سيڪشن؛ سفرناما

ڪتاب: ٽوڪيو جي گيشا گرل

الطاف شيخ

صفحو :9

9

هفتي جي موڪل جا ٻه ڏينهن: ڇنڇر آچر گهمي سيٽان سومر ڏينهن جڏهن ماتسوموتو ڪمپنيءَ جي آفيس ۾ پهتو ته هن کي سڀ عجيب نگاهن سان ڏسي رهيا هئا. هو سڌو ريڪو وٽ ترجمي لاءِ آيو جيئن هو ۽ فيوجي هارا هڪ ٻئي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪري سگهن. ريڪو هن کي گهوري ڏسڻ بعد اُٿي بيٺي. ”آئون بيحد خوش آهيان، ريڪو چيو، ”ڇا توهان هاڻ اکين جا شيشا اندر ٿا پايو؟“

”ڪيئن توکي وڻن ٿا يا نه؟ انهن کي ڪانٽئڪٽ لينسز (Contact Lenses) چئبو آهي.

”او ڊڪ“ توهان عينڪ بنا سٺا لڳي رهيا آهيو. مون کي پڪ آهي ته مس سدا بهار چنبيليءَ کي توهان ڏاڍو وڻندئو.“ ريڪو چيو.

”هن ئي مون کي صلاح ڏني ته عينڪ بدران اهي اکين جي ماڻڪيءَ تي رکڻ وارا شيشا استعمال ڪريان.“

”بهرحال سهڻا پيا لڳو، واقعي.“ ريڪو چيو.

هن ريڪو جي ڪلهن تي پيار مان هٿ رکي چيو: ”خير سهڻو ته ڪونه پيو لڳان پر بهرحال تنهنجي مهرباني. هاڻ اچ ته ڏسون ته ڪم ڪٿي پهتو آهي؟”

ڪم پنهنجي صحيح ۽ سٺي رفتار سان وڌي رهيو هو. فيوجي هارا ٻه ڏينهن موڪل وارا ڏينهن رات ڪم ۾ لڳو رهيو ۽ ذري گهٽ سڄو مسئلو حل ڪري ڇڏيو هئائين.

پوءِ سيٽان به هن سان گڏ ڪم ۾ لڳي ويو. وچ وچ ۾ هن ڪانٽئڪٽ لينس لاهي نڪ تي وري پراڻي عينڪ ٿي چاڙهي جو ڊاڪٽر کيس صلاح ڏني هئي ته اهي شيشا اڃا لڳاتار استعمال نه ڪري جيسين اکيون انهن تي ٺهن. بهرحال سيٽان ان ڏينهن جو انتظار ڪرڻ لڳو جڏهن سندس عينڪ مان هميشه هميشه لاءِ جان ڇٽي ويندي.

چئين بجي کان ٿورو اڳ کيس ٽيليفون لاءِ سڏ ٿيو. سندس دل خوشيءَ کان ڳائڻ لڳي ته مس سدا بهار چنبيليءَ جو فون هوندو پر ڳالهائڻ تي خبر پيس ته مسٽر ساڪاموتو هو. ”ڇا پاڻ لاءِ اهو ممڪن ٿي سگهندو ته اڄ شام جو ڪجهه گهڙين لاءِ گڏ ويهي ڳالهايون؟ آئون ڪي ڳالهيون توهان سان ڪرڻ ٿو چاهيان جيڪي توهان جي لاءِ فائديمند ثابت ٿي سگهن ٿيون.“

سيٽان کي ياد آيو ته هن ان مشين جي اگهه لاءِ کانئس پڇرايو هو سو بهرحال هاڻ اخلاقي طور هن سان هڪوار ضرور ملڻو پوندو. ”تون نائين بجي ڌاري ملي سگهندين جو ان کان اڳ آئون ڪنهن جي ماني تي هوندس.“

”نوين جو وقت تمام سٺو وقت آهي. آئون تو لاءِ پنهنجي ڪار موڪليندس.“ ساڪاموتو چيو.

سيٽان واپس پنهنجي آفيس ڏي ويو. رات جي مانيءَ لاءِ هن مس سدا بهار چنبيليءَ کي چيو هو، پر هن سيٽان کي پڪ نه ڏني هئي ۽ چيو هو ته هوءَ شايد ڪم تي وڃي. بهرحال جي واندي ٿي سگهي ته فون ڪندي.

ساڍي ڇهين وڳي تائين سيٽان کي ٻن ڳالهين جي پڪ ٿي ويئي. هڪ ته ماسايو- مس سدا بهار چنبيليءَ کي پڪ اڄ رات لاءِ ڪٿي ڊيوٽي ڪرڻي پئجي ويئي آهي جو اڃا فون نه ڪيو اٿس. ۽ ٻي ڳالهه ته فيوجي هارا مشين جي ڊيزائين جو مسئلو بلڪل حل ڪري ورتو آهي. هاڻ وري نئين سنئينءَ ماتسوموتو ڪمپنيءَ کي مشين ٺاهڻي پوندي، ان ڪري هن کي جپان ۾ رهڻ لاءِ ٻه چار ٻيا ڏينهن به ملي ويندا. هن کي ان ڳالهه تي فخر هو ته هن جو ماسايو جهڙي سهڻي ڇوڪريءَ سان عشق ٿي ويو هو. ريڪو کي به ان جي ٿوري ٿوري خوشبو آئي پئي. هوءَ سيٽان جو سوچي خوشي محسوس ڪري رهي هئي، پر هن کي دل ۾ هڪ تمام وڏو خوف پڻ هو.

سيٽان ستين بجي آفيس مان واندو ٿي اچي ٽئڪسيءَ ۾ ويٺو. رستي تي هن ماسايو جي ڊيوٽيءَ بابت اهو هرگز سوچڻ نٿي چاهيو ته هوءَ ڪنهن جپاني سيٽن جي دعوت ۾ هن جي مهمانن سان کلي ڳالهائي رهي هوندي، يا انهن کي راڳ ڳائي وندرائي رهي هوندي.

هوٽل تي پهچڻ سان کيس پنهنجي ملڪ جي آفيس کان آيل خط مليو جنهن ۾ لکيل هو ته سندس جپان ۾ رهائش ڪمپنيءَ کي چڱي وڏي خرچ ۾ وجهي رهي آهي. بهرحال اُميد آهي ته سندس رهائش ڪمپنيءَ لاءِ ڪارگر ۽ فائديمند ثابت ٿيندي. ان کان علاوه لکيل هو ته نڪتل نتيجن کان کين جلد آگاهه ڪيو وڃي جو تمام گهڻا ڏينهن ٿي ويا آهن.

اهو پڙهي سيٽان کي پهرين دل ۾ آيو ته جيڪر آمريڪا پنهنجي آفيس وارن کي صاف صاف جواب لکي موڪلي ته پنهنجو ٺهيل مشينريءَ جو نقشو غلط هو جيڪو هتي فيوجي هارا وڏي محنت ۽ هوشياريءَ سان چڪون ڪڍي درست ڪيو آهي. پر پوءِ خيال آيس ته ائين لکڻ سان سندس آمريڪي دوست جيڪو اتي ڊيزائينر آهي ۽ جنهن اهو نقشو ٺاهيو آهي، ان تي مصيبت اچي ويندي.

رات جي ماني پنهنجي هوٽل ۾ ئي کاڌائين. ٻي ڪابه خاص پهر اوسي پاسي ۾ ويٺل نه هئي. نائين کان ٿورو اڳ ۾ هو پنهنجي ڪمري تي آيو ۽ هڪ دفعو وري ڪانٽئيڪٽ لينس پاتائين. ايتري ۾ ساڪاموتو جو ڊرائيور کيس وٺڻ لاءِ اچي نڪتو.

شهر جي وڏن رستن تان هلندا پوءِ سوڙهين گهٽين ۾ آيا ۽ آخرڪار هڪ ڪاٺ جي عمارت وٽ ڊرائيور ڪار اچي جهلي. عمارت جي ٻاهران لالٽين ٻري رهيو هو. سيٽان پنهنجا بوٽ لاٿا، ماماسان کي جهڪي کيڪاريو، جيڪا کيس ورانڊي مان وٺي هلڻ لڳي. اڳتي هلي هن هڪ ڪمري جو دروازو گهرڪائي کوليو. سامهون ويٺل جارج ساڪاموتو اُٿي بيٺو ۽ سيٽان کي کيڪاري گرمجوشيءَ سان هٿ ملايو:

”مسٽر سيٽان توسان وري ملي مون کي خوشي ٿي آهي.“ پوءِ هڪ دفعو وري کيس غور سان ڏسي چيو:

”منهنجي خيال ۾ توهان اکين تي ڪانٽئيڪٽ لينس پاتا آهن. ان ڪامياب تبديليءَ تي مون طرفان مبارڪباد قبول ڪندا. اها تعريف ناهي پر حقيقت آهي ته بنا عينڪ جي توهان جي منهن جي بيهڪ بهتر لڳي رهي آهي. ڀلا مون طرفان سنتوري- جپاني وسڪي پيئڻ قبول ڪندا؟“

سيٽان هائوڪار ڪئي. بئري جهڪي شراب پيش ڪيو. پوءِ ساڪاموتو ڳالهه شروع ڪئي: ”نارما توهان جا ڏنل نقشا مون تائين پهچايا.“ ايترو چئي هن شراب جو ڍڪ ڀريو ۽ پنهنجا چپ اُگهيا. ”منهنجي انجنيئري کاتي جي ماڻهن انهن کي غور سان جانچيو.” ڀر ۾ رکيل هڪ پيتيءَ مان هن هڪ مشينري ڪڍي ميز تي رکي. ”ڪم جو جهٽ پٽ اڪلاءُ اسان جي ڪمپنيءَ جي اهم خصوصيت آهي. اسان توهان جي نقشي مطابق مشين جو نمونو ٺاهيو آهي، جنهن کي توهان جانچي ۽ چڪاسي سگهو ٿا.“

سيٽان مشين کي پهرين نظر ۾ ئي ڏسڻ سان ساڪاموتو جي ماڻهن جي بهتر هنرمندي ۽ هٿ جي صفائيءَ ۽ سليقي جو اندازو لڳائي ورتو: ”مون اهو نٿي چاهيو ته توهان ڪا ايتري تڪليف وٺو.“ سيٽان چيو، ”مون فقط توهان کان ان جو اگهه پڇڻ چاهيو ٿي.“

ساڪاموتو هٿ لوڏي چيو: ”اگهه سان گڏ نمونو به پيش ڪرڻ اسان جي اصولن مان هڪ آهي ۽ هي توهان لاءِ ئي آهي. ان جي ڪا قيمت ناهي ۽ نه وري توهان تي ان جو ڪو ٿورو ٿا ڪريون.“

”آئون پنهنجي ملڪ آمريڪا ۾ پنهنجي آفيس وارن کي توهان جو هي نمونو ضرور ڏيکاريندس. توهان جي ماڻهن کي خبر ناهي هن مشين کي ٺاهڻ بعد چڪاس ڪرڻ جو موقعو مليو يا نه؟“

”نه. باقي هنن کي اها پڪ آهي ته هنن اها مشينري توهان جي نقشي ۽ ڊيزائين مطابق بلڪل صحيح ٺاهي آهي. ڀلا توهان کي خراب ته نه لڳندو. جي آئون توهان کان پڇان ته توهان کي ماتسوموتو ڪمپنيءَ وارا ڪهڙي اگهه ۾ مشين ٺاهي ڏين پيا؟“

سيٽان ڪجهه گهڙين لاءِ سوچيو. هن ماتسوموتو ڪمپنيءَ وارن جا مسئلا ٻڌائڻ نٿي چاهيا. ساڳي وقت پنهنجي آمريڪن ڪمپنيءَ جي غلطي به ٻڌائڻ نٿي چاهي. ”هول سيل جي حساب اسان اٽڪل پنجونجاهه ڊالر کن في نگ.“

ساڪاموتو پنهنجي خرچ جي تخميني جو چٺو سيٽان جي حوالي ڪيو. ”اٺيتاليهه ڊالرن ۾ في پيس!“

سيٽان پڙهي عجب کاڌو. ”پر مسٽر ساڪاموتو ڳالهه اها آهي جو اسان تي ماتسوموتو ڪمپنيءَ جا ٿورا آهن ۽ هنن سان زبان ڪري چڪا آهيون.“

”اها ڳالهه توهان جي بلڪل صحيح آهي. ڀلا هي توهان وارا نقشا آئون پاڻ وٽ رکي ڇڏيان جيئن متان توهان کي ٻي ڪنهن ڪمپنيءَ کان به ٺهرائڻ جي ضرورت پئجي وڃي يا چئو ته توهان جي هوٽل تي پهچايان.“

سيٽان صاف جي ڳالهه ڪرڻ ٿي چاهي: ”منهنجي خيال ۾ ته توهان نقشا ڀلي اسان کي ڏئي ڇڏيو. ان ڪري نه ته ڪو توهان ۾ اسان جو اعتماد ناهي پر ان ڪري جو اسان ان مشين ۾ ڪجهه تبديلي آڻڻ بابت سوچي رهيا آهيون.“

”بهتر. ايترو ضرور چوندس ته توهان ماتسوموتو ڪمپنيءَ وارن جي مدد جيتري ڪريو پيا ان لاءِ جس هجناوَ. اهي واقعي اها لهڻن. ۽ مون کي خبر آهي ته هو توهان جي تمام گهڻي خدمت ڪري رهيا آهن.“

سيٽان شراب جو ڍڪ ڀري دل ئي دل ۾ مس سدا بهار چنبيليءَ جي صحت ۽ دوستيءَ لاءِ دعا گهري: ”آئون ماتسوموتو وارن جو ٿورائتو آهيان جن منهنجو هڪ تمام سٺي ڇوڪريءَ سان تعارف ڪرايو آهي.“

”منهنجي خيال ۾ ته آئون هن کي سڃاڻان ٿو،“ جارج چيو، ”گيشا ڪانوماسايو- جيڪا مس سدا بهار چنبيليءَ جي نالي سان سڏجي ٿي.“

”توهان ته هر ڳالهه جي جانچ رکو ٿا. شابس هجناوَ.“

ساڪاموتو کليو، ”خير جاسوسي خاطر هرگز نه. هڪ ڏينهن مون کي مس سدا بهار چنبيليءَ جي ضرورت هئي جيئن منهنجن مهمانن کي مانيءَ تي وندرائي سگهي، پر گيشا گهر وارن ٻڌايو ته هن کي ماتسوموتوءَ توهان جي وندر لاءِ هفتي کن لاءِ مسواڙ تي رکي ڇڏيو آهي.“

سيٽان ٿورو جهڪي چيو، ”ڇا چيو توهان؟! توهان جو مطلب آهي ته مس ماسايو ڪانوءَ کي مون سان ملڻ لاءِ ماتسوموتو پئسا ڏيئي مسواڙ تي رکيو آهي؟ مون کي ته اها ڳالهه سمجهه ۾ ئي نٿي اچي.“

ساڪاموتو هن ڏي گهوري ڏٺو: ”مسٽر سيٽان، جپان کان ٻاهر گيشائن کي اڪثر غلط سمجهيو وڃي ٿو. سو توهان کي به کڻي ڪيترو به تفصيل سان سمجهائجي پر ڪو فائدو نه ٿيندو. ان هوندي به ايترو توهان کي يقين ڏياريان ٿو ته مس سدا بهار چنبيليءَ کي توهان لاءِ هر وقت حاضر رکڻ لاءِ جيڪو خرچ پکو ماتسوموروءَ ڪيو آهي ان لاءِ شابس هجيس.“

سيٽان پنهنجي جذبات تي ضابطو رکندي چيو: ”مسٽر ساڪاموتو، ٽوڪيو ۾ اچڻ وقت مون کي ڊنر کارائي ويئي هئي. مس ڪانو پڻ اتي هئي ۽ اها خبر اٿم ته هوءَ پئسن تي گيشا طور گهرائي ويئي هئي جيئن مهمانن کي پنهنجي فن، ڳالهين ۽ راڳ جهڙين شين سان وندرائي سگهي. ان کان پوءِ آئون هن سان ڪيترائي دفعا ائين دوستي ياريءَ ۾ سندس واندڪائيءَ جي گهڙين ۾ سندس مرضيءَ تي مليو آهيان. ڇا توهان جو خيال آهي ته سندس اهو ملڻ دوستيءَ ۾ نه پر ڪاروباري نموني جو هو، جنهن لاءِ هوءَ پئسا وصول ڪندي رهي؟!“

مسٽر ساڪاموتو منجهي پيو ۽ اها مونجهه سندس چهري مان به بکي رهي هئي. ”مسٽر سيٽان! مون کي افسوس آهي جو آئون اجائي اها ڳالهه ڪڍي ويٺس. مونکي اها خبر نه هئي ته توهان ان بابت اڻ ڄاڻ آهيو. آئون دلي طرح توهان کان معافي گهران ٿو. مس سدا بهار چنبيليءَ جي ڪردار تي ڪنهن به قسم جو شڪ نٿو ڪري سگهجي. رڳو پئسي ڏوڪڙ جي ڳالهه ناهي. اها توهان جي خوش اخلاقي به چئبي جو هوءَ هميشه توهان سان ملندي رهي ٿي.“

”پر هن کي ان لاءِ مسلسل پئسا ملندا رهيا؟“ سيٽان معلوم ڪرڻ لاءِ ضد ڪيو.

”جي هروڀرو معلوم ڪرڻ چاهيو ٿا ته، هائو. پر اها ڳالهه آهي ته هوءَ ايري غيري نٿو خيري سان به نٿي ملڻ چاهي، ڪو ڪيترا به پئسا ڏوڪڙ ڏئي. هوءَ گراهڪن مان پنهنجي پسند موجب چونڊي ڪري ٿي. ۽ اها هڪ وڏي ڳالهه آهي ته هوءَ هر وقت توهان کي ئي چونڊيندي رهي آهي.“

سيٽان پنهنجي ميزبان کي شرمندگيءَ جي احساس کان بچائڻ ۽ ڳالهه ڦيرائڻ لاءِ شراب جو گلاس کڻي پيتو ۽ پوءِ مشينريءَ جو نمونو ۽ سندس اگهه جو چٺو کنيو ۽ اُٿي بيٺو. ”چڱو مسٽر ساڪاموتو. توهان جي ميزبانيءَ جي وڏي مهرباني. اُميد ته توهان جي ملاقات جو مون کي وري جلد شرف حاصل ٿيندو.“ جيئن ئي ساڪاموتو اُٿي بيٺو ته سيٽان جلدي هٿ ملائي اُٿي هليو. ننڍڙو ورانڊو اُڪري در وٽان بوٽ پاتو ۽ بنا ڪهيون ٻڌڻ جي اچي ٽئڪسيءَ ۾ ويٺو. هي ان ڪري به جلدي اُٿي ڀڳو جيئن سندس منهن جو لٿل پنو ڪو ٻيو نه ڏسي وٺي.

پنهنجي هوٽل ۾ پهچي سڌو ڪمري ۾ آيو. لابيءَ ۾ به ساهه نه پٽيائين. ڪمري ۾ گهڙي بوٽن کي اڇل سان لاهي پنهنجو منهن هٿن ۾ لڪائي ڊگهو ٿي سمهي رهيو. جيئن سندس چهرو ڀتيون به ڏسي نه سگهن.

سڄي رات هنڌ تي جاڳندي پاسا ورايائين. دنيا سندس اڳيان ٽڪرن ٽڪرن ۾ ٽٽندي ۽ جڙندي رهي. صبح ٿيڻ تي هن رات وارا اڃا تائين پاتل ڪپڙا لاٿا، شيو ڪري، وهنتو ۽ ٻيا ڪپڙا پاتائين.

ڪانٽئڪٽ لينس پائڻ بدران پراڻي عينڪ نڪ تي رکيائين ۽ ٽيڪسي ڪري آفيس پهتو. آفيس ۾ پهچي سڌو ريڪو جي ٽيبل وٽ آيو. ”تو سان آئون ڪجهه ڳالهائڻ ٿو چاهيان.“ هن چيو.

ڪانفرنس روم ۾ پهچي سيٽان چيو، ”ريڪو سانِ آئون توتي ڀروسو ٿو ڪريان ۽ مونکي اُميد آهي ته تون منهنجن سوالن جا صحيح صحيح جواب ڏيندينءَ. منهنجي ڳالهه تو سمجهي؟” ريڪو ڳالهه ته سمجهي پر ڊڄي ويئي ته الا ڇا آهي. ”هر دفعي جڏهن به آئون مس سدا بهار چنبيليءَ سان مليو آهيان يا گهمڻ ويو آهيان ته ماتسوموتو ڪمپنيءَ ان لاءِ گيشا گهر کي پئسا دا ڪيا آهن. اها ڳالهه ڇا صحيح آهي؟“

ڪوڙ ڳالهائڻ اجايو هو. ”ها.“ ريڪو چيو.

”ڏس ڪمپنيءَ جي اڪائونٽنٽ ڇوڪري تنهنجي ساهيڙي آهي. تون هڪ ڪم ڪر هن کي گيشا گهر جا اهي سمورا بل وٺي اچ جن جي ادائيگي ڪمپنيءَ مون خاطر ڪئي آهي، پر ڏس ڪنهن به ٻئي کي خبر نه پوي.“

”ڇا واقعي؟“ ريڪو چيو.

”ها بلڪل.“ سيٽان چيو. هن جي لفظن ۾ رُڪ جهڙي سختي هئي. هوءَ ڇا ٿي ڪري سگهي. چپڙي ڪري ڪمري مان نڪتي ۽ واپس آئي ته سندس هٿن ۾ ڪجهه پنا هئا.

سيٽان کيسي مان پين ڪڍي ۽ اڇن پنن جي بندي کڻي حساب جوڙڻ لڳو.

”نيو اوتاني هوٽل ۾ رات جي ماني؟“ سيٽان پڇيو.

ريڪو جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا ۽ پني تي لکيل انگ آڏا ڦڏا نظر اچڻ لڳس. ”جپاني سڪي ۾ هڪ لک پنجونجاهه هزار يين.“ (اٺ هزار کن رپيه) ريڪو عام طرح ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي.

سيٽان سلائيڊ رول ذريعي جپاني سڪي يين کي بدلي آمريڪن ڊالرن ۾ آندو. ”اٽڪل ڇهه سؤ ٽيهه کن ڊالر،“ سيٽان چيو، ”“ پارڪ ۾ گڏ واڪ ڪئيسين، ان جا ڪيترا پئسا؟“

”ريڪو بل کي اٿلائي پٿلائي ڏٺو. ٽيهه هزار يين.“ ريڪو ڏک مان چيو.

”سي ٿي چوراسي کن ڊآلر. مهرباني ۽ ڪيوٽو ۾ گذاريل رات جا ڪيترا پئسا؟“

ريڪو هن کي ٻڌائڻ نٿي چاهيو. سيٽان هن کان ڪاڳر ڦري ان تي لکيل انگ پاڻ پڙهڻ لڳو: ”پنج لک يين.“ (پنجويهه هزار رپيه کن) ”گذريل اربع ڏينهن آئون کيس فلم تي وٺي ويو هوس.“

ريڪو ڪنڌ جهڪائي ٻڌايو: ”چاليهه هزار يين.“ ”يعني سي ٿيا ڏيڍ سؤ کن ڊالر.“ سيٽان آهستي آهستي هٿن مان نڪري رهيو هو ۽ سندس چڙ جو پارو پڻ وڌي رهيو هو.

”ڀلا اُتامي ۾ گذاريل ٻه ڏينهن؟“ سيٽان رڙ ڪري چيو.

سائين ان جو بل گيشا گهر کان اڃا پهتو ناهي.“ ڊڪ سانَ آئون توکي سچ پيئي ٻڌايان.“

سيٽان هاڻ سمورن پئسن جو جوڙ ڪيو ۽ پوءِ چيڪ بڪ ڪڍي ان مان هڪ چيڪ ڦاڙي پئسن جو انگ ان تي لکيو ۽ ان سان گڏ صحيح پڻ ڪئي.

”ريڪو سان! مسٽر ماتسوموتو کي اطلاع ڪندا ته آئون هن سان هينئر جو هينئر ملڻ ٿو چاهيان.“

”چڱو آئون ڏسان ٿي.“ هن خبرداريءَ سان چيو ۽ وٺي ڀڳي. هوءَ پهرين ياماگچيءَ وٽ آئي ۽ اچي سربستو احوال ڪيائينس ته هيءَ هيءَ ڳالهه ٿي آهي. پوءِ هوءَ ماتسوموتوءَ جي آفيس ۾ حاضر ٿي. اها خطرناڪ خبر اڳهين ڪارخاني ۽ آفيس جي ورانڊن ۾ گشت ڪري رهي هئي. ڪمپنيءَ جي جپاني انجنيئر فيوجي هارا جنهن جو سيٽان سان گهڻو ساٿ رهيو هو، اهو سمجهي سگهيو ٿي ته سندس ساٿي ڪهڙي عذاب ۾ آهي. هن جي دل گهڻو ئي چاهيو ته سيٽان سان ڳالهائي ساڻس همدردي ڪري پر انگريزي نه اچڻ ڪري مجبور هو.

جنهن وقت ريڪو سيٽان کي ماتسوموتو جي آفيس ۾ وٺي آئي ته ياماگچي به اتي ويٺو هو. هو هڪ ڪاغذ هٿ ۾ جهلي ائين ويٺو هو ڄڻ ميٽنگ هلائي رهيو هجي. هن اُٿڻ ٿي چاهيو پر سيٽان کيس هٿ سان اشارو ڪري ويهڻ لاءِ چيو. ماحول ۾ ٿوري گهٽ هئي. ”مسٽر ماتسوموتو،“ سيٽان ڪڇيو، ”گذريل رات مون کي پهريون دفعو خبر پيئي ته مس سدا بهار چنبيلي جنهن سان ملڻ وقت مون اهو پئي سمجهيو ته هوءَ دوستي ياريءَ ۾ مون سان پئي ملي، پر اصل ۾ هن جون اهي ملاقاتون ڪاروباري هيون. بهرحال سڀ کان اڳ ته آئون معذرت ٿو گهران جو مان توهان جي مهمان نوازي ۽ خلوص جو ناجائز فائدو وٺندو رهيس.“

ريڪو ٻه دفعا ڊڪشنري کولي لفظن جي معنيٰ ڏٺي ۽ پوءِ سيٽان جي چيل انگريزي جملن جو جپانيءَ ۾ ترجمو ڪيو ۽ پوءِ ماتسوموتو جو جپاني جواب ترجمو ڪري سيٽان کي ٻڌايو: ”ائين ڪرڻ سان اسان کي خوشي ٿي آهي.“

”مون کي خبر آهي ته توهان وٽ جپان ۾ منهن مٿي ڪرڻ وڏي ڳالهه سمجهيو وڃي ٿو،“ سيٽان چيو، ”اسان جي ملڪ ۾ عزت قائم رکڻ به اوتري ئي اهم ڳالهه آهي.“

”ساڳي ڳالهه ٿي،“ ماتسوموتو چيو، ”فقط نالا جدا جدا آهن.“

سيٽان کيسي مان چيڪ ڪڍي ٽيبل تي رکيو. ”هي چيڪ ذري گهٽ ان سڄي خرچ جو آهي، جيڪو توهان پهرين ڏينهن جي مانيءَ کان پوءِ اڄ تائين مون ڪارڻ گيشا تي ڪيو آهي. اُتاميءَ ۾ ٻه راتيون گذارڻ وارو بل اڃا توهان تائين نه پهتو آهي. جيئن ئي ايندو ته اهو پڻ آئون ادا ڪندس. آئون سمجهان ٿو ته اهو تمام ڳرو هوندو.“ ريڪو ترجمو ڪيو ۽ ڪمري ۾ ويٺل ٽنهي جپانين اها ڳالهه سمجهي. ”هي هتي جي جپاني بئنڪ جو چيڪ هن وقت جيتوڻيڪ بيڪار آهي.” سيٽان چيو، ”پر آئون آمريڪا پهچڻ شرط پنهنجي بچت جا پئسا هيڏانهن جپان واري بئنڪ ڏي وڃي موڪليندس، جيئن هي چيڪ ڪئش ٿي سگهي.“

”سيٽان سانَ،“ ماتسوموتو ڪجهه ڏک مان چيو، ”تون وڏي عزت وارو انسان آهين. آئون توهان جو ڏنل چيڪ وٺڻ کان جيتوڻيڪ انڪار ٿو ڪريان، پر جنهن جذبي هيٺ توهان اهو پيش ڪيو آهي، ان جا گڻ هميشه ڳائيندو رهندس.“

”جيڪڏهن توهان منهنجي عزت رکڻ چاهيو،“ سيٽان چيو، ”ته پوءِ هي چيڪ توهان کي ضرور قبول ڪرڻو پوندو.“

وڏي ٽيبل پٺيان ويٺل هن گمنام شاعر، سيٽان کان چيڪ وٺي مٿئين وچ واري خاني ۾ رکيو. پوءِ هو ٽيبل وٽان ڦري اڳيان اچي بيٺو ۽ جهڪي موڪلائڻ بدران هن سان هٿ ملايو. اها هڪ وڏي عزت هئي جيڪا هن سيٽان کي ڏيڻ چاهي، پر سيٽان اڳهين پنهنجو مان مٿڀرو مڃائي چڪو هو.

جنهن وقت فون جي گهنٽي وڳي ان وقت سيٽان پنهنجي ٽيبل تي نه هو. ريڪو فون ڪن تي رکي جواب ڏنو. پوءِ هن چوڌاري ويٺلن تي تڪڙي نظر وڌي. ڪنهن جو به ڌيان هن ڏي نه هو، پوءِ پنهنجي منهن تي بنا ڪنهن تاثر آڻڻ جي هن مختصر جپانيءَ ۾ ڪانوماسايو کي سڄو احوال ٻڌائي ورتو ته ڪجهه دير اڳ ڇا وهيو واپرايو آهي.

سيٽان ماتسموتو جي آفيس مان نڪري انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ ۾ آيو. ريڪو اتي ئي ترسڻ مناسب سمجهيو جيئن ڪجهه پڇڻ يا ٻڌائڻ لاءِ هن جي ترجمي جي ضرورت پئجي وڃي. سيٽان مشين وانگر هيڏانهن هوڏانهن ڪم ڪندو رهيو جيتوڻيڪ سندس چهري تي اُداسي ڇانيل هئي. جپاني انجنيئر فيوجي هارا هن جو هي حال ڏسي ڏک محسوس ڪيو پر ڇا ٿي ڪري سگهيو.

ڇهين وڳي ڌاري سيٽان اُٿيو ۽ هن چيو: ”آئون ٿوري دير ۾ ٻاهران رات جي ماني کايو ٿو اچان. اڄ منجهند جي ماني به نه کاڌي اٿم. بهرحال اجهو ٿو اچان.“

ڀلي سائين،“ فيوجي هارا چيو، ”اسين ويٺا هونداسين.“ سنگت خاطر هن سان گڏ وڃڻ جو هن گهڻو ئي چاهيو، پر پوءِ ماٺ ٿي ويو ۽ سيٽان اڪيلو پيرين پيادو ٻاهر هليو ويو. سندس جسم سور کان ڄڻ ڀڄي ڀور ٿي رهيو هو. گذريل چوويهن ڪلاڪن ۾ جيتوڻيڪ هن ڪجهه به نه کاڌو هو پر ان هوندي به هن کي اڃا تائين بک بلڪل محسوس نه پئي ٿي.

جڏهن هو ساڍي ستين تائين واپس نه وريو ته ريڪو ۽ فيوجي هارا فڪرمند ٿيڻ لڳا. ٻنهي ڄڻن گهر به وڃڻ نٿي چاهيو جو سيٽان وڃڻ وقت چيو هو ته آئون موٽي ٿو اچان. ساڍي اٺين بجي ڌاري فيوجي هارا ريڪو کي چيو ته ” هينئن ٿا ڪريون جو تون اتي ترس ته آئون کيس ڳولي ٿو اچان ۽ جيڪڏهن ان وچ ۾ پاڻ اچي وڃي ته کيس هوٽل تائين ڇڏي اچجانءِ“.

”اها سٺي صلاح آهي.“ ريڪو به مڃيو.

ٻاهر نڪري فيوجي هارا سوچيو ته هو ڪيڏانهن وڃي سگهي ٿو. هڪ هنڌ ڪيتريون ئي ننڍيون هوٽلون ۽ شراب خانا هئا، فيوجي هارا کيس ڳولڻ لاءِ اوڏانهن روانو ٿيو. اتي پهچي هڪ هڪ هنڌ پڇڻ لڳو ته هتي هڪ ڊگهي قد جو فارينر ته نه آيو؟ ڪلاڪ کن هو ڳوليندو رهيو. آخر هڪ شراب خاني ۾ پهچڻ سان ان مالڪ چيو: ”دوزو“ ۽ ڪنڌ جي ڌوڻ سان سيٽان ڏي اشارو ڪيو جيڪو بني هوشيءَ جي عالم ۾ ٽيبل تي ڪنڌ رکي ستو پيو هو.

”آئون هاڻ پوليس کي اطلاع ڪرڻ وارو هوس.“ شراب خاني جي مالڪ چيو.

”ان جي ڪا ضرورت ناهي.“ فيوجي هارا وراڻيو. ”گهڻي ڪم ۽ ٿڪ ڪري هي بيحال ٿي ويو آهي. ڀلا هن جي بل جو حساب ته چڪتو آهي يا نه؟”

مالڪ ڪنڌ ڌوڻيو ۽ سندس مدد سان فيوجي هارا سيٽان کي ٽئڪسيءَ ۾ وڌو. فئڪٽريءَ وٽ پهچي فيوجي هارا ريڪو کي به سڏي آيو.

”منهنجي خيال ۾ ته هن کي سندس هوٽل تي وٺي هلون،“ فيوجي هارا چيو، ”پر هوٽل جي لابيءَ ۾ سڀني اڳيان هن حال ۾ وٺي هلڻ سان هي ڏٺو ٿي پوندو.“

”واقعي،“ ريڪو چيو، ”ائين هو ڪنهن جي اڳيان منهن کڻڻ جهڙو نه ٿيندو.“

”آئون هن کي کڻي پنهنجي گهر وٺي هلان،“ فيوجي هارا چيو، ”پر منهنجا ماءُ پيءُ به اسان وٽ ٽڪيل آهن ۽ چتيءَ جيتري جاءِ به ناهي جو سيٽان لاءِ کڻي هڪ وڌيڪ فوتان (هنڌ) وڇائجي. هل ته ڀلا ڪنهن ٻيءَ هوٽل ۾ وٺي هلونس.“

”ڪنهن به هوٽل ۾ وٺي هلڻ صحيح نه ٿيندو ۽ ڏسڻ وارن جي نظر ۾ ڪري پوندو. هن کي يا ته آئون پنهنجي گهر ٿي وٺي وڃان. مون سان فقط منهنجي ماءُ ٿي رهي سا ڪنهن پاڙي واي گهر ۾ سمهي سگهي ٿي. پر آئون اڪيلي سر هن کي کڻي نه سگهنديس.“ ريڪو چيو.

”آئون چڱيءَ طاقت وارو آهيان.“ ڊرائيور، جيڪو هنن جون ڳالهيون ٻڌي رهيو هو تنهن چيو، ”مون کي توهان جي مدد ڪندي خوشي ٿيندي.“

”ته پوءِ آئون سيٽان جي هوٽل تي فون ڪري،“ فيوجي هارا چيو، ”کين ٻڌائيندس ته سيٽان سانَ کي ڪنهن دعوت ۾ رات گذارڻي پئجي ويئي آهي، ان ڪري هو اڄ رات هوٽل تي نه ايندو ۽ رات جي پائڻ جو سامان ڪو ماڻهو اچي کڻي ويندو. پوءِ آئون ئي هن جي ضرورت جو سامان هوٽل تان کڻائي سڌو تنهنجي گهر ايندس.“

ٽئڪسي ڊرائيور فيوجي هارا کي ڪنهن ويجهي ريلوي اسٽيشن تي لاهي پوءِ ريڪو جي ڏس موجب سندس گهر اچي پهتو جيڪو ڪاٺاڻي گهرن جي علائقي ۾ تختن جو ننڍڙو گهر هو. هو ٿوري دير ترسيو تيسين ريڪو اندر وڃي پنهنجي ماءُ سان حال ڪيو.

سيٽان کي هيڏي ننڍڙي گهر ۾ اندر وٺي هلڻ ڪو آسان ڪم نه هو. هڪ ته بيهوشيءَ جي ڪري هو ڇپ وانگر ويتر ڳرو ٿي لڳو ۽ ويندي همت واري ڊرائيور کي به ڪافي تڪليف پئي ٿي. آخرڪار هن کي گهر جي وڏي ڪمري ۾ پٽ تي ليٽايو ويو.

ريڪو جلدي جلدي ڪري سندس بوٽ لاٿا ۽ مٿي هيٺان وهاڻو رکيو. پوءِ پاڻيءَ جو پيالو ڀري اچي سندس منهن ڌوتو.

جنهن وقت فيوجي هارا اُتي پهتو ته هوءَ اڃا تائين هن جي ڀر ۾ ويٺي هئي. فيوجي هارا سيٽان جي رات جي ڪپڙن جي هڙ اچي ڀت ڀرسان رکي ۽ ريڪو هنڌ ٺاهي سيٽان جو ڪوٽ، قميص ۽ پتلون لاهي کيس هنڌ ۾ سمهاريو. فيوجي هارا ريڪو کي چيو ته سڀاڻي آفيس ۾ اچڻ جي ڪا جلدي ڪانهي ڀلي آرام سان اچجانءِ. سيٺ ماتسوموتو کي آئون حالتن کان آگاهه ڪري ڇڏيندس. پوءِ هو آهستي ڪري ٻاهر نڪتو ۽ ريلوي اسٽيشن ڏي روانو ٿي ويو.

ٿوري دير بعد ريڪو جي پوڙهي ماءُ چانهه لاءِ اچي پڇيو. سندس سڄو چهرو گهنجن سان ڀريل هو ۽ ڪاري رنگ جو ڪمونو پهريل هوس. ريڪو آهستي ڪري چيس ته هوءَ ڪابه تڪليف نه وٺي. پوءِ هوءَ پنهنجو هنڌ کڻي پاڙي واري گهر ۾ هلي ويئي. ريڪو پاڻ يوڪاتا پائي سيٽان جي ڀر ۾ ٿي ويٺي، جيئن متان سيٽان اُٿي سوچي ته هو ڪٿي آهي ته کيس ٻڌائي سگهي.

ٻن ڪلاڪن بعد سيٽان کي سجاڳي ٿي ۽ ٺونٺ تي اُٿي ويٺو ۽ هن ڏي نهاري پڇيو: ”آئون ڪٿي گم ٿي ويو آهيان؟“

”تون ڪٿي به گم نه ٿيو آهين سيٽان سانَ. پر گهڻي ڪم ۽ ٿڪ ڪري تون ساڻو ٿي ڪري پئين ۽ فيوجي هارا ۽ آئون توکي پنهنجي گهر وٺي آيا آهيون.“

”گهڻي پيئڻ ڪري مون هوش وڃايا آهن،“ هن چيو، ”هن کان اڳ ڪڏهن به مون ائين نه ڪيو هو.“

”نه نه. اهڙي ڳالهه ناهي. تون آرام ڪر.“ اهو چئي ريڪو پنهنجو هٿ سندس نرڙ تي گهمائڻ لڳي.

”ريڪو مون پنهنجو پاڻ پاڻ ئي کلايو آهي.“ سيٽان چيو، ”دراصل مون چاهيو ٿي ته مون سان ڪو محبت ڪري.“

“اهڙي ڳالهه ناهي. آئون به ته توسان محبت ڪريان ٿي.“

”ريڪو جنهن کي گهڻو ڀانئبو آهي ان کي ڇا چئبو آهي. منهنجو مطلب آهي جپانيءَ م ڊيئر (پياري) کي ڇا ڇئجي؟“

”جپانيءَ ۾ بلڪل ان جهڙو ته لفظ ناهي، ڊِڪ. پر جنهن کي گهڻو چاهبو آهي ته پوءِ ان جي نالي پٺيان 'چان' وجهبو آهي- جيئن 'سيٽان سانَ' بدران 'سيٽان چان'- اهوئي فرق آهي.“

”ريڪو چان، جپان ۾ آئون ٽن ڇوڪرين سان مليو آهيان. انهن مان تون هڪ اهڙي آهين جيڪا منهنجو گهڻو خيال ٿي رکين. ڇا تون مون سان شادي ڪندينءَ؟”

هن پنهنجو ڪنڌ هيٺ جهڪايو: ”توهان مون کي اها عزت پيا ڏيو جنهن جو آئون سوچي به نٿي سگهان. پر آئون پنهنجو پاڻ کي توهان جي قابل نٿي سمجهان. دل جي گهراين سان آئون توهان جي شڪرگذار آهيان.” هن جهڪي پنهنجا چپ هن جي چپن تي زور سان کپايا. پوءِ هوءَ اُٿي ويٺي ۽ چيو: ”هينئر توهان سمهي آرام ڪريول. سڀاڻي پاڻ ڳالهائينداسين.“

“گڊ نائيٽ، ريڪو چان” (شب خير پياري ريڪو.)

”ڪامبان - وا، ڊڪ چان“ (شب خير پيارا ڊڪ).

پوءِ به هوءَ تيستائين اُتي ئي ويٺي رهي جيسين سيٽان کي گهاٽي ننڊ آئي ۽ کونگهرا هڻڻ لڳو. پوءِ هن جهڪي تڏي کي ڇهيو جنهن تي سيٽان ستل هو ۽ آهستي چپن ۾ ڀڻڪيو: ”ڊڪ چان! اها مون لاءِ عزت ۽ خوشيءَ جي ڳالهه آهي جي تون مون سان شادي ڪرين. آئون تنهنجي زال ٿي گولين وانگر گذارينديس ۽ تنهنجي خدمت ڪندي رهنديس.“ پوءِ هوءَ اُٿي ۽ بنا هنڌ ۽ وهاڻي جي ڀر واري ڪنڊ ۾ گڪي ٿي سمهي رهي، جيئن متان ڪنهن وقت به سيٽان کي ڪنهن شيءِ جي ضرورت پوي ته هوءَ ويجهي هجڻ جي صورت ۾ سڏ جو جواب ڏئي سگهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org