سيڪشن؛ سفرناما

ڪتاب: ماستر هريام جو بئنڪاڪ وڃڻ

الطاف شيخ

صفحو :4

ٽيون ڏاڪو

جيڪڏهن اها ڳالهه اتي وڃي پهتي آهي جتي تون ٻڌائين ٿين، منهنجي ڀيڻ، ته پوءِ سڀ صحيح آهي. وڌيڪ سوچڻ جي ڪا ضرورت ناهي.

ڪاٺ جي ڏاڪڻ رستي هن کي هيٺ لاهڻ ڏکيو ٿيندو. جيڪڏهن مٿئين همراهه جو پير ترڪي پيو ته هيٺيون به وڃي ڦهڪو ڪندو ۽ امان ڪري پوندي.

هن کي کڻڻ لاءِ توهان کي نوڙين جي ڪا گودڙي ٺاهڻي پوندي. ان هوندي به سارين جي پوک مان لنگهڻ وقت تڪليف ضرور ٿيندي جو لڳاتار مينهن ڪري جتي ڪٿي گپ لڳي پيئي آهي ۽ پوءِ مين روڊ تي پهچي ٽئڪسيءَ جو انتظار ڪرڻو پوندو.ا مان جي اڳهين حالت خراب لڳي پيئي آهي اهو پنڌ هن کي ويتر ساڻو ڪري ڇڏيندو.

۽ پوءِ اسپتال تائين پهچي ڳوٺ جا ڪجهه ماڻهو ضرور واپس گهر وڃڻ چاهيندا، ۽ پٺيان هوءَ اڪيلي ئي اڪيلي رهجي ويندي.

تون پاڻ .ئي کڻي هن کان پُڇ، جي اڃا به ڳالهائڻ جهڙي آهي ته هوءَ پاڻ ئي توکي ٻڌائيندي ته هوءَ هلڻ نٿي چاهي.

تون صحيح ٿي چوين. هن جي حياتي هوندي ته گهر ۾ به چاق چڱي ڀلي ٿي پوندي. جيڪڏهن نه ته پوءِ اسپتال ۾ به مري ويندي.

اهو سڀ ڪجهه پروردگار جي هٿ ۾ آهي.

ماڻهو جيڪو چوڻ چاهين، چوڻ ڏين. پاڻ اهوئي ڪنداسين جيڪي مذهب چاهي ٿو. ڀلي پنهنجي ڪٽنب جي ماڻهن سان به ڳالهه ڪر. جيڪڏهن هو چون ته هن کي اسپتال ۾ کڻي وڃڻ جي ضرورت ناهي ته پوءِ ته هرگز نه کڻي وڃجي. جيڪڏهن هو حڪيم ڪناليءَ جي ڏنل ستي ڦڪي کارائڻ لاءِ چون ته اها کارائينس. نه کائي ته ٿوري ٿوري دير بعد وري ڪوشش ڪر. حڪيم ڪناليءَ کان شرم يا حجاب ڪرڻ اجايو آهي. جيڪڏهن ڏسين ٿين ته سندس ڏنل دوا هر هر ڏيڻ جي باوجود به اثر نٿي ڪري ته کيس هڪدم اطلاع ڪري بلڪل صاف صاف ٻڌائينس. هو وڌيڪ ڄاڻو آهي. کانئس ئي صلاح وٺ ته ڇا ڪرڻ کپي. ٿي سگهي ٿو دوا مٽائي ڪا ٻي ڏئي. جيڪڏهن چوي ته ڪنهن فقير درويش کان ڦيڻو پڙهايوس ته هڪدم بتانگ بيسار کان ڪو بوموح (ملئي لفظ: جهاڙ ڦوڪ ۽ جن ڪڍڻ وارو.) وٺي اچجانءِ. جيڪڏهن هو ڪنهن تعويذ ڪڙي ڪرڻ واري لاءِ چوي ته ان کي وٺي اچجانءِ. پر جي استاد وهاب يا ڪنهن ٻئي مولوي کي ڦيڻي دعا لاءِ چوي ته ان کي وٺي اچجانءِ. جي بورونگ ڳوٺ جي بومي لاءِ چوي ته ان کي به وٺي اچجانءِ. ان کي گهرائڻ لاءِ اورانگ دولاح کي چئي سگهين ٿين يا ڪنهن ٻئي مائٽ مٽ پاڙيسري کي.

پر جي ڏسين ٿين ته ٻي ڪابه واهه نظر نٿي اچي ته پوءَ قرآن مان ياسين سورت جي تلاوت شروع ڪري ڏجانءِ. پر دوائن کي هرگز ڦٽو نه ڪجانءِ. ناريل جي ڏونگهي ۾ رکيل لوڻاٺيل پاڻي امان جي سيراندي کان ئي رهڻ ڏجانءِ ڇو جو اتان ڦڙو ڦڙو ڪري سندس وات ۾ وجهڻ سولو ٿيندو. مهمانن لاءِ سوپارين جي ڪاتر به چڱي خاص ڪري رک. ۽ جيڪڏهن ڪو نئون بوموح ڦيڻي يا ساٽ سوڻ لاءِ اچي رهيو آهي ته پوءِ ڪجهه نيون اگربتيون گهرائي رک. کيس ڦيڻي پڙهڻ جي عيوض ڪجهه پئسا ياد ڪري ڏجانءِ.

اها پڪ ڪجانءِ ته رڌڻي ۾ کاڌي لاءِ ڪجهه نه ڪجهه هجي ڇو ته امان کي پڇڻ لاءِ پڪ ڪيترائي ماڻهو ايندا. پيارڻ لاءِ ڪافي ۽ چانهه جو به خيال رکجان. کپي وڃي ته ڪنهن کي چئي گهرائي وٺجانءِ. هڪ ٻه ڇٻي ڏاڍن بسڪوٽن جي به ڀرائي رکجان. ۽ ڇڪڻ لاءِ ڪجهه جاوائي (انڊونيشي) تماڪ پڻ. تماڪ لاءِ اوانگ دولاح کي ئي چئجانءِ. ۽ ڪياح يا ڪنهن ٻئي کي چئجانءِ ته ڀت ۽ ٻوڙ تي نظر رکي. متان ائين نه ٿئي ته ڪو ضايع زيان ڪري ڇڏي. سير ٻه مڇيءَ جو اڃا به وڌيڪ وٺي کڻي رک. متان پوءِ کٽي پوي.

خرچ لاءِ جي گهر ۾ ايترو پئسو نه هجي ته  ڪجهه پاٽيون اَن جون وڪڻي به پورت ڪجانءِ پر جي سمجهين ٿي ته ان سان به ڪم هلي نه سگهندو ته پوءِ مڙيل سڱن واري ڪنڍي مينهن ئي کڻي وڪڻجانءِ، هونءَ به اها امڙ جي ئي آهي. هن ئي ان کي گاهه پٺو کارائي وڏو ڪيو آهي. کيس پاڻي پياري، مڇرن ۽ جيتن کان بچائڻ لاءِ دونهون ڪري سار سنڀال لڌي. پر ماڻهن جي ڳالهين جو ايتروئي خيال رکجانءِ جيترو امڙ جي صحت جو رکين ٿين.

ائين ڪرڻ کپي، مننهنجي ڀيڻ مرڻ کان اڳ بابي اهي شيون کائڻ جي خواهش ڪئي هئي جن جي هئي مند نه موسم. مون کي لڳي ٿو ته توکي اهي ڳالهيون وسري ويون آھن. جيڪڏهن امان ٿائلينڊ جي ڇانهينءَ جي گهر ڪري ته يوسف کي مدد لاءِ سڏائجانءِ، هو هميشه ڏاکڻي ٿائي شهر ’هنيائي‘۾ ويندو رهي ٿو. جيڪڏهن امان ’ڪلوبي- پام‘ جي ميوي جي گهر ڪري ته پاڙي واري چيني همراهه ’يا- چن‘ کي چئجانءِ. هو ڳيرن جي شڪار لاءِ اڪثر ٻيلي ۾ ويندو رهي ٿو.

جيڪڏهن هوءَ آب زم زم جي خواهش ڪري ته هڪدم ڪو حاجي سڳورو ڳولجانءِ جيڪو تازو مڪي مان ٿي آيو هجي. هن وٽ ضرور ڪجهه نه ڪجهه اهو پاڪ پاڻي هوندو. پر جيڪڏهن هوءَ مڪي هلي مرڻ لاءِ زوري ڀري ته کيس سنئون سڌو چئجائنس ته امڙ ان لاءِ اسين مجبور آھيون. ايڏو ڀاڙو ڀرڻ لاءِ اسان وٽ پئسو ناهي. هوءَ سمجهي ويندي. مطلب ته جيترو ٿي سگهي ته هنجي دل وٺجانءِ. پر ڪا اهڙي شيءِ جيڪا سمجهين ته پاڻ لاءِ بلڪل ناممڪن آهي ته ان لاءِ کڻي انڪار ڪجانءِ. جيترو وقت هن کي جيئرو رهڻو هوءَ اوتروئي جيئرو رهندي پر تون اها ڪوشش ڪجانءِ ته مرڻ تائين خوش ۽ پرسڪوسرهي،ائين نه ٿئي جو ٻئي جهان ۾ ڪرڪندي پهچي.

منهنجي ڀيڻ، مهرباني ڪري هن جو خيال رک.

هن جو ايترو ئي خيال رکجانءِ جيترو اسان ڳوٺ جو رکون ٿا. جيڪڏهن هوءَ مون لاءِ چوي ته زال ۽ ٻارن سان هن وٽ هليو اچان ته کيس صاف صاف ٻڌائجانس ته اسان ان لاءِ بيحد لاچار آهيون. اسان وٽ پئسو ناهي جو ايڏا ڳرا ڀاڙا ڀري اچون. هوءَ سمجهي ويندي.

جيڪڏهن کاري پاڻي ۽ سوپاري جي پنن مان ڪو فرق نه ٿئي ته ياسين پڙهڻ شروع ڪري ڏجانءِ. گهڻو انتظار نه ڪجانءِ. امام حماد کي چئجانءِ ته پڙهائڻ شروع ڪري: ”شروع ٿو ڪريان الله جي نالي سان.....“ هڪ دفعو ياسين پوري ڪرڻ بعد وري ٻيو دفعو شروع ڪرائجانءِ.

ٻين کي به پڙهڻ لاءِ چئجانءِ. پر ائين نه ٿئي جو هرڪو قرآن کڻي هيڏانهن هوڏانهن ڦرندو وتي. کين چئجانءِ ته امان واري ڪمري ۾ ويهي پڙهن. امان جي ساڄي سيراندي کان هروقت ڪنهن کي ويهاري ڇڏجانءِ ته ياسين ويٺو پڙهي.

هن کي اڪيلو هرگز نه ڇڏجانءِ، منهنجي ڀيڻ. تون سندس کاٻي پاسي سيراندي کان يا پيرانديءَ کان ويٺي هججانءِ. چمچي سان ڪري پاڻيءَ جو ڦڙو ڦڙو سندس وات ۾ وجهندي رهجانءِ. اهو ڪم ضرور ڪجانءِ. متان امان کي ڇڏي تون هيڏانهن هوڏانهن رڌڻي ۾ ڦيريون پائيندي رهين. ان لاءِ لياح، ڪياح يا اوانگ دولاح جي زال کي چئجانءِ.

امان واري ڪمري جون دريون مڙئي بند رکجانءِ. ان سان ڪو فرق نٿو پوي. ڇو جو هوءَ ائين ئي چاهي ٿي. رب جي مرضي ڇا آهي، ان جي توکي يا مون کي ڪابه خبر ناهي. بنا سڏ جي به ڪيترائي ماڻهو اچي نڪرندا ۽ جيترا گهڻا هوندا اوتروئي منهن ڏيڻ ڏکيو ٿي پوندو ۽ ماڻهن جي گوڙ ۾ امان کي به تڪليف رسندي.

جيڪڏهن ڪو دري کولڻ لاءِ زور رکي ته کيس چئجان امان کولڻ کان منع ڪئي آهي. ماڻهو ڇا به پيا چون. هوءَ اسان جي ماءُ آهي، ماڻهن جي ته  ناهي جو هنن کي خيال ٿئي.

پاڻ هن جا ٻه ٻار آهيون. بابو گذاري ويو. هاڻ فقط امان تون ۽ آئون وڃي بچيا آهيون. هوءَ پوڙهي ۽ بيمار آهي. هن کي سڪون سان مرڻ ڏجي. هن سان هاڻ پنهنجو ميلاپ ٻئي جهان ۾ ئي ٿيندو.

دعا ڪر ته کيس جنت ۾ جايون نصيب ٿين. ابي لاءِ به دعا گهر- جيڪو گذريل سال پاڻ کان وڇڙي ويو آهي، ته هن کي به جنت ۾ جايون ملن. مرحوم جي چپن تي مرڻ گهڙي تائين وحدانيت جو ڪلمو رهيو ته الله فقط هڪڙو آهي. هن ڪڏهن به نماز جو وقت نه وڃايو. رمضان جي مهيني ۾ سڀ روزا رکندو هو. زڪوات ڏنائين. فقط هڪ فرض جيڪو هو پوروڪري نه سگهيو اهو حج جو هو، هو حج ڪرڻ لاءِ مڪي وڃي نه سگهيو. پر جيڪڏهن ڪنهن وٽ پئسو ناهي ته پوءِ هن تي فرض ناهي. جهاد لاءِ بابو هروقت تيار هوندو هو. هن ڪيترائي دفعا بڪت- سليمبائو جي ڪافرن سان مهاڏو ڪيو هو. امان به اهڙي ئي طبيعت جي آهي. هوءَ وڙهي ته نٿي سگهي پر بابا جي تلوار کي هميشه پالش ڪري چلڪائي رکندي هئي. آخرت جي فيصلن جي ڄاڻ هڪ رب کي ئي آهي. پر جيستائين ا سان سمجهون ٿا ته امان ۽ بابا هر ڪم ڪيو جيڪو هڪ مسلمان کي ڪرڻ کپي- سواءِ مڪي مديني وڃڻ جي. الله ٻاجهارو ۽ حاضر ناظر آهي. اسان فقط دعا گهري سگهون ٿا.

مهرباني ڪري روءِ نه. توکي روئڻ نه کپي. اها ئي هڪ ڳالهه آهي جنهن لاءِ توکي بار بار جهلڻ چاهيان ٿو. آئون سمجهان ٿو ته اهو هڪ ڏکيو ڪم آهي. گذريل سال بابو هليوويو. هن سال قدرت کي جي سندس پٺيان امان کي به گهرائڻو آهي ته هوءَ به هلي ويندي. هن کي روڪڻ، تنهنجي منهنجي وس ۾ ناهي. پر مهرباني ڪري روءِ نه. موت ڪو مهڻو ناهي. هڪ ڏينهن پاڻ سڀني کي پڻ هلڻو آهي جتان آيا آهيون. پهرين پاڻ اڻ ڄاول روپ ۾ هئاسين يعني مئل هئاسين. الله اها ڳالهه قرآن ۾ به ڪئي آهي. شروع ۾ اسين مئل هئاسين. پوءِ ماءُ جي پيٽ مان جنم وٺي هن جهان ۾ آياسين. ان بعد وري مرنداسين ۽ پوءِ هڪ ڏينهن وري جيئرا ٿينداسين- هميشه لاءِ، اهي مڙيئي مختلف ڏاڪا آهن جيئن ڪنهن ڏاڪڻ کي ٿين جن تي چڙهي هر هڪ کي آخري منزل، آخري ڏاڪي تي پهچڻو آهي. تنهنجي روئڻ سان ٿي سگهي ٿو امان کي هڪ ڏاڪو وڌيڪ مٿي چڙهڻ ۾ تڪليف ٿئي.

پاڻ هينئر ٻئي ڏاڪي تي آهيون. امڙ، تون، آئون، ڪٽنب جا مڙيئي ڀاتي جيڪي هن وقت جيئرا آهن سڀ ٻئي ڏاڪي تي آهن. پاڻ چئن ۾ بابو ڀاڳ وارو چئبو، هو ٽئي ڏاڪي تائين پهچي ويو آهي ۽ الله گهريو ته جهٽ امڙ به ان ٽئي ڏياڪي تي وڃي پهچندي ۽ پوءِ فقط پاڻ ٻه پٺيان سور سهڻ لاءِ ٻئي ڏاڪن تي رهجي وينداسين. بابا امان ٽئي ڏاڪي تي پهچي ڪيڏو نه خوش ٿيندا.

امان کي ٽئي ڏاڪي ڏي سڪون سان وڃڻ ڏي. مهرباني ڪري ڏک نه ڪر. روءِ نه.

مختلف ڪم- ڪفن لاءِ ڪپڙو وٺڻ، ان کي ماپ موجب ڦاڙي ڪفن ٺاهڻ، جنازي کڻڻ لاءِ کٽ هٿ ڪرڻ، جانزي نماز، قل پڙهڻ وقت ڇهارا ورهائڻ، قبر کوٽائڻ، جنازي کي غسل ڏيڻ، ڪاٺ جا تختا هٿ ڪرڻ، پٿريون پڙهائڻ، اگربتيون، جنازي کي کڻي قبرستان تائين رسائڻ، قبرتي قرآن خواني ڪرائڻ، آيل ڪانڌين کي ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون ماني کارائڻ،ان بعد ستن ڏينهن کانپوءِ ختمي جي ماني. ان بعد وري چوڏهين ڏينهن، چاليهن ڏينهن ۾ هڪ سؤ ڏينهن بعد جي ماني وغيره. ڪابه ڳالهه ڏاڍيان نه ڪجانءِ متان امان جي ڪن تي ان جي ڀڻڪ به پوي. ان قسم جي ڳالهه ٻڌي هن جي دل ڀڄي پوندي. هن کي دلي صدمو رسندو. ان ڪري ان قسم جو هڪ لفظ به هن کي ٻڌڻ نه کپي.

ان بابت ڪابه ڳالهه ڪرڻي پوي ته ڪمري کان ٻاهرنڪري ڪجان. چاچي ڪريموءَ،مائي جبيران ۽ امام حماد کان ان بابت ورانڊي ۾ پڇا ڪجانءِ. هن کي ان بابت چڱيءَ طرح ڄاڻ آهي. هو دفن ڪفن ۽ ختمي درود جو ڪم ڪندا رهن ٿا. ڪفن لاءِ ڪپڙو وٺڻ کان اڳ ڪوشش ڪري اهو معلوم ڪجان ته امان جو قد ڪيترو آهي. ۽ پوءِ وال وال ڪپڙي جو ٻنهي پاسن کان وڌيڪ وجهجانس. جيتري قدر ٿي سگهي ته اهو ڪپڙو ڪنهن ڪافر جي دڪان تان نه وٺجانءِ، جيئن هوءَ ٽئي ڏاڪي تي پاڪ پوتر حالت ۾ پهچي. هن تي ڪوبه داغ ڌٻو نه هئڻ کپي.

ڪفن لاءِ ڪپڙو ڦاڙڻ لاءِ اوانگ دولاح کي چئجانءِ. هن کي ڪپڙي ڦاڙڻ ۽ ڪفن ٺاهڻ جو ڏانءُ اچي ٿو. ڪپڙي ۾ ڪنهن  به قسم جو ڇتر پوڻ نه کپي. ڪوشش اهائي ڪجانءِ ته ڪپڙي ڦاڙڻ جو آواز امان جي ڪنن تي نه پوي. نه ته اهو ٻڌي هو پريشان ٿي ويندي. ٿي سگهي ته هن کي چئجانءِ ته هو پنهنجي گهران ڪپڙو ڦاڙي اچي.

قبر جي تر مان جيڪڏهن پاڻي نڪري- جيئن بابي جي قبر ۾ ٿيو هو- ته پوءِ بنگ مت کي چئچان ته ڪاٺ جا تختا هڪ ٻئي سان ائين ڀچائي هڻي جو هڪ يڪو پٽ ٿي پوي. پوءِ جنازي مٿان مٽي خيال سان وجهجو جيئن ٻاهر گڏ ٿيل مينهن جو پاڻي اندر نه وڃي.

هن کي تختا هڪ ٻئي سان ملائي هڻڻ لاءِ تاڪيد ڪجانءِ، منهنجي ڀيڻ. ۽ ان بعد وري وري پيئي ياد ڏيارجائنس.

۽ ڪنهن به ڳالهه بابت پڪ نه ٿئي ئي ته ماڻهن کان پڇجانءِ، خاص ڪري چاچو ڪنالي سٺي صلاح ڏيندءِ.

جنازي جو غسل، اگربتيون ٻارڻ ۽ دعا درود جو ڪم امام حامد جي حوالي ڪجانءِ. ڪنهن ٻئي کي ڪيلن جا ٿڙ وڍي اچڻ لاءِ چئجانءِ، جيئن جنازي کي ان مٿان رکي غسل ڏنو وڃي. ٻه ٿڙئي ڪافي رهندا. راجا ڪيلي جا ٿڙ سڀ ۾ سٺا آهن. انهن جا سارين جي پوک وٽ ڪيترائي جهڳٽا آهن. آهن نه-؟ ڪي به ٻه پٽرائجانءِ. جن اڃا گل نه ڏنا هجن.

اگربتين سان گڏ ڪجهه ڪافور به ٻارجو. ٿي سگهي ٿو بابي لاءِ گهرايل ڪجهه اڃا بچيل هجي. ڪپڙن واري ڪٻٽ ۾ چڱيءَ طرح ڳولجانءِ.

دعا جوڪم امام حماد جي حوالي ئي ڪجانءِ. هو جماعتن جو پيش امام پڻ آهي. جيڪڏهن هو ڪمپونگ راجا بتانگ جي خٿاب مان خٿابين کي گهرائڻ چاهي ته کين هڪدم سڏائي وٺجانءِ. تون جي واندي نه هجين ته خيرات جاپئسا ’يا چن‘ چينيءَ يا يوسف کي ڏجانءِ ته غريبن ۾ ورهائي.

ريجو تيار رکجانءِ، ڏهه ڊالر کن جا ڏهين ڏهين سينٽن وارا سڪا ڪافي رهندءِ. سڀ ورهائي ڇڏجانءِ. مدرسي اڳيان جيڪي ٻار ويٺا آهن انهن کي به ڏهه ڏهه سينٽ ڏجانءِ.

ٻه ڊالر امام حماد لاءِ به هٿيڪا رکجانءِ. دعا بعد کيس ڏجانءِ پر مٺ ۾ لڪائي ڏجانءِ جيئن ڪو ٻيو نه ڏسي. هن کي چئجان ءِ ته هي تماڪ ٻيڙيءَ لاءِ اٿئي. پهرين هووٺڻ کان انڪار ڪندو ۽ توکي موٽائي ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو. پر پوءِ تون هن جي صدري جي کيسي ۾ وجهي ڇڏجانءِ. موٽ ۾ ڀلي هو چپن ۾ مرڪي يا نه مرڪي- جيئن سندس دل چوي تيئن ڪري.

هي سڀ ڪم ڪرڻ کان اڳ امان جي حالت تي نظر رکجانءِ. جڏهن ڏسين ته هاڻ دوا بلڪل اثر نٿي ڪري ته پوءِ ڏينهن رات ياسين جو دور شروع ڪري ڏجانءِ. مون کي خبر آهي ته ماڻهو توکي جهليندا ته جيستائين امان اکيون نٿي پوري تيستائين تون ڪجهه به نه ڪر. ان اجائي ڳالهه ٻولهه ڏانهن تون ڌيان بلڪل نه ڏجانءِ. ماڻهن کي جيڪي وڻي پيا بڪن. اسان ڪنهن جو وات بند ڪري ڪنهن جو ڪري سگهون ٿا. اسان ڪنهن به صورت ۾ امان کي ٻيو ڏاڪو اڪري بابي ڏي وڃڻ کان روڪي نٿا سگهون. جيتوڻيڪ پاڻ نٿا چاهيون ته امان پاڻ کان وڇڙي وڃي. پر اسان ته فقط پنهنجي فرض جي پوئواري ڪري رهيا آهيون.

جيڪڏهن بابي پٺيان امان به وڃي ٿي ته اسان کي رب جا شڪرانا بجا آڻڻ کپن جنهن ٻنهي کي ٽين منزل تي پهچايو. پٺيان باقي پاڻ ٻه ٻي منزل تي رهجي وينداسين. جيڪڏهن هن جي اڃا حياتي آهي ته به اسان کي رب جا شڪر مڇڻ کپن جنهن اسان کي ساڻس ڪجهه وڌيڪ ڏينهن رهڻ جوموقعو ڏنو.

پر ان هوندي به تيار ڪري ڇڏڻ ۾ نه فقط پنهنجي پر هن جي به بهتري آهي. پوءِ جلدي لاڏاڻو نه ڪري.

ٻي جهان ۾ وڃڻ لاءِ گهڻي بحث جي ضرورت ناهي. اجائي دير ڪرڻ غير ضروري آهي. جيئن ئي هن کي سڏ ٿئي ته هوءَ هڪدم هلي وڃي ۽ پوءِ پٺتي رهڻ جي هرگز نه ڪري. سندس غسل ڪفن ۽ دفن جو بندوبست اڳهين تيار آهي ته روح نڪرڻ سان کيس قبر حوالي تکو ڪري سگهجي ٿو. ٻپهريءَ جو وڃڻ تي ٽپهريءَ ڌاري هن جو مهاڏو ملائڪن سان ٿي سگهي ٿو. هڪ دفعو سوال نامون شروع ٿيو ۽ پوءِ جواب ڏنائين ته پوءِ سڌو پنهنجي منزل ڏي رواني ٿي سگهي ٿي.

مرڻ بعد ڪنهن جو به پوءِ انتظار نه ڪجانءِ. ڳوٺ جي ماڻهن کان علاوه ٻيو ڪير آهي جو هن کي سڃاڻي. پاڻ ته ڪي ٿورائي ماڻهو سڃاڻون. پاڻ ڪنهن کان به مدد نه گهري آهي ۽ نه ڪنهن اسان کي مدد لاءِ سڏيو آهي. ۽ پاڻ ڏئي به ڇا ٿا سگهون- سواءِ دعائن جي.

ڏٺو وڃي ته اسان وٽ ڪجهه به نه آهي. بهرحال اها ڪا اهڙي ڳالهه ناهي ۽ نه ڪا پاڻ کي ان جي پرواهه آهي ته پاڻ وٽ مرڻ وقت ڪجهه به نه هوندو. پاڻ غريب ماڻهو آهيون. پاڻ ان غربت لاءِ به الله جو شڪر بجا آڻيون ٿا.

منهنجي ڀيڻ جيڪي ڪجهه ڪرڻو اٿئي اهو ڪري وٺ جيئن هوءَ جيترو جلدي ٿي سگهي پنهنجي نئين سفر ڏي رواني ٿي وڃي.

قبر ڀلي تيستائين نه کوٽائجانءِ جيسين هو بابا ڏي وڃڻ جو پڪو فيصلو نٿي ڪري. پر ان جاءِ تي قبر جا سندا اڳواٽ هڻائي ڇڏجانءِ. اهو ضرور خيال رکجانءِ ته هن جي قبر بابي جي ڀر ۾ ساگا وڻ جي هيٺان هجڻ کپي.

جيئن ئي امان آخري پساهه کڻي ته قبر کوٽڻ وارن کي هڪدم اطلاع ڪجانءِ. انهن کي ڇهه فٽ کن اونهي قبر کوٽڻي پوندي. ساگا وڻ جي هيٺان چئن فٽن جي کوٽائي بعد پاڻي نڪري ٿو سو ان جو خيال رکڻ به ضروري آهي.

جيئن ئي جنازي جي غسل ۽ ڪفن جو ڪم پورو ٿئي ته امام حماد کان جنازي کڻڻ جو وقت پڇجانءِ. امان جو جنازو گهر مان کڻڻ وقت تون به ڪلهو ڏيارجانءِ. در کان ٻاهر نڪرڻ مهل ڏاڪڻين وٽ تمام خبرداريءَ کان ڪم وٺجو. ائين نه ٿئي جو لاش ڪري پوي جيئن ذري گهٽ بابي جي لاش سان ٿيندي ٿيندي بچاءُ ٿي ويو هو.

مختصر طور هي ته وڏي خبرداري سان لاش کي در کان ٻاهر ڪڍجو. مٿان باتڪ جو ڪپڙووجهي ڇڏجو. جيڪو بابي جي لاش مٿان پڻ وڌو هئوسين.

ان بعد به رستي تي خيال سان هلجو. اڄڪلهه مينهوڳيءِ جي رُت ڪري جتي ڪٿي گپ ۽ ترڪڻ لڳي پيئي آهي.

ٽڪريءَ جي موٽ وٽ رستي تي ڪيترائي جهنگلي ڄاها گهمندا رهن ٿا.  يا قبرستان واري رستي تي ڪيترن ئي هنڌن تي ڳاڙهيون ماڪوڙيون پڻ آهن. ڪجهه ڇوڪرن کي اڳواٽ ئي انهن کي ڀڄائڻ لاءِ موڪل جانءِ. ڪڏهن ڪڏهن شام جي وقت ان رستي تي وڇون ۽ سؤپيريون به جام هلن ٿيون ٻيلي مان لنگهڻ وقت وڻن ۾ ٺهيل ڏينڀن ۽ چيلاٽن جي ککرن کان به پاڻ کي بچائجو. ڪوشش ڪري رستي جو ڪجهه حصو اڳواٽ صاف ڪرائي ڇڏجو.

دفن بعد گهر موٽي رات جو قرآن جو ختمو پورو ڪرائجانءِ. ۽ پوءِ لڳاتار ٽن راتين تائين قرآن پڙهائجانءِ. جيئن بابي جي وفات وقت پڙهايو هئوسين.

پئسا جي کپي وڃن ته گنديءَ وارو ان وڪڻي خرچ هلائجانءِ. امڙ جو منو ايڪڙ لنگسا ميوي جو باغ ايندڙ سال لاءِ اڳواٽ مقاطي تي ڏيئي ڇڏجانءِ ۽ سندس پاليل ٻئي بدڪون ڪهي مهمانن کي کارائجان. باقي گهر ۾بيٺل مڙيئي ڪڪڙيون وڪڻي ٻيو خرچ هلائجانءِ.

پئسي جي توکي سخت ضرورت پوندي. قبر تي اچي ست راتيون قرآن پڙهڻ واري کي آخري رات ختمي جي ماني کارائن بعد ڪجهه پئسا ڏجانءِ. چوڏهن ڏينهن بعد هڪ ٻي ماني ڪرڻي پوندئي ۽ سؤ ڏينهن بعد اڃا به هڪ ٻي ماني.

جيڪي ڪجهه گهر ۾ هجي في الحال گروي رکي به قرض وٺجانءِ. ختمي جي ماني چڱيءِ طرح ڪرڻ کپي پوءِ چاهي ان پٺيان قرضي ٿي وڃون ته به مڙيئي خير آهي. پئسي ڏوڪڙ جو حساب ڪتاب جيئن تقدير ۾ هوندو تيئن ٿيندو. ماڻهو چاهي اهو چون ته اسان پاڻ کٽائي رهيا آهيون ته به ان جي پرواهه نه ڪجانءِ. باقي امان جي دفن ڪفن جو ڪم سو پرسڪون نموني سان ٿيڻ کپي.

آخرڪار ماڻهن کي اسان بابت خبر ئي ڇا آهي. منهنجي ڀيڻ-؟

امڙ جو آخر تائين چڱي طرح خيال رکجانءِ. پاڻ غريب ضرور آهيون، پر سڪون ۽ رب جي رضا ۾ راضي رهڻ وارا آهيون. ان لاءِ پاڻ کي پروردگار جو ٿورائتو ٿيڻ کپي جنهن پاڻ کي ايامن کان غربت ۾ رکيو آهي.

اهو هن جو اسان کي سکيو رکڻ جو طريقو آهي.

 

شاهنان احمد (Shahnon Ahmad)

]هن ملئي افساني- ٽيون ڏاڪو، جو ليکڪ شاهنان احمد 1933ع ۾ ڪيداح رياست (ملائيشيا) ۾ ڄائو. اڄڪلهه هو يونيورسٽي سائنس ملائيشيا جي اسڪول ۾ Humanities ڊپارٽمينٽ جو ڊين آهي. Rentong (ڦهير جي نوڙي)، Jalan Rangiau Sepanjang (فصل نه پر ڪنڊا) ۽ Srengenge سندس اهم ملئي ناول آهن. 1973ع ۽ 1975ع ۾ کيس ’تن- عبدالرزاق‘ ادبي انعام پڻ ملي چڪوآهي. [

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: