سيڪشن؛  سياسيات

ڪتاب:نالي ماتر آزادي

 

صفحو : 6

باب پنجون

آمريڪا جي ھندستان لاءِ امداد ۽

پاڪستان کان بي نيازي

ھندستان جي پرڏيھي پاليسيءَ ۾ آيل ڦيرو،  ايشيا جي ٻين غير جانبدار ملڪن جي نگاھن کان  پوشيده نھ رھي سگھيو. انڊونيشيا، جيڪو ايشيا ۽ آفريڪا جي قومن جي صف ۾ ھڪ اھم غيرجانبدار ملڪ ھو،  تنھن جي وزير خارجھ ڊاڪٽر  سوباندريو 26-جون سنھ  1963 ع  تي چيو ھو تھ سندس ملڪ جي خارجھ پاليسيءَ ۾ ”ھندستان جي خود غرضانھ ۽ سنگدلانھ طرز عمل “  جي ڪري ھڪ وڏي تبديلي  آئي آھي. سلون جي پارليامينٽ جي ھڪ  ميمبر مسٽر سينانائڪي ھندستان جي امڪاني حملي جي خطري کان پنھنجي ملڪ کي خبردار ڪيو، ۽ چيو تھ ”ھنستان، گانڌي مت جي باوجود جنگي جھازن ۽ آبدوزن سميت آمريڪي ھٿيارن گڏ ڪرڻ ذريعي، ھڪ سامراجي طاقت بنجڻ لاءِ سڀڪجھھ ڪري رھيو آھي .“ ھن وڌيڪ چيو تھ ھندستان جو نشانو چين نھ ، بلڪ سلون آھي . انھيءَ قسم جا بيان ٻين بھ گھڻن ئي آفرو ايشيائي  ملڪن جي سرڪرده سياسي مدبرن طرفان ڏنا ويا، جن ۾ ھندستان جي وڌندڙ فوجي آڌار تي خطري جو اظھار ڪيو ويو . انھيءَ انديشن جي  باوجود، پنڊت نھروءَ مغربي طاقتن طرفان گڏيل ھوائي مشقن ۽ فوجي سازو   سامان جي آڇ قبول ڪرڻ جو جواز پيش ڪندي 27- جولاءِ سنھ 1963ع تي ھن ڳالھھ تي زور ڏنو تھ سندس ملڪ جي غيرجانبداري واري پاليسي ۾ ڪو بھ فرق ڪو نھ آيو آھي . بھرحال، بعد ۾ ھن ساڳئي  سال جي دوران، مغربي طاقتن طرفان” ھوائي ڇٽيءَ “ جي آڇ کي ھن بنياد تي ٺڪرائي ڇڏيو تھ ھندستان جي سر زمين  تي ٻاھرين   طاقتن  جا اڏا، اسان جي غير جانبداريءَ واري پاليسيءَ تي اثر انداز ٿيندا . انھيءَ وچ ۾، اھو پڻ ٻڌڻ ۾ آيو تھ ھندستان طرفان ڏھن ڪروڙ ڊالرن  جي ھنگامي فوجي امداد جي درخواست  تي پڻ غور ٿي رھيو آھي، جيڪا ناسائو ۾ وعدھ ڪيل امداد کان علاوھ ھئي . ان کان سواءِ، آگسٽ سن 1963ع ۾ ھندستان کي امداد مھيا ڪندڙ ڪنسوريشم  طرفان ان جي ٽئين  پنجسالھ منصوبي جي ھلندڙ سال جي اقتصادي  امداد جي رقم، ساڍن ايڪانوي ڪروڙ ڊالرن کان وڌائي  ھڪ ارب ڊالر ڪئي ويئي.  امدادي رقم ۾ گھڻي کان گھڻو حصو ڏيندڙ آمريڪا ھئي، جنھن اڪيلي سر ڇھن  ڪروڙ ڊالرن جو  اضافي حصو ادا ڪيو. ان جي ابتڙ، پاڪستان لاءِ امداد ۾ نھ فقط اھو، جو اضافو نھ ڪيو ويو، پر ان جو ڪجھھ حصو، جنھن  لاءِ آمريڪا جي انٽرنئشنل ايجنسيز طرفان  اڳيئي وعدو ڪيو ويو ھو، سو پڻ ڪاٽيو پئي ويو. وعدي  ڏنل امداد  ۾ جيڪا نمايان ڪتر ڪئي ويئي، سا تربيلا بند جي اٿاھھ رٿا واريءَ امداد مان ھئي. فولاد جي ڪارخاني واريءَ رٿا ۾ دير ڪرڻ واريون چالون ۽ ڊاڪا  جي ھوائي اڏي لاءِ رقم جي ادائگي ءَ۾ تعطل، انھيءَ پاليسيءَ جا ڪجھھ وڌيڪ مثال آھن. اھي تبديليون، عالمي بئنڪ طرفان  پاڪستان ۾ امداد جي صحيح تصرف بابت ڪيل اطمينان جي اظھار ۽ ھندستان  ۾ امدادي  رقمن جي بيجا  تصرف  متعلق ڪيل ناموافق تبصري جي باوجود، عمل ۾ آنديون ويئون. آمريڪي ڪانگريس جي ھڪ  ميمبر گروس، ايوان ِ نمائندگي ۾ انھيءَ ڳالھھ طرف اشارو ڪندي چيو تھ جيئن تھ عالمي بئنڪ جي رپورٽ ھندستان لاءِ ناموافق ھئي، ان ڪري آمريڪي انتظاميھ انھيءَ رپورٽ کي دٻائي ڇڏڻ ئي مناسب سمجھي ٿي.

ڪشمير جي متعلق، ڪنھن بھ اڳواٽ شرط کان سواءِ، مسلسل حمايت کي يقيني  محسوس ڪندي، پنڊت نھروءَ 13- آگسٽ ١٩٦٣ع تي لوڪ سڀا ۾  ھي اعلان ڪيو تھ ”اھي رعايتون، جيڪي اسان پاڪستان کي پيش  ڪيون ھيون (ڪشمير  جي تنازعي جي فيصلي لاءِ)، سي ھاڻي باقي ڪنھن ۽ ھاڻي ائين سمجھڻ گھرجي تھ اسان اھي واپس ورتيون آھن .“ واشنگٽن پوسٽ پنڊت جي انھيءَ سياسي  قلابازيءَ تي تبصرو ڪندي لکيو تھ ” جڏھن  نھروءَ ھيءُدليل پيش ڪري ٿو تھ ڪشمير جي فيصلي  کان پوءِ بھ پاڪستان ۽ ھندستان جي ناتن  جو مجموعي لاڙو بنيادي طور غالبا اھوئي رھندو، جيڪو اڳ ۾ ھو، تھ ھو درحقيقت ملڪ جي ورھاڱي کان اڳ واري پنھنجي انھيءَ ذاتي ناڪاميءَ جي تلخ تجربي جي آڌار تي اھا ڳالھھ ڪري ٿو، جيڪو کيس ھندن ۽ مسلمانن جي درميان  صلح صفائي پيدا ڪرڻ جي ٽيھھ سالھ ڪوششن ۾ ٿيو ھو . پاڪستان پوءِ بھ ورھاڱي جي ڌڌڪي کي محسوس ڪندو رھندو ۽ ھندستان پوءِ انھيءَ علائقي جي عظيم طاقت  رھندو ۽ ڪشمير کي ڇڏڻ کان پوءِ، ھميشھ کان  وڌيڪ ھن ڳالھھ جو پڪو ارادو ڪندو تھ ھو پاڪستان کان ٻنھي ملڪن جي حقيقي طاقت جي باھمي تعلق کي تسليم ڪرائي .“

جيئن تھ پاڪستان جا آمريڪا سان تعلقات ھڪ بحران  کان ٻئي بحران ۾ منتقل ٿيندا پئي رھيا، ان ڪري صدر ڪينيڊيءَ محسوس ڪيو تھ پاڪستان ۽  ھندستان سان آمريڪي تعلقات  جي پيچيدگيءَ جو مسئلو اٿارڻ ضروري آھي، ۽ ھن 12-سيپٽمبر سن 1963ع تي ھڪ اخباري بيان ۾ چيو :

”اھو سچ آھي تھ اسان ھندستان  کي سنڀالي رکڻ چاھيون ٿا. ان تي سرءُ جي ھلندڙ موسم ۾ ئي چين طرفان حملو ٿي سگھي ٿو. پوءِ اسين اھو نھ ٿا چاھيون تھ ھندستان،  جيڪو پنجاھ ڪروڙ انسانن جو ملڪ آھي. سو بيوس  ٿي پوي. جيڪڏھن اھو ملڪ ٽڪرا ٽڪرا ٿي پيو، ۽ شڪست کائي ويو تھ اھا ڳالھھ بنان ڪنھن شڪ ۽ شبھي جي، طاقت جي توازن تي ھڪ  انتھائي تباھڪن  ضرب ثابت ٿيندي.

ٻئي طرف، اسين  جيڪي ڪجھھ ھندستان کي ڏيئي رھيا آھيون،  سو پاڪستان جي، جيڪو ان کان تمام ننڍو آھي، طاقت جي توازن کي بري طرح سان متاثر ڪري رھيو آھي. اھڙيءَ طرح اسان ھڪ ڏاڍي پيچيده معاملي سان دوچار  آھيون، ڇاڪاڻ تھ ٻِنھي جي درميان  دشمنيءَ تمام گھري آھي. جارج بال جو دورو انھيءَ دشمنيءَ کي گھٽ ڪرڻ جي ھڪ ڪوشش ھئي. منھنجو خيال آھي تھ اسان کي ھن علائقي ۾ ھڪ ڏاڍي ناقابل  اطمينان صورتحال سان منھن ڏيڻو پوندو.(1)

ننڍي کنڊ ۾ طاقت جي توازن کي نظر انداز ڪندي ۽ پاڪستان سان مشوره ڪرڻ کان سواءِ، آمريڪا ھندستان کي 1962ع ۾، ان جي چين سان ٿيل سرحدي ٽڪراءَ کان پوءِ وڏي پيماني تي فوجي امداد مھيا  ڪئي، ۽ اھا ڳالھھ صدر ڪينيڊيءَ جي انھيءَ وعدي جي باوجود  ڪئي ويئي، جيڪو ھن ڪجھھ ئي عرصو اڳي صدر ايوب خان سان ڪيو ھو تھ اھڙي صورت ۾ پاڪستان  سان مشورو ڪيو ويندو. پھريائين تھ آمريڪي حڪومت ھندستان کي ڏنل  امداد کي ڄمون ۽ ڪشمير جي فيصلي سان مشروط ڪيو، پر جڏھن پنڊت نھروءَ ان معاملي ۾ جھڪڻ کان انڪار ڪيو،  تڏھن اھو شرط واپس ورتو ويو. پاڪستان جي حڪومت طرفان ھـِنن انديشن  جو اظھار بلڪل بي اثر ثابت ٿيو تھ ھندستان جي جنگي طاقت ۾ اضافي اچڻ سان پاڪستان جي سالميت لاءِ  خطرو وڌي ويندو، ۽ ان سان  ھندستان ۽ چين جي درميان وڌيڪ ڇڪتاڻ پيدا ٿيندي. صدر ڪينيڊيءَ جي صدارت  واري دؤر ۾ ھندستان  جي دفاعي قوت کي وڌائڻ لاءِ ھيٺيان قدم کنيا ويا :

(1) چيني – ھندستاني سرحد تي جنگبنديءَ جي عمل ۾ اچڻ کان پوءِ، 18 کان 21 ڊسمبر سن 1961ع تي ناسائو ۾ آمريڪا ۽ برطانيھ، ھندستان لاءِ ھنگامي بنيادن تي ٻارھن ڪروڙ ڊالرن جي فوجي امداد کي جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو. انھيءَ پروگرام ۾، قسم قسم جي فوجي سازو سامان جي فراھمي شامل ھئي، پر ان جي مرڪزي  خصوصيت، فوج جي ڇھن ڊويزنن جي پھاڙي جنگ لاءِ ھٿياربندي ھئي.

(2) ناسائو واري فيصلي جي نتيجي  ۾ ھڪ آمريڪي برطانوي ۾ ڪئنيڊين  ھوائي مشن ھن ڳالھھ جي جائزي وٺڻ لاءِ ھندستان جو دورو ڪيو تھ جيڪڏھن چين ٻيھر حملو ڪري تھ ان صورت ۾ ھندستان  جي ھوائي فوج جون ضرورتون ڪھڙيون ھونديون.

(3) ھڪ ٻي آمريڪي مشن، ھندستان جي ھٿيارن  ٺاھڻ جي صلاحيت کي وڌيڪ وسيع ڪرڻ جو تخمينو لڳائڻ لاءِ ھندستان  ويئي.

(4) 30-جون سن 1963،ع تي بَرچ گر و و نالي ھڪ ھنڌ تي آمريڪا ۽ برطانيھ فيصلو ڪيو تھ ناسائو ۾ طئي ڪيل امداد کان علاوه، ھندستان کي وڌيڪ مضبوط بنيادن تي فوجي امداد ڏيڻ  جو پروگرام بنايو وڃي. انھيءَ ڳالھھ ھندستان کي ھن لائق بنائي ڇڏيو تھ ھو  جلد از جلد پنھنجي مستقل  فوج کي يارھن ڊويزنن کان باويھن ڊويزنن تائين  وڌائي ۽ پنھنجين ھوائي ۽ سامونڊي فوجن  ۾ گھڻي اضافي  ڪرڻ جا ارادا ڪري.

نومبر 1963 ع ۾ صدر ڪينيڊيءَ جي قتل ٿيڻ کان پوءِ  سندس جانشين صدر جانسن پڻ ساڳئي نقش قدم تي گامزن  رھيو. انھيءَ سان ” ٽائيم“ رسالي  جي 27 –ڊسمبر واري  پرچي خبر ڏني تھ نھرو ھاڻي مغربي طاقتن  جي ھوائي دفاعي ڇٽي ۽ آمريڪي ستين ٻيڙي جي ھندي وڏي سمنڊ ۾ موجودگي قبول ڪرڻ لاءِ تيار آھي، پر ھن پنھنجي منظوري ڏيڻ جي عوض ان کان  ڏيڍ ارب  ڊالرن جي وڌيڪ فوجي امداد طلب ڪئي آھي. مارچ سن 1964 ع ۾ آمريڪا جي بچاءَ  کاتي جي سيڪريٽري مسٽر رابرٽ مئڪنمارا ھندستان کي فوجي امداد ڏيڻ جو پروگرام جاري رکڻ لاءِ آمريڪا جي مخلصانھ ارادي جو ٻيھر اعلان ڪيو. ھن بيان ڏنو تھ آمريڪا ھندستاني فوج جي ڪجھھ پھاڙي ڊويزنن کي جديد ھٿيارن سان مسلح ڪرڻ جي ڪارروائي جاري رکڻ ۽ کيس اڃا بھ ڪجھھ وڌيڪ امداد ڏيڻ جو منصوبو بنائي رکيو آھي. ھن تسليم ڪيو تھ ھندستان  کي ملندڙ امداد پاڪستان کي وڏي انديشي ۾ وجھي ڇڏيو آھي، پر ھن جو خيال ھو تھ پاڪستان سميت سڄيءَ دنيا لاءِ ھيءَ ڳالھھ اھم آھي تھ  ھندستان  ھن ڳالھھ جي لائق بنجي  تھ ھو ڪميونسٽ چين جي اڳرائيءَ خلاف پنھنجو بچاءُ ڪري سگھي.  بچاءَ کاتي جي سيڪريٽريءَ ايران، پاڪستان ۽ ھندستان لاءِ امداد جاري رکڻ جي زوردار وڪالت ڪئي ۽ انھن ملڪن کي وچ اوڀر ۽ ڏکڻ ايشيا ۾، ڪميونسٽ مداخلت جي مقابلي ۾ آزاد دنيا جي بچاءَ جو پھريون مورچو قرار ڏنو . اھڙيءَ طرح ھيءَ ڳالھھ صاف ڪئي ويئي تھ آمريڪا ھاڻي  ھندستان  کي عملي طور ڪميونزم جي خلاف اتحاد جي ھڪ اڻ لکيل معاھدي جو ميمبر تصور ڪري ٿي ۽ ان کي   گھٽ ۾ گھٽ سيٽو ۽ سينٽو جي ميمبرن جي برابر حقن ۽ رعايتن جو مستحق سمجھي ٿي . پر ھندستان جي حالت ۾ سڀني کان وڌيڪ اھم فرق اھو ڪيو ويو، تھ ان کي ھڪ غير جانبدار ملڪ ھئڻ  جو ڏيکاءُ برقرار رکڻ جي اجازت ڏني ويئي ۽ ان کي انھن پريشان  ڪندڙ ۽ خطري سان ڀريل ذميوارين کان آجو رکيو ويو، جيڪي معاھدن ۾ منسلڪ ٻين قومن کي ٻھ ِ- طرفن بنيادن تي پابند  رکنديون آھن .

پھرين مارچ سن 1964ع  تي آمريڪا جي آنڊر سيڪريٽري جارج بال پاڪستان کي خبردار ڪيو تھ ” اسان کي ڪافي وڏي اميد آھي تھ صدر ايوب خان سرخ چين سان پنھنجن تعلقات  کي انھيءَ حد تائين اڳتي نھ وڌائيندو، جو اسان جي ٻنھي قومن  جي درميان جيڪي تعلقات ۽ معاھدا آھن، سي مجروح ٿين .“ ھن وڌيڪ چيو تھ ”اھي (چين ۽ پاڪستان جا تعلقات ) جنھن  رويي جي عڪاسي ڪري رھيا آھن، تنھن جي متعلق اسان ڏاڍا فڪرمند آھيون. اسين انھيءَ ڳالھھ جو ڏاڍي احتياط سان مشاھدو ڪري رھيا آھيون “، ۽ ھن اڳتي ھلي وڌيڪ چيو :

”پاڪستان تي ھيءَ ڳالھھ بلڪل واضح آھي تھ ان جو دشمن سوويت يونين آھي ۽ ھو دراصل ھڪ اھڙي معاھدي جو رڪن آھي، جنھن جو رخ ڪميونسٽ اڳرائيءَ جي خلاف آھي، ۽ مون کي يقين آھي تھ جيڪڏھن سرخ چين طرفان پاڪستان  جي خلاف ڪو بھ قدم کنيو ويو تھ پاڪستان پنھنجو فوجي بچاءَ ڪندو. ھن وقت تائين ، سرخ چين سان سندس ڳالھين ۾ اِن جي برعڪس ڪو بھ اشارو ڪو نھ ٿيو آھي، پر اسين انھيءَ تعلق جو ڏاڍي دلچسپيءَ سان مطالعو ڪري  رھيا آھيون .“

اپريل سن 1964 ع ۾ فلپس تالبوٽ، جيڪو  ويجھي اوڀر ۾ ڏکڻ- اوڀر ايشيا جي معاملن لاءِ آنڊر سيڪريٽري ھو، آمريڪي ايوان ِ نمائندگان جي غير ملڪي تعلقات واري ڪاميٽيءَ کي چيو تھ :

”ان سان گڏوگڏ پاڪستان ڪميونسٽن جي انھن ڳالھين  مان فائدي حاصل ڪرڻ لاءِ قدم کنيا آھن، جن جو مقصد ھندستان کي تنھا ڇڏي ڏيڻ آھي ۽ ان ڪري ان چين سان واپار، صنعت ۽ حرفت، سرحدن ۽ شھري ھوابازيءَ جي متعلق ٺاھھ ڪري ڇڏيا آھن ۽ ان سان ثقافتي تبادلا پڻ وڌايا آھن. اسان پنھنجي فڪرمنديءَ ۽ ھن عقيدي جو کليل لفظن ۾ اظھار ڪيو آھي تھ چاھي پاڪستان کي انھن اقدامات مان ٿورو فائدو  کڻي پھچي بھ وڃي ، ان ھوندي بھ ان جو سياسي اثر ھيءُ ٿيندو تھ ھڪ اھڙي دشمن کي تقويت ملندي، جنھن جي خلاف اسان باضابطھ متحد آھيون .

ٻين معاملن وانگر، ھن معاملي ۾ پڻ اسان کي  ڪنھن ٻي حڪومت جي خود مختار قومي حقن جي خلاف ورزي ڪرڻ کان سواءِ، پنھنجي مقصد جي تڪميل لاءِ ڪوشش ڪرڻ گھرجي. ھن يقين تي اسين بد ستور قائم آھيون تھ پاڪستان ۽ اسان جا قومي مفاد، ھڪٻئي سان مطابقت رکن ٿا. انھيءَ  ڳالھھ کي پاڪستان پڻ ڄاڻي ٿو(1).“

آمريڪا ۾ پاڪستان جي خلاف تيزيءَ سان وڌندڙ نڪتھ چينيءَ سان گڏو گڏ، ھندستان لاءِ آمريڪا  امداد بھ وڌندي ويئي. انھيءَ موقعي  تي، ۽ شايد اتفاقا نھ، ڪنفيڊريشن جي اھا تجويز، جيڪا اڳي نھروءَ پيش ڪئي ھئي، سا ھاڻي ”نيويارڪ ٽائيمس“ ۽ ” واشگٽن پوسٽ “ ھٿن ۾ کنئي. انھن ٻنھي بااثر اخبارن ھندستان ۽ پاڪستان جي درميان ھڪ اھڙي وفاق جي وڪالت شروع ڪئي، جنھن سان گڏ ڪشمير جو مشترڪھ دفاع بھ شامل ھجي. گھڻن ئي ٻين بااثر ذريعن پڻ، جن ۾ سرڪاري ۽ غير سرڪاري، ٻيئي حلقا شامل ھئا، انھيءَ قسم جي خيالن جو اظھار ڪيو. غير سرڪاري سفارتي نمائندن ھاڻي ھن ننڍي کنڊ جا ھن ڪري  ڪثرت سان دورا ڪرڻ شروع ڪيا، جو ھنن اتي ڪنفيڊريشن  قائم ڪرڻ جي امڪانن جو جائزو وٺڻ پئي چاھيو . انھيءَ زماني ۾ آمريڪن ڪانگريس جي سامھون شھادت ڏيندي، آمريڪا جي سرڪاري ملازمن پنھنجي ھن راءِ جو اظھار ڪيو تھ ڏکڻ –اوڀر ايشيا ۾ چين  جي روڪٿام جو معاملو ڪشمير واري تڪرار جي فيصلي کان وڌيڪ اھم آھي.  فلپس ٽالبوٽ  پرڏيھي معاملن جي ڪاميٽيءَ اڳيان چيو تھ جيسين آمريڪا جي امدادي پروگرام جي ڳالھھ ھئي، تھ ان کي  سڀ کان وڏي فڪرمندي ھيءَ ھئي تھ :

  ” آمريڪا کي ڏکڻ –اوڀر ايشيا ۾ پنھنجي تعلقات جي مختلف پھلوئن کي متوازن رکڻ گھرجي. جيڪڏھن آمريڪا لاءِ دنيا  جو اھم ترين  مسئلو ڪشير ھجي ھا، تھ منھنجي  خيال ۾ اھو چئي ڏيڻ اسان جو فرض ٿئي ھا تھ جيستائين ڪشمير جي تڪرار جو فيصلو نھ ٿو ٿئي، تيستائين ٻنھي مان ڪنھن بھ  ھڪ ملڪ کي امداد ڪا نھ ملندي. جيڪڏھن ان جي برعڪس، ننڍي کنڊ ۾ ڪميونسٽ  طاقتن جي مداخلت جي موقعن کي محدود ڪرڻ ۽ انھن ٻن ملڪن ۾ سخت انتشار ۽ افراتفري جي امڪانن کي گھٽ ڪرڻ ھن سبب ڪري وڌيڪ اھم آھي تھ جيئن انھن ۾ زنده رھڻ جي طاقت واڌارو  ڪري ۽ اھي دنيا جون اثرائتيون قومون  بنجي سگھن، تھ پوءِ اسين جيڪي بھ تدبيرون اختيار ڪري سگھون، سي ھن مقصد کي سامھون رکي اختيار ڪريون تھ اسين انھن ٻنھي جي تعميري مدد ڪري سگھون ۽ پنھنجين سفارتي ڪوششن ۾ ھن ڳالھھ تي وڏو زور ڏيون تھ انھن جي ھڏن تائين جذب  ٿي ويل ثقافتي، مذھبي، سماجي، اقتصادي ۽ سياسي تنازعن ۽ تڪرارن  کي نرم ڪرڻ ۾ سندن مدد ڪئي وڃي(1).

مسٽر وليم. ايس. گڊ، آمريڪي امداد جي نائب ناظم وڌيڪ صاف گوئيءَ کان ڪم وٺندي ھائوس  ڪاميٽيءَ کي ٻڌايو تھ ”حالانڪ ڪشمير ھڪ اھم مسئلو آھي، ان ھوندي بھ اھو اسان لاءِ دنيا جي ھن حصي ۾ ڪوئي انتھائي اھم مسئلو ڪونھي. “ 18-جون سن 1964ع تي، مسٽر ڊين رسڪ طرفان  آمريڪا جي ”ھندستان جي اقتصادي  ترقيءَ ۽ دفاعي ڪوششن ۾ آئينده سال پڻ مدد ڪرڻ جي موقف تي مضبوطيءَ سان قدم ڄمائي رکڻ“ جي اھميت تي دوباره زور ڏنو ويو. سيڪريٽري آف اسٽيٽ پنھنجي انھيءَ بيان ۾ ڪن اھڙن ”ڪليدي مسئلن وارن علائقن جو ذڪر ڪيو، جتي آمريڪي امداد ھڪ اثرائتو عنصر آھي.“ انھن علائقن ۾ ڏکڻ ويٽ نام، ھندستان، برازيل، آمريڪا ۽  قبرص شامل ھئا، مگر پاڪستان  جو ڪو ذڪر ئي ڪو نھ ھو . 

ھن خيال جو، تھ ايشيائي طاقتن جي ھڪ اھڙي ڪوئليشن ھجي، جنھن ۾ ھندستان چين جي طاقت جو مقابلو ڪندڙ مرڪزي طاقت ھجي“، ٻيھر اظھار سيپٽمبر سن 1964ع ۾ ان موقعي تي ڪيو ويو، جڏھن سينيٽر ھيوبرٽ ھمفريءَ نائب صدر جي عھدي لاءِ پنھنجي انتخابي مھم دوران ان جي حمايت ڪئي. ھن جي نقطھ نظر مطابق، آمريڪا کي گھربو ھو تھ اھا”ايشيا جو سياسي  مستقبل ڊگھي مدت لاءِ“ طئي ڪري ڇڏي ۽ ھندستان  کي ايترو مضبوط بنائي ڇڏي جو اھو دنيا  جي ھن خطھ جي اڳواڻي ڪري سگھي. جڏھن سن1964ع جي آخري حصي ۾ عوامي جمھوريھ چين پنھنجو پھريون ائٽم بم ڦاڙيو، تڏھن مسٽر چيسٽر پائولس ھندستان  کي ھڪ دفعو ٻيھر يقين ڏياريو تھ ”آمريڪا سان زياده گھري فوجي اتحاد سان  سرحدي ڇڪتاڻ ۾ ستين بحري ٻيڙي جي سڄي ائٽمي طاقت  ھندستان جي طرفداريءَ لاءِ پھچي سگھي ٿي ۽ انھيءَ صورت ۾ ھندستان کي نھ فقط ائٽم بم ھٿ اچي ويندا، پر ٻيڙي جي توشاخاني اندر موجود ”انھن کان بھ وڌيڪ تباھي ڦھلائيندڙ ھائڊروجن بم  پڻ،  سندس تصرف ۾ اچي سگھن ٿا .“ فيبروري سن 1965ع ۾ مسٽر مئڪنمارا کي چين تي ھيءُ الزام لڳائيندي  تھ، اھو آمريڪا ۽ پاڪستان  جي درميان ڦوٽ وجھي رھيو آھي“، ھن ڳالھھ جي سخت ضرورت محسوس ٿي تھ ”چين جي ڪميونسٽ خطري جي مقابلي لاءِ ھندستان  پنھنجي دفاعي قوت وڌائي ڇڏي.“ کيس يقين ھو تھ ”ان جي مدد ڪرڻ اسان جي مفاد ۾ آھي .“

چين سان پاڪستان جي وڌندڙ تعلقات تي ناپسندگيءَ جي اظھار لاءِ آمريڪا جي حڪومت جولاءِ سن 1965ع ۾ پاڪستان کي امداد  ڏيندڙ  ڪنسوريشم جو اجلاس ھن بھاني تي ٻن مھينن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏيو تھ ان لاءِ ڪانگريس طرفان اڃا اختيار ڪو نھ ڏنو ويو آھي  ۽ ڪانگريس طرفان اھا رقم مخصوص ڪرڻ جي  قدم  کان سواءِ  آمريڪا پاڪستان جي ٽئين پنجسالھ ترقياتي رٿا جي پھرين سال لاءِ مالي امداد جو ڪو  وعدو  نھ ٿي ڪري سگھي. اھو فيصلو آمريڪي حڪومت ڪنسوريشم ۾ شامل ٻين ملڪن سان مشوره ڪرڻ کان سواءِ ڪري ڇڏيو.  جولاءِ کان وٺي سيپٽمبر تائين التوا جي فيصلي جو  اطلاع ڏيندي  پاڪستان ۾ آمريڪي سفير صدر جانسن طرفان صدر ايوب کي ھڪ پيغام ڏنو،  جنھن ۾ چيو ويو ھو تھ جيڪڏھن پاڪستان ائين چاھي، تھ ھوند انھيءَ درمياني عرصي ۾ ھو ٻين معاملن تي گفتگو  ڪري سگھي ٿو. ان جي برعڪس، ڪو ٿوروئي عرصو اڳي  ڪنسوريشم طرفان  ھندستان لاءِ امداد ڪانگريس جي منظوري حاصل ڪرڻ کان اڳي ئي  طئي ڪئي ويئي ھئي. ڪنسوريشم جو اجلاس پاڪستان تي کليو کلايو دباءُ وجھڻ لاءِ ملتوي ڪيو ويو ھو . صدر ايوب  کي صدر جانسن جو پيغام پھچائڻ  کان جلدئي پوءِ آمريڪي سفير مون سان ملاقات ڪئي ۽ اھي ”معاملا“  بيان ڪيا جن تي پاڪستان جي اقتصادي  ضرورتن تي توجھ ڪرڻ لاءِ ڪنسوريشم  جو اجلاس سڏائڻ کان اڳ ۾ غور ڪرڻ ضروري ھو. اھي معاملا انھن تعلقات جي سڄي ساري سلسلي سان وابستھ ھئا، جيڪي پاڪستان جا عوامي جمھوريھ چين، صدر سوئيڪارنو جي حڪومت ۽ ويٽ نام سان ھئا.

آمريڪي حڪومت جو اھو قول ۽ اقرار، تھ جيڪڏھن  ھندستان  پنھنجي امداد جو بيجا استعمال ڪيو تھ اھا پاڪستان جي مدد لاءِ پھچندي، بلڪل واضح ۽ شڪ و شبھي کان بالاتر آھي. سيٽو ۽ سينٽو جي معاھدن جي شرطن ۽ ٻھ - طرفن دفاعي معاھدن  کان علاوه، آمريڪا جي پاڪستان لاءِ اڳوڻي سفير مسٽر مئڪناگيءَ 31-آڪٽومبر سن 1963ع تي حيدرآباد ۾ بيان ڏنو تھ آمريڪا ھن لاءِ ھر احتياطي تدبير اختيار ڪندي  تھ اھا ”امداد“ جيڪا ھندستان  کي چين سان وڙھڻ ۾ مدد ڪرڻ لاءِ ڏني ويئي آھي، سا پاڪستان جي خلاف استعمال  نھ ڪئي وڃي. نومبر 1962ع ۾  آمريڪا ھن ڳالھھ جي ضمانت ڏني تھ ھندستان سان گڏ، ڪنھن بھ ٻاھرين طاقت طرفان اڳرائيءَ جي   صورت ۾ اھا سڌيءَ طرح سان پاڪستان جي مدد لاءِ پھچندي. ٩- نومبر سن ١٩٦٢ع تي آمريڪا جي سفير مسٽر مئڪناگيءَ ڪراچيءَ ۾ ھڪ پريس ڪانفرنس ۾ اعلان ڪيو تھ ” آمريڪا پنھنجي طرفان سرڪاري خور پاڪستان جي حڪومت کي يقين ڏياريو آھي تھ جيڪڏھن  ھندستان کي ملندڙ امداد جو ڪنھن ٻئي ملڪ  خلاف غلط رخ ۾ بيجا استعمال ڪيو ويو تھ آمريڪا پنھنجي دستوري اختيارن مطابق، اقوام متحده جي اندر خواھ ٻاھر، ھندستان طرفان ڪيل اھڙيءَ اڳرائيءَ کي ٻنھي ھنڌ ناڪام بنائڻ لاءِ مناسب  ڪارروائي ڪندي.“ ھيءُ بيان، درحقيقت انھيءَ اعلان جي پٺڀرائي ڪندڙ ھو، جيڪو ھڪ ڏينھن اڳ ۾ آمريڪا جي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ طرفان ڪيو ويو ھو. انھيءَ موضوع تي گفتگو ڪندي، 20-نومبر 1962ع واري ڏينھن  صدر ڪينيڊيءَ ھڪ  پريس ڪانفرنس ۾ چيو تھ :

”ھندستان کي فوجي امداد ڏيندي، اسان کي  پاڪستان سان پنھنجي اتحاد جو پڻ پورو پورو خيال آھي،  ھندستان کي ملندڙ اسان جي سڄيءَ امداد جو مقصد، چيني ڪميونزم جي تخريب ڪارانھ  ارادن کي شڪست ڏيڻ آھي. ننڍي کنڊ ۾ چينين جون  دخل اندازيون ھندستان  کان سواءِ پاڪستان لاءِ پڻ  خطري جو باعث آھن ۽  انھن جي مخالفت ڪرڻ ۾ ٻنھي جو مفاد مشترڪ آھي. انھيءَ نڪتھ طرف اسان ٻنھي حڪومتن جو توجھ ڇڪايو آھي . ھندستان لاءِ اسان  جي امداد ڪنھن  بھ طرح سان، نھ  تھ پاڪستان سان ڪيل اسان  جي وعدن جي اھميت کي گھٽائي ٿي ۽  نھ انھن کي مشروط بڻائي ٿي، ۽ اھا ڳالھھ پڻ اسان ٻنھي  حڪومتن تي واضح ڪري ڇڏي آھي(1).

انھيءَ بيان جي خاتمي  تي ھن صدر ايوب  جي آمريڪي دوره جي دوران 13-جولاءِ 1961ع واري گڏيل پڌرنامي ۾ ڏنل ھڪ نڪتھ جو پڻ ذڪر ڪيو :

”ٻنھي صدرن 5- مارچ 1959ع تي ڪيل انھن ٻھ- طرفن معاھدن جي اھم مقصد جي ھڪ دفعو ٻيھر توثيق ڪئي، جن ۾ ٻين ڳالھين کان علاوه ھيءُ اعلان بھ ڪيو ويو ھو  تھ آمريڪا جي حڪومت پنھنجي قومي مفاد ۽ عالمي امن لاءِ ھن ڳالھھ کي نھايت اھم سمجھي تي تھ پاڪستان جي آزادي ۽ سالميت کي برقرار رکيو وڃي“(1).

اڳوڻين سڀني يقين دھانين کي دھرائيندي آمريڪي سفير  ميڪناگيءَ چيو تھ ” آمريڪي پاليسيءَ جي متعلق   انھن  اعلانيھ بيانن کان علاوه، پاڪستان جي حڪومت کي سڌيءَ طرح پڻ انھيءَ طرح جون يقين دھانيون  پيش ڪيون ويون آھن. معاملو صاف آھي، پاڪستان جي آزاديءَ  ۽ بچاءَ جي متعلق آمريڪي پاليسيءَ ۾ ڪابھ تبديلي ڪا نھ آئي آھي.“ 17-سيپٽمبر 1963ع تي مسٽر فلپس ٽالبوٽ آمريڪي يقين دھانيون جي توثيق ھن طرح ڪئي :

” آءٌ سمجھان ٿو تھ پاڪستاني  حڪومت جا رھنما پاڪستان جي سلامتيءَ جي باري ۾ اسان جي فڪرمنديءَ کي انھيءَ طرح ئي سمجھن ٿا،جھڙيءَ طرح  ھندستان جا اڳواڻ ھندستان جي سلامتيءَ لاءِ اسان جي فڪرمنديءَ کي سمجھن ٿا، ۽ منھنجو خيال آھي تھ ٻيئي ملڪ ھن ڳالھھ کان باخبر آھن تھ جيڪڏھن ٻنھي منجھان ڪنھن بھ ھڪ ملڪ  جي طرفان  ٻئي تي حملو ٿيو، جنھن جو اسان جي نزديڪ امڪان تمام گھٽ آھي، تھ آمريڪا  طرفان جوابي ڪارروائي ٿيندي.“ سن 1962ع کان پوءِ پاڪستان کي ملندڙ اقتصادي  ۽ فوجي ٻنھي قسمن جي امداد ۾ درجي بدرجي  آندل گھٽتائيءَ ۽ ھندستان کي ملندڙ اقتصادي ۽ فوجي امداد ۾ ھڪٻئي پٺيان واڌاري، ھندستان ۽ پاڪستان جي درميان طاقت جي توازن جي بگاڙي کي وڌائڻ کان علاوه نقصانڪار سياسي اثر پڻ مرتب ڪرڻ شروع ڪيا. پاڪستان  کي بار بار يقين ڏيارڻ  جي باوجود، جيئن جيئن ھر روز طاقت جي ساھميءَ جو ھڪ  پڙ ھندستان جي طرف ڏانھن وڌيڪ جھڪندو ويو، تيئن تيئن پاڪستان ۾ روزانھ وڌيندڙ بيچيني جو احساس پڻ وڌيڪ ڦھلجندو ويو. پاڪستان ڏانھن ھندستان جو رويو وڌيڪ  اڳرائيءَ وارو ٿيندو ويو ۽ ان جو زياده تر مظاھرو ڪشمير ۾ ٿيڻ لڳو، جيڪو ڇڪتاڻ جو مرڪزي نقطو  ھو. ڄمون  ۽ ڪشمير  جي رياست کي ھندستان طرفان  انڊين يونين ۾ شامل  ڪرڻ لاءِ ان وقت تائين ڪو بھ سخت قدم نھ کنيو ويو ھو، جيسين آمريڪا ان کي فوجي امداد مھيا ڪرڻ جو فيصلو نھ ڪيو ھو. پوءِ 1963ع جي آخر ڌاري ھندستان ڪنھن  بھ جواز کان سواءِ، آزاد ڪشمير جي چڪنوٽ ڳوٺ ۾ پنھنجي فوج داخل ڪئي ۽ آمريڪي پاليسيءَ جي وڌيڪ واضح ٿيڻ سان گڏوگڏ ھندستان طرفان جارحانھ وطن پرستيءَ جا ٻيا بھ اشتعال  ڏياريندڙ مظاھرا  ڏاڍي ديده  دليريءَ سان دھرايا وڃڻ لڳا. چڪنوٽ تي قبضي  ڄمائڻ کان اٽڪل   ھڪ سال پوءِ، آڪٽومبر 1964ع ۾ وزيراعظم  شاستريءَ ھندستان جي طئھ ٿيل پاليسيءَ طور والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي علائقن  کي ھندستان سان ملائڻ متعلق اعلان ڪيو . جڏھن پاڪستان آمريڪا وٽ ان جي خلاف  احتجاج ڪيو، تڏھن مسٽر ھئريمن طرفان فقط ”صدمي ۽ حيرت“ جو اظھار ڪيو ويو ۽ ھن وعدو ڪيو تھ ھو ان باري ۾ آمريڪا جي فڪر ۽ تشويش کي نئين دھليءَ تائين پھچائيندو. ھيءَ ڳالھھ، تھ ڪشمير ۾ ھندستان جا دليرانھ اقدامات آمريڪا  جي فوجي، اقتصادي  ۽ سياسي امداد جو نتيجو ھئا، گھڻن ئي باخبر سياسي مبصرن جي نگاھن کان پوشيده نھ رھي سگھي. مثال طور برٽرنڊ رسيل چيو :

”ڪشمير ۾ ھندستان  ڪيترن ئي سالن کان اقوام متحده  جي ٺھرائن جي باوجود راءِ شماريءَ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪندو رھيو آھي. ھڪ  لک ھندستاني فوج ڪشميرين جي خود مختياريءَکي دٻائي رکيو آھي. اھو سڀڪجھھ  ٿيندي  رھڻ جي باوجود، مسٽر نھرو سترھن  سالن تائين ھندستاني آئين جي انھن ٻن قلعن کي عمل ۾ آڻڻ کان ڪترائيندو رھيو، جن جي ذريعي ھو ڄمون ۽ ڪشمير کي حڪومت جي ھڪ فرمان تحت، ھندستان ۾ ضم ڪري  پئي سگھيو. اسان کي اھو ضرور پڇڻ گھرجي تھ وزيراعظم شاستريءَ  انھن ٻن قلمن جو سھارو ڇو ورتو، ۽ ھن ڇو شيخ عبدالله کي  گرفتار ڪري ڪشميرين جي شڪايتن  جي پرامن تدارڪ جو دروازو  بلڪل بند ڪري ڇڏيو ؟ انھيءَ سوال جي جواب مان اسان کي جنگ ڇڙي پوڻ جي سبب جو صاف اشارو ملي ٿو. سرڪاري طور ڪشمير  جي ھندستان ۾ شموليت، انھيءَ ماٿريءَ ۾ بغاوت کي اڻٽر ڪري ڇڏيو ۽ انھيءَ بغاوت ۾  پاڪستان ۾  رھندڙ ڪشميرين جي شرڪت جي لازمي طور توقع ھئي .“ 

وزيراعظم شاستريءَ ڪشمير جي والاريل رياست ۾ اھڙي پاليسيءَ جو آغاز ڪيو، جنھن جي اختيار ڪرڻ جي جرئت  نھروءَ کي بھ ڪانھ ٿي ھئي. اھا رياست ڏاڍي تيزيءَ سان مدغم ڪئي ويئي ۽ ھندستاني آئين جا اھي متعلقھ قلم منسوخ ڪيا ويا، جن ۾ ڪشمير کي  خودمختاريءَ جو يقين ڏياريو ويوھو . تڪراري علائقي جي انتظاميھ (سول سروس) کي ھندستاني انتظاميھ بنايو ويو. شيخ عبدالله کان وٺي ھيٺ تائين سياسي ڪارڪنن کي جيلن ۾ بندڪيو ويو. حضرت بَل جي خانقاه واري واقعي کي وڏي بيرحميءَ سان  دٻايو ويو ۽ جنگبنديءَ واري ليڪ جي پابنديءَ کي بھانو بنائي مسلمانن کي سرحدي علائقن مان ڀڄايو ويو ۽ انھن جي جاءِ تي ويڙھو قسم جي سـِکن  ۽ ڊوگرن  کي آباد ڪيو ويو. وزيراعظم  نھروءَ جي اقتدار واري ڊگھي زماني ۾ سياسي اڳواڻن  جي گرفتارين کان سواءِ، ھـِن قسم جي ڪا بھ ڪارروائي نھ ڪئي ويئي ھئي. اھڙيءَ طرح ڄاڻي واڻي حالات ۾ بحران پيدا ڪيو ويو.

انھيءَ سلسلي کي اڳتي وڌائيندي ۽ پاڪستان جي ارادي جو امتحان وٺڻ لاءِ ھندستان اپريل 1965ع ۾ ڪڇ جي رڻ ۾ فوجي ڪارروايون  شروع ڪري ڏنيون. ھڪ آزمائشي حملو عمل ۾ آندو ويو تھ جيئن پاڪستان جي طرف کان سياسي ۽ فوجي جوابي عمل جو صحيح اندازو لڳايو وڃي، ۽ انھيءَ ڳالھھ کي طئي ڪري سگھجي تھ پاڪستان ڪيتري حد تائين، پنھنجين سرحدن جي حفاظت ڪرڻ لاءِ تيار آھي. جيتوڻيڪ انھيءَ معرڪي ۾ ھندستاني فوجن جي  حالت سٺي نھ رھي، ۽ انھن کي چڙ ڏيارڻ جھڙي شڪست ڏيڻ پاڪستان جي وس ۾  ھئي، پر  پاڪستان جنھن ضبط کان ڪم وٺي پنھنجي جنگي برتريءَ مان وڌيڪ فائدو نھ ورتو، تنھن مان  ھندستانين کي اھو خيال ٿيو تھ پاڪستان ڄمون  ۽ ڪشمير جي ھندستاني منصوبي جي خلاف پڻ جنگي ڪارروائي کان ڪترائيندو. پر ساڻ ئي ھن ڳالھھ جو احساس ڪندي تھ پاڪستان جي صبر جو پئمانو  نيٺ ڇلڪي پوندو ۽ اھو  لڳاتار اشتعال انگيزيون برداشت نھ ڪندو. ھندستان تدبير طور ھڪ ئي وقت ۾ لاھور تي پڻ حملو ڪري ڏنو تھ جيئن طاقت ھلائي ڪشمير جي مسئلي جو ھميشھ لاءِ باب ئي بند ڪري ڇڏجي. انھيءَ صورتحال جي برعڪس،  جيڪڏھن پاڪستان ڪڇ  جي رڻ ۾ پنھنجي جنگي ڪاميابين مان فائدو حاصل ڪيو ھجي ھا ۽ انھيءَ علائقي  ۾ پنھنجين ڪاررواين  جي تڪميل ۾ ھندستان جي ھڪ ڊويزن فوج کي تھس نھس ڪري ڪريم شاھيءَ تي قبضو ڪري ڇڏي ھا. جنھن جو ان کي حق پھچي رھيو ھو تھ ھندستان جو ھوش ٺڪاڻي لڳي وڃي ھا  ۽ ھو پنجن مھينن ۾ ئي ٻِيو تصادم نھ ڪري ھا.

 جڏھن 6-سيپٽمبر 1965ع تي ھندستان پاڪستان تي حملي جو آغاز ڪيو ، تڏھن ٻن يا ٽن قومن کان سواءِ دنيا جي ٻين سڀني قومن انھيءَ واقعي تي ڏاڍي  صدمي ۽ ناپسنديءَ جو اظھار ڪيو. برطانوي وزيراعظم ھندستان طرفان  جنگبندي لائين کي پار ڪرڻ تي افسوس جو اظھار ڪيو. صدر ناصر ڪرشنا مينن کي صاف چئي ڏنو تھ ھيءُ حملو بين الاقوامي  سرحدن جي کليل خلاف ورزي آھي. عوامي جمھوريھ چين ھندستان کي الٽيميٽم ڏنو تھ  ھو پنھنجي اڳرائيءَ کي ختم ڪري نھ تھ چين جي طرفان مداخلت لاءِ تيار ٿي وڃي. ايران، ترڪي ۽ انڊونيشيا طرفان  پاڪستان کي اخلاقي ۽ مادي مدد ڏني  ويئي .  ڪاسابلانڪا ۾ سڀني عرب رياستن پاڪستان تي حملي جي مذمت ڪئي ۽ اقوام متحده ۾ لاطيني آمريڪا، آفريڪا ۽ ايشيا  جي ملڪن  جي ڀاري اڪثريت  طرفان ھندستاني اڳرائيءَ تي سخت نڪتھ چيني ڪئي ويئي. اوڀر ۽ اولھھ يورپ ۾ پاڪستان لاءِ وسيع پئماني تي ھمدردي ھئي. آمريڪا طرفان جنگ ڇڙي پوڻ تي وڏي تشويش جو اظھار ڪيو ويو، پر ان جي بجاءِ جو آمريڪي  حڪومت پنھنجين مختلف يقين دھانين تي عمل ڪندي پنھنجي حليف پاڪستان جي مدد لاءِ اچي ھا، ان پنھنجو سڄو زور ۽ اثر رسوخ جنگبندي ڪرائڻ تائين محدود رکيو . انھيءَ مقصد خاطر آمريڪا اھڙيءَ طرح  ٻنھي ملڪن جي خلاف تجارت کي بند ڪرڻ جو حڪم صادر ڪيو، ڄڻ تھ اڳرائي ڪندڙ ۽ اڳرائيءَ جو شڪار  ٿيندڙ ملڪن ۾ ڪو فرق رکڻ ضروري ڪو نھ ھو . پاڪستان پنھنجو سڄو   جنگي سازو سامان  آمريڪا کان ئي حاصل ڪندو ھو، جڏھن تھ ھندستان  سو ويت يونين ۽ ٻين ڪيترن ملڪن کان  ھٿيار حاصل ڪرڻ کان علاوه مقامي طور پاڻ بھ ڪيترائي ھلڪي قسم جا ھٿيار گولھ بارود تيار ڪندو ھو. اھڙيءَ طرح مال برداريءَ جي ممانعت مان در حقيقت فقط پاڪستان کي ئي نقصان برداشت ڪرڻو پيو. 

جنگ ۽ ان جي متعلق ٻين قومن جي رويي  جي باري ۾ گھڻو ڪجھھ لکيو ويو آھي. پر جيسين وڌيڪ معلومات نھ ٿي پھچي، تيسين ايترو چوڻ   ڪافي آھي تھ آمريڪي رويي تي پاڪستان ۾ وڏي مايوسي محسوس ڪئي ويئي. جيڪڏھن  آمريڪا پنھنجين  حڪمت عملين ۾ ڦيرو نھ آڻي ھا تھ  ھندستان  پنھنجي  دليرانھ مھم جي شروعات  ايتريءَ اٻھرائي سان  نھ ڪري ھا. جيڪڏھن کيس  اھو ڊپ  ھجي ھا تھ  آمريڪا  پنھنجن معاھدن جون ذميواريون نڀائيندي ۽ پاڪستان سان  ڪيل ٻيا وعدا بھ پورا ڪندي تھ ھو پاڪستان تي حملي ڪرڻ جي جرئت ئي نھ ڪري ھا. جيڪڏھن طاقت جو توازن بگڙي نھ ويو ھجي ھا تھ ھندستان حملي ڪرڻ جي قابل  ئي نھ ھجي ھا.  اھي ڇھھ پھاڙي ڊويزنون، جن کي آمريڪا چينين جي مقابلي  ڪرڻ لاءِ تيار ۽ ھٿياربند ڪيو ھو، تن کي ڪشمير ۾ پاڪستان  جي خلاف استعمال  ڪيو  ويو—اھو پاڪستان، جيڪو سيٽو ۽ سينٽو جو ميمبر  ملڪ ھو، ھڪ پراڻو نيازمند ۽ پاڻ کان  پنجوڻي وڏي ملڪ جي اڳرائي جو نشانو ھو، تنھن  پنھنجي سڀني کان وڏي حليف جي مدد حاصل ڪرڻ بدران، ان  کي جنگبنديءَ جي فڪر ۾ مبتلا ڏٺو. آمريڪي نقطھ  نگاھھ تي پڻ غور  و فڪر  ضروري آھي. صدر ايوب خان ڊسمبر 1965ع ۾ ھن اميد سان صدر جانسن سان واشنگٽن ۾ ملڻ لاءِ ويو ھو تھ روبرو  ڳالھين ڪرڻ سان ٻنھي  کي ھڪٻئي جي موقف کي بھتر طور سمجھڻ ۾ مدد ملندي. پاڪستان ڪفاره طور، ۽ واشنگٽن ۾ حاصل ڪيل نئين مفاھمت جي احترام ۾ ڪجھھ قدم کنيا . ان مان ھيءُ خيال عام ٿيڻ لڳو تھ تعلقات جو جيڪو قيمتي گلدان 1965ع جي جنگ کان پوءِ وارن اثرن کان پرزا پرزا ٿي ويو ھو، تنھن کي ھاڻي آھستي آھستي ھڪ ھڪ ٽڪرو  ڳنڍي ٻيھر جوڙيو پيو وڃي. ھر طرف اھڙي قسم جا اقدامات ڪيا ويا، جن کان اھرن اشتعال ڏياريندڙ سببن ۾ گھٽتائي پيدا ٿي، جن کي انگريزيءَ جي صحافي  ٻوليءَ ۾ ”اريٽيشن“ چئبو آھي.

اھڙيءَ طرح آمريڪا طرفان پاڪستان   جي فوجي  امداد بند ڪرڻ جي فيصلي کان انھن ماڻھن کي صدمو پھتو، جيڪي ائين سمجھي ويٺا ھئا تھ خاص  تعلقات وارا پرسڪون ڏينھن وري واپس اچي رھيا آھن. عالمي طاقتون  ڪڏھن بھ خفگيءَ  کان ڪو قدم نھ کڻنديون آھن، ۽ نھ وري اھي ڪن مجبورين جي دٻاءُ ۾ اچي پنھنجن حقيقي مقصدن کي نظرن کان دور ٿيڻ  ڏينديون آھن. ڪن موقعن  تي اھي رڪاوٽن کي ھٽائڻ يا غلط   فھمين  کي دور ڪرڻ  لاءِ  وقت وٺنديون آھن، پر اھا ڳالھھ انھن جي سياست  جو فقط ٻاھريون  ڏيک ھوندي آھي.  جنھن جي پٺيان گھرا مقصد  پوشيده ھوندا آھن. جيئن تھ اھا دعوي ٰ ڪئي وڃي ٿي تھ فوجي امداد بند ڪرڻ جو فيصلو  ھندستان  ۽ پاڪستان جي درميان  تعاون پيدا ڪرڻ لاءِ ڪيو وڃي ٿو، ان ڪري  ھن ڳالھھ جو جائزو وٺڻ ضروري آ ھي تھ انھيءَ ” تعاون ” مان مراد ڪھڙي  آھي ۽ ڇو انھيءَ  لفظ تي ايترو گھڻو زور ڏنو پيو وڃي.

”ڪنفيڊريشن“ يعني بين الاقوامي رياست جو نمونو ۽ ”ڪنڊومينيم “ يعني چند طاقتن   جي انتظام  ھيٺ رھندڙ رياست جھڙا اصطلاح ھاڻي پراڻا ٿي چڪا آھن. ان کان سواءِ، ھن ننڍي کنڊ ۾ انھن جي متعلق اھڙي قسم جا تاريخي تعصيب موجود آھن، جو انھن جو  استعمال مشڪوڪ ٿي پيو آھي. ھڪ  ڀيرو ذھنن جو ميلاپ  ٿي وڃي، ۽ ھڪ مشترڪھ مقصد  ٿي پوي تھ آئيني ٻوليءَ ۾ تعاون  جي ترجمي ڪرڻ لاءِ ڪليا ھميشھ ھٿ اچي سگھندا آھن. اھم ڳالھھ  تعاون جو ٻاھريون اظھار نھ، بلڪ ان جو حقيقي  مادو آھي. اھڙا ملڪ بھ آھن، جن جون وفاقي يا نيم  وفاقي  جوڙجڪون سندن ميمبر ملڪن جي درميان خوشگوار تعلقات پيدا ڪرڻ ۾  مددگار ثابت  نھ ٿينديون آھن. نائجيريا  کي ھڪ اھڙي  ملڪ جي مثال طور وٺي سگھجي ٿو، جنھن ۾  وفاقي اِڪاين جي درميان اندروني اختلاف  بدستور مشڪلاتون پيدا  ڪري رھيا آھن. ٻئي طرف، ڪئناڊا ۽ آمريڪا جيتوڻيڪ ڪنھن  آئيني ٺاھھ ذريعي  ھڪٻئي سان ڳنڍيل ناھن، ان  جي باوجود انھن  جي  تعاون جو انداز رسمي انتظامن  جي طور ۽ طريقن  کان  گوءِ کڻي وڃي ٿو.

 آمريڪي نقطھ  نظر جي خيال کان زياده رسمي ۽ مقرره معاھدن کي غور  ھيٺ آڻڻ کان اڳ ۾ ذھنن جو ميلاپ ضروري آھي. انھيءَ رخ ۾ پھرئين  قدم طور ڇڪتاڻن کي ھلڪو ڪرڻ، ۽ تڪرارن کي دٻائڻ گھرجي. جڏھن ٻن ملڪن جون فوجون  ھڪٻئي جي سامھون نھ رھنديون آھن، تڏھن اھي ملڪ مشترڪھ مقصدن طرف ڌيان لڳائي سگھندا آھن، بجاءِ ان جي جو اھي دقيانوسي  قسمن  جي قانوني معاھدن لاءِ پنھنجي محنت ۽  ڪوشش ضايع  ڪن، جن مان  فقط شڪ شبھا مضبوط ٿيندا آھن ۽ تعصب ڀڙڪندا آھن. جيڪڏھن ھندستان  ۽ پاڪستان  پنھنجا اختلاف ھڪ طرف رکي ڇڏين، تھ اھا ڳالھھ بذات خود تعاون  جي ھڪ سلبي صورت آھي. تڏھن ئي انھن کي ھڪ فرضي مشترڪھ  دشمن، يعني  ڪميونسٽ چين جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ڪٺو ڪري سگھجي ٿو. آمريڪا جي نقطھ نگاه کان جيڪڏھن  ھڪ ڀيرو تعلقات جو رخ بدلجي وڃي تھ تعاون لاءِ ھڪ  وڌيڪ وسيع ميدان پيد اڪرڻ  جو ڪم وڏي حد تائين  آسان ٿي پوي ٿو، ايتريقدر جو مستقبل ۾ تعلقات ڪنھن آئيني رابطي جي حد تائين  پھچي سگھن ٿا. انھيءَ مقصد لاءِ ھڪ لازمي ابتدائي  قدم طور ھندستان ۽ پاڪستان جي درميان تعاون پيدا ڪرڻ لاءِ ھر ممڪن ڪوشش ٿيندي رھي آھي.

                               ----------


(1) ڊان ڪراچي، 11- اپريل سن 1964.

(1) ڊان. ڪراچي 11-اپريل سن 1964.

(1) ڊان، ڪراچي ٣- آگسٽ 1963.

(1) ڊان، ڪراچي ١٩- سيپٽمبر ١٩٦٣ع.

(1) انٽرنيشنل ھيرالڊ ٽربيون، 22-23 جولاءِ ,1967 ص-4 .

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org