سيڪشن؛ سفرناما

ڪتاب: گليور جو سير ۽ سفر

باب: 1

صفحو : 2

ڇپائيندڙ پاران

 

هيءُ ڪتاب ”گليور جو سير ۽ سفر“ سنڌ واسين لاءِ ڪو نئون ڪتاب هرگز به ناهي. مون سميت سنڌ جا ڪئين نسل مرزا قليچ بيگ صاحب جو هيءُ ڪتاب ٻالڪپڻ ۾ پڙهي جوان ٿيا ۽ بعد ۾ منجهانئن ڪي ته خود به قلم جا صاحب بڻجي ويا. ان حوالي سان چئي سگهجي ٿو ته هن ڪتاب سنڌ ۾ شعور جي اوسر جي حوالي سان هڪ قدر جوڳو ڪردار ادا ڪيو آهي.

”گليور جو سير ۽ سفر“ بظاهر ته تفريحي ادب جو هڪ ننڍڙو حصو ٿو لڳي، پر مزاح، ڪردار سازي ۽ سبق آموز ڪٿا جي حوالي سان هيءَ تحرير هڪ دلچسپ انفراديت به رکي ٿي. ڪوبه عام پڙهندڙ هيءُ ڪتاب پڙهندي دلچسپيءَ جي ڪئين جزيرن کي دريافت ڪرڻ سان گڏ لطافت ۽ ظرافت جا مختلف رنگ پسي سگهي ٿو. اهوئي سبب آهي جو آئرلينڊ جي هڪ نامياري پادري ۽ ليکڪ” ناٿن سُفٽ“ جو لکيل هيءُ ڪتاب بيشمار ٻولين ۾ ترجمو ٿي دنيا ۾ مڃتا جو درجو حاصل ڪري چڪو آهي.

                بورڊ ۾ مقرر ٿيڻ کانپوءِ ڪيترن حلقن طرفان هن ڪتاب جو پنجون ڇاپو بازار ۾ آڻڻ لاءِ مطالبا ٿيندا رهيا ۽ لائق پڙهندڙن جا انهيءَ سلسلي ۾ خط به موصول ٿيا. مون اهڙي عوامي طلب کي ذهن ۾ رکندي”گليور جو سير ۽ سفر“ کي نئين سر ڇپائڻ جو اهتمام ڪيو آهي. اُميد ته ڪتاب جو نئون ڇاپو بهتر رنگ ڍنگ سان پڙهندڙن جي هٿن ۾ پهچندو ۽ پسنديدگيءَ جي پرائي پد کي ڇُهي وٺندو.

 

انعام الله شيخ

سيڪريٽري

 18 مئي 2004 

ديباچو

 

جنهن انگريزي ڪتاب جو هي ترجمو آهي، سو هڪڙي مشهور مصنف ۽ پادريءَ” ناٿن سئفٽ“ نالي جو لکيل آهي، هو آئرلينڊ جو ماڻهو هو. سندس پيءُ سندس ڄمڻ کان ئي ڪي ٿورا مهينا اڳي مري ويو، ۽ ماڻس تمام تنگ حال ۾ هئي، سندس چاچي هن کي پاليو ۽ پڙهايو، پر سگهوئي اهو به مري ويو. پوءِ انگلينڊ ۾ ويو، ۽ ”سر وليم ٽيمپل“ وٽ رهڻ لڳو، جو سندس ماءُ جي مائٽن ماڻهو. ايم_ اي پاس ڪرڻ تي هو سئو پائونڊ سالياني پگهار تي پادري مقرر ٿيو. مشهور”جانسن“ جي ڌيءَ ”اسٽيلا“ سان هن جي معرفت ٿي، ۽ نيٺ انهيءَ سان ڳجهه ڳوهه ۾ شادي ڪيائين.

                راڻي ائن جي راڄ ۾ هو ڊبلن ۾ ڊين يا وڏو پادري مقرر ٿيو، پر راڻيءَ جي وفات کانپوءِ البت هن کي شڪست پهتي. زال جي مرڻ کانپوءِ هن گوشه نشيني قبول ڪئي، ۽ لکڻ پڙهڻ کي لڳو. شعر به گهڻو چيائين، جو اڪثر چرچي ۽ خوشطبعي جهڙو آهي، پر هن جي نثر جا ڪتاب تمام چڱا لکيل آهن. انهن مان تمام مشهور هي ڪتاب”گليور جو سير ۽ سفر“: آهي، جو هڪڙيءَ وڏيءَ آکاڻيءَ جي طرز تي آهي، ۽ سڀني ماڻهن کي نهايت پسند آهي. گهڻن ملڪن ۽ گهڻين ٻولين ۾ انهيءَ جو ترجمو ٿيو آهي. ”ڊين سُئفٽ“ سن 1669ع ۾ ڊبلن ۾ ڄائو هو، ۽ سن 1745ع ۾ مئو.

                اميد آهي ته انهيءَ مشهور ڪتاب جو هي سنڌي ترجمو سنڌ جي ماڻهن کي به گهڻو پسند ايندو.

 

مرزا قليچ بيگ

اپريل 1920ع

حيدرآباد

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org