رعايتن ۽ اختيارات جو  قانون نافذ نھ ڪيو. برھمڻ اڳي وانگر وڌندا ۽ ويجھندا رھيا. ھو پنھنجن نون آقائن آڏو جھڪندا تھ  رھيا پر کين پنھنجن سماجي ۽ مذھبي عملدارين  اندر داخل ٿيڻ جي اجازت ڏيڻ  کان سختيءَ سان انڪار ڪيائون. انھيءَ زماني ۾ عظيم ٻڌ پيدا ٿيو، جيڪو ”سٿِين“ نسل جو ھڪ شھزادو ھو. مھاتماٻڌ اعلان ڪيو تھ ” سڀ انسان برابر آھن ۽ نجات جو دروازو سڀني لاءِ ھڪجھڙو کليل آھي.“ اھاڳالھھ برھمڻن کي سخت ناگوار گذري. ٻڌ ڌرم کي بعد ۾ انھيءَ تعليم  جي ڏاڍي  ڳري قيمت ھندستان کان جلاوطنيءَ جي صورت ۾ ادا ڪرڻي پيئي. جين مذھب، جيڪو ٻڌڌرم جي اثر  و رسوخ جي زوال سان گڏ نمودار ٿيو، تنھن جو پڻ برھمڻن  جي ھٿان لڳ ڀڳ ساڳيو انجام ٿيو.

ھندستان جي تاريخ جو سرسري مطالعو ظاھري ڪري ٿو تھ ھندو ڌرم ٻاھرين عناصر جي دخل اندازين کي ڪھڙي طريقي سان منھن ڏنو آھي. ننڍن مداخلت ڪارن جي اثر کي پاڻ ۾ سمائڻ  ذريعي ٺيڪ ڪيو ويو آھي، فاتحن کي غلامانھ خوشامد سان برغلايو ويو ۽ جيڪي فاتح ھندستان ۾ رھجي ويا، سي جيڪڏھن جذب ٿيڻ کان  بچيا، تھ فقط پنھنجي جداگانھ حيثيت کي برقرار رکڻ جي سخت ڪوششن جي بدولت .

ھندستان جو اھو متڪبرانھ نظام مسلمانن جي فتوحات ھٿان ٽٽو. ھندن کي اھو ڌڪ برداشت ڪرڻو ئي پيو، پر ” ڌرم“  جي نالي  مقابلو مسلسل جاري رھندو آيو. ھندستاني نظام انھيءَ حقيقت کي محسوس ڪرڻ ۾ دير ڪا نھ ڪئي تھ ٻين حملھ آورن جي ابتڙ، مسلمان تھذيب کان بيگانا ماڻھو ڪنھن  جو انھن کي آسانيءَ سان پنھنجي اندر جذب ڪيو وڃي.  ھو ھندستان جي مقامي تمدن جي نظام ۾ شموليت کي پنھنجي لاءِ عزت افزائي نھ سمجھي  رھيا ھئا ۽ اھڙيءَ طرح ھندن ۽ مسلمانن ۾ افسوسناڪ محاذ آرائيءَ جو آغاز ٿيو. مسلمانن جي تسلط واري سڄي ساري عرصي ۾ ھندن پنھنجي نسل ۽ تمدن تي انتھائي فخر جو اظھار جاري رکيو، جيڪو رفتھ رفتھ اجنبين کان نفرت جي شديد مريضانھ ذھنيت جي صورت اختيار ڪري ويو. اھي سڀ خوف ۽  نفرتون، جيڪي مليڇ يعني ناپاڪ ۽ غير مھذب  اجنبيءَ جي تصور سان وابستھ ھيون، سي سڀ ھاڻي اجنبي مسلمان جي  خلاف جدوجھد ۾ استعمال ڪيون ويئون. جڏھن مسلمانن ھندستانين جا طور ۽ طريقا اختيار ڪري ۽ انھن جي عورتن سان شاديون ڪري ھندستاني زندگيءَ جي نظام سان ٺاھھ ڪرڻ چاھيو، تڏھن بھ ھنن سان  برابريءَ جو سلوڪ نھ ڪيو ويو،   ڇاڪاڻ تھ اسلام جي دين ۾ ھندن جي جامدڌرم جي بنيادي تصورن لاءِ ھڪ للڪار  سمايل ھئي. مسلمانن جي خلاف لاتعداد بغاوتن ۾ انھيءَ جنگجوئي واري جذبي کان بلڪل کليل نموني ۾ ڪم ورتو ويو.

فاتح جي طرفان  ھند و ڌرم سان ٺاھھ ڪرڻ جي ھڪ ابتدائي ڪوشش اڪبر ھئي، پر ھن جي مقصدن کي ھند و  ڌرم جي ڪٽرپڻي بي اثر بنائي ڇڏيو. اھو ڪٽرپڻو ٻنھي قومن جي درميان- ميلاپ جي راھ ۾ رڪاوٽ  بنجي پيو. ان ھوندي بھ ھن جي ھڪٻئي سان تعاون ڪرڻ جي حڪمت عمليءَ ھندن لاءِ ھيءُ موقعو مھيا ڪري وڌو  تھ ھو مسلمانن جي  امير طبقي تي پنھنجو اثر  وجھن ۽ کين پنھنجي حلقي اندر محصور ڪن. اورنگزيب انھيءَ پاليسيءَ جي رد عمل طور انھيءَ عمل کي ابتو ڪرڻ ضروري سمجھيو، پر ھو انھيءَ مقصد جي تڪميل ڪرڻ لاءِ گھڻو دير سان وارد ٿيو ھو. ھن جي تخت نشينيءَ جي وقت تائين، مغل سلطنت زوال ۾ پھچي ويئي ھئي. ھن کي سلطنت کي بچائڻ، مرھٽن سان وڙھڻ ۽ ٻين گھڻن پريشان ڪندڙ مسئلن سان مقابلو ڪرڻو پيو.

برطانيھ جي استعماري تسلط جي خلاف لاءِ، نئشنل ڪانگريس جي ليڊرن مسلمانن کي پاڻ  ۾ جذب  ڪرڻ جي پاليسيءَ کي وڌيڪ مربوط انداز  ۾ شروع  ڪيو. سن ١٨٥٧ع واري آزاديءَ جي جنگ ۽ خلافت تحريڪ، ٻنھي ۾ ھند و ۽  مسلمان پنھنجن مشترڪھ مقصدن حاصل ڪرڻ  لاءِ برطانوي تسلط جي خلاف ڪلھي ۾ ڪلھو ملائي وڙھندا رھيا. بھرحال، ٻنھي حالتن ۾ جڏھن جدوجھد ھڪ نازڪ مرحلي ۾ داخل ٿي، تڏھن سندن اتحاد قائم رھي نھ سگھيو، جنھن جو نتيجو ا ھو  نڪتو، جو ٻيئي تحريڪون چٿيون  ويئون. نھ تھ مساوات جي بنياد تي تعلقات قائم ڪرڻ لاءِ مغلن جي ڪوشش ۽ نھ سامراج جي خلاف مشترڪھ مقصد، اھڙي باھمي تعاون  کي قائم رکي سگھيا، جيڪو جٽادار اتحاد طرف وٺي وڃي ھا.

ڪن اھڙن ممتاز  تاريخدانن، جن ھندستاني ذھن کي زوردار نموني سان متاثر ڪيو آھي، ”ڀارت ماتا“ جي تصور جي وضاحت نھ صرف مادر ِ وطن طور بلڪ ھماليھ کان  وٺي راس ڪماريءَ تائين ھندن جي مقدس سر زمين طور پڻ ڪئي آھي. ڀارت ماتا جي لاءِ، جيڪا ” آريھ ورت“ (آرين جو وطن) آھي، تقدس ھندو ڌرم جو مرڪزي موضوع آھي، جيڪو ديومالا، فلسفھ، دنيا ۾ رھندڙ جاندارن جي علم ۽ مذھب جو اھڙو عجيب ترين مرڪب آھي، جنھن جھڙو ٻيو ھن وقت تائين دنيا نھ ڏٺو آھي، آريا، جن جو اولاد ھئڻ جي برھمڻ دعوي ٰ ڪن ٿا، اتر ھندستان جي رستي مشرقي ھندستان ڏانھن پيشقدمي ڪرن ۽ مقامي ماڻھن تي، جن کي ھو ” داسيو “ سڏيندا ھئا، غلبو حاصل ڪرڻ کان اڳي ڪيترين ئي صدين تائين پنجاب ۾ آباد رھيا. ھندن جا قديم ترين مقدس ڪتاب، ر ِگ ويد ۽ اپنشد رشين يعني قديم پنڊتن  پنجاب جي علائقي ۾ مرتب  ڪيا ھئا.

ھندن جي قومي شعور مطابق، جنھن کي گذريل صديءَ جي  ڪيترن وڏن ھند و ليکڪن ھنن جي دلين ۾ اڀاريو آھي، ننڍي کنڊ کي ھڪ وحدت تصور ڪيو ويندو آھي- خيبر جي پھاڙين کان وٺي ڏور ڏکڻ تائين ھڪ ناقابل تقسيم وحدت، جنھن ۾ اتر الھندي وارو علائقو، جيڪو ھن وقت پاڪستان آھي، ان جي دل ۽ جان جي حيثيت رکي ٿو. جاگرافيائي لحاظ کان بھ ھندستان انگريزن جي حڪومت واري دور کان سواءِ، يا مغل شھنشاھ اورنگزيب  جي حڪومت وارن ٿورن سالن کي ڇڏي، ڪڏھن بھ ھڪ حڪومت جي تحت متحد نھ رھيو. ان کان اڳي، اوائلي ھندستاني سلطنت، جيڪا موريا گھراڻي وارن قائم ڪئي ھئي، سڄي اتر ھندستان، بلڪ افغانستان تائين ۽  ڏکڻ واري اپٻيٽ جي ڪن حص تائين ڦھليل ھئي. ھندستان جو اثر اڀرندي طرف سمنڊ پار ڪري ڪئمبوڊيا ۽ جاوا تائين وڃي پھتو ھو. برھمڻن جو مذھبي ۽ ثقافتي اثر ۽ رسوخ ماضيءَ جي  ھرھڪ ھندستاني سلطنت جي حدن جي مقابلي ۾، وڌيڪ وسيع ھو. ھندن جو مذھب ھڪ اھڙي ”چپتراپتي “ يعني آقائن جي آقا، يا ھڪ اھڙي حڪمران جي وصفن جا خاص طور ڳيت ڳائي ٿو، جيڪو پنھنجي پاڙيسرين کي فتح ڪري مٿن تسلط قائم ڪري ٿو ۽ پنھنجو غلبو ھڪ سمنڊ کان ٻئي تائين وڌائي ٿو. ماضيءَ جي عظمت جو اھڙو شعور، جنھن جي ھند و ثقافتي ۽ سياسي احياعھ لاءِ وڏن وڏن مصنفن  تجديد ڪئي، ويھين صديءَ ۾ ھندستاني قوم پرستيءَ جو مکيھ سرچشمو رھيو آھي. نھروءَ جو ”ھندستان جي دريافت“ (ڊسڪوري آف انڊيا) ظاھر ڪري ٿو تھ ڪيئن نھ انتھائي مغربي طرز ِ فڪر جو ھند و ذھن پڻ ”ھندستان جي لازمي ھندويت“ جي جادوءَ جي اثر جو شڪار ٿي پيو.

ياريھن صديءَ ۾، مسلمانن جي وڏي تعداد ۾ وارد ٿيڻ، ھندن کي  نھ فقط سياسي اقتدار کان محروم ڪيو، پر ان سان گڏوگڏ ملڪ جي غالب مذھب جي وقار کي پڻ زبردست ڌڪ ھنيو. ھڪ ھندو ليکڪ، ھندو- مسلم تصادم جو تجزيو ڪندي لکي ٿو:

”مسلمانن جي ھٿان ھندستان جي تسخير، ھند و قوم لاءِ ذات پات جي ڀيد ڀاءَ واري نظام جي ذريعي بي ضرر نھ ٿي سگھي. اھا تسخير در حقيقت، ھڪ اھڙي محڪم ۽ باشعور معاشري جي ھڪ نئين ملڪ ۾ توسيع ھئي، جنھن وٽ زندگيءَ جو پنھنجو  ترقي يافتھ طريقو ۽ زنده ثقافت موجود ھئي. ھندستان جي آخري تسخير ھڪ اھڙي مسلمان بادشاھھ جي مھم ھئي، جنھن جي حڪومت جو مکيھ علائقو ھندستان کان ٻاھر واقع ھو، پر پوءِ بھ جڏھن نئين مسلم سلطنت جي تابعداريءَ جو خاتمو ھڪ ٻِاھرين مسلم سلطنت طرفان ٿيو، جيئن اھو جلد ئي عمل ۾ آيو، تڏھن بھ مسلمانن جي اھا حڪومت ھڪ اھڙي بيٺڪي قوم جي حڪومت  رھي، جنھن وسيع تر اسلامي دنيا سان پنھنجي الحاق کي ڪڏھن بھ نھ وساريو .

”اڃا بھ وڌيڪ اھم ڳالھھ ھيءَ ھئي تھ مسلمان قوم ثقافت جي انتھائي ھيٺانھين سطح واري وحشي قوم ڪا نھ ھئي، جيڪا ھندن جي حلقي ۾ پنھنجي داخلا کي پاڻ لاءِ عزت ۽ افتخار جو باعث سمجھي ھا. ان  جي برعڪس، ھو پاڻ نھ فقط ھڪ نئين ۽ جارحانھ ثقافت جا خالق ۽ محافظ ھئا، پر کين ٻين ثقافتن  مٿان برتريءَ جو جنون جي حد تائين يقين پڻ ھو، ۽ سندن خيال ھو تھ ان جي تبليغ زبردستيءَ سان ڪرڻ پڻ سندن فرض ھو. سندن مذھب در حقيقت، ھڪ مسلمان لاءِ انھيءَ فرض کي ھڪ نھايت اھم، حالانڪ اختياري فريضھ بنائي ڇڏيو ھو. تاريخ ۾ اھي پھريان ماڻھو ھئا،. جن زندگيءَ جي ھڪ مخصوص طرز ۽ باقي ٻين سڀني طرزن جي درميان ھڪ ناقابل ِ تصفيھ تصادم جو خيال پيش ڪيو ۽ جن مستقل انقلاب جي نظريي جي تشڪيل ڪئي. ھنن اعلان ڪيو تھ جيستائين سڄي دنيا سندن دين قبول نھ ڪندي، تيستائين دنيا ۾ امن ۽ سڪون قائم  ٿي نھ ٿو سگھي.

 ”ڄڻ تھ اھو مشڪل  مسئلو اڃا ڪافي نھ ھو، جو ھندن وري پنھنجي طرفان ان کي اڳتي وڌائڻ ۾ ھڪجيترو حصو ورتو. جيئن مون مٿي چيو آھي، جنھن وقت ڌاري نوان حملا شروع ٿيا. تنھن وقت تائين  ھندن ۾ جيڪا بھ جاذبيت جي قوت ۽ مطابقت جي صلاحيت ھئي، سا ھو سڄي وڃائي ويٺا ھئا۽ ھو ھڪ اھڙي بند معاشري جي صورت ۾ ٺري  چڪا ھئا، جنھن ۾ خود پنھنجي  برتريءَ جو عقيدو  جنون جي حد تائين وڌيل ھو. چنانچھ، ھاڻي مسلمان کي تھ ڇڏيو، ڪنھن غير جانبدار ۽ غير ملڪيءَ کي بھ پاڻ ۾ جذب ڪرڻ جو سوال ئي پيدا نھ پئي  ٿيو.“(1)

 مسلمانن جي ھٿان ڌڪ کائڻ جي احساسن ھئڻ ڪري، جنھن ۾ مذھبي عقيدي جي ڪري وڌيڪ شدت اچي ويئي ھئي ۽ جيڪو صدين جي نفرت ۽ حقارت تي پلجي چڪو ھو، تنھن جي تحت سڀني ھندو تنظيمن مسلمان اقليت کي پنھنجي اندر جذب ڪرڻ جي خيال کي ھميشھ پنھنجي سياسي منزل ِ مقصود جو ھڪ حصو سمجھيو آھي، جن ۾ اختلاف فقط طريقن جو آھي. ھند مھاسڀا ۽ آر-ايس-ايس(راشٽريھ سوايھ سيوڪ سنگھھ) تشدد روا رکڻ ۽ مسلمانن کي شڌ ڪري ھندو سماج ۾ انتھائي ھيٺيانھين سطح تي زوريءَ شامل ڪرڻ جو قسم کاڌو  ھو. گانڌيءَ  جا طريقا ڪجھھ پراسرار ھئا. ھو اڪثر ڪري مسلمانن کي پنھنجو رت – ڀائي سڏيندو ھو، ۽ انھيءَ قسم جون بيشمار خاطريون ڏيندو ھو تھ  ڪانگريس  حڪومت جي تحت ھندستان ۾ ھنن جي حفاظت ڪئي ويندي.  پر جڏھن بھ کيس چيو ويندو ھو تھ انھن حقن، آزاد ھندستان ۾ مسلمانن جي حصي جي وضاحت ڪري، تھ  ھو ھميشھ ڪنھن صاف جواب ڏيڻ کان ڪترائي ويندو ھو. نھروءَ  جي ڪئمبرج جي تعليم يافتھ ھئڻ ۾ مارڪسي فلسفي کي تسليم ڪرڻ جي دعوي ٰ جو ذڪر  تھ ڇڏيو، پر ھن جي مسلم ثقافت سان تعلق ھئڻ جي پس منظر جي باوجود، ھو ننڍي کنڊ ۾ ھڪ جدا  مسلم ثقافت جي وجود جي خيال  کي ئي مسترد ڪري ڇڏيندو ھو. ھو پڇندو ھو، ” اھا مسلم ثقافت  ڇا ٿيندي آھي؟ ڇا، اھا آريائي- ايراني ثقافت آھي يا عربن جي سامي ثقافت؟“ ھو ھڪ ھندوءَ ۽ مسلمان ۾ جيڪو ھڪ ئي فرق ڏسي سگھندو ھو، سو اھو ھو تھ ھڪ ھند و ڌوتي ٻڌندو ھو ۽ ھڪ مسلمان  پاجامو ۽ ترڪي ٽوپي پائيندو ھو.

 نـِراد-سي-چوڌري ھندو جنگجوئيءَ واري مزاج جي باري ۾ لکي ٿو :

. سڄي زندگيءَ جي مشاھدي مون کي يقين ڏياريو آھي تھ ھندن ۾ چريائيءَ جي ھڪ ڌارا آھي ۽ ڪو بھ ماڻھو ھيءَ ڳالھھ اڳواٽ تسليم ڪرڻ سان تھ ھندو معياري شخصيت جا مالڪ آھن، سندن نجي۽ عام اطوار جو  صحيح اندازو ڪري نھ سگھندو. اھو جنون سندن روزمره زندگيءَ ۾ ماليخوليا وانگر لـِڪو ويٺو آھي، ۽ انھيءَ بيگانگيءَ کي ھڪ ماھر نفسيات جي اصطلاحن ۾ پڻ سمجھائي سگھجي ٿو- اھو ڪجھھ حد تائين تھ ” پيرانويا“ آھي ۽ ڪجھھ قدر ذھني انشقاق آھي. ھندن جي سڀني ڪمن ۾، خاص طور انھن ۾ جيڪي عام معاملن سان  واسطو رکن ٿا، يا تھ دماغي ضعف يا ذھني ڏنگائي جون واضح علامتون ملن ٿيون .

جيڪڏھن ڪوئي  ھن دعوي ٰ تي کلي ٿو تھ آءٌ کيس چوندس تھ ھو جرمن ۽ جپاني قومن جي تازي تاريخ  کي ياد ڪري، جن انسانذات  تي بھ تباھڪن جنگيون مسلط ڪيون. جرمن تاريخ جي نازي عھد جي باب جي يا آمريڪين سان جنگ ڇيڙڻ جي جپاني ڪوشش جي تشريح انھن ٻنھي جي وقتي اجتماعي جنون کان سواءِ ڪنھن بھ ٻئي مفروضي سان نھ ٿي ڪري سگھجي. انھن مثالن مان آءٌ ھن نتيجي تي پھتو آھيان تھ فردن  وانگر انساني گروھ پڻ پاگل بنجي پوندا آھن. مون فقط انھيءَ نظريي جو اطلاق ھندن تي بھ ڪري ڇڏيو آھي. پر ھندن ۾ سندن اجتماعي ديوانگيءَ ۾ ٻھ اھم فرق بھ ظاھر ٿيا آھن : ھڪ اھو تھ انھن جو ديوانگيءَ جو رويو اظھار ۾ ذره ڪمزور ھوندو آھي، ۽ انڪري اھو باقي انسانذات  لاءِ  تباھيءَ جو گھٽ باعث رھيو آھي، حالانڪ خود انھن لاءِ ڏاڍو نقصانڪار ٿيو آھي، ٻيو تھ اھا دائمي ۽ مسلسل آھي ۽  ان مان ھيءَ توقع نھ ٿي رکي سگھجي تھ جرمنن ۽ جپانين جي جنون وانگر ھنن جي ديوانگي پڻ گذري ويندي. “(1)

ھيءَ ڳالھھ معني ٰ خيز آھي تھ مسلم ليگ جو بنياد 1906ع ۾ ڪانگريس جي انتھا پسندن جي غلبي واري دور جي دوران پيو.  ھن صديءَ  جي ٽين ۽  چوٿين ڏھاڪي جي دوران ڪانگريس جو ڪليدي لفظ ”سنگٺن“ ھو، يعني استحڪام، يڪجھتي ۽ باھمي مضبوطي. راشٽريھ سوايم سنگھھ جو بنياد سن 1925ع ۾ رکيو ويو. سن 1923ع ۾، جڏھن مرحوم مولانا محمد علي جوھر مشھور خلافت تحريڪ ۾، ڪانگريس سان ھڪ اشتراڪ عمل ڪري رھيو ھو، تڏھن  وي. ڊي. ساورڪر  ھڪ ڪتاب ”ھندوستوا“ شايع ڪيو ھو، جيڪو اڄ تائين ھند و قوم پرستن جي ذھن کي متاثر ڪري رھيو آھي. ساورڪر ”ھند و“  لفظ جي جيڪا تشريح ڪئي آھي، سا پر معني ٰ آھي. اھا تشريح ھيئن آھي : ” ھندو اھو ماڻھو آھي، جيڪو سنڌو نديءَ کان وٺي سمنڊن تائين ڀارت ورش جي ھن ڌرتيءَ کي پنھنجو آبائي وطن، توڙي پنھنجي مقدس سر زمين يعني پنھنجي مذھب جو گھوارو يا پنھنجي مذھب جو گھر تصور ڪري ٿو.“” ھندوستوا“ ھند و نسل جي سڄي وجود  جي فڪر جي سڀني گوشن ۽ ان جي سڄي سرگرميءَ تي  حاوي آھي.(1) ھند و ھڪ قوم ھئا، مسلمان فقط ھڪ دفعو.

ھاڻي جڏھن تھ مسلمان پنھنجو ھڪ جدا وطن تشڪيل  ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آھي، تڏھن ھو ھندو مت لاءِ ھڪ وڌيڪ وڏو چئلينج بنجي پيو آھي. پاڪستان کي ”ڀارت ماتا“ جي عضون جي ظالمانھ  ڪاٽ ڪوٽ  جو نتيجو سمجھيو  وڃي ٿو، ۽ ھند و جنگجوئيت رسا ڇنائڻ لڳي آھي. پٽيل ھڪ دفعي چيو  ھو تھ جيڪڏھن ھندستان چاھي تھ اھو پشاور تائين ميدان صاف ڪري سگھي ٿو. سن 1947ع۽ سن 1954ع جي درميان ٽي دفعا نھ، تھ ٻھ دفعا تھ ان بين الاقوامي مذمت ۽ ٻين نتيجن جي خوف کان انھيءَ قسم جي مھم شروع ڪرڻ کان پاڻ کي روڪيو ھو. ان ھوندي بھ سن 1965ع ۾ دغابازيءَ وارو حملو ٿيو، ھندستاني فوجي نظام ھن وطن پرستانھ خوش فھميءَ ۾ مبتلا ھيو تھ اھو پاڪستان تي غلبو حاصل ڪري سگھندو. 

ھندستاني اڳواڻن فقط ان صورت ۾ پاڪستان قبول ڪيو، جڏھن کين واضح طور نظر آيو تھ ملڪ جو ورھاڱو اڻٽر آھي ۽ کين برطانيھ جي ھٿن مان ھندستاني ھٿن ۾ اقتدار جي منتقليءَ لاءِ  تقسيم کي قيمت طور ضرور مڃڻو پوندو. پاڪستان لاءِ رضامند ٿيڻ وقت بھ  گانڌي، نھرو، پٽيل ۽ ٻين حقيقت ۾ ٻن قومن وارو نظريو تسليم ئي نھ ڪيو ھو. ھنن تقسيم جي تلخ فيصلي  کي ھن اميد تي قبول ڪيو ھو تھ نئين مملڪت زنده رھڻ جي قابل ئي نھ  ھوندي ۽ اھا پنھنجي وڏي ۽ وڌيڪ طاقتور پاڙيسريءَ جي دٻاءَ ھيٺيان دٻجي ويندي. 

ھندستان  جو آزاديءَ واري وقت کان وٺي پاڪستان ڏانھن رويو سڀني کي معلوم  آھي. جھوناڳڙھھ، ڪشمير ۽ حيدرآباد تي قبضي جا واقعا ايترا تھ تازا آھن، جو انھن کي ورجائڻ جي ضرورت ڪانھي. ھندستان کي ھن ڳالھھ ۾ ڪڏھن بھ ڪو تضاد نظر ڪو نھ آيو تھ ھو جھونا ڳڙھھ ۽ حيدرآباد تي تھ ھن سبب ڪري دعويدار آھي، جو انھن ۾ غالب اڪثريت ھندن جي آھي، پر انھيءَ اصول کي ھو ڄمون ۽ ڪشمير جي معاملي ۾ رد ڪري ٿو، جتان جي  آباديءَ جي وڏي اڪثريت مسلمان آھي. ان جي بجاءِ ھندستاني رھنمائن لاديني رياست  ۽ جمھوريت ۽ يرغمال جي اصول جي تصورن کي غلط انداز ۾ استعمال ڪيو، تھ جيئن ڄمون ۽ ڪشمير  جي عوام  کي سندن ناقابل تنسيخ حقن کان محروم ڪري سگھجي.

انھن تاريخي ۽ نفسياتي اسبابن جي روشنيءَ ۾، جيڪي پاڪستان متعلق  ھندستاني نظرين کي متعين ڪن ٿا، ھيءَ ڳالھھ ظاھر آھي تھ ھندستاني ليڊر پاڪستان کي ھن ڪري گوارا ڪرڻ تي آماده ٿيا، جو انھن ۾ ان کي تباھ ۽ برباد ڪرڻ جي  قوت ڪانھ ھئي. جيڪڏھن ھو اھڙي طاقت گڏ ڪري سگھيا ، جيئن اھي پنھنجي فوج وڌائڻ ۾ جي شڪل ۾ ڪوشش ڪري رھيا آھن، تھ اھي تقسيم کي ختم  ڪري ڇڏيندا، ۽ پاڪستان کي وري پنھنجن خوابن واري ھندستان ۾ ضم ڪري ڇڏيندا. ھنن پاڪستان   کي  پنھنجو مکيھ دشمن قرار ڏنو آھي. نھروءَ ۽ ھن جي جانشينن جي تحت، ھندستان جي سياست گريءَ جو سڄو مقصد اھو رھيو آھي تھ اسان جي ملڪ کي الڳ ٿلڳ ڪرائين، تھ جيئن ان وقت جڏھن ھندستان ڪافي طاقت پيدا ڪري  وٺي تھ ھو جيتريءَ بھ خاموشيءَ ۽ تيزيءَ سان ممڪن ٿئي، اسان تي قابو حاصل ڪري پاڻ  ۾ جذب ڪري ڇڏي.

پاڪستان  جو باني، محمد علي جناح ”ھند و –مسلم اتحاد جي سفير“ جي نالي سان مشھور  ھو ۽ انڊين نئشنل  ڪانگريس ھن کي پنھنجي تحريڪ جو نمائندو سمجھندي ھئي. ھن پنھنجي سياست زندگيءَ جي عروج  جي زماني ۾ پوري جوش ۽ جذبي سان انتھائي ڪوششون ڪيون تھ ھندستان جي آزاديءَ جي مقصد کي اڳتي وڌائي تھ جيئن ھند و ۽ مسلمان ھڪ ئي مملڪت ۾ پاسي ۾ پاسو ملائي رھي سگھن ۽ ھڪ ئي ڇت ھيٺان آزاديءَ سان ھمنڪار ٿي سگھن. ھيءَ حقيقت، تھ ھو انھيءَ مقصد ۾ ناڪامياب ٿيو، پنھنجي جاءِ تي ڏاڍي معني ٰ خيز آھي. انھيءَ طرح جي  ناڪامي ھن کان ننڍي ماڻھوءَ کي مايوس ڪري ڇڏي ھا. مسٽر جناح، جنھن جي يڪسوئي ۽ ڪم ڪرڻ جي قوت، ھڪ داستان بنجي چڪي آھي، ناڪاميءَ جي ڪري منھن موڙڻ وارو نھ ھو. تجربي ھن تي واضح ڪري ڇڏيو ھو تھ ھندستاني رھنما مسلمانن جي تعاون جا خواھان تھ آھن، پر برابر درجي وارن شھرين جي حيثيت ۾ نھ، بلڪ سندن الڳ حيثيت ۽ شناخت کي ختم ڪرڻ لاءِ. ڪجھھ سالن لاءِ ھو ھندستاني سياست جي پيچيدگين کان جدا ٿي ملڪ کان ٻاھر ھليو ويو. جڏھن مولانا محمد عليءَ جھڙن مسلمان ليڊرن کيس درخواست ڪئي،  تڏھن ئي ھو پنھنجي تاريخي فرض جي تڪميل لاءِ وطن واپس موٽي آيو. پنھنجي  سابق تجربي کان مستفيض ٿي، ھاڻي ھن اھوئي ھڪ منطقي رستو اختيار ڪيو، جيڪو ھن لاءِ کليل ھو يعني ھن ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي محڪوم بنائڻ لاءِ ڪانگريس جي آرزوئن کي بي نقاب  ڪرڻ شروع ڪيو. مسلم ليگ لاءِ ھن ڀرپور محاذ آرائيءَ جي حڪمت عملي تشڪيل ڏني، ۽ انھن سڀني ترغيبن ۽ تعاون جي وعدن جي مقابلي ۾، جن جي ذريعي ڪانگريس سندس ڌيان ڦيرڻ ۽ کيس پنھنجي طرف ڪشش ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھي ھئي، ھن ڏاڍي مستقل مزاجيءَ سان گوڏن جھڪائڻ کان بلڪل انڪار ڪيو. ھو پنھنجن مقصدن جي پيروي ڪرڻ ۾ نرم ٿيڻ وارو ڪو نھ ھو، ۽ ھو مسز سروجني نائڊو جي مٺن ٻولن يا گانڌيءَ جي جادو اثر ڪلام جي زور کان متاثر ٿي پنھنجي لاءِ متعين ڪيل راھ تان ھٽڻ وارو ڪو نھ ھو.

ھند و مسلم اتحاد جي تائيد ۽ حمايت کي ترڪ ڪري پاڪستان جي بانيءَ اسان لاءِ ھڪ اھڙو سبق ڇڏيو آھي، جيڪو وقت گذرڻ سان پنھنجي معقوليت ۾ وڌيڪ واضح ٿيندو رھيو آھي. ھيءَ حقيقت، تھ ننڍي کنڊ جا ھند و  ۽  مسلمان  ٻھ علحده قومون آھن، پاڪستان جي تعمير جو بنياد بني. جڏھن اھا ڳالھھ  سڀ کان اول مسلمانن جي سياسي منزل ِ مقصود طور پيش  ڪئي  ويئي تھ نھ فقط انڊين نئشنل  ڪانگريس ۽ برطانيھ وارن طرفان، بلڪ  ڪيترن ئي ممتاز مسلمانن طرفان پڻ، مسلم ليگ جي اڳواڻن تي ٺٺولي ڪئي ويئي. اھا ڳالھھ ھنن کي بعيد از قياس معلوم ٿي رھي ھئي تھ برطانوي تاج جي سڀني کان وڌيڪ قيمتي ھيري جي حيثيت سان اٽڪل ٻن صدين تائين ھڪ ئي پاڃاريءَ ھيٺان زندگي گذارڻ کان پوءِ ملڪ جا ٻھ جدا جدا ٽڪرا ڪيا ويندا. بعد ۾ ظاھر ٿيل واقعا، ھاڻي تاريخ جو ھڪ حصو بنجي چڪا آھن. پاڪستان ھڪ غالب اڪثريت جي عوامي فيصلي جي بنياد تي حاصل ڪيو ويو، جنھن ۾ ننڍي کنڊ جي انھن مسلمانن سميت، جن کي معلوم ھو تھ اھي پاڪستان ۾ ان جي ھڪ حصي طور شامل نھ ٿي سگھندا، تن جي وڏي اڪثريت پڻ ان جي تخليق جي حق ۾ ووٽ ڏنا.

 ھن مرحلي تي انھن خيالن  تي غور ڪرڻ فائديمند ٿي سگھي ٿو، جن حڪومت تان دستبردار ٿيندڙ طاقت کي متاثر ڪيو. برطانيھ اھو فيصلو ڪري ڇڏيو  ھو تھ ان جو پنھنجي سامراجي حڪومت کي وڌيڪ  عرصي لاءِ قائم رکڻ   مصلحت جي خلاف آھي. پر ھو سلطنت جي قصي  ختم ٿيڻ کان پوءِ پنھنجن گھڻن ئي  مفادن تي تحفظ جي ضرورت کان بي خبر بھ ڪو نھ ھو. ضروري ھو تھ ننڍي کنڊ  جي تقسيم برطانيھ جي باقي بچيل مفادن سان ھم آھنگ ھجي، جنھن ڪري جانشين حڪومتن جو قيام ان طرح عمل ۾ آندو ويو تھ برطانيھ جي سلطنت جي خاتمي کان پوءِ بھ ان جا مفاد محفوظ رھن. برطانيھ ھندستان جي مخلص ترجمان لارڊ مائونٽ بيٽن جي ذريعي نھ فقط پاڪستان جي ڪاٽ ڪوٽ ڪرڻ، پر پاڪستان جي خلاف ھندستان کي تمام گھڻن فائدن پھچائڻ ۾   پڻ ڪامياب ٿي ويو.  اتر الھندي سرحدي صوبي  ۽ اوڀر پاڪستان جي سلھٽ ضلعي ۾ راءِ شماريون ڪرايون ويئون. ٻنھي صورتن ۾ نتيجا پاڪستان جي حق ۾ ووٽن جي غالب اڪثريت  جي صورت ۾ ظاھر ٿيا. قلات کي اھو مشورو ڏنو ويو تھ ھو بلوچستان جي پاسي  وارن علائقن سان ملي آزاديءَجو اعلان ڪري. برطانيھ سرڪار  ھر ممڪن موقعي مان فائدو وٺي پاڪستان جي خلاف توازن کي بگاڙڻ جي ڪوشش ڪئي. پنجاب کي تقسيم ڪيو ويو ۽ پاسي وارين ايراضين ۾ آباديءَ جي تناسب جي مطابق تقسيم جي اصولن جي صريحا خلاف ورزي ڪندي، مسلمانن جي غالب آباديءَ وارا وسيع علائقا جيڪي امرتسر جي پسگردائي تائين ڦھليل ۽ فيروزپور ۽ گورداسپور تي مشتمل ھئا، ڌانڌ لبازيءَ سان ھندستان جي حوالي ڪيا ويا. آسام کي ڇڏي بينگال کي تقسيم ڪيو ويو، ۽ ھندستان کي اھڙا ملائيندڙ رستا  ڏنا ويا، جن ان کي اتر ۾ ڄمون ۽ ڪشمير سان ۽ اوڀر ۾ آسام ۽ تريپوره سان ڳنڍي ڇڏيو.  اتر بينگال ۾ ھندستان کي مھيا ڪيل صوبي آسام سان ملائيندڙ ھڪ اھڙي رستي ان کي نيپال جي ڏاکڻين سرحدن سان ڳنڍي ڇڏيو ۽ ان کي اھڙيءَ طرح چين جي سرحد سان ملندڙ ھماليائي رياستن، سڪم ۽ ڀوتان تائين  رسائي ڏني ويئي. ڪنھن بھ حالت ۾ پاڪستان کي علائقي جي تقسيم يا ان جي ٻين مطالبن سان واسطو رکندڙ شڪ جو فائدو نھ ڏنو ويو.                                                                              

 ننڍي کنڊ  ۾ ان وقت جي صورتحال  جي پيش ِ نظر  برطانيھ سرڪار ساھميءَ جي پڙ کي ھندستان جي حق ۾  جھڪائڻ لاءِ ان کان وڌيڪ ڪجھھ نھ پئي ڪري سگھي. برطانوي حڪومت، انڊين نئشنل ڪانگريس ۽ مسلم  ليگ  جي درميان ٿيل ٺاھھ جي نتيجي ۾ اقتدار  جي منتقلي پرامن  طريقي سان ٿيڻ گھربي ھئي، پر جنھن انداز سان حڪمران طبقي تقسيم جي ڪارروائي ڪئي، تنھن مان پاڪستان جي خلاف ان جي تعصب جو  کليو کلايو اظھار ٿيو. پاڪستان  کي نظم  و نسق، دفاع ۽ ماليات جي سلسلي ۾ ٿوري کان ٿورين ضرورتن تائين بھ ڪجھھ مھيا ڪرڻ جي ڪوشش نھ ڪئي ويئي. ملڪ کي پنھنجو بچاءُ ڪرڻ لاءِ ڇڏي ڏنو ويو. امن امان قائم رکڻ، سرماين، فوجي اسٽورن ۽ اسٽرلنگ جي  بقايائن جي تقسيم ڪرڻ، بلڪ  رقمن  جي منتقليءَ جي سلسلي ۾ پڻ ھندستان کي پاڪستان جي شاھ رڳ تي گرفت جي اجازت ڏني ويئي. مطلب اھو ھو تھ مسلمانن کي خود اراديت  جي حق حاصل ڪرڻ جي سزا اھڙيءَ طرح سان ڏني وڃي، جو انھن  کي ھڪ ڪمزور ۽ بي جان  ڪيل  ملڪ  ڏنو وڃي، جيڪو غير مارڪسي مفھوم ۾ جلدئي ڪومائجي ختم ٿي وڃي.

 ھيءَ ڳالھھ سمجھڻ مشڪل ناھي تھ ھندستان کي ھن يقين جي آڌار تي قوت ڇو حاصل ٿي آھي تھ  ھڪ ڪمزور ۽ الڳ ٿلڳ رھجي ويل پاڪستان ان لاءِ فائديمند ٿيندو. جڏھن ننڍي کنڊ جي اٽڪل روءِ سڄي مسلم آباديءَ پاڪستان لاءِ وٽ ڏنو ھو تھ ان دراصل انھيءَ پاڪستان لاءِ ووٽ ڏنو ھو، جيڪو اولھھ ۾ پنجاب، سنڌ، بلوچستان ۽ اتر الھندي سرحدي صوبي، اوڀر ۾ بينگال ۽ آسام ۽ ٻين اھڙين رياستن تي مشتمل ھوندو. جن ۾ مسلمانن جي اڪثريت ھئي. ھندستان محسوس ڪيو تھ ھو انھيءَ لولي لنگڙي پاڪستان کي، جيڪو آخرڪار وجود ۾ آيو، ختم ڪري سگھندو. اوڀر پاڪستان کي خاص طور ڌڪ پھچائڻ جي قابل سمجھيو ويو، انھيءَ ڪري اتي انتشار ۽ تخريبي طاقتن کي بي لگام ڇڏيو ويو. پر ھندستان اسان جي ملت جي عزم، حب الوطني ۽ قومي وقار جي جذبي جو اندازوئي نھ ڪيو ھو. کيس يقين ھو تھ ھي ملڪ ھندستان سان پنھنجي تجارتي ۽ اقتصادي رابطن کي وڃائي زنده نھ رھي سگھندو. انھيءَ  تخميني جي بنياد تي ھندستان پاڪستان جي اقتصادي ناڪھ بندي شروع ڪري ڏني، پر پاڪستان ان جو دليريءَ سان مقابلو ڪيو. پر ڏيھي واپار وڌايو، ملڪي ڪچي مال مان ڪارخانن  ۾ مال بنائڻ شروع ڪيو ويو، ۽ شروعاتي خلل اندازيءَ جو مقابلو ڪرڻ کان پوءِ پاڪستان ھڪ اھڙي نئين دؤر ۾ داخل ٿيڻ جي لائق بنجي ويو، جنھن ۾ ان جو اقتصادي ڍانچو درجي بدرجي ھندستان جي اقتصادي اڳرائيءَ جي مقابلي ڪرڻ جي قابل ٿيندو ويو. انھن مسئلن تي حاوي پوڻ ۾ پاڪستاني عوام جي مقصد جي خلوص ملڪ کي بچائي  وڌو. جيڪڏھن پاڪستان پنھنجي ارادي ۾ ڪمزور ٿي پوي ھا تھ ھندستان ڪيترن ئي ٻين طريقن سان  پنھنجي گرفت مضبوط  ڪري وٺي ھا. خوش قسمتيءَ سان پاڪستان ڪمزوريءَ جو مظاھرو نھ ڪيو ۽ ان نھ فقط اقتصادي ناڪھ بنديءَ کي ٽوڙي ڇڏيو، بلڪ پنھنجي اقتصادي نظام کي ھندستان کان وڌيڪ بي نياز ڪرڻ لاءِ مثبت اقدام پڻ ڪيا.

اسان جي داخلي معاملن  ۾ جنھن بھ قسم جي صورتحال جو خيال ڪري سگھجي ٿو، تنھن کي ھندستان اسان جي مشڪلات  کي وڌائڻ ۽ اسان جي قومي استحڪام کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ استعمال ڪرڻ جي برابر ڪوشش ڪندو رھي ٿو . اھو ڪو محض اتفاق ڪونھي تھ ھندستان ۽ پاڪستان جي ھر تڪرار جي  شروعات ھندستان طرفان ڪنھن نھ ڪنھن دشمنيءَ جھڙي قدم سان ٿئي ٿي. ڄمون ۽ ڪشمير جي جھڳڙي  جي ابتدا، سن 1948ع ۽ 1950ع جي اقوم متحده ۽ ٻين جي ٺھرائن طرف متوجھ ڪندڙ واقعا، اقوام متحده ۽ ٻين طرفان ٺاھھ ڪرائڻ لاءِ ڪوششون، ٻھ- طرفيون ڳالھيون ٻولھيون، ھندستان طرفان ھر ٺاھ کي  ناڪام بنائڻ جون لڳاتار ڪوششون ۽ آخر ۾ باضابطھ  بين الاقوامي وعدن کان ان جي روگرداني-اھي سڀ مسلسل  ڪينھ پروريءَ جي ھڪ داستان جا مختلف جزا آھن.

ھندستان جي پنھنجي ملڪ مان مسلمانن کي بدر ڪرڻ جي حڪمت عمليءَ ۾ ڪنھن بھ شڪ و شبھي جي گنجائش باقي نھ ٿي رھي تھ ان جو وڏي کان وڏو مقصد پاڪستان کي نيست  و نابود ڪرڻ آھي. ننڍي کنڊ ۾ ڪم عقل کان ڪم عقل انسان بھ ھاڻي انھيءَ فاسد دور کي سڃاڻي  ويو ھوندو، جنھن ۾ فرقيوارانھ بدامني، ھجرت، ان جو ردعمل ۽ ابتي طرف ھجرت جو  ھڪ بڇڙو دائرو ٺھي پيو ھو. اسان جي حالتن ۾ اھا ڳالھھ ظاھر آھي تھ ھڪ ملڪ ۾ اقليتن تي ظلم ۽ زبردستيءَ جي سلسلي جو اڻٽر نموني ۾ ٻئي ملڪ ۾ ڦھلجڻ لازمي ٿئي ٿو . ان کان علاوه، ھيءَ بلڪل متوقع ڳالھھ آھي تھ جيڪڏھن اھڙي جبر ۽ تشدد جي سبب کان ڪا نمايان ھجرت ٿي تھ ان کان اڪثريتي فرقو مشتعل ٿي ويندو، اقليتن فرقي جي ماڻھن ۾ بي آرامي ڦھلجندي ۽ امن  و امان جي صورتحال ۾ ھڪ سنگين ۽ تمام وڏو بحران پيدا ٿي پوندو. ھندستان، آسام جي مسلمانن کي پريشان ڪري اتان ھڪالي ڪڍڻ لاءِ ھڪ سوچيل سمجھيل ۽ ديده و دانستھ منصوبو سٽيو. ھزارن ماڻھن کي، نھ فقط سندن بنيادي انساني حقن جي پرواه نھ  ڪندي، بلڪ ان مان پيدا ٿيندڙ ھنگامي کان پڻ اکيون بند ڪري  گھرن کان ٻاھر ڪڍي سرحد پار ڌڪيو ويو. ھندستان ۾ فرقيوارانھ فسادن جي ڊگھي سلسلي  جي ڪري ان ملڪ جا ڇھن ڪروڙن کان بھ وڌيڪ انسان دائمي خوف ۽ ھراس جي حالت ۾ زندگي بسر ڪري رھيا آھن. 64-1963ع جي سياري واري موسم ۾ فساد، لٽ مار، ۽ آتشزنيءَجي واقعن رونما ٿيڻ ڪري فقط اولھھ بينگال ۾ ڪيترن ئي مسلمانن جون جانيون ضايع ٿيون ۽ اوڀر پاڪستان طرف مسلمانن جي ھجرت جي ھڪ تازي لھر اٿڻ لڳي. ھيڏانھن، پاڪستان سرڪار جي ھر ڪوشش جي باوجود، ڪجھھ اھڙا افسوسناڪ واقعا پيش آيا، جن ۾ غضبناڪ مسلمانن اقليتي فرقي جي ماڻھن کان انتقام ورتو.

ھيءَ ڳالھھ نھايت اھميت واري آھي تھ  ھندستان ڄاڻي ٻجھي مسلم اقيلت کي ملڪ بدر ڪرڻ جي راھ ِ عمل اختيار ڪئي، جنھن  جو شڪار سڌيءَ طرح زد ۾ ايندڙ اقليتي فرقي مسلمانن کان سواءِ پاڪستان  ۾ رھندڙ ھندو بھ ٿيا. ان جي مقصد کي سمجھڻ ڪو مشڪل ڪم ناھي. ھندستان اوڀر پاڪستان جي اندر تھ گڙٻڙ ڦھلائڻ ۾ ناڪام ٿي ويو ھو، انڪري ھاڻي ان تي مسلسل ٻاھريون دٻاءُ وجھڻ جو انتظام ڪيو ويو. ھندستاني مسلمانن کي ٻاھر ڪڍي، ھندستان نھ فقط اوڀر پاڪستان کي ھزارن جي آبادڪاريءَ جو بار کڻڻ لاءِ مجبور ڪري پئي سگھيو، بلڪ ھندو اقليت جي سلامتيءَ جي ذميداري پڻ ان جي مٿان مڙھي پئي سگھيو. انھيءَ ٻـِٽي دٻاءَ جو مقصد اھوئي رھيو آھي تھ اوڀر پاڪستان کي ڪمزور ۽ اتان جي حالات کي مستقل طور ھيجاني ڪيفيت ۾ رکيو وڃي. اھڙيءَ طرح پنجاھ لک مسلمانن کي ھندستان کان اوڀر پاڪستان طرف ڌڪي  ڪڍيو ويو آھي، جنھن کان اسان جي معيشت تي تمام وڏو بار پيو آھي ۽ نيون ڪشيدگيون ۽ نظم  و نسق لاءِ نوان مسئلا پيدا ٿيا آھن. 6-سيپٽمبر 1965ع تي جيڪا جنگ، بين الاقوامي سرحدن کي لتاڙي لاھور تي مسلط ڪئي ويئي ، سا ھندستان ۽ پاڪستان جي تعلقات جي تاريخ ۾ ھڪ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿي. انھيءَ تاريخ تي ھندستان نيٺ انھيءَ حد کي اورانگھي ڇڏيو، جتان کان واپسي محال ھوندي آھي.

تمام طويل وقت کان وٺي ڀارت جا پرچارڪ ھيءَ دعوي ٰ ڪندا رھيا آھن تھ ڀارت جي ثقافتي، سياسي ۽ اقتصادي قيادت کي ھندو ڪش جبلن کان وٺي ميڪانگ نديءَ تائين عمل پيرا ٿين گھرجي. ھندستان جي سڄي تاريخ ۾ ھند و سياسي مفڪرن انھيءَ موضوع کي ايتري  تفصيل سان ۽ ايتريقدر لڳاتار پيش ڪيو آھي، جو اھو بذات خود انھيءَ روايت جو ھڪ حصو بنجي  پيو آھي، جيڪا جديد ھندستان کي  ورثي ۾ ملي آھي. اٽڪل ھڪ ھزار سال ٿيڻ وارا آھن، جو ھندستان انھيءَ لائق ھو تھ انھيءَ شاندار منزل طرف قدم وڌائي سگھي، پر انھيءَ ڳالھھ کان ھندن جي غير  متزلزل معمع ِ نظر جي نھ شدت گھٽ ٿي آھي ۽ ان جي وسعت ۾ ڪا ڪمي آئي آھي. انھيءَ مقصد طرف پھريون قدم ھيءُ آھي تھ پاڪستان کي بي اثر بنايو وڃي،  پر ” اکنڊ ڀارت “ جو نيم– مذھبي نظريو نيٺ بھ پاڪستان جي خاتمي جو متقاضي آھي.

 ---------


(1)  نـراد- سي- چوڌري:” دي ڪانٽيننٽ آف سرسي“ 1965، ص-63.

(1)  نـِراد- چوڌري: ” دي  ڪانٽيننٽ آف سرسي“ 1965،ص117-118.

(1)  ”ھند و ستوا“ – 1942، ص-4

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org