سيڪشن؛ سفرناما

ڪتاب: اڇن جي ملڪ ۾ اسين ڪارا

الطاف شيخ

صفحو :10

 

مارشل آئيلينڊ جو ليري

اڄ بس اسٽال تي ليري (Larry) ۽ آئون يونيورسٽي وڃڻ لاءِ بس جو انتظار ڪري رهيا هئاسين.

”ليري! تون ڪهڙي ٻيٽ تان آيو آهين؟“ هيلو هيلو ڪرڻ کان پوءِ مون کانئس پڇيو. پاڻ جڏهن آيو هو ته ڪلاس روم ۾ ٻڌايو هئائين. پر ان وقت آئون سندس ٻيٽ کي سڃاڻي نه سگهيو هوس. فجي جي ڀرسان ته نه آهي مون تڏهن پڇيو مانس، ”نه ان جي اتر ۾ آهي.“ پاڻ ٻڌايو هئائين.

”آئون مارشل آئلينڊ کان آهيان.“ هن ٻڌايو.

”ها برابر تو اهوئي ٻڌايو هو. پر ان بعد مون کي نقشي ۾ ڏسڻ ۾ وقت نه مليو. هونءَ مارشل آئلينڊ ڪيترن ٻيٽن جو جهڳٽو آهي؟“ مون ڪجهه وقت گذارڻ لاءِ ۽ ڪجهه معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ سوال ڪيو. ڪو زمانو هو جهاز تي Sail ڪبو هو ته ننڍي ننڍي ٻيٽ ۽ بندرگاهه جي واقفيت هئي پوءِ چاهي ان هنڌ جهاز وڃي يا نه. پر هاڻ اهي بهه ۾ سئيءَ جهڙا پئسفڪ سمنڊ جا ننڍا ٻيٽ ايراضيءَ ۾ ڳوٺ ميانداد چنجڻي ۽ چوهڙ جماليءَ جيڏا ڌيان مان ئي ميسارجي ويا آهن. انهن مان ڪي ته وڏيري جي اوطاق جيڏا آهن ۽ ڪي ته وڏيري جي اوطاق ۾ پيل کٽ جيڏا آهن.

”اوڻٽيهه ٻيٽ آهن.“ ليريءَ ٻڌايو.

”سڀني تي آدم رهي ٿو؟“ مون پڇيومانس.

”ها سڀني تي رهي ٿو. ائين ته ننڍا ننڍا ٻه هزار کن ٻيا به آهن پر ڪي ڪي فرلانگ اڌ مس ٿيندا، ڪي ڪجهه وڏا به آهن پرڪو رهي ڪونه ٿو جو اهي ٻيٽ ٻيڙين رستي وڏن ٻيٽن سان ڳنڍيل نه آهن.ڪي ٻيٽ سال جو ڪجهه مهينا نظر اچن ٿا ۽ پوءِ مٿان سمنڊ جو پاڻي چڙهيو وڃين ۽ غائب ٿيو وڃن. ڪي روزانو وڏي وير تي ٻڏيو وڃن ۽ وير لهڻ تي ظاهر ٿيو پون.“

”هونءَ Exact ڪنهن جي ڀرسان آهي _ آسٽريليا جي نيوزيليند جي، فجيءَ جي يا انڊونيشيا فلپين جي؟“ مون کي اڃا تائين دماغ ۾ هي ٻيٽ نه اچي رهيا هئا ته پئسفڪ سمنڊ ۾ ڪهڙي هنڌ آهن.

”ڪنهن جي به ويجهو نه آهن. سڀني کان هڪ جيترو پري آهن.اڃا به هوائي ۽ گوام ٻيٽ جي ڪجهه ويجهو چئي سگهجن ٿا.“ ليريءَ چيو.

”بس هينئر ئي لئبرري پهچي نقشي تي تنهنجا اهي دلچسپ ٻيٽ ڏسان ٿو.“

”مون وٽ هتي نقشو آهي.“ ائين چئي ليريءَ هٿن جا جوراب لاهي بئگ کولي نقشو ڪڍيو. سامهون ڏٺم اڃا بس پري پري تائين نظر نه پئي آئي. جلدي جلدي پئسفڪ سمنڊ ۾ هار جي شڪل ۾ موتين جيڏا ننڍا ننڍا مارشل ٻيٽ ڏٺم. نقشو واپس ڪري چيومانس:

”شاباس هجن ئي! دنيا جي صفا ٻي ڪنڊ کان آيو آهين. ڀلا هتي ڪيئن پهتين؟ پڪ ترسندو آيو هوندين.“

”سڌو پهتس.“ ليريءَ وراڻيو.

”ڪمال آهي! ڪهڙي هوائي ڪمپني توهان جي مارشل ٻيٽن کان هتي مالمو اچي ٿي؟“ مون تعجب مان پڇيو.

”اوهه! نه نه! مون سمجهيو ته پڇين ٿو ته ڪٿي ڪٿي گهمڻ لاءِ رهيس. هيڏو پر ي کان ڪهڙو جهاز يڪ ساهيءَ ايندو.“

”اهوئي ته معلوم ڪرڻ ٿو چاهيان ته پهرين آسٽريليا وئين، نيوزيلينڊ يا فلپين؟“

”پهرين هوائي ٻيٽ تي ويس.“ ليري ٻڌايو.

”پوءِ؟“

”لاس اينجلس.“

”ڏاڍي ٻڌايئي. اهو ته وڏو چڪر ٿيو. هن پاسي فلپين يا ٿائلينڊ ڏي هليو اچين ها ته باقي يورپ ڪيترو پري هو. هوائي ۽ لاس اينجلس ڏي ته ويتر ڏور هليو وئين؟“

”بس مجبور ي آهي. اسان جي ٻيٽ تي فقط آمريڪا جي هڪ هوائي ڪمپنيءَ جو هوائي جهاز هفتي ۾ هوائي (Hawai) ٻيٽ کان ٻه دفعا اچي وڃي ٿو ۽ اتان ٻي ملائيندڙ اڏام لاس اينجلس اچي ڇڏيو.“ ليريءَ ٻڌايو.

”۽ پوءِ.“ مون پڇيومانس.

”۽ پوءِ برٽش ايئر ويز ذريعي لنڊن آيس. اتان ٻي ملائيندڙ اڏام پئرس اچي ڇڏيو ۽ پوءِ SAS جهاز ذريعي ڪوپن هيگن آيس ۽ پوءِ هوور ڪرافٽ ذريعي بالٽڪ سمنڊ ٽپي هتي مالمو پهتو آهيان.“

”حق تي ٻئي بئگون گم ٿي ويون اٿئي؟“ مون کلندي چيومانس. سندس سامان ٻن هفتن بعد مليو. تيسين ليري ويچارو ڳاڙهو سئيٽر ۾ پئي هليو. کيس هتي جي موسم جي به خبر نه هئي. سندس ٻيٽ جي ٻارهوئي هڪ جهڙي، نه ٿڌي نه گرم موسم ٿئي ۽ اتي جا رهاڪو گهڻو ڪري رڳو چڍي ۽ گلن واري قميص پائين. ليريءَ هتي جي سيءَ جي حملي لاءِ وڌ ۾ وڌ سئيٽرڪافي سمجهيو. بهرحال ٻيو ڏينهن آچر جو هو ۽ کيس هتان جي لنڊا بازار مان پاڻ جهڙا گرم اوور ڪوٽ وٺي ڏناسونس.

”ڀلا ليري! ايترا جهاز بدلائي هتي پهچڻ ۾ توکي پڪ ڏينهن ٻه لڳي ويو هوندو.“

”بلڪ ٽي ڏينهن ۽ توهان کي؟“

”تنهنجي مقابلي ۾ سئيڊن اسان لاءِ ڄڻ گهر جي ڳالهه ٿي. ٻارهن ڪلاڪن اندر پهچي وياسين.“

”ڪراچيءَ جا آهيو يا اسلام آباد جا.“ ليريءَ پڇيو.

کيس پنهنجو ڪارڊ ڏيندي ٻڌايومانس: ”ڪراچيءَ جو. ڪڏهن اسان جي پاسي واري دنيا جي حصي ۾ اچڻ ٿئي ئي ته ڪراچيءَ ضرور اچجانءِ.“

”۽ تون به مون وٽ اچجانءِ.“ ليريءَ به دعوت ڏني.

مون کلي چيومانس. ”اچڻ تي منهنجي دل ڏاڍي چوي ٿي پر ليري اسان جي ملڪ ۾ چيچ وطني، ميانوالي ۽ دورو نارو پهچڻ سولو آهي تو وٽ پهچڻ لاءِ پهرين پئسفڪ سمنڊ ۾ مارشل ٻيٽ ڳولجن. پوءِ انهن اوڻٽيهن ٻيٽن مان اهو ڳولجي جنهن ۾ تون رهين ٿو. ڀلا اهو ٻڌاءِ آدمشماري ڪيتري اٿوَ؟“

”ڪل پنجاهه هزار.“

”رڳو ان ٻيٽ تي جتي تون رهين ٿو يا سڀني ٻيٽن تي؟“

ايتري ۾ بس اچي نڪتي ۽ پاس ڏيکاري چڙهياسين. هن کي مون کان پري جاءِ ملي سو هٿ سان کيس O.K چئي موڪلايم ته هاڻ يونيورسٽي خبر ناهي ملاقات ٿئي يا نه. ڇو جو آئون جنهن سبجيڪٽ ۾ ايم ايس سي ڪري رهيو آهيان ان جو واسطو مئرين سيفٽي ائڊمنسٽريشن سان آهي، جنهن جا ڪلاس روم ۽ پروفيسر ليريءَ جي ڪلاس روم وغيره کان مختلف آهن. ليري مئرين ايڊيوڪيشن ۽ ٽريننگ ۾ ايم ايس سي ڪري رهيو آهي. البت مئٿس جو هڪ سبجيڪٽ اهڙو آهي جيڪو گڏ ٿيندو آهي ۽ ان ۾ ملاقات ٿيندي آهي. ليري اسان وانگر جهازي نه آهي پر گورنمينٽ آفيس مان آهي. هن ايڪانامڪس ۾ هوائي يونيورسٽي مان گريجوئيشن ڪئي آهي. پاڻ سندس ٻيٽ تي سي مين ٽريننگ سينٽر ۾ پڙهائي رهيو هو. ان بعد سال ٻه آسٽريليا ۾ ٽريننگ وٺي مئرين پوليس آفيسر ٿيو. هاڻ جيئن ته سندس ملڪ ۾ جهازين جي ٽريننگ لاءِ وڏي پئماني تي مئرين اڪيڊمي کلي رهي آهي ان ڪري اتي جي حڪومت کيس هيڏانهن Education جهڙي سبجيڪٽ ۾ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ موڪليو آهي، جيئن واپس پهچي ان اڪيڊميءَ کي صحيح طرح هلائي سگهي.

گيانا جو مسٽر انگلش

اڄ لنچ بريڪ ۾ مني کان ڏيڍ بجي تائين ٿئي ٿي. ڪامن ليڪچر روم ۾ اچي ويٺس. پاڪستان کان هن سال آيل ٽيو ڄڻو چيف انجنيئر راحت به اتي ويٺو هو، شايد لنچ بريڪ بعد واري ڪلاس جو ڪو رهيل هوم ورڪ ڪري رهيو هو. ٻيو سڄو هال خالي هو. ايتري ۾ منهنجو ڪلاس ميٽ چيف انجنيئر ڊئوڊسن هڪيٽ (جيڪو ٽرينڊاڊ ويسٽ انڊيز کان آيو آهي) هڪ ٻئي شيدي نما ڪاري سان منهنجي ڀر واري دريءَ وٽ اچي بيٺو. ڪيترن ڏينهن بلڪ هفتن کان پوءِ اڄ اُس نڪتي هئي. چوڌاري ماڻهن جي چهل پهل ۽ رونق هئي. سمنڊ جي ڪناري تي ڇوڪريون، ٻار، پوڙها ڪتن سميت واڪ ڪر ي رهيا هئا. بالٽڪ سمنڊ جي پرئين ڀر ڪوپن هيگن جو شهر چٽوئي چٽونظر اچي رهيو هو. نه ته مينهن جهڙ، برف باري ۽ ڪوهيڙي ڌنڌ ۾ سامهون جو ڏيک گهٽجي ويندو آهي. ڪوپن هيگن جون عمارتون ۽ وچ واري سمنڊ جو ٽڪرو ته ڇا پر هن پاسي وارو مالمو جو بندرگاهه ۽ سامونڊي ڪنارو به نظر نه ايندو آهي.

ڊئوڊسن ۽ سندس ڪارو دوست سئيڊن جي مهنگائيءَ جو روئڻ روئي رهيا هئا ته هن جهڙي مهنگائي ته جپان ۾ به نه آهي. هيءَ يونيورسٽي لنڊن يا نيوريارڪ ۾ ٺاهين ها ته به سٺو ٿئي ها، جيڪي پئسا هينئر ملي رهيا آهن. انهن مان پاڻ بچت ٿئي ها.

”توهان ڪٿي جا آهيو؟“ مون نئين همراهه کان پڇيو. ساڻس جيتوڻيڪ مانيءَ تي ميس ۾ ملاقات ٿيندي رهي ٿي پر ڪلاس ميٽ نه هجڻ ڪري گهڻي واقفيت نه ٿي هئي.

”آئون گايانا (Guyana) جو آهيان.“ هن ٻڌايو. سندس نالو برنيٽ انگلش آهي.

”ڏکڻ آمريڪا ۾“ مون پڪ ڪئي.

”هائو. وينزوئلا جي ڀر ۾ اسان جو ملڪ آهي.“

”۽ ٻئي پاسي سري نام (Surinam) آهي.“

”هائو. توهان اسان جي ملڪ ۾ ڪڏهن آيا آهيو؟“ مسٽر انگلش پڇيو.

”نه. منهنجو ڪڏهن به سري نام وڃڻ نه ٿيو آهي ۽ نه توهان جي ملڪ گايانا ۾. پر جڏهن سئيز ڪئنال بند هو ۽ ڪيپ آف گڊ هوپ کان ڦري هوسٽن يا نيواورلينس وغيره ويندا هئاسين ته هميشه توهان جي ملڪن جو ڪنارو ڏئي مٿي چڙهندا هئاسين، جو اهائي شارٽ روٽ ٿيندي هئي. اهو ڪنارو اسان جهازين لاءِ دلپسند ان ڪري هوندو هو، جو توهان جي ملڪ ۾ ۽ سرينام ۾ ڪافي انڊين، پاڪستاني رهن ٿا. ايتري قدر جو هڪ ريڊيو اسٽيشن تان هميشه انڊين گانا ٻڌندا هئاسين. تن ڏينهن ۾ هي پئرا بولڪ ۽ ڊش ائنٽينائون ايجاد ٿيون هيون، جو هر وقت ۽ هر هنڌ ٽي وي پروگرام ڏسون. تڏهن اسان جو گذارو ريڊيو تان ايندڙ گانن تي ئي ٿيندو هو.“

”ها اسان جي ملڪ ۾ به ڪافي هندستاني، پاڪستاني، اسماعيلي ۽ بوهري رهن ٿا، جيڪي زياده تر واپاري آهن.“ هن ٻڌايو.

ايتري ۾ راحت عزيز به پڙهڻ ڇڏي اچي ڪچهريءَ ۾ بيٺو.

”توهان جي پنهنجي ملڪ م ڇا پوزيشن آهي.“ راحت پڇيس.

”آئون بندرگاهه جي سينئر پوسٽ تي آهيان. بلڪل ٽاپ پوسٽ آهي.“

”سئيڊن ڪيئن ٿو لڳو؟“ راحت وڌيڪ پڇيس.

”ٺيڪ آهي پر بيحد مهنگو آهي. هر شيءِ مهنگي آهي.“ هن چيو.

”اسان جي ملڪ ۾ هيڏي وڏي ڊبل روٽي ٻارهين رپئي يعني اڌ آمريڪن ڊالر ۾ ملي ٿي ۽ هتي ٻن آمريڪن ڊالرن ۾.“ راحت چيس.

”هائو. بلڪل صحيح ٿو چئين. اسان جي ملڪ گايانا ۾ به هيڏي وڏي روٽي سٺ سينٽن جي آهي. سٺي ۾ سٺو ڪوٽ هڪ سؤ ڏهه آمريڪن ڊالرن جو پر هتي ته پنج ڇهه سؤ ڊالرن کان گهٽ ڪٿي به نٿو ملي. ۽ چانور ڪيترا خراب ۽ مهنگا آهن. توهان جي ملڪ پاڪستان ۾ ته دنيا جا سڀ کان اوچا چانور ٿين ٿا. اسان وٽ به چڱا سستا چانور ٿين ٿا.“

”ڪمال ته هي آهي ته ڊئنمارڪ جو ٺهيل کير جو اڍائي سير وارو دٻو پاڪستان ۾ ٻه اڍائي سؤ رپين ۾ ۽ هتي ان کير جي پاءَ پاءَ جو پاڪيٽ سٺ رپيا! بس هاڻ تنهنجي زال اچي ته کيس چئجانءِ ته چانور کير مسالن جهڙيون شيون کڻي اچي، اسان به پنهنجين زالن کي چيو آهي ٿورو گهڻو کائڻ جو سامان کڻي اچن.“ راحت صلاح ڏنس.

”آئيڊيا ته سٺي آهي پر آئون فيصلو ڪري نه سگهيو آهيان ته زال کي گهرايان يا نه. هوءَ ايڪانامسٽ آهي ۽ گايانا ۾ اهم عهدي تي نوڪري ڪري ٿي. کيس جولاءِ ۾ فقط ٽي هفتا موڪل ملندي، سو هاڻ ٽن هفتن لاءِ هيڏو سفر ڪري اچڻ صحيح نه ٿيندو. پر وري اهو به سوچيان  پيو ته جي آئون ٿو وڃان ته به ساڳيو خرچ ٿيندو ۽ مونکي ته فقط ٻه هفتا موڪل ملندي، هن کي ته وري به مونکان وڌيڪ موڪل ٿي، ۽ هن جي اچڻ ڪري هوءَ ٽي هفتا رهي سگهندي.“

”۽ سئيڊن گهمي به سگهندي.“ مون چيو.

”سئيڊن گهمڻ ۽ نه گهمڻ ڳالهه برابر آهي.“ هن نڪ کي موڙو ڏيندي چيو.

”توهان جي ملڪ کان هيستائين ٽڪيٽ ڪيتري آهي؟“ اسان پڇيس.

”ٻه هزار آمريڪن ڊالرن کان به مٿي آهي.“

”ٻه هزار کان به مٿي. يعني اڌ لک رپين کان به مٿي ٿي.“ مون ۽ راحت تعجب کاڌو ۽ وري پڪ ڪئيسين ته آيا اها هڪ طرفي آهي يا ٻه طرفي.

”اوهه! هڪ طرفي. فقط ون وي ٽڪيٽ.“ مسٽر انگلش چيو.

”ڏاڍي ٻڌايئي. اسان پيا چئون ته اسان جي ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي.“ اسان چيس.

”نه. اسان جو ملڪ گايانا سئيڊن کان تمام پري آهي ۽ اها ڳري ٽڪيٽ ئي ته وڏو مسئلو آهي. نه ته آئون به توهان وانگر زال سان گڏ، ٻارن کي به گهرائي وٺان ها.“

”پوءِ هاڻ ڇا سوچيو اٿئي؟“

”بس اهو سوچيو اٿم ته هيڏو خرچ ڪري هوءَ جڏهن هيڏانهن اچي پئي ته ٽن هفتن بدران يڪي سال جي آفيس کان موڪل وٺي اچي.“

”توهان جي ملڪ جي ايڪانامي ڪيئن آهي؟“ راحت پڇيس.

”ٺيڪ آحي. خراب نه آهي ۽ سياسي طرح به ڪو گوڙ فساد ناهي.“ مسٽر انگلش وارڻيو.

”گايانا ڇا کان مشهور آهي؟“ مون پڇيومانس.

”ڪاٺ تمام گهڻو ٿئي ٿو، کنڊ، باڪسائيٽ (Bauxite) ويندي سون پڻ آهي.“ هن وراڻيو.

سوال پڇي پڇي هاڻ اسان ماٺ ڪئي ته پاڻ ڪرڪيٽ جون خبرون پڇڻ لڳو ۽ ڪا دير عمران خان ۽ جاويد ميانداد وغيره جو ذڪر هلندو رهيو.

موڪلائڻ مهل راحت عزيز کي چيم ته پاڪستان کڻي ملائيشيا، جپان، چين، سنگاپور کان پئسي ڏوڪڙ ۽ جديد پڻي ۾ گهٽ هجي پر اسان جي ڪرڪيٽ ۽ هاڪي رانديگرن ڪر ي مٿين ملڪن کان به وڌيڪ مشهوري اٿس.

چٻرو با عزت پکي!

اڄڪلهه يورپ جي ماڻهن کي اها سَڌَ ٿي آهي ته جيئن آمريڪا (U.S.A) جو نشان عقاب آهي ۽ چين جو ازدها (Dragon) يا گڏيل روس جو نشان رڇ هو، اهڙيءَ طرح يورپ جو پڻ ڪونشان هئڻ کپي. ان بابت هتي جي اخبارن ۾ ماڻهن جا خطن ذريعي رايا ايندا رهن ٿا. گهڻا ان تي متفق راءِ آهن ته سڄي يورپ (United _ Europe) جو نشان چٻرو هئڻ کپي.

چٻرو اسان ايشين وٽ، خاص ڪري پاڪستان، هندستان يا عرب ملڪن ۾ باگڙي ڀيل وانگر گهٽ ذات جو پکي سمجهيو وڃي ٿو. ڪنهن کي گار ڏيڻي هجي ته هن پکيءَ سان منسوب ڪجيس. اڃا به وڏي گار جي ضرورت پوي ته هن پکي جو اولاد سڏجيس. چٻرو، چٻ يا اُلو اسان وٽ اونداهين ۾ نظر ايندڙ ۽ ڀڳل ڏارن ۽ ڊٺل عمارتن ۾ رهندڙ پکي آهي، جيڪو مايوسي، برن حالن ۽ ڀينگ (Bankruptcy) جي علامت سمجهيو وڃي ٿو. پر هيڏانهن يورپ ڏي اُلو (چٻرو) باعزت پکي _ بلڪ شخصيت سمجهيو وڃي ٿو. اهوئي ته ڪارڻ آهي جو يورپ وارا هن پکيءَ کي پنهنجي سڃاڻپ جو Symbol سڏائڻ گهران ٿا. جيئن اڄ جي اخبارن ۾ نيدرلئنڊ جي شهر ائمسٽرڊم مان ڪنهن Jeroen Van Blaaderen نالي هڪ همراهه هن پاسي جي مشهو ر اخبار ”يورپين“ ۾ لکيو آهي:

”چٻرو هڪ سهڻو ۽ پُرڪشش پکي آهي. هو عقل ۽ سٺي اخلاق وارو آهي. کيس صبر جو مادو آهي ۽ بيحد ذهين آهي. پاڻ فيصلي ڪرڻ ۾ هوشيار ۽ تکو آهي. هي اسان جي سڀني يورپين ملڪن ۾ موجو د آهي.“

ناروي جو پوٽو

آمريڪا وارا توڙي اسپين جا رهاڪو، جتي جو ڪولمبس هو. سندس آمريڪا ۾ پهچڻ جي پنج سهين (500) ورسي وڏي ڌام ڌوم سان ملهائي رهيا آهن. پر اتر يورپ جي هنن اسڪئنڊينيوين ملڪن، خاص ڪري ناروي وارن کي اها ڳالهه بنهه پسند نه آهي. هنن جو چوڻ آهي ته آمريڪا ڪولمبس نه پر هن پاسي جي رهاڪن (Vikings) ڪولمبس کان به گهڻو اڳ ڳولي لڌي هئي.

دنيا جي نقشي ۾ ڏسبو ته ناروي، آئيس لئنڊ ۽ ڪئناڊا هڪ ٻئي جي بلڪل ويجهو ويجهو آهن ۽ وائڪنگ ڪي گهٽ جهازي ته نه هئا. بقول اسان جي يونيورسٽيءَ جي نارويجن پروفيسر ڌال نيلسن جي: ” ٻين ملڪن جي ماڻهن جهازراني ته شوق ۾ شروع ڪئي پر اسان ناروي جي ماڻهن لاءِ اها مجبوري هئي. سال جا ڏهه مهينا جنهن ملڪ کان ٻاهر نڪري هٿ پير هڻڻو پوي ٿو.“ ۽ نارويجن صدين کان پنهنجن ٻيڙن ۾ اوسي پاسي ڏي نڪري پيا هئا. ڪولمبس ته اسپين کان نڪتو ته هن لاءِ آمريڪا ڄڻ هڪ ڏورانهون ملڪ ٿي پيو، ۽ ان کي وڏي ڳالهه سمجهي ايڏي مشهوري ڏني جو سڄي يورپ ۾ واءِ واءِ ٿي ويو. وائيڪنگ لاءِ ته ڪئناڊا ۽ آمريڪا سڏ پنڌ تي هئا ۽ هو پئي آيا ويا ۽ هنن ان کي ڪا اهميت نٿي ڏني ۽ ليف ارڪسن نالي هن پاسي جو همراهه ڪولمبس کان به پنج سؤ سال پهرين آمريڪا ڳولي لڌي هئي.

ويجهڙائيءَ ۾ ناروي وارن جي ان ڪتاب: The Viking Discovery of America تي ڪيترن ئي اسپيني ۽ آمريڪن اهو اعتراف ڪيو آهي ته جڏهن هو ڪولمبس کي مشهور ڪرڻ لاءِ پنج سهين ورسي ملهائي رهيا هئا ته عين موقعي تي ناروي وارن ان قسم جو ڪتاب ڇپرائي سندن لئه خراب ڪئي آهي.

ناروي وارن جو چوڻ آهي ته اهو ڪتاب جنهن ۾ هنن پنهنجي همراهه کي آمريڪا ڳولڻ جو ڪريڊٽ ڏنو آهي. ڇپائڻ مان سندن مقصد اهو هرگز ناهي ته ڪولمبس جي فنڪشن ۾ ڦيٽاڙو وجهجي ۽ نه ڪنهنکي، ان مان، اسان جي خراب نيت سمجهڻ کپي ته اسان گذريل سال وائيڪنگ جهڙو هوبهو جهاز ٺاهي آمريڪا ۽ ڪئناڊا موڪليو هو، جنهن ۾ ليف ارڪسن (Leif _ Eriksson) چڙهي پهريون دفعو آمريڪا ڳولي هئي. بهرحال ڪولمبس جي آمريڪا ڳولڻ تي ايڏا وڏا ڪاڄ ڇو ٿي رهيا آهن جڏهن ته آمريڪا هن کان گهڻو اڳ ارڪسن ڳولي ڇڏي هئي ۽ ان جا ڪيترائي ثبوت موجود آهن. ان وقت جي اڏيل گهرن مان هينئر به اٺ کن گهر نيو فائونڊلئنڊ (ڪئناڊا) جي اترهين ڳوٺ Land of Meadows  ۾ موجود آهن ۽ ڪيتريون هن پاسي جون لوهي شيون اتان مليو ن آهن جنهن جو Radio Corbora ذريعي جائزو ٿو وٺجي ته اهي اڄ کان هڪ هزار سال پراڻيون آهن.

”ها اهو ضرور آهي،“ هن پاسي جا نارويجن رهاڪو چون ٿا، ”ڪولمبس آمريڪا کي ڳولڻ بعد ان تي قبضو ڪري ويٺو. اسان جي ارڪسن آمريڪا ڳولڻ بعد قبضو نه ڪيو. ڪجهه عرصي لاءِ گهر ٺاهي ضرور رهيو جيڪو عرصو چئي نٿو سگهجي ته ڏهه ٻارهن سال هو يا سو ٻه سؤ سال.“

هو ڇا چوندا آهن ته اشتهاربازي به ڳالهه کي مشهور ڪر ي ٿي. ڀلي هن پاسي جي همراهه ارڪسن پهرين آمريڪا کي ڳوليو هجي جنهن جو ناروي جي ماڻهن کي هاڻ هوش آيو آهي پر سالن کان ڪولمبس بابت اخبارن، ڪتابن ۾ ايتري ته ڳالهه هلي آهي جو ٻچو ٻچو آمريڪا کي ڪولمبس سان وابسته ڪري ٿو. سئيڊن، ڊئنمارڪ، ويندي ناروي جي اسڪولي ڪتابن ۾ ڏسندؤ ته اهو لکيل آهي ته ڪولمبس آمريڪا ڳولي لڌي.

هونءَ نارويجن اها به صلاح ڏني ته ڇو نه وائيڪنگ جهاز جي ڪئپٽن ليف ارڪسن ۽ سئنٽا ماريا جهازجي ڪئپٽن ڪولمبس جو گڏجي ڏينهن ملهايون ته هنن آمريڪا کي ڳوليو هو. پر اسپيني ماڻهو ٻڏتر ۾ آهن ته ائين ڪيئن ٿيندو. ڇو جو سوچڻ جي ڳالهه آهي ته جڏهن اهو چيو ويندو ته ارڪسن ۽ ڪولمبس آمريڪا ڳولي لڌي ته سڀ ڪو پڇندو، ”ڇا ٻنهي هڪ ئي وقت  ڳولي؟“ ته جواب ملندو: ”نه. ارڪسن اڄ کان هزار سال اڳ ڳولي، ڪولمبس ان کان پنج سؤ سال پوءِ ڳولي.“ اها ڳالهه ٻڌي اسان جي ڪئپٽن عاشق خان چيو جتي ٻه اتي ٽئين جو به نالو هڻي ڇڏين.“

”اهو وري ڪير؟“ اسان پڇيس.

”اهو آئون. ڇو جو ڪولمبس بعد پنج سؤ سال رکي PNSC جو جهاز ”ايم وي نوابشاهه“ وٺي آئون به آمريڪا ويو هوس.

بهرحال هيءَ اهڙي سوڀ آهي، جنهن ۾ اسپيني ۽ آمريڪن ٻئي ڪنهن کي ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ نٿا ڏين. هونءَ ناروي وارن جي پنهنجي رڌڻي ۾ به ڪجهه رولو آهي. اهو هن ريت ته ناروي ۽ آئيس لئنڊ جيتوڻيڪ هڪ ئي قوم ۽ ملڪ آهي پر ارڪسن تي ڪنهنجو گهڻو حق آهي؟ ناروي وارن جو يا آئيس لئنڊ وارن جو؟ اهو ڪم ڪجهه ڪجهه ائين آهي جيئن ابوالڪلام آزاد تي ڪنهن کي فخر هئڻ کپي انڊيا کي يا پاڪستاني مسلمانن کي. يا نورجهان، ماستر چندر ۽ رونا ليلا جي راڳن تي ڪنهنجو حق هئڻ کپي انڊيا جو، پاڪستان جو يا بنگلاديش جو. ارڪسن جو پيءُ جيتوڻيڪ ناروي جو هو پر پوءِ آئيس لئنڊ ۾ لڏي وڃڻ بعد کيس ارڪسن اتي ڄائو هو.

مون پنهنجي پوڙهي نارويجن پروفيسر کان ان مسئلي بابت کلندي پڇيو.

پاڻ ٽهڪ ڏئي وراڻيائين: ”اسان توهان وانگر جوشيلا ۽ جهڳڙالو نه آهيون. ٿوري گهڻي جيڪا اسان جي کٽ ڦٽ هلي پئي اها به اسان هاڻ ختم ڪري ڇڏي آهي.“

”سر! اهو ڀلا ڪيئن؟“ مون تعجب مان پڇيو.

”هائو. اهو هيئن جو اسان هاڻ اهو چئون ٿا ته ارڪسن آئيس لئنڊ جي ڌرتيءَ جو پٽ هو ۽ اسان جي ناروي جو پوٽو.“

ناروي جي پوليس آفيسر لبنى علي

ناروي، سئيڊن، فنلئنڊ ۽ ڊئنمارڪ جهڙن اتراهين ۽ برفاني ٿڌن ملڪن ۾ اسان جا پاڪستاني، هندستاني يا بنگالي سلوني سڀ کان آخر ۾ آيا ۽ انهن ۾ وڏو تعداد مزور طبقي جو هو. ڇو جو ٿورو گهڻو پڙهيل ڳڙهيل يا هٿ جي هنر واري کي ته آمريڪا، انگلينڊ يا ويندي عرب ملڪن ۾ به نوڪري ملي وئي ٿي. پر هن پاسي اهي ئي آيا ٿي جيڪي ڊاڪٽر، انجنيئر يا کڻي چئجي سائنٽسٽ يا ٽيڪنيشن نه هئا. پر پوءِ انهن پورهيتن پنهنجي ديس ۽ مائٽن کان پري رهي ههڙن ٿڌن ملڪن ۾ محنت مزدوري ڪري نه فقط غريب ڪٽنب جو پيٽ پاليو ۽ سار سنڀال لڌي پر پنهنجن ٻارن کي وت آهر سٺي تعليم ڏيئي، محنت ڪرائي سٺي عهدن تي پهچايو. هاڻ انهن جي ٻي پيڙهي (Generation) مقابلي جي امتحانن ۾ نمبر کڻي وڏن عهدن تي آهي.

انهن مان هڪ لبنى عليءَ نالي پهرين پاڪستاني ڇوڪري آهي، جيڪا ناروي جي پوليس اڪيڊميءَ جي چار هزار اميدوارن مان ٽي سؤ فائينل ڪامياب ڪئڊٽن مان هڪ آئي آهي. سندس انٽرويو ۽ فوٽو هتي جي هڪ رسالي ۾ آيو آهي.

“Norwegian Police Academy” جو ٽيسٽ تمام سخت چيو وڃي ٿو ۽ ان کان علاوه اميدوار جو پراڻو رڪارڊ پڻ جاچيو وڃي ٿو. لبنى عليءَ پنهنجي انٽرويو ۾ ٻڌايو آهي ته، ”مون ٽيسٽ تمام مٿئين ڪلاس ۾ پاس ڪيو ۽ منهنجو گذريل رڪارڊ پڻ شروع کان بهتر رهيو. مون اسڪول ۽ ڪاليج جي امتحان ۾ نمبر کنيا ۽ يونيورسٽيءَ جي تياريءَ واري سيمسٽر ۾ منهنجو Criminology سبجيڪٽ رهيو ۽ تاءِ ڪوان ڊو (Tai _ Kwaon _ Do) ۾ آئون ڳاڙهو بيلٽ رکان ٿي.“

”پوليس اڪيڊميءَ مان گريجوئيٽ ٿيڻ تي مونکي پهريون سال اوسلو کان پنجويهه ميل پري هڪ ڳوٺ ۾ رکيو ويو. جتي مونکي ڳوٺ جي ماحول ۾ انهن جهڙو ٿي رهڻو پيو. فقط چند ماڻهن سڃاتو ٿي ته آئون شهر (اوسلو) جي ڇوڪري آهيان ۽ اها خبر ته اڃا به گهٽ کي هئي ته شهر ۾ ڳالهائجندڙ نارويجن زبان کان علاوه آئون اڙدو (منهنجي مادري زبان) ۽ انگريزي به ڳالهايان ٿي. پئٽرولنگ ڪندي يا پوليس اسٽيشن تي جڏهن به آئون ڪنهن سان ملان ٿي ته پوليس واريءَ جي حيثيت ۾ پهرين آهيان۽ عورت پوءِ.“

”جنهن وقت آئون ڊيوٽيءَ تي آهيان، اڪيڊمي ۾ آهيان يا پنهنجن نارويجن ساهيڙين سان گڏ آهيان ته منهنجي سوچ ۽ ڪم جو طريقو ناروي جي رهاڪن وارو آهي. گهر ۾ يا پنهنجن پاڪستاني هم جيڏين سان گڏ آئون پاڪستاني آهيان. اڪيڊميءَ ۾ پڙهائيءَ دوران هڪ مسلمان جي حيثيت ۾ مونکي ڪا تڪليف نه آهي. رمضان ۾ لنچ نه کائڻ يا ڪڏهن به سوئر جهڙي شيءِ کي هٿ نه لائڻ جهڙيون ڳالهيون، هتي جا ماڻهو هاڻ سمجهن ۽ قبول ڪن ٿا ۽ مون ڪنهن کي به اسان بابت پاڻ تي تنقيد يا چٿر ڪندي نه ڏٺو آهي.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org