سيڪشن؛ سفرناما

ڪتاب: سينگارپور ويندي ويندي

الطاف شيخ

صفحو :4

هن پاسي جون هوٽلون

        هن پاسي، ڏکڻ اوڀر جي ملڪن؛ ملائيشيا، سنگاپور، انڊونيشيا، ٿائلينڊ_ ويندي مٿي هانگ ڪانگ ، جاپان ۽ ڪوريا ۾ اهو عام آهي ته هوٽل ۾ جيڪو به کاڌو کائيندو آهي سو ديڳڙين ۾ در وٽ ئي رکيل هوندو آهي.جيئن گراهڪ ان جي شڪل ۽ نمونو ڏسي آرڊر ڪر ي. ان ڪري اندر بئرو چاهي مينو آڻي يا نه ۽ مينوءَ تي کاڌن جا نالا چاهي ملئي زبان ۾ لکيل هجن يا جاپانيءَ ۾، ڌاريو ماڻهو ٻوڙن جي ديڳڙي ڏي اشا رو ڪري بئري کي اها شيءِ آڻڻ لاءِ چئي سگهي ٿو. جاپان ۾ ايترو سو سڌارو آيو آهي ته ٻاهر در وٽ اصلي ٻوڙ يا ڀت رکڻ بدران ساڳي رنگ ۽ نموني جا  پلاسٽڪ جا ٺهيل ٻوڙ  ۽ قيمتون لکيل هونديون آهن.

        سو آير حطام شهر جي هن هوٽل ۾ به ڪرسين تي ويهڻ کان اڳ ديڳڙين جا ڍڪ لاهي ٻوڙ جو ديدار ڪري پوءِ سائي رنگ جي فارميڪا جي ڪرسين تي وڃي ويٺاسين. ٽيبلن جون ٽي قطارون هيون وچ واري قطار ۾ يڪا ڇهه کن ٽيبل هڪ ٻئي سان ملائي هڪ وڏي ٽيبل ٺاهي وئي هئي. جنهن جي ٻنهي پاسي ويهه ٻاويهه کن ڪرسيون پيل هيون. ٽيبل پڻ سائي رنگ جي فارميڪا جا ٺهيل هئا.کائڻ واري هن حصي جي ڊيگهه سٺ ستر فٽ کن ٿيندي، ۽ ويڪر پنجويهه فٽ، هال جي پاسن کان_ ڀتين ڀرسان الڳ الڳ ٽيبل رکيل هئا، جن جي چوڌاري چار چار ڪرسيون هيون، اسان وچ واري ٽيبل تي ٽئي ڄڻا هڪ پاسي قطار ۾ ٿي ويٺاسين جو سامهون ٽي وي رکيل هئي جنهن تي ديپاولي (ڏياريءَ) جو پرو گرام هلي رهيو هو. ٽي چار ڏکڻ هندستان (مدراسيءَ جون ڇوڪريون نچي به رهيون هيون ته تامل يا مليالم زبان ۾ ڳائي به رهيون هيون.سندن راڳ نه اسان کي سمجهه ۾ ٿي آيو نه ئي وري ڊانس وڻندڙ هئي،پر ڇوڪريون وڻندڙ هيون. رنگ جون ڪاريون هيون پر ليمڪ هين، ساڙهين جا واڱڻائي، لاکي ۽ چتونءَ جي پرن جهڙن چهچ ساون رنگن جيتوڻيڪ سندن ڪاري رنگ تي مئچ نه پئي ڪيو پر نچڻ وقت اهي سڀ رنگ عجيب جڳ مڳ لاهيو بيٺا هئا.

        کاڌي جي هن وڏي ڪمري بعد هڪ ڏاڪو کن هيٺ واري حصي ۾ عبدالله جي زال، ڌيءَ، ننهن ۽ هڪ پٽ رڌ پچاءَ لاءِ ڀاڄيون ۽ گانگٽ مڇيون صاف ڪري رهيا هئا. هيءَ ڄڻ هنن جي ڪچن هئي جنهن جي اڳيان ٿڌيون بوتلون ۽ کير رکڻ وارو ڊيپ فريزر هجڻ ڪري گراهڪن کي چٽيءَ طرح ڪچن نظر نٿي آئي. ڪچن جي کاٻي پاسي کان ڏاڪڻ مٿي ماڙيءَ تي ٿي ويئي ۽ پويان ڪاڪوس ۽ وهنجڻ جاءِ هئي. يعني هيءَ هوٽل هنن جي فيملي هوٽل هئي ۽ چينين وانگر اڳيان دڪان ۽ پويان گهر هو . ۽ گهر جي سڀني ڀاتين اتي ئي هڪ هنڌ ڪم ٿي ڪيو ۽ مٿي ماڙيءَ تي هنن جي رهائش هئي. هن قسم جون فيملي هوٽلون هتي جام آهن. اسان ڪو ٻوڙ وغيره نه گهرايو. رڳو اوڦراٽا ۽ چانهه گهرائي، ٺلهن اوڦراٽن سان  گڏ هتي چڻن جي ڇڊي دال پڻ ڏين. ان ڪري ان کي چون ئي ”روتي چنائي“ ملئي زبان ۾ روتي اوڦراٽي کي به چون ته ڊبل روٽِيءَ کي چنائي معنيٰ  اها دال _ جنهن جا پئسا نه وٺن. ان کي روتي چنائي کان علاوه ملئي لفظ ”ڪوسونگ“ روتي ڪوسونگ به چون، ڪوسونگ معنيٰ ٺلهي يا خالي، يعني فقط اوڦراٽو جو تمام وڏو واهپو آهي جو گهڻن معنائن ڪري تمام گهڻو استعمال ٿئي ٿو. ڪوسونگ معنيٰ ڪجهه به نه خالي وغيره پڻ. ڪنهن نوڪريءَ جو اشتهار هوندو ته به ان جي مٿان ڪوسونگ جو لفظ نظر ايندو معنيٰ ان نوڪريءَ ۾ جڳهه آهي. اڻ ڀريل گلاس يا ٿالهيءَ کي به ڪوسونگ گلاس چئي سهگجي ٿو. ”ائمبل ساتو گلاس سوسو، ساتو گلاس ڪوسونگ“- معنيٰ هڪ گلاس کير جو ۽ هڪ گلاس خالي آڻ.

مرتباڪ - قيمي وارو اوڦراٽو

        روتي چنائي _ ياوري روتي ڪوسونگ کان علاوه ٻي روتي تيلور مشهور آهي، جنهن اوڦراٽي ۾ بيضو وجهي پچائين. اهي ٻئي اوڦراٽا سڄي ملائيشيا ۾ نيرن وقت هوٽلن ۾ عام هلن، ۽ ملئي، چيني، انڊين ۽ فارينر شوق سان کائين. هتي ملائيشيا ۾ هڪ ٻيو به اوڦراٽو مشهور آهي. جيڪو وري شام جو هوٽلن ۾ وڪامي. هن ۾ بصر جي ڪاتر، قيمو ۽ گوبيءَ جي ڪاتر پڻ ملائين ۽ هن اوڦراٽي کي مرتباڪ سڏين مرتباڪ سنگاپور ۽ڏکڻ ٿائلينڊ جي شهرن؛ حاديا، سونگڪلا-ويندي پٽاني تائين (جتي ڪافي ملئي ماڻهو رهن ٿا.) تمام مشهور آهي.

        هڪ بک ڪري، ٻيو نواڻ ڪري، هي اوڦراٽا اسان کي ڏاڍا وڻيا.پهرين هڪ هڪ گهرايو سين ۽ پوءِ هڪ ٻئي پويان ٽي ٽي کائي ويا سين. جيڪي عبدالله جو وڏو پٽ عبدالرزاق آڻيندو ويو. هٿ ڌوئڻ مهل سندس گهرجي ڀاتين ۽ ڪاروبار جو احوال ورتم.

پٽن لاءِ ماءُ ڪنوار ڳولي

        عبدالقادر جنهن جي عمر ڇويهه سال کن ٿيندي، تنهن ٻڌايو ته سندس پڙ ڏاڏو يا شايد ان جو به ڏاڏو پڙ ڏاڏو ڏکڻ هندستان کان لڏي هتي ملائيشيا ۾ اچي رهيو هو ۽ هيءَ هوٽل ۽ رڌ پچاءُ سندن فيملي بزنس آهي. سندس ٻه چاچا پڻ ملائيشيا ۾ هن قسم جون هوٽلون هلائن. هڪ پهانگ رياست ۾ آهي ۽ ٻيو ڪافي عرصو سنگاپور ۾ هو پر هاڻ هو ترنگانو ۾ آهي. پاڻ ۾ ڇهه ڀائر آهن ۽ هڪ ڀيڻ اٿن _ ۽ سڀئي هتي هوٽل جي مٿان رهن. منجهائن اڌ ماڻهو ڏينهن جو ڪم ڪن ۽ اڌ رات جو ڇاڪاڻ جو هيءَ هوٽل هاءِ وي تي هجڻ ڪر ي سڄي رات کليل هوندي آهي. ۽ مسافرن جي هروقت اچ وڃ هوندي آهي_ خاص ڪري موڪل واري ڏينهن تي. (ڇنڇر آچر ۽ سومر ڏينهن.) هڪ ڪمزور، سنهڙي ۽ سادي شڪل صورت جي ايڪيهه سالن کن جي ڇوڪري ٽيبل تان خالي ٿانوَ کڻڻ لڳي. سندس وڃڻ بعد عبدالقادر کان ڇوڪريءَ بابت پڇاڪيم ته آيا اها سندس ڀيڻ آهي.

        ”نه منهنجي ڀيڻ جي ڊيوٽي هن هفتي رات جو آهي. سا ۽ ٻيا ٽي ڀائر هن وقت ننڊ ڪري رهيا آهن.“عبدالقادر ٻڌايو ته ” هيءَ منهنجي زال آهي.“

”نالو پڇي سگهان ٿو؟“

”ياطما.“

”ياطما؟ “ - مون پڪ ڪئي .

        اسان جي آصف چيو پڪ فاطمه نالو هوندس، پر هتي جيئن ته ڪي اکر ملئي يا تامل ٻولين ۾ نه آهن. ان ڪري عربي لفظ صحيح نه ٿا اچاريا وڃن. جيئن ملئي ف ک پ ٿا چون سو هي نالو فاطمه به پاطما مان ڦري ياطما ٿي ويل ٿو لڳي. يا هونءَ به ڪيترائي عربي نالا ڦريل آهن. جيئن پنهنجي آفيس جي ڪلئرڪ ڇوڪريءَ نوريشا جو پڪ صحيح نالو نورالنساءِ هوندو. جيئن بنگالي زبان ۾ غ اکر ناهي ان ڪري غلام محمد کي گولام محمد چون ۽ انگريزيءَ ۾ به ائين ئي لکن.

        ”خير اهو ته ٺهيو.“ مون آصف کي ورندي ڏئي، عبدالقادر کان پڇيو ته ھن ياطما ساپيار جي شادي ڪئي يا مائٽن طئي ڪرائي.

”مائٽن مئچ ميڪنگ ڪئي.“ عبدالقادر ٻڌايو.

”ڇو ڀلا؟“ مون اجايو وڌيڪ کوٽڻ شروع ڪيو .

”بس. گھڻو ڪري اسان مسلمان ۽ ھندو تامل ماڻھن ۾ ائين ھلي ٿو.

پٽن لاءِ مائٽ ڪنواريون ڳولين. ماءَ ھلي پنھنجي حساب ۽ مرضيءَ سان ننهن ڳوليندي آهي، جيڪا ھن سان گڏ ڪم ڪار کي منھن ڏيئي سگھي.“

”عبدالقادر،“ مون پڇيو مانس، ”ھتي ته ھونءَ پردو وغيره صفا ناھي. تو شاديءَ کا اڳ گھٽ ۾ گھٽ پنھنجي زال کي ته چڱيءَ طرح ڏٺو وائٺو ھوندو.“

عبدالقادر جي جواب کان اڳ آصف اردوءَ ۾ چيو:

”اھو ته پڇڻ ئي اجايو آهي. ڏٺو ڌوڙ جو ھوندائين.“

”ڇو ڀلا؟“

آصف کلندي وري اردوءَ ۾ وراڻيو (جيئن رڳو آئون سمجي سگھان ٿو)، ”ڇو ڀلا! عقل جي ڳالهه آهي. جي ڏسي ھا ته اھڙو ڦاھو کائي ھا“

 

ٽئڪس پورو ڏيون

”آصف پليز! منھنجو پڇڻ مان مطلب اھو ھرگز ناھي ته ھن جھڙي سمارٽ نوجوان ھھڙيءَ ساديءَ ڇوڪريءَ سان شادي ڇو ڪئي. پر آئون ھنن ڏکڻ ھندستانين (مدراسي مسلمانن توڙي ھندو بئنگلورين) بابت اھا حقيقت واضح ڪرائڻ ٿو چاھيان ته ھي تامل ۽ ٻيا ڏکڻ ھندستاني سڄي ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ملڪن ۾ پکڙيا پيا آھن. آھن ته سھڻا پاڻ به ڪونه، پر سندن عورتون ڪيتريون ته ڪاريون ڪوجھيون ۽ بي ڊوليءَ شڪل جون آھن، پر ته به ھو انهن پنھنجين کي ئي پسند ڪن ٿا. جيتوڻيڪ سندن چوڌاري چيني، انڊونيشي، ٿائي ۽ ٻيون پالي نيشين ٻيٽن جون سھڻيون ڇوڪريون ڦرنديون رھن ٿيون. اھي ته ٺھيو پر ملئي ڇوڪريون به کانئن وڌيڪ سھڻيون آھن، پر اھو ڪمال آهي ته تامل ھندو ھجي يا مسلمان، يا کڻي ڪرسچن ھجي، پر شادي پنھنجين ڏکڻ ھندستاني ڇوڪرين سان ئي ڪندو. سنگاپور، ھانگ ڪانگ، سريلنڪا - جتي ڪٿي اھڙا مثال جام ملندا. ھڪ ته مسٽر رينگانير نالي تامل ھندو اسٽيشن ماسٽر جو پڻ ھيٺ احوال ڏنو اٿم، ان جي ڪھاڻي ۾ به اھا ساڳي نظر ايندي. سنڌي ھندوءَ ۽ پنجابي سک کي به پنھنجي قوم مان شادي ڪرڻ جو گھڻو احساس آهي، پر ته به ڪيترائي اھڙا مثال ملندا جن ۾ سنڌي ھندوءَ، پنجابي سک، ھندي ڳالھائيندڙ ھندوءَ يا اردو ڳالھائيندڙ مسلمان ڪنهن چينياڻيءَ، جپانڻ يا آسٽريلين ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي ھوندي. ياھنن ھڪ ٻئي جي قومن مان شادي ڪئي ھوندي، پر تامل ورلي ڪو ڪنهن ڌارئين ذات جي زال سان گڏ نظر ايندو.“

”توھان  اخبار ۾ لکڻ لاءِ سوال پُڇي رھيا آھيو؟“ عبدالقادر پڇيو.

”شايد. ڇو تو کي ان ڳالهه لاءِ اعتراض ھجي ته آئون نالا ۽ جاءِ به بدلائي لکان؟“

” نه نه. اھڙي ڳالهه ناهي.“

” ڀلا اھو ٻڌاءِ، توھان ڪيترا ڪلاڪ ڊيوٽي ڪريو؟“ مون پڇيومانس.

” ٻارھن ٻارھن ڪلاڪ. ڪڏھن ڪڏھن ڏياري، عيد، ڪرسمس جھڙي ڏينهن تي گھڻن مسافرن اچڻ ڪري چوڏھن پنڌرھن ڪلاڪ به ٿي ويندا آھن.“

” ڀلا توھان کي توھان جو پيءُ پگھار گھڻو ڏئي؟“

” ڪو حساب ناھي.“

” تڏھن به ؟“ مون معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

” ٻڌايم نه ته ڪو حساب ناھي. جيڪي گھرندا آھيون اھو پنھنجي خرچ لاءِ ملي ويندو آهي.“

” ڪھڙو خرچ مثال طور؟“

” بس ڪڏھن واچ ورتي، ڪڏھن ڪپڙو گندي. ٻيو ته ڪو اسان جو خرچ ناھي.

” پر تڏھن به ھرڪو چاھي ٿو ھن کي ڪجهه روڪ ملي جنهن مان ھو آزاديءَ سان خرچي ۽ مستقبل لاءِ بچت ڪري سگھي.“

” اھو اسان لاءِ بابو ڪندو رھي ٿو. ھن اسان سڀني نالي بئنڪ ۾ ڌار ڌار اڪائونٽ کولي ڇڏيا آھن. ۽ انھن ۾ ھر مھيني ڪجهه نه ڪجهه رکندو اچي. اھو ھڪ قسم جو پراويڊنٽ فنڊ يا گريجيوئٽي سمجھو. جيئن ئي ڪجهه ڳپل پئسا ٿيندا ته بابو ھر ھڪ پٽ کي الڳ الڳ ھوٽل ٺھرائي ڏيندو.“

” ھونءَ مهيني ۾ گھڻو ٿا ڪمايو؟“ مون آھستي پڇي چيومانس،

” تنھنجي ۽ منھنجي وچ ۾ ئي آهي. اخبار يا ڪتاب ۾ هيءَ ڳالهه آئي ته به توھان جا ملئي ۽ چيني انڪم ٽئڪس آفيسر پڙھي نه سگھندا.“  

کلي چيائين:.”نه اھڙي ڳالهه ناھي. اسان پائي پائي جو حساب رکي ان جو پورو پورو ٽئڪس ڏيندا آھيون. چاھي ڪو گراھڪ رسيد نه وٺي، پر اسان رسيد ڪٽي ڇڏيندا آھيون. ٽئڪس جي حساب ڪتاب لاءِ ھڪ چارٽرڊ اڪائونٽنٽ به رکيو اٿئون. ھونءَ سال ۾ ھڪ لک ستر ھزار ڊالر ڪمائي ٿئي. (يعني پاڪستاني ناڻي ۾ نَوَ ڏهه لک رپيا ٿيا.) جنهن مان ٻارھن ھزار ڊالر کن ٽئڪس پياريون (يعني منو لک رپيا کن.)“

 

داتنگ لاگي

”ڀلا ھندستان ۾ توھان جو ڪو مٽ مائٽ اڃا آهي؟“ مون پڇيومانس.

”نه. اسان جو ڪو مٽ مائٽ اتي ناھي. سڀ سالن کان ھتي رھن. ڪو ڏورانھون ھوندو ته به اسان کي خبر ناھي.“

”ڀلا ھندستان گھمڻ جو شوق اٿئي؟“

”ھا. دل چوندي آهي ته ھڪ دفعو انڊيا وڃي ڏسي اچان. ڪيڏي افسوس جي ڳالهه آهي جو اسان انڊين سڏجون ٿا، پر انڊيا نه اسان ڏٺي آهي، نه ئي اسان جي ماءُ پيءُ.“

”ڀلا توھان جي مرضي پڇي وڃي ته ملايا م رھڻ پسند ڪندين يا ھندستان ۾ ته ڇا جواب ڏيندين؟“

”ڪجهه ڏينهن لاءِ ھندستان گھمڻ پسند ڪندس باقي رھڻ ھرگز نه.“

”ڇو ڀلا؟ ھندستان به دنيا جي مشھور ملڪن مان آهي.“مون چيومانس:

ھوندو، پر ان ۾ اھا آزادي ناھي جيڪا ھتي ملائيشيا ۾ آهي. I Love Malaysia  اسان ھتي ھر طرح سان آزادي محسوس ڪريون ٿا. جيئن وڻي تيئن ڪريون. عبادت جي آزادي، ڳالهائڻ جي آزادي، گهمڻ ڦرڻ جي آزادي، نوڪري واپار جي آزادي، کائڻ پيئڻ جي آزادي وغيره وغيره. توهان ته دنيا ڏٺي هوندي توهان ڇا ٿا سمجهو؟ هندستان کان مشهور ته چين آهي، پر ڇا ڪو ئي اتي رهڻ پسند ڪندو.؟“

        ”خبر ناهي. آئون ته تنهنجا خيال معلوم ڪرڻ ٿو چاهيان_يعني هڪ ڏکڻ هندستاني نوجوان جا جيڪو ملائيشيا ۾ ڄائو نپنو ۽ اتي جو رهاڪو آهي.“ ذوالفقار چيو؛ ”سائين هاڻ هلڻ کپي. هرهڪ چار چار اوڦراٽا کاڌا آهن. ڊرائيور سميت ۽ هڪ هڪ گلاس چانهه جو پڻ، اٺ ڊالر بل ڏنو اٿم. (اٽڪل پنجاهه روپيا کن) _ڪامن خرچ جا ٽي حصا واپسيءَ تي ڪندا سين، في الحال آئون ڀريندو ٿو هلان.“ هوٽل جي اندرين ڀت تي ”داتنگ لاگي“ لکيل هو. يعني وري اچجو. عبدالقادر کي چيم ته ضرور وري اينداسين. هن رستي تان لنگهندي وقت تنهنجا ٽن ٽن روپين وارا اوڦراٽا نه کائڻ ڀاڳ کي لت هڻڻ آهي.

 

ملائيشيا جي  ريلوي اسٽيشن

        عبدالقادر جو مٿيون ذڪر لکڻ وقت هتي هڪ ٻئي ڏکڻ هندستاني تامل هندو مسٽر رينگانير جو احوال لکڻ ضروري ٿو سمجهان، جنهن جي ڪهاڻي پڻ ساڳي آهي-يعني لڳاتار محنت ۽ جدوجهد جي. ٻين ڏکڻ هندستانين وانگر مسٽر رينگا جا پڻ وڏا اڻويهين صديءَ ۾ هندستان ڇڏي ٻاهر جي ڏورنهين دنيا ۾ نڪري پيا. اڄ رينگا جيتوڻيڪ شڪل ۽ خاندان جي لحاظ کان انڊين آهي، پر شهريت (Citizenship ) ۽ پاسپورٽ ملائيشيا جو اٿس، جنهن لاءِ مال جان به قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهي ۽ ملائيشيا جي ڌرتي، زبان، رسم، رواج_ هر شيءِ سان پيار اٿس.

        مسٽر رينگانير سان منهنجي ملاقات عجيب نموني سان  ۽ اوچتو ٿي. اسان جي شهر ملاڪا کان اٽڪل چاليهه ميل پري_ڪوالا لمپور ڏي هڪ ٻيو وڏو شهر سيريمبان Seremban  نالي آهي.جيڪو ملاڪا ۽ جوهور بارو جي  وچ ۾ هي شهر آير حطام آهي. آير حطام جوهور رياست ۾ آهي پر سيريمبان ملائيشيا جي هڪ ٻي رياست  نيگري سيمبيلان Negre Sembilan  جي گاديءَ جو هنڌ آهي.جيئن ڪوئيٽا بلوچستان جي گاديءَ جو هنڌ آهي ۽ پشاور سرحد جو.

        هڪ دفعي پنهنجي ورتل سيڪنڊ هئنڊ ڪار کي آزمائڻ لاءِ سيريمبان تائين يڪ ساهيءَ هلائي ويس. رستي تي سڪرنڊ، سعيد آباد، شهداد پور نموني جا ننڍا شهر؛ لوبڪ چينا، لنگي، رنتائو نالي ستن اٺن ميلن جي فاصلي تي ايندا رهيا.

        سيريمبان پهچي اندر گهڻو ته نه گهميس پر شهر جي ٻن مکيه رستن تي اچ وڃ ڪيم جيڪي ائين آهن جيئن حيدرآباد جو اسٽيشن روڊ ۽ رسالا روڊ (فرق فقط اهو آهي جو سيريمبان ۾ يا ملائيشيا جي ٻين شهرن ۾ ڪٿي به انڪروچ مينٽ ناهي ،جيڪا اسان جي ملڪن ۾ عام آهي _ پوءِ چاهي ڪراچي ڪشمور هجي يا ڪولمبو ڪئنڊي. بمبئي بڙودا هجي يا باريسال باريپور. اها پِٽَ اهڙي آهي جو سڄي شهر جي به سونهن ناس ڪري ڇڏي ته پيادن ۽ سوارين وارن لاءِ به مصيبت ڪريو ڇڏي.)سيريمبان جي سهڻي شهر جي هڪ ڪنڊ وٽ هڪ چيني عورت کي ڪمند ۽ ناريل جو رس وڪڻندو ڏسي ڪار بيهاريم.

ٽيهن سينٽن (پوڻي ٻي رپئي) ۾ ٺوٺ جيڏو گلاس، ڪمندجي نج رس جو ڏيئي رهي هئي- سو به برف بنا، گاڏيءَ کي پاسي تي پارڪ ڪري رس جو گلاس وٺي پيئڻ لڳس. ته سامهون چوراهي وٽ هڪ عمارت نظر آئي جنهن جي شڪل شبيهه ۽ نمونو ڏٺل وائٺل ٿي لڳو ۽ سمجهي ويس ته پڪ ريلوي اسٽيشن هوندي جو انگريزن ريلوي اسٽيشن جو نمونو ڪراچي، ڪولمبو، ڪئنڊي، لاهور، ڍاڪا، دهلي، سنگاپور ۽ ڪالا لمپور وغيره جتي ڪٿي ساڳيو ئي رکيو آهي. سو وري شهر ڏي ويندڙ رستي تي مڙي ڪار اچي ريلوي اسٽيشن اڳيان پارڪ ڪيم. اسٽيشن جي در اڳيان اس ۽ مينهن کان بچاءَ لاءِ ٺهيل ڪماني پورچ ۾ پوليس کاتي جي ڪار بيٺي هئي ۽ ڀر ۾ بورڊ تي ملئي زبان ۾ لکيل هوته سواءِ پوليس ۽ ريلوي عملدارن جي ٻين کي هت ڪار بيهارڻ جي اجازت ناهي.

ڪار پورچ جي مٿان ريلوي اسٽيشن جو ” ڪلاڪ ٽاور“ (گهنٽا گهر ) هو جنهن جو گهڙيال انگريزن جي ڏينهن ۾ ته پڪ وقت ٻڌائيندو هوندو پر هاڻ ڪٻرن جو ”مئٽرنٽي هوم“ هو - جو رکي رکي هڪ ڪٻر پٽ تي پوکيل گاهه مان ڪجهه کڻي پنهنجن ٻچن کي کارائي رهي هئي- يعني  Feed ڏئي رهي هئي - سندس ٻچا فقط کائڻ مهل ماٺ ۾ هئا باقي وقت چر پر ڪري رهيا هئا.

ريلوي اسٽيشن جي اندر منهن وٽ هڪ روايتي قسم جي لوهي شيخن واريءَ دريءَ سان ننڍڙوٽڪيٽ گهر هو جنهن جو واندو ڪلارڪ اٻاسيون کائڻ سان گڏ رکي رکي ايندڙ گراهڪ کي ٽڪيٽون به ڏئي رهيو هو. گراهڪن جي اڻ هوند مان اندازو لڳائڻ سولو هو ته اسان جي ملڪن وانگيان هتي به اڄڪلهه گهڻا ماڻهو ٽرين بدران بس ٽئڪسين ۾ چڙهن ٿا.۽ هتي ويتر گهڻي پئسي ڪري هر ماڻهوءَ وٽ ڪار آهي يا هوائي جهاز ۾ سفر ڪرڻ چاهي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو ڏسندي ئي ڏسندي پينانگ، ڪوالا لمپور، اپوح، الور اسٽار، ملاڪا، جوهور بارو، ڪوٽابارو ۽ ملائيشيا جي ٻين شهرن ۾ هوائي اڏا ٺهي ويا آهن. ۽ روز بروز اڏامن جو نمبر به وڌندو پيو وڃي. ڪوالا لمپور کان سنگاپور ته هاڻ هر اڌ ڪلاڪ کان بعد جهاز ٿو اڏامي ۽ ٻنهي پاسن کان ماڻهو ائين لهن چڙهن جيئن بس ۾

سيريمبان ريلوي اسٽيشن جو اندريون نمونو پڻ بلڪل پاڪستاني ريلوي اسٽيشن وانگر آهي. بلڪه ٽيبل ڪرسيون به اهڙي نموني ۽ ڊزائن جون رکيل هيون. ويٽنگ روم ۾ اهي ڊگهيون ۽ روايتي آرام ڪرسيون پڻ هيون. جيڪي ويجهڙائيءَ تائين  پاڪستان ۽ انڊيا جي ريلوي اسٽيشن تي پڻ هيون. ٿي سگهي ٿو ته اڃا به ڪنهن ڪنهن اسٽيشن جي ويٽنگ روم ۾ هڪ اڌ بچيل هجي جنهن جي ٻانهن هيٺان، هڪ هڪ وڌيڪ ڪاٺ جي پٽي، گول ڦري ٻاهر نڪري آئي، جن تي فرسٽ ڪلاس جا مسافر ٽنگون ٽيڙي بالم ٿي دير سان ايندڙ ٽرين جو انتظار ڪندا هئا.

ڪنڊ تي اسٽيشن ماسٽر جو ڪمرو (آفيس) هو جنهن سان لڳ ڪلف لڳل ڪاڪوس جنهن جي چاٻي سندس ٽيبل جي ساڄي پاسي مٿئين خاني ۾ فائيل هيٺان لڪل. آئون جيتوڻيڪ ان کان اڳ ئي موٽيس ٿي، پر ور ي دل چيو ته ليئو پائي ڏسان ته ڪير آهي. ڇاکڻي ڏسان ته مار! ريلوي اسٽيشن ته ساڳي پر ريلوي ماسٽر به ساڳئي ان نموني ۽ بيهڪ واو جيڪي انگريزن جي ڏينهن کان اسان وٽ هلندا اچن. آئون ڪا دير سندس آفيس جي چائنٺ وٽ پنڊ پهڻ ٿي کيس ڏسندو رهيس. ان بعد هن مرڪي مون کي هيلو ڪيو. ۽ مون وڌي ساڻس هٿ ملائي ڪجهه ڳالهائڻ خاطر ته  پڇيو هتان ٽرين ڪيڏي مهل ويندي؟

 

مسٽر رينگانير

        پاڻ شڪل مان ئي انڊين تامل لڳي رهيو هو. سخت ۽ ڦڙتيلو جسم - جيتوڻيڪ چڱو ٿلهو هو پر ڦيڦو هر گز نه هو. اڇي رنگ جي ريلوي يونيفارم ۾ روايتي ريلوي بابو لڳي رهيو هو، جنهن جهڙن ڪردارن بابت اڪثر جان ماسٽرس ۽ جم ڪاربيٽ جي ڪتابن؛ بواني جنڪشن، ماءِ انڊيا، لاآف جنگل وغيره ۾ پڙهبو آهي. چپن تي مرڪ آڻي چيائين؛ ”ٻي ٽرين ته هاڻ شام جو ئي ويندي - پينانگ ڏي.“

        ”پينانگ تائين ڪيترو وقت ٿو لڳي؟“ مون پڇيو مانس .

        ”ايڪسپريس ٽرين اٺ ڪلاڪ ٿي وٺي.“

        ”ڀلاٽرين ۾ سمهڻ لاءِ سڄي سيٽ جو بندو بست آهي يا نه؟“

        ”ڏينهن واري ٽرين ۾ ان جو بندو بست ناهي باقي رات جو هر مسافر لاءِ سڄي سڄي سيٽ رزرو ٿئي ٿي.“

        ”ڀلا هن ٻئي پاسي ٽرين ڪيستائين وڃي ٿي؟“ مون پڇيو.

        ”هتان سريمبان کان ريل ٻئي پاسي جوهوربارو بلڪه سنگاپور تائين وڃي ٿي.“

        ”واه!“ اها ڳالهه منهنجي لاءِ تعجب خيز هئي جو مون کي ان وقت تائين خبر نه هئي ته سنگاپور By Train به وڃي سگهجي ٿو.

        ”توهان کي ڪيڏانهن وڃڻو آهي؟“ هن پڇيو.

        ”دل ۾ نه ڪندا. مون کي دراصل ڪيڏانهن به وڃڻو ناهي. بس ائين پنهنجي ملڪ جهڙي ريلوي اسٽيشن ڏٺم سو گهڙي پيس.“

        اتي پاڻ چانهه لاءِ آفر ڪيائين ته سندس سٺي موڊ ۽ پنهنجي دل جي خواهش کي سمجهي يڪدم وراڻيو مانس؛”چانهه ته نه پر جيڪڏهن چند منٽ ڏئي سگهو ته توهان کان ڪجهه انٽرويو وٺان.“

        هن کلندي بلڪل دوستاڻي نموني سان چيو؛ ”بلڪل ويهو ته سهي.“ ۽ آئون ڪرسي ريڙهي ويهي رهيس کيسي مان پنو پينسل ڪڍي ٽيبل تي لکڻ لاءِ رکيم ۽ کيس پنهنجي نالي وارو ڪارڊ ڏيندي چيو مانس؛ ”هونءَ ته ڌنڌي جي لحاظ کان جهازن جو چيف انجنيئر آهيان ۽ اڄ ڪلهه هتي ملائيشيا جي انجنيئرن کي جهاز هلئڻ لاءِ سبجيڪٽ پڙهايان ٿو.پر لکڻ منهنجي وندرآهي. توهان جي پر ڪشش شخصيت متاثر ڪيو اٿم سو توهان کان ٻه چار ڳالهيون توهان جي زندگيءَ بابت پڇڻ چاهيان ٿو.“

”ڀلي، موسٽ ويلڪم؛ هن کلي دل سان آڇ ڪئي ۽ مون کي جيڪي سوال ذهن ۾ آيا پڇندو ويس.

”توهان جو نالو؟“

”منهنجو نالو رينگانير آهي ۽ انڊين نسل سان تعلق رکان ٿو.“

”مسلمان، هندو يا ڪرسچن؟“

”هندو آهيان.“

”زبان ڪهڙي ڳالهايو؟“

”گهر ۾ تامل ڳالهايون،جيڪا مادري زبان اٿئون. مليالم به ڳالهائي سگهان ٿو، جيڪا پڻ ڏکڻ هندستان جي مشهور ٻولي آهي. ان کان علاوه ملئي ۽ انگلش ڳالهايان.“

”توهان جي زبان تامل ڀلاهندي يا اردوءَ سان ملي ٿي يا نه.“

”نه اها بلڪل مختلف آهي. ايتري قدر جو هندي يا اردو فلمون ٽي وي تي اينديون آهن ته اسان سمجهي نه سگهندا آهيون. جڏهن اسان جون تامل فلمون اينديون آهن ته اتر هندستاني گراهڪن کي سمجهه ۾ نه اينديون آهن_ جن جي زبان گجراتي، هندي، مرهٽي، پنجاپي يا ڪشميري آهي.“

”ڀلا تامل هنديءَ وانگر لکي وڃي ٿي، يا اردوءَ وانگر.“

”نه ڪي هنديءَ وانگر، نه ڪو  اردوءَ وانگر.“

”ڀلا ڪجهه ڪجهه بنگالي يا ٿائي ( سيامي) وانگر؟“

”نه! پاڻ هندي ڪجهه ڪجهه بنگالي يا ٿائي سان ملي ٿي. پر تامل جي الف - بي  بلڪل مختلف آهي. جيتوڻيڪ لکڻ جو نمونو ٿورو گهڻو کڻي چئجي ته هندي  ۽ گجراتيءَ سان ملي ٿو.“

”ڀلا ملائيشيا ۾ توهان آيائو يا توهان جو پيءُ ڏاڏو؟“

”منهنجو ڏاڏو پر اهو پهرين ملائيشيا ۾ نه آيو هو. پهرين ڏکڻ آفريڪا جي شهر نيتال ۾ ويو هو. هو 1880 ع يا 1890 ع ڌاري پنهنجي اباڻي ڳوٺ پودو ڪوتائي (ضلعومدراس) کان پاڻيءَ واري جهاز ۾  چڙهي سائوٿ آفريڪا پهتو .“

”ڇو ويو - ان جي توهان کي خبر آهي؟“

”بابو ڳالهه ڪندو هو ته عيال وڏو هو. ڳوٺ ۾ هارپي مان ايتري اپت نٿي ٿي جنهن مان سڄي عيال جي پورت ٿئي، سو اسان جي پڙ ڏاڏي اسان جي ڏاڏي کي پئسي ڏوڪڙ ڪمائڻ لاءِ هندستان کان ٻاهر موڪليو. انهن ڏينهن ۾ انگريزن کي آفريڪا  جي بيٺڪن ۾ ٻني ٻاري ڪرڻ لاءِ ماڻهو ٿي کتا ۽ هندستان مان ماڻهن جا جهازن جا جهاز ڀرجي پورهئي لاءِ اوڏانهن وڃي رهيا هئا.“

”توهان جي ڏاڏي اتي پهچي ڪهڙو ڌنڌو ڪيو؟“

”منهنجي ڏاڏي - سندس نالو ڪپوپ پيوهس هو، نيتال (سائوٿ آفريڪا) ۾ پهچي پهرين گاڏي تي شيون رکي وڪڻڻ شروع ڪيون. بعد ۾ هن هڪ هٽڙو کوليو، جنهن ۾ ٽڪيون، بسڪيٽ، داليون، چانور، گيهه، مسالا ۽ ٿورو گهڻو پسارڪو سامان رکي وڪڻڻ لڳو.“

”توهان جي ڏاڏيءَ سان شادي اتي ئي ٿيس يا هندستان مان ڪري ويو هو؟“ مون پڇيو مانس.

”نه شادي اتان نه ڪيائين، نه اتي هميشه لاءِ رهيو، هو ڏهه پندرنهن سال نيتا (سائوٿ آفريڪا) ۾ رهڻ بعد ڪئنڊي (سريلنڪا) هليو آيو. اتي ڪپڙي جو دوڪان کوليائين. شادي به اتي ڪيائين.

”ڪنهن سان شادي ڪيائين؟“ ڪنهن سنهالي (سلوني) ڇوڪريءَ سان .

”نه پنهنجي ذات جي تامل ڇوڪري ءَ سان.“

”مائٽيءَ ۾ هئي يا ڌارئيي هئي؟“

”ٿي سگهي ٿو ته مائٽيءَ ۾ هجي. پر هوندي به ته ڪا ڏور جي مائٽياڻي هوندي. بحرحال اتي سلون (سريلنڪا) ۾ منهنجي ڏاڏي کي ٻه ٻار ڄاوا. هڪ منهنجو پيءُ رامايا ۽ ٻيو منهنجو چاچو - جيڪو ننڍي هوندي کان ئي سلون ۾ آهي. ۽ مون کي سندس نالو ياد نه آهي. ڪجهه سال سلون ۾ رهڻ بعد منهنجو ڏاڏو سلون  ۾ ڪمايل پئسو کڻي انڊيا ويو. اتي زمين ٽڪرو خريد ڪري اتي زمينداري شروع ڪيائين. پر اهو ڌنڌو صحيح طرح هلي نه سگهيو، ان ڪري ڪجهه سالن بعد جڏهن منهنجو پيءُ وڏو ٿيو ته هن وري هندستان ڇڏيو پر هن دفعي سائوٿ آفريڪا يا سلون وڃڻ بدران هيڏانهن ملايا هليو آيو. انهن ڏينهن ۾ ملايا ۽ سنگاپور تي به انگريزن جي حڪومت هئي جيئن هندستان سلون تي، بلڪه سنگاپور ته الڳ ملڪ نه هو، پر مدراس پريزيڊنسي جوئي حصو هو. ان ڪري سنگاپور ۾ اڄ به مدراسي ( تامل نادو صوبي جا ماڻهو) گهڻا آهن ۽ سنگاپور ملڪ/ٻيٽ جو نالو به چيني يا ملئي نه آهي پر تامل ٻوليءَ جو آهي. تامل ۾ سنگا معنيٰ شينهن آهي. هن سنگاپور ملايا ۾ اچي هن دفعي ڪو ڌنڌو شروع نه ڪيو پر، لئبر رڪروٽنگ آفيسر جي حيثيت سان انڊيا مان مزور گهرائڻ جو ڪم شروع ڪيو تن ڏينهن ۾ ملائيشيا جا جهنگل صاف ڪري رٻڙ پوکڻ جو ڪم هلي رهيو هو، جنهن لاءِ ڏکڻ هندستان جي تامل نادو ۽ ڪيرالا صوبن جي پورهيتن جي ضرورت هئي _ جيڪي هتي جي مينهوڳيءَ واري مند ۽ مليريائي علائقي ۾ محنت سان ڪم ڪري سگهن.

”ڪجهه عرصي کان پوءِ منهنجو ڏاڏو رٻڙ جي پوک   Plantation جو اوورسيئر مقرر ٿيو. تيسين منهنجو پيءُ به وڏو ٿي ويو هو. ۽ هو به رٻڙ جي پوک ۾ ئي ڪم ڪرڻ لڳو. پاڻ ملائيشيا مان ئي  شادي ڪيائين.“

”ڪنهن ملئي ڇوڪريءَ سان؟“ مون پڇيو مانس.

”نه هن به ڏکڻ هندستاني تامل ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي.“

”ڀلا توهان ڪٿي ڄاوا ڪڏهن ۽ ڪهڙي سن ۾؟“

”آئون ملاڪا شهر ۾ ڄايس 1935 ع ۾.“

”توهان ريلوي ۾ نوڪري ڪڏهن کان ڪئي؟“

1956 ع کان، پر ان کان اڳ آئون ڪجهه سال اسڪول ٽيچر به ٿي رهيس. ملاڪا ۾ هڪ انڊين اسڪول هو ان ۾ آئون پهرين تامل ٻولي پڙهائيندو هوس.پوءِ مون ريلوي ۾ هڪ ڪلارڪ جي حيثيت ۾ نوڪري شروع ڪئي، تن ڏينهن ۾ مونکي سوا سؤ ڊالر کن پگهار ملندي هئي پر هتي جي ڊالر جو مان اڃا مٿانهون نه ٿيو هو. سمجهو ته اها رقم ٽي سؤ روپين جي برابر هئي. پر انهن ڏينهن ۾ گهرجون گهٽ هيون. ۽ اهي پئسا گنج هئا ۽ ملاڪا ڇڏي سلينگر رياست جي شهر ڪلانگ ۾ اچي رهيس جنهن جي ريلوي اسٽيشن تي مونکي نوڪري ملي هئي. آهستي آهستي ڪلارڪ مان سينيئر ڪلارڪ ۽ سپرنٽنڊنٽ ٿيس ۽ پوءِ اسسٽنٽ ريلوي ماسٽر ۽ ماسٽر ٿيس. مون شادي به ڪلانگ شهر جي هڪ ڇوڪريءَ سان 1959 ع ۾ ڪئي.

” ڇا پڇي سگهان ٿو ته توهان ڪهڙي ڇوڪري ءَ سان شادي ڪئي _   ملئي چيني يا تامل ڇوڪريءَ سان يا اڃا به ڪنهن ڏورانهين ملڪ جي ڌارينءَ سان.؟“

مسٽر رينگا مرڪي چيو؛ ” مون به پنهنجي تاملن مان شادي ڪئي ۽ هن وقت هوءَ ڇهن ٻارن جي ماءُ آهي. اسان کي چار پٽ ۽ ٻه ڌيئون آهن.وڏو پٽ توهان وانگر مرچنٽ نيويءَ ۾ آفيسر آهي _ پر هو ناٽيڪل برانچ ۾ آهي. اڄ ڪلهه سيڪنڊ ميٽ جو امتحان سنگاپور مان ڏئي هڪ نار ويجن جهاز تي روانو ٿيو آهي. توهان کان پاڻ اهو پڇڻ چاهيان ٿو ته ڇا سنگاپور بدران اهو توهان وٽان ملاڪا مان اهو ڪورس ڪري سگهيو ٿي؟“

”ها.بلڪل. پاڻ اسان جي اڪيڊمي سمنڊ جي ڪناري تي ۽ شهر کان پري هجڻ ڪري پڙهڻ ۽ سکڻ جا وڌيڪ موقعا فرهام ڪري ٿي.پر جيئن ته هو ڌارئين شپنگ ڪمپنيءَ مان آهي، ان ڪري کيس في پاڻ ڏيڻي پوندي جيڪا هزار کن ڊالر (ڇهه هزار روپيا) ماهانه آهي. هاڻ جيئن ئي توهان جو پٽ سمنڊ جا ايڪيهه مهينا  Sea-Time پورا ڪري ته چيف ميٽ جي ڪورس لاءِ کيس اسان جي اڪيڊميءَ ڏي ملاڪا موڪلجو. سچ ته مونکي اهو ٻڌي ڏاڍي خوشي ٿي آهي ته توهان جو پٽ محنت ڪري ننڍي عمر ۾ ئي سٺي پوسٽ تي پهچي ويو آهي ۽ ناروي وارن جا جهاز پيو هلائي. ڀلا توهان جا ٻيا ٻار ڇاڪن؟“

”ٻيو نمبر پٽ هتي جي نيول فوج ۾ ليفٽيننٽ آهي. ٽيون نمبر پٽ، چوٿون نمبر ڌيءُ ۽ ٻيا ٻار ننڍا آهن. ۽ اڃا اسڪول ۾ آهن.“

”ڀلا تون ڌيئن کي ڇا پڙهائڻ جو ارادو رکين ٿو؟“ مون پڇيو مانس.

”سندن مرضيءَ تي ڇڏيل آهي. ان سلسلي ۾ آئون سڀني ٻارن کي چوندو آهيان ته جنهن کي جيڪا لائين پسند اچي اهو اها کڻي ۽ ان لاءِ محنت ڪري. هونءَ منهنجي ڌيءُ جو لاڙو انگي حساب ۾ گهڻو آهي. ۽ هوءَ ايڪنامڪس، ڪامرس جهڙا سبجيڪٽ کڻي اڳتي هلي اڪائونٽنسيءَ ۾ ڪم ڪرڻ چاهي ٿي.“

مسٽر رينگا کان چند منٽن جي موڪل وٺي يڪو ويهي رهيس. ان وچ ۾ رکي رکي چيني يا ملئي مسافر ٽڪيٽ بدلائڻ لاءِ يا ڪنسيشن ٽڪيٽ ٺهرائڻ لاءِ پئي آيا، تن سان هن ملئي ۾ ڳالهائي هر هڪ کي ڪجهه وقت ٻاهر ترسڻ لاءِ چيو ٿي. جيڪي پوءِ رکي رکي در مان ليئا پائي رهيا هئا. ۽ مون کي نڪرڻ لاءِ اکين ئي اکين ۾ چئي رهيا هئا. سو نيٺ سريمبان ريلوي اسٽيشن جي انگريزن جي ڏينهن کان هلندڙ تامل ريلوي عملدار مسٽر رينگانير کان موڪلائي ٻاهر نڪتس.

سنگاپور ”سروس“ تي جيئي ٿو

هي سڄو قصو هن آير حطام جي مالڪ عبدالله جي پٽ عبدلاقادر جو ذڪر ڪرڻ دوران ضروري سمجهيم ته جيئن پڙهندڙن کي آئيڊيا ٿي سگهي ته گذريل سؤسالن ۾ ننڍي کنڊ جي ماڻهن ۾ ايڪاناميءَ - ڪمائيءَ، خرچ ۽ وڌندڙ گهرجن ڪيئن اٿل پٿل آندي آهي. جنهن کي منهن ڏيڻ ڪارڻ جيڪو جيڪو جيترو جلد گهر ڇڏي (بيٺل پاڻيءَ دٻي بدران) مٺي پاڻيءَ جي ڳولا ۾ نڪري ويو . اهو وڌيڪ سکيو ستابو ثابت ٿيو. پوءِ کڻي اهو سنڌ ورڪي هندو واپاري هو يا ڪڇ ڀوڄ جو کوجو، بوري ۽ ميمڻ، ڏکڻ هندستان جو مسلمان تامل هويا سنڌي پڙهيل ڳڙهيل عامل.شاعر جي هن مشهور شعر ۾ شايد حقيقت ئي آهي ته؛

پهول وه سرها هوا، جو چمن سي نڪل گيا.

آير حطام شهر مان نڪرڻ وقت ساڍا ڏهه ٿي رهيا هئا.ٻارهين بجي ڌاري جوهور بارو شهر پهتاسين، جوهور بارو شهر جيڪو جوهور رياست جي گاديءَ جو هنڌ آهي. ۽ جوهور پرڳڻي ۽ ملائيشيا ملڪ جو پوڇڙ آهي. ان کان پوءِ سمنڊ آهي ۽ ٿورو پري کان سنگاپور ٻيٽ آهي. جنهن جو ڪنارو ۽ ڪناري واريون عمارتون جوهور بارو شهر کان صاف چٽيون نظر اچن ٿيون. سنگاپور جو ٻيٽ ملائيشيا جي ملڪ سان جوهورباروءَ وٽ هڪ پل  Cause_ Way ذريعي ڳنڍيل آهي جتان بسون، موٽرون، ٽرڪون، ٽرينون، ۽ ماڻهو اچي وڃي سگهن ٿا. ڪراچي حيدرآباد سُپر هاءِ وي تي جيئن ٽول پالازا جا وڏ ا دروازا ٺهيل آهن تيئن هتي سورنهن کن دروازا آهن جن وٽان ڪارون قطارون ڪري لنگهن، دروازي وٽ ڪار بيهاري اتي جو اتي دروازن جي وچ ۾ ويٺل اميگريشن آفيسرن کي پنهنجو پاسپورٽ ۽ ويزا جو ڪارڊ ڏنوسين جن ان تي  Exitٺپوهنيو يعني ملائيشيا ملڪ کان ٻاهر نڪتاسين.

پوءِ دادو موري جيڏي ۽ جهڙي پل ٽپي سنگاپور پاسي ٽپي ساڳي قسم جي دروازن وٽ پهتاسين ۽ اتي وري پاسپورٽ ڏيکاري سنگاپور جي ويزا ورتيسين ۽ پاسپورٽ تي سنگاپور جي اميگريشن آفيسرن  Inter جوٺپو ۽ تاريخ هنئي. يعني هاڻي اسين سنگاپور ۾ پهچي ويا سين ۽ ان گهڙيءَ کان سنگاپور جو قاعدو قانون لاڳو ٿي ويو. ڀر ۾ هڪ ٻئي سنگاپوري آفيسر کان نورالدين ڊرائيور ڪار جي ”پرمٽ“ ورتي، نورالدين ٻڌايو ته اها تمام ضروري آهي. جو سنگاپور حڪومت نه ٿي چاهي ته هنن جي ملڪ ۾ گهڻيون ڪارون اچن جو سنگاپور ٻيٽ تمام ننڍو آهي. فقط ڇهه سؤ چورس ڪلوميٽر يعني ٻه سؤ چورس ميل سنگاپور جي ننڍڙي هجڻ جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته (سنڌ جي پکيڙ پنجونجاهه هزار چورس ڪلو ميٽر آهي.   يعني سنڌ جيتري پٽ ما ٻه سؤ پنجهتر کن سنگاپور جيترا ٺهي سگهن ٿا.)۽ ملائيشيا ملڪ جي ڀيٽ ۾ ته سنگاپور هيڪاندو ننڍو آهي. ڇو جو ايسٽ ملائيشيا (سرواڪ ۽ صباح) ۽ ويسٽ ملائيشيا جي جملي پکيڙ اٽڪل سوالک چورس  ميل آهي.يعني ملائيشيا جيتري پٽ مان ته سنگاپور جيترا ٻيٽ ڇهه سؤ ٽيهه ٿين پر سنگاپور جي ترقي ملائيشيا يا ڪنهن ٻئي ملڪ سان ڀيٽبي ته تعجب ٿو لڳي. هيترو ننڍڙو ٻيٽ جنهن ۾ ڪجهه به ناهي ۽ دجهه سال اڳ تائين هڪ مهاڻن جو ڳوٺ هو جيئن بابا ڀٽ شاهه يا منهوڙو پر هاڻ جاپان بعد ٻئي نمبر تي سڄي ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ امير ۽ ماڊرن ملڪ آهي. سنگاپور ۾ نه ٻنيون ٻارا آهن نه کاڻيون نه جبل پر جاپانين وانگر هتي جا ماڻهو محنت، عقل ۽ ڊسيپلين سان رهي سڀ ڪجهه حاصل ڪري ورتو آهي. جاپاني ته وري به هڪ قوم آهي پر هتي سنگاپور ۾ ته مختلف زبانن، مذهبن، رنگن جي ماڻهن جي کچڻي پڪي پيئي آهي. پر بقول اسان جي هڪ ڪليگ لئپٽن نندڪرجي، کين اهڙو ليڊر مليو آهي، جنهن ملڪ ۾ ماڻهن جي قسمت سڌاري ڇڏي آهي. سنگاپور ۾ ملئي به رهن ٿا ته چيني به انڊين تامل ۽ سنڌي سنڌ ورڪي به  رهن ٿا ته انڊونيشي، فلپيني، ۽ يورپي به، پر ڇا مجال جو مذهب، ٻولي يا رسم رواج جهڙي ڳالهه تان وڙهن. هرهڪ ٻئي جي عزت ڪري ٿو ساڳيا ملئي۽ چيني ملائيشيا، ٿائلينڊ، ۽ چين ۾ به رهن ٿا. پر سنگاپوري ”ملئي“ ۽ ”چيني“ ٻين کان وڌيڪ سمارٽ،منظم، باادب ۽ سمجهو هوندا. محنتي هوندا پڙهيل لکيل هوندا سنگاپور گذريل ڏهن ٻارنهن سالن ۾ جيڪا ترقي ڪئي آهي. تنهن کيس اوسي پاسي جي مڙني ملڪن کان سکيو ستابو ۽ الڳ ٿلڳ بڻايو آهي. هر قسم جي آزادي هوندي به هيءُ ڇڙواڳ ناهن. هرقسم جي عياشي هوندي به محنتي آهن. دنيا ۾ سڀ کان گهٽ موڪلون  سنگاپوري ڪن ٿا. بقول سنگاپور جي هڪ سنڌي واپاري سيٺ هرڪشن ڀوڄواڻيءَ جي- جنهن ڏياريءَ واري ڏينهن به سڄو ڏينهن موڪل نه ڪئي؛ ”سنگاپور قدرتي دولت ۾ غريب آهي. ان ڪري سنگاپوريءَ کي پئسي ڪمائڻ /سکيو ستابو رهڻ لاءِ محنت ڪرڻي ٿي پوي. سنگاپور Service (خدمت) تي زندهه آهي. اسان آيل ٽوئرسٽن جي خدمت ڪري پئسو ڪمائي سگهون ٿا. ملائيشيا يا سعودي عرب جهڙن ملڪن جو مثال هڪ وڏيري/زميندار جيان آهي. جنهن وٽ سڀ ڪجهه آهي. مهينو ٻه ننڊون پيو ڪندو ته به بک نه مرندو. ڌرتيءَ اندران تيل، سون، جست، پيو نڪري، ۽ زمين مٿان ناريل، رٻڙ، ۽ پام وغيره.سنگاپور جو مثال هڪ هاري، پورهيت يا ايراني هوٽل جي ڏهاڙيءَ تي رکيل پگهار دار نوڪر وانگرآهي. جيڪو هڪ ڏينهن به موڪل ڪندو ته ڏهاڙيءَ تان هٿ ڌوئيندو،يعني پورهيو ڪندو ڪمائيندو ته کائيندو نه ته بک مرندو. ان ڪري اسان گهڻي موڪل ڪرڻ بدران پورهيو ڪرڻ چاهيون ٿا. اهو ئي سبب آهي جو سنگاپور۾ آچر (موڪل واري ڏينهن به) دڪان کليل آهن. بندرگاهه بازاريون کليل آهن.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: