سيڪشن؛ سفرناما

ڪتاب: ماستر هريام جو بئنڪاڪ وڃڻ

الطاف شيخ

صفحو :10

شادي

هن جيڪو محفلن ۽ ماڻهن ۾ ڏيک ڏنو ٿي ان کان گهر وارو يا سندس پرائيويٽ زندگيءَ وارو ڏيک بلڪل نرالو ۽ تعجب خيز هو. ٻاهر آفيس يا دعوتن ۾ هو عاليشان ڪوٽ سوٽ ۾ تمام شان شوڪت وارو، رعبدار ۽ عزت ماب لڳو ٿي. وارن کي سڌي ڦڻي ڏيئي پٺيان سڌا ۽ لسا ڪري هليو ٿي. سندس وڏي عمر واري منهن مان ڏيا ۽ گهاٽن ٿلهن ڀرن مان مشرقي عقل ظاهر ٿيو ٿي. ههڙي حال ۾ ڏسي هن جي زال کي مٿس پيار ضرور اچڻ کپي پر هيلن کي سندس هي پوڙهو مڙس فقط ان وقت وڻندو هو جڏهن هو سليٽي رنگ جي مرسڊيز 600 ڪار ۾، اچي ويهندو هو- جنهن جهڙيون ڪارون سڄيءَ سينگاپور ۾ ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيتريون مس هيون.

پر گهر ۾- ڇا ڳالهه ڪجي، گهر ۾ هو ڄڻ ناقابل برداشت هو- جنهن جو سوچي هيلن جا چپ ڏڪي ويا ٿي. گهر ۾ اچي جڏهن هو نقلي ڏندن جو جُت وات مان ٻاهر ڪڍندو هو ته سندس وات جي ٻاهر واري لسائي گهٻ ٺاهي اندر هلي ويندي هئي ۽ چپن جي چوڌاري گهنج گهنج نظر ايندا هئا. پنهنجي عمر، پنجن سالن، کان به پوڙهو لڳندو هو. سوٽي ڍرو ڪڇو ۽ گنجي پائي، پلنگ تي هيلن جو انتظار ڪندو هو. ٽنگن ۽ ٻانهن جون لڙڪندڙ مشڪون ۽ نظر ايندڙ سائي رنگ جون نسون شريانيون کيس ويتر ڊپ جهڙو ڪنديون هيون ۽ سندس ڀرسان وڃي سمهڻ مهل هيلن کي چڱو همت کان ڪم وٺڻو پوندو هو. ۽ پوءِ هن جي دلي خواهش موجب کيس پيار ڀريل نالن سان سڏڻ ۽ بدن تي ٿڌڙا ڪڍڻ، جيسين ننڊ اچيس، هيلن جي اهم ڊيوٽين مان هو. پوءِ اک لڳڻ سان سندس کونگهرا ٻڌڻ وٽان هوندا هئا. گگ وات جي پاسن کان لاڙ ڪري ڳڙندي هيس. اهڙن موقعن تي هيلن پنهنجي جسم جي لسي، صاف ۽ جوان گوري چمڙي- جنهن لاءِ تازو هلٽن هوٽل ۾ سندس اسڪولي ڏينهن جي ڪلاس ميٽ ڪوانگ ليءَ تعريف جا ڍڪ ڀريا هئا. سندس مڙس جي پوڙهي لڙڪيل ۽ گهنجيل کل سان ڀيٽي، ڏاڍو ڏک ٿيندو هوس. هڪ دفعو ته ان بابت سوچي سندس اکين ۾ ڳوڙها تري آيا هئا پر پوءِ هن جلدي انهن کي اگهي ورتو جو اهي مڙسس مٿان ڪرن ها ته ننڊ مان سجاڳ ٿي ڏهه سوال ڪريس ها. اهو ڪير سوچي نٿو سگهي ته هو ڪيترو کنڍي دماغ جو آهي. هڪ دفعي هو پارٽيءَ ۾ ويا جتي هيلن پنهنجي منهن خوش گذّاريو. واپسيءَ تي گهر پهچي جنهن وقت هو سمهڻ لاءِ ڪپڙا بدلائي رهيا هئا ته مڙسس کانئس پڇيو ته آيا هوءَ ساڻس شادي ڪري پڇتائي ته نه رهي آهي جو هوءَ هڪ جوان ۽ سهڻي عورت آهي ۽ پاڻ ذري گهٽ ستر سالن کي پهچڻ وارو هڪ پوڙهو مڙس؟ ڇا هن کي ان جو افسوس ته نه آهي ته هو جيڪر پاڻ جهڙي نوجوان سان شادي ڪري ها- اهڙي ڪنهن سهڻي جوان سان جنهن جهڙي ڳڀرو  جوان سان اڄ پارٽيءَ ۾ ذري ذري کلي ڳالهائي رهي هئي. جيڪو واقعي سهڻو ۽ جواني جي جوش سان ڀريل لڳو ٿي. جنهن جي مقابلي ۾ پاڻ پيريءَ جي ڪمزوري ۽ نستائيءَ ڪري ڪجهه ڪمن کان مٿي چڙهي چڪو آهي.

نه، نه نه، هيلن هن کي خاطري ڏني، جو سندس جسم ۾ ڄڻ ڊپ جي لهري ڊوڙي ويئي- نه، هو فقط هن کي ئي چاهي ٿي، ڇا ٿي پيو جي هو پوڙهو آهي؟ هن کي پاڻ ئي ته قبول ڪيو اٿس. ڪنهن به ٻئي مٿس زوري مڙهيو ناهي. هن کيس چاهيو ٿي ۽ هميشه چاهيندي.

”ٿلهن ڀُرن وارين اکين کيس ڪجهه گهڙين لاءِ چتائي ڏٺو.

”ڏهه لک. مون توکي پنهنجي شادي لاءِ ڏهه لک ڏنا ۽ ٽي لک تنهنجي ماءُ پيءُ کي-“ اهي اکيون ڄڻ کيس اهو ياد ڏيارينديون هيون، ۽ هوءَ ڏڪي ويندي هئي. سنهي نائٽي پائي اچي هن جي ڀرسان ستي، نه چاهيندي به سندس اگهاڙي پٺيءَ تي پنهنجن آڱرين سان ٿڌڙا ڪڍڻ لڳي. رکي رکي سندس دل ڪچي ٿيڻ ڪري ڄڻ اٻراڪ ٿي آيا. سندس دل، ماٺ ئي ماٺ، ۾ دانهون ڪندي رهي.

پوءِ جلدئي مڙسس کي ننڊ کڻي ويئي. ۽ هيلن ان وقت کانپوءِ دعوت پارٽين ۾بيحد خبردار ٿي هلڻ لڳي- خاص ڪري جڏهن ڪوانگ يا ڪو ٻيو نوجوان اهڙين دعوتن ۾ موجود هوندو هو. ڪوانگ کان ته هوءَ هيڪاندو پاسيرو ٿيڻ لڳي، پر جتي به هو موجود هوندو هو ته هيلن کي هڪدم محسوس ٿي ويندو هو ته ڪوانگ هميشه کيس غور سان ڏسي رهيو آهي. هيلن جڏهن به مڙس سان اڪيلي، ڪمري ۾ هوندي هئي ته ڄاڻي ٻجهي ڪوانگ کي گهٽ وڌ ڳالهائيندي هئي- پاڻ کي سمجهي ڇا ٿو؟ مٿي ۾ ڪا هوا ڀريل اٿس. ڪڏهن به ڪنهن اهڙو گڏهه نه ڏٺو هوندو. هن کي گاريون ڏيڻ تي سندس مڙس کي جا خوشي رسندي هئي سا ڏسڻ وٽان هوندي هئي ۽ هوءَ پڻ ان مان لطف وٺندي هئي ۽ رکي رکي ڪوانگ کي شدمد سان گاريون ڏيندي هئي ۽ سندس مڙس ٿورائتين نگاهن سان هن کي ڏسندو هو.

پنهنجو پاڻ کي دوکي ۾ رکڻ جو بار هيلن لاءِ تمام ڳرو هو. چپن تي مرڪ- هن کي هر وقت رکڻي پيئي ٿي. هيلن لاءِ اهو به ضروري هو ته سندس پڙهو مڙس جڏهن ڊائريڪٽرن جي ميٽنگ لاءِ وڃي ته ڪار مان مرڪي کائنس موڪلائي. جڏهن واپس گهر اچي ته مرڪي سندس آڌر ڀاءُ ڪري، ڇاڪاڻ جو انهن ڳالهين هن کي خوش رکيو ٿي. ٿورو به چهرو غمگين ڪرڻ تي هن کي سوين شڪ ۽ وسوسا  پيدا ٿي سگهيا ٿي. ۽ پوءِ اجاين سجاين سوالن جا سلسلا هوندا هئا جن جو خاتمو نٿي ٿيو- هيلن کي انهن ڳالهين سخت منجهايو ۽ پريشان ڪيو ٿي: ڇا هوءَ خوش ناهي؟ ڇا هوءَ ساڻس شادي ڪري پڇتائي رهي آهي؟ ڇا.... وغيره وغيره.

مون کي دلي سڪون ضروري آهي. مون کي کپي ته آئون پنهنجي مڙس کي خوش رکان، هر وقت آٿت ڏيان. اسان جي هن شاديءَ کي ڪنهن به صورت ۾ ڇيهو رسڻ نه کپي. هن کي اندر ۾ وٽ پوڻ لڳا. هن شاديءَ ۾ ڪنهن به قسم جو رُخنو پوڻ نه کپي نه ته سندس ماءٌ پيءُ چوندا: ”ڏٺئي هيلن. اسان ته اڳهين چيو ٿي، ته تون يونيورسٽي جي گريجوئيٽ آهين، ننڍي آهين، سهڻي آهين، هن پوڙهي کڳي سان شادي ڪرڻ جي ڪا ضرورت ناهي.“ هن جا پهرين زال وارا پٽ ۽ ڌيئون خوش ٿينديون ۽ کيس زهر ڀريا جملا چونديون.:”اسان ته اُهين چيوپئي ته هوءَ توهان سان پئسي خاطر شادي ڪري ٿي.“ اخبار وارا به ان خبر کي چڱي طرح رنگ روغن هڻي پهرين صفحي تي ڏيندا ته سنگاپور جي امير ترين شخص جي شادي جيڪا هڪ سهڻي ۽ ننڍي عمر جي ڇوڪريءَ سان ٿي هئي- جنهن جا فوٽو هر مهيني ٻه ٽي دفعا اخبارن ۾ ايندا. رهن ٿا، ڪڏهن ٻارن کي انعام ڏيندي، ڪڏهن پوڙهن ماڻهن جي سوسائٽي جو افتتاح ڪندي، ڪڏهن عمارتن جو بنيادي پٿر رکندي- جو مڙس سان ڦڏو ٿي پيو آهي ۽ طلاق جي گهر ڪئي اٿس.

نه نه. هن شاديءَ کي ڪجهه به نقصان رسڻ نه کپي ۽ جيڪڏهن سندن تعلقات ۾ ڪجهه فرق اچڻ جي ماڻهن کي خبر پئي ته سندس اسڪولي ڏينهن وارو يار ڪوانگ سڀ کان گهڻو کلندو. ”مون کي ته هر وقت ان جي ڄاڻ هئي ۽ پڪ هئي ته هڪ ڏينهن اهوئي انجام ٿيندو.“ هو غور سان پنهنجي ڪارين اکين سان ڏسي چوندو.

هن کان ڪڏهن به اهو برداشت نٿي ٿيو ته ڪوانگ ڪو مٿس ڇٿرون ڪري- چاهي هن ۾ لفظن سان ڪجهه ڪڇڻ جي عادت نه هئي پر سندس شڪي شڪي نهار ۽ چپن ۾ ڀڪوڙيل مرڪ جو سڄو مطلب هر هڪ چڱي طرح سمجهي سگهيو ٿي. هڪ دفعي هي سڀ هڪ اهڙي دعوت ۾ مليا هئا جيڪي شهر جي اهم ماڻهن طرفان هڪ شاندار عمارت ۾ ڪئي ويئي هئي- جنهن جي ٺهڻ لاءِ سندس مڙس لکين ڊالر امداد طور ڏنا هئا. آخر ۾ مڙسس کي تقرير لاءِ عرض ڪيو ويو. سندس مڙس انگريزي تقرير کان هميشه نٽائيندو هو. ڇو جو انگريزيءَ جا ڪيترائي لفظ اچارڻ ۾ هن کي ڏکيائي ٿي ٿي. لکيل تقرير پڙهڻ ۾ به هٻڪيو ٿي ۽ اهڙيون چڪون ڪري ويو ٿي، جو هن کي خود به شرم آيو ٿي. هون انگريزي سکڻ لاءِ انگلينڊ مان هن هڪ خاص ماستر هوائي جهاز رستي گهرائي پاڻ وٽ ڪجهه عرصي لاءِ رکيو هو. پر هن جا پڙهيل سبق ڪي خاص مددگار ثابت نه ٿيا. تاڙين جي آڌر ڀاءَ تي هو تقرير ڪرڻ لاءِ اٿيو. هيلن سندس ڀر ۾ ويٺي. تقرير دوران ماڻهن جي منهن تي لهندڙ چڙهندڙ تاثر پڙهڻ لڳي. سندس پوڙهي مڙس انگريزي تقرير جا ڪيترائي لفظ اهڙا ته غلط سلط اچاريا جو هو اڪيلي هجي ها ته شرم کان وٽجي سٽجي وڃي ها پر هينئر شهر جي عملدارن ۽ معزز مهمانن جي سامهون شان سان سڌي ٿي ويٺي رهي. انهيءَ وچ ۾ هڪ دفعو سندس اکيون ڪوانگ جي اکين سان مليون- ان ئي وقت ڪوانگ ٿوريءَ گهڙيءَ لاءِ نموني سان پنهنجي اکين کي ڇڀڪو ڏيئي، چپن کي ڀڪوڙي مرڪيو ۽ پوءِ وري سڌو ٿي ٻين وانگر نهٺائيءَ سان ڏسڻ لڳو. ڄڻ ڪا ڳالهه ئي نه ٿي هجي. ان وقت هيلن کي مٿس سخت چڙ آئي پر پوءِ ان عمارت مان نڪرڻ وقت، پنهنجي مڙس جي ٻانهن سان جواب ڏنو. جيئن هر هڪ کي خبر پوي ته هوءَ هن پوڙهي مڙس سان خوش آهي. ماٺ مٺوڙي ۾ غمگين رهي هن ڪوانگ کي اهو احساس هرگز سوڀارو بنائڻ نٿي چاهيو ته هوءَ هن زندگي ۽ پوڙهي مڙس مان ناخوش آهي. آئون بلڪل خوش آهيان، هن پنهنجي مُرڪ سان هٿ لوڏي ان ڳالهه جو ڏيک ڏنو، آئون پنهنجي مڙس سان خوش آهيان ۽ مون کي هن لاءِ پيار آهي.

ڪوانگ هيلن کي چاهيو هو، ۽ اڄ به ضرور هن کي چاهي ٿو نه ته ائين ڇو هلي. هو ٻئي لنڊن ۾ ساڳي يونيورسٽي ۾ پڙهندا هئا. پر هيلن ان وقت ڪوانگ کي ايترو گهڻو سڃاڻندي نه هئي، جو مختلف ٽولن ۾ هجڻ ڪري الڳ الڳ گهمڻ ڦرڻ لاءِ ويندا هئا. لنڊن مان موٽڻ تي هيلن هڪدم اچي شادي ڪئي. پوءِ جڏهن هڪ فنڪشن ۾ هيلن ڪوانگ کي پنهنجي مڙس سان ملايو ته هن کي ياد آيو ته ڪوانگ جي چهري تي ڪجهه گهڙين لاءِ تعجب ۽ تنقيد جا تاثر تري آيا هئا. پر هيلن ان کي نظر انداز ڪري ڇڏيو. ان بعد ڪيتري وقت تائين هيلن کي ڪوانگ نظر نه آيو ۽ پوءِ هنن جي وري هڪ دعوت ۾ گڏجاڻي ٿي. سندس مڙس ان دعوت ۾ ڪونه هو ۽  ڪوانگ هن جي ڀر ۾ ويهي ڳالهيون ڪرڻ لڳو. هو سڄو وقت سندس سونهن سوڀيان جي تعريف ڪندو رهيو ۽ هيلن کي پڻ احساس هو ته سندس ڀڙڪندڙ جواني، ٺهڪندڙ ڪپڙا ۽ چمڪندڙ هيرا ڪوانگ کي پڪ موهيندا هوندا. ڪوانگ ڪجهه گهڻو پيئڻ ڪري نشي ۾ ته کڻي نه هو پر سرور ۾ ضرور هو. تڏهن ته هو پنهنجي عادت جي خلاف، هيڏانهن هوڏانهن ڌيان ڏيڻ بدران اها سڄي شام هن جي سونهن جي تعريف ڪندو رهيو. پنهنجي تعريف ٻڌي، سچي ڳالهه ته اها هئي ته هيلن کي مزو به اچي رهيو هو ۽ هيلن کي ڪڏهن به پهرين اهڙو لطف نه آيو، پر گهر موٽڻ تي جڏهن پوڙهي مڙس دعوت بابت پڇيس ته دعوت ڪيئن لڳي ته جواب اوٻاسي ڏيئي، ڳچي مان هار لاهيندي چپن ۾ ڀڻڪيو ”جاني، بس، اجهو هميشه وانگر سخت بور هئي. ڪاش تون به هجين ها، ڊارلنگ. پر منهنجي خيال۾ ته تو جهڙي امير ۽ اهم ماڻهو- مسٽر لِنگ- اَو- ساڪ جي زال هجڻ ڪري، شهر جي اهڙين وڏين پارٽين، دعوتن ۽ ٻي ان قسم جي ڌوڙ ڇا هيءَ کي منهن ڏيڻو ئي پوندو.“

هيلن کي خبر هئي ته سندس پوڙهو مڙس ان قسم جي ڳالهه ٻڌي دل ئي دل ۾ ٺري پوندو هو. سو هوءَ اهڙي انداز ۾ ڳالهائيندي رهي. هيلن کي خبر هئي ته هو ان وقت به خوش ٿيندو آهي جڏهن هوءَ کيس پنهنجي چولي جي پٺين زپ مٿي ڪرڻ لاءِ چوندي آهي يا رات جو نائٽي پائڻ وقت ان جي چونڊ کانئس ڪرائيندي آهي. پر هن کي اها خبر ئي نه پوندي هوندي ته هن جي پوڙهي ۽ کهري هٿ جي ڇهاءَ سان هو ڪيڏو ڇرڪيو وڃي ٿي. پر اها اٿل پاٿل، اها ولوڙ، اهو سڀ ڪجهه هن جي اندر ۾ ٿيو ٿي جنهن جي ڪل هن ڪنهن ريت به پنهنجي مڙس کي ڏيڻ نٿي چاهي.ا ندر ۾ بي چيني پر ٻاهران مرڪ ۽ کل کلڪي جو ڄڻ ماسڪ پائي هلي ٿي.

هن پنهنجو پاڻ کي چيو: آئون هن ريت ڪيترو وقت هلي سگهان ٿي، مون کي ڇا ڪرڻ کپي؟ انهن ڏينهن ۾ ڪوانگ وٽان هڪ خط آيو- هن يڪدم وٺي، ان کي کولي وڏي آتولپڻ مان پڙهيو. ڇا ته ديد دليري چئبي، جو هن کيس ويهي خط لکيو آهي. هڪ شادي شده عورت کي، جيڪا سنگاپور جي هڪ امير ۽ بااثر چينيءَ جي زال آهي. ڇا هن اهو به نه سوچيو ته اهو خط پنهنجي مڙس کي به ڏيکاري سگهي ٿي، جنهن جي فقط فون کڻڻ سان ٻئي ڏينهن کان ڪوانگ  نوڪريءَ کان هٿ ڌوئي سگهيو ٿي.

 

هن ڏڪندي خط پڙهيو، ۽ پوءِ هوءَ ڇهه دفعا ان خط کي پڙهي ويئي، جيسين هڪ هڪ لفظ کيس زباني ياد ٿي ويو. خط ڏينهن جي روشنيءَ وانگر صاف ۽ چٽو هو ته ڪوانگ هن کي چاهيو ٿي ۽ پيار ڪيو ٿي! هن جي دليري ۽ ان جي سوچ تي ايندڙ غصو في الحال هن کان وسري ويو. ان بدران سڪون ۽ خوشي جو چمڪاٽ سندس اندر ۾ محسوس ٿيو- هو هن کي چاهي ٿو ۽ هوءَ به ان سوچ ۾ هئي ته هو کيس ضرور چاهي ٿو. هوءَ ضرور پيار جوڳي آهي ۽ هو هن کي ضرور چاهيندو هوندو. هن لاءِ اهو ڪافي هو ته ڪو هن لاءِ تانگهي ٿو. ياد ڪري ٿو، پيار ڪري ٿو- پري پري کان ئي سهي. آخرڪار زندگي برداشت ۽ سهپ جو نالو آهي، ۽ هيلن هيڏانهن هوڏانهن سماجي محفلون، دعوتون ۽ فنڪشن اٽينڊ ڪندي رهي هئي پر هن ڪڏهن به خوشي محسوس نه ڪئي. سندس چاهيندڙ ڪوانگ ڇا خط جي جواب جي اميد رکي ٿي؟ هوءَ جواب۾هن کي ڪجهه به نه ڏيندي، هيلن لاءِ ايترو ڪافي هو ته هڪ نوجوان کيس گهريو ٿي، کيس پيار ڪيو ٿي.

ان بعد هيلن ڪيترائي دفعا ڪوانگ سان گڏ هڪ عورت کي ڏٺو، هڪ دفعو جڏهن هوءَ منڊارن بيوٽي پارلر تان وار ٺهرائي موٽي رهي هئي، ٻه دفعا هڪ فنڪشن ۾، عورت قد ۾ ننڍي پر بيحد پرڪشش هئي. هيلن اس جي ڪنڊن تان هنن ٻنهي کي غور سان ڏٺو. ڪوانگ هن کي ساڙڻ جي ڪوشش ۾ هو. هو خط جو جواب نه ملڻ جيڪاوڙ ان ريت ڪڍي رهيو هو. ڪوانگ جي اڌ ڌڪار ۽ هاڻ اهميت نه ڏيڻ واري احساس هيلن جي اکين ۾ ڳوڙها آڻي ڇڏيا. هوءَ به هن کي ڪري ڏيکاريندي. ۽ هاڻ هن بابت سوچيندي به نه. ڊائنسٽي هوٽل ۾ ڊنر تي، هيلن سچ پچ هنن ڏي وڌي وڃي نرمائيءَ سان ڳالهايو. اهو سڄو وقت مرڪندي، خوش مزاجيءَ جو اظهار ڪندي رهي. ڪوانگ ٻڌايس ته هوءَ سندس مڱيندي آهي ۽ ٻئي مهيني سندس شادي ٿي رهي آهي. هيلن کين وڏي دل سان مبارڪباد ڏني، کيس خبر پيئي پئي ته ڪوانگ اک ٽيٽ سان سندس اندر جو حال معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري پيو. وقت ويجهو اچڻ تي هيلن هن کي شاديءَ جو تحفو موڪلي ڏنو، جيڪوهن پنهنجي مڙس کي ڏيکاري ٻڌايو ته اهو سندس يونيورسٽي جي ڪلاس ميٽ نوجوان ڪوانگ لاءِ آهي جنهن سان پهريون دفعو ڳالهائيندو ڏسي، هن کي ياد هوندو ته هن کي ڏاڍو ساڙ ٿيو هو. ٿيو هو نه-؟ اهو چئي هو کلڻ لڳا.

هيلن کي مڙسس ياد ڏياريو ته سندن شادي جو چوٿون سال ڄاڻ ته شروع ٿيو. ڇا کيس خبر آهي ته هو اهو ڏينهن ڪيئن ملهائڻ جو سوچي رهيو آهي؟ اميد ته گذريل سال وانگر گوڙ گهمسان واري دعوت نه ڪندين. هيلن چيس. مون کان جي پڇين ته آئون ته اهو چاهيندس ته اهو ڏينهن جيتري قدر ٿي سگهي ته ماٺ مٺوڙي ۾ گذارڻ کپي. فقط پاڻ ٻه هجون پنهنجو پاڻ ۾، اهو ٻڌي هو خوش ٿيو ۽ چيو: ”جي اها ڳالهه آهي ته جيڪي مون دل ۾ سوچيو آهي اهو بلڪل توکي پسند ايندو. جهاز جي سير سپاٽي بابت ڇا خيال آهي؟ هن دنيا جي چڪر تي. سينگارپور کان هوائي. هوائي کان لاس ائنلجس ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ کان ڦري واپس سنگاپور، بس پاڻ ٻه ئي هونداسين. سڄو ڏينهن تون منهنجي حوالي هوندينءَ- ٿڪائڻ واريون نه بورڊ آف ڊائريڪٽرس جون ميٽنگون هونديون ۽ نه ڪي فنڪشن جلسا- پاڻ سڄو ڏينهن بستري ۾“ هونداسين يا جهاز جي ڊيڪ تي، ۽ توکي پنهنجي پوڙهي ۽ ٿڪل مڙس جو خيال رکڻ جو سڄو موقعو ملي ويندو. جنهن ۾تون هاڻ بيحد هوشيار ٿي ويئي آهين.“

”بلڪل، منهنجا جاني، ان کان وڌيڪ مون کي ٻي ڪابه شيءِ بهتر نٿي لڳي.“ هيلن وراڻيو.

 

]ڪئٿرين لم جي هڪ ٻي ڪهاڻي ”ٽئڪسي ڊرائيور جي ڪهاڻي“ پڻ هتي ڏجي ٿي.[

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: